ڪالم / مضمون

اڄ جي سنڌ : هڪ مطالعو

”اڄ جي سنڌ : هڪ مطالعو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ليکڪ ۽ صحافي رُڪ سنڌيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ”اڄ جي سنڌ، هڪ مطالعو“ ۾ اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين دهشتگردي، مذهبي انتها پسندي ۽ جنونيت سنڌ جي ڪک مان جنم نه ورتو آهي. سنڌ جا حقيقي وارث ٽارچر سيلن جا خالق نه رهيا آهن، هنن مائرن ۽ ڀينرن کي پنهنجن پيارن جا لاش ٻورين ۾ بند ڪري تحفي طور نه ڏنا آهن. خانگي لشڪر ۽ مجاهدن جا ٽولا سنڌ جي سرزمين مان ڦٽي نه نڪتا آهن، پر پنجاب جون مخصوص آباديون انهن جي نرسري رهيون آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2493
  • 683
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڄ جي سنڌ  : هڪ مطالعو

بنياد پرستيءَ ڏانهن وڌندڙ سنڌ

سنڌ کي گذريل ٻن ڏهاڪن کان ڪينسر جهڙو هڪ خطرناڪ مرض اندران ئي اندران کائي کوکلو ڪري رهيو آهي. هتان جا سڀ ساڃهه وند ماڻهو ۽ انهن جون تنظيمون ان مرض جي مڙني خوفناڪين کان چڱي نموني واقف هوندي به ان خلاف ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهن. ڪوبه ان مرض جي دوا ڳولڻ ۽ ان کي ناس ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪونهي. اهو خطرناڪ مرض هتي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ بنياد پرستي ۽ فرقيواريت آهي. جيڪا آهستي آهستي اسان جي الڳ قومي وجود، وطن، ٻولي، تاريخي روايتن ۽ ثقافتي قدرن کي نهوڙي ناس ڪري رهي آهي. اسان جو نوجوان نسل، جيڪو تاريخي تسلسل ۽ ارتقا جي اصولن موجب وڌيڪ باشعور، عالمي امن جو پرچارڪ، مذهبي رواداري ۽ سهپ جو مجسمو بڻجڻ کپي ها، سو مدي خارج ۽ دقيانوسي روايتن، مذهبي ۽ فرقيوار جنون جي ور چڙهندو پيو وڃي. سنڌ جي مٿئين طبقي يعني جاگيردار ڪلاس طرفان هتان جي وچولي طبقي جي وطن دوست، ترقي پسند ۽ روشن خيال فڪر آڏو بند ٻڌڻ، انهن جي تنظيمي اوسر آڏو رڪاوٽون وجهڻ سبب هتي دقيانوسي سوچ رکندڙ مدي خارج فرقيوار ٽولن ۽ جماعتن کي اسرڻ، نسرڻ ۽ مضبوط ٿيڻ لاءِ ميدان خالي مهيا ٿي مليو آهي. مٿيون طبقو پنهنجي ويڪائو ذهنيت جي ڪري هر شيءَ کان لا تعلق بڻجي، پنهنجي ڊهندڙ طبقاتي وجود کي ٿوڻيون ۽ ٿنيا ڏيڻ ۾ مشغول آهي. اهو ئي مٿيون طبقو صرف اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن جمهوريت پسند بڻجي ويندو آهي، ته ڪڏهن وري نظريه ضرورت تحت آمريت جي جهوليءَ ۾ وڃي پناهه وٺندو آهي.
ون يونٽ واري دور ۾ سنڌ اندر جيڪا سجاڳي جي لهر پيدا ٿي هئي ۽ رجعت پرستيءَ خلاف جيڪو علمي ادبي جهاد شروع ٿيو هو، تنهن جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا وارن ڏينهن ۾ ڦوهه جواني ماڻڻ بعد ٻيهر موٽ کاڌي آهي. اسان جي پڙهيل لکيل وچولي طبقي جي تنظيمي ڇڙواڳين، موقعي پرستيءَ، عياشين ۽ آسائشن جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو رهڻ، هتي نه صرف مايوسيءَ ۽ نراسائيءَ کي پختا بنياد ميسر ڪيا آهن، پر ان نااميديءَ ۽ ڇڙواڳيءَ سبب هاڻي اسان کي ان ڳالهه جي ڪا به پرواهه نه رهي آهي، ته شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي ديس کي فرقيواريت جي نالي تي ڪهڙيون اُماڙيون بڇايون پيون وڃن. صوفين جي ديس سنڌ ۾ هن وقت حالت اها وڃي رهي آهي جو ترقي پسند، وطن دوست ۽ روشن خيال ماڻهن جي صفن ۾ نه صرف ڏينهون ڏينهن ڏار پوندا پيا وڃن، پر هو صرف هاڻي اخباري بيانن جي حد تائين وڃي محدود ٿيا آهن، سندن واڌ ويجهه جا سڀ دڳ ۽ رستا بند ٿي چڪا آهن. مسڪين، اٻوجهه ۽ معصوم ماڻهن کي سبز باغ ڏيکاري، دلاسا ڏئي، طوفاني پرچار جي آڌار تي بنياد پرست ڪئمپن ۾ ڌڪيو پيو وڃي. نوجوان نسل قومي ۽ طبقاتي جدوجهد، ترقي پسند شعور ۽ رواداري بدران فرقيوار تشدد پسند تنظيمن جو سڻڀو گرهه بڻجي رهيو آهي. جنهن سبب نه صرف سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي جدوجهد ڏينهون ڏينهن ماٺي ٿيندي پئي وڃي، پر ان جي اوسر 20 سال اڳ واري حد تي رُڪجي وئي آهي. اسان جا نوجوان جهاد جي نالي تي ڪشمير ۽ افغانستان ۾ وڃي ته ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن ٿا، پر پنهنجي ئي قومي حقن، انساني آزادين ۽ بنيادي ضرورتن جي حاصلات لاءِ آڱر مان رت جو هڪ ڦڙو به وهائڻ لاءِ تيار ناهن. ڇا اها اسان جي قومي ۽ ترقي پسند تحريڪن جي شڪست ناهي، جو اسان پنهنجي نوجوانن کي پنهنجن ئي حقن جي حاصلات لاءِ سرگرم نه رکي سگهيا آهيون، پر ٻيا ست ڌاريا ماڻهو ۽ ٽولا کين پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. تاريخي تسلسل ۽ رفتار موجب هئڻ ته ايئن گهرجي ها ته اڄ سنڌ منجهه مذهبي رواداري، سيڪيولر سوچ، فرقيوار سهپ ۽ جديد انساني قدر وڌيڪ جٽادار ۽ ناقابل شڪست هجن ها، پر هتي تاريخ جو ڦيٿو ڏينهون ڏينهن ابتو ڦري رهيو آهي.
افغانستان جي عوامي جمهوري انقلاب خلاف آمريڪي آشيرواد سان جيڪو نام نهاد جهاد شروع ٿيو هو، تنهن سڄي ملڪ سميت خاص ڪري سنڌ جهڙي سيڪيولر ۽ صوفي ماڻهن جي ديس کي به پنهنجي وڪڙ منجهه آڻي ڇڏيو آهي. هتي بنياد پرست ٽولا ۽ فرقيوار تنظيمون نه صرف متحرڪ ۽ سگهاريون ٿيون، پر هنن پاڻ کي جنگي بنيادن تي منظم ڪرڻ به شروع ڪري ڇڏيو. اهڙين تنظيمن کي جنرل ضياءُ، ملڪ جي سياسي پارٽين ۽ جمهوريت پسند قوتن کي ڪمزور ۽ نيست و نابود ڪرڻ لاءِ سرڪاري سرپرستي مهيا ڪئي، فنڊ ڏنا، جنگي تربيت لاءِ هٿيارن جي کلي عام چرپر ۽ خريداري لاءِ ڇپر ۽ ڇانو مهيا ڪئي. افغانستان مان سوويت فوجن جي واپسيءَ بعد جڏهن اتي بنياد پرست ٽولا اقتدار ۾ آيا ۽ هڪ ٻئي جو رت وهائڻ ۾ مصروف ٿي ويا ته ان عمل نه صرف هتان جي بنياد پرستن کي تقويت بخشي پر کين افغانستان جي اندر پنهنجا اتحادي به ملي ويا. جنهن بعد پاڪستان سميت سنڌ ۾ اهڙين قوتن کي وڌڻ ويجهڻ ۽ متحرڪ ٿيڻ لاءِ کليل ميدان ۽ ماحول ميسر ٿيو. ان سڄي عمل خلاف سنڌ منجهه ڪابه سگهاري مزاحمتي ۽ فڪري قوت اڳيان نه آئي. اسان جون روشن خيال ڌريون سرڪاري سنڌ دشمن عملن خلاف ته متحرڪ رهيون، پر هنن عوام کي بنياد پرستيءَ جي وڌنڌڙ اثر کان بچائڻ لاءِ ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي.
اڄ سنڌ منجهه صورتحال ان حد تائين خطرناڪ ٿي وئي آهي، جو هتي مذهبي جنونين جا ٽولا بازارن، گهٽين، ڳوٺن ۽ چوواٽن تي حقوق الله ۽ حقوق العباد بدران فتني ۽ فساد جا واعظ ڪري رهيا آهن. اهي ٽولا سرڪاري يونيورسٽين، اسڪولن، ڪاليجن ۾ پهچي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت ترقي پسند فڪر ۽ شعور خلاف وڏي واڪي ڪچڙن ذهنن ۾ بارود جي بوءِ ڀري رهيا آهن. انهن کي ڪوبه جهلڻ، روڪڻ ۽ ٽوڪڻ وارو ڪونهي، هو کلم کلا نوجوانن منجهه نه صرف فرقيواريت جي پرچار ڪري رهيا آهن، پر اتان جهاد جي نالي تي نوجوانن کي ورغلائي پنهنجن جهادي فوجي ٽولن ۾ شامل ڪري رهيا آهن. هتان جي وڏن شهرن جي تعليمي درسگاهن ۾ بنياد پرستن پنهنجن حامين جي مدد سان انهن اهل علم ۽ باشعور استادن خلاف ڌرتي تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي. جيڪي نوجوانن کي ايندڙ وقت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد علم، سائنس ۽ ٽئڪنالاجي سميت مهذب انساني قدرن ۽ ماڻهپي جو درس ڏيڻ ۾ مشغول آهن.
سنڌ ۾ بنياد پرست ٽولا هڪ منظم رٿابندي هيٺ ننڍن شهرن جي سرڪاري ۽ فلاحي مقصدن لاءِ رکيل پلاٽن، راندين جي ميدانن ۽ پارڪن لاءِ مخصوص ڪيل ايراضين تي قبضا ڪري اتي پنهنجا اڏا قائم ڪري رهيا آهن. اهڙن اڏن کي ظاهري طور ديني درسگاهن جو نالو ڏئي اتي خالص مذهبي تعليم ڏيڻ جي بدران هزارين شاگردن کي جهاد جي نالي تي فتني ۽ فساد لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي. اتي هڪ رٿابندي سان جنوني فوج تيار ڪئي پئي وڃي. مدرسن جي خوبصورت نانءَ تي جڙيل اهڙن اڏن کي نه صرف زڪوات فنڊ مان هر سال ڪروڙين روپيا ڏنا پيا وڃن، پر ڪيترائي پرڏيهي ملڪ انهن جي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ڳري مالي مدد ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ اهڙن درسگاهن جو مقصد ديني تعليمي گهٽ پر هڪ مخصوص فرقي جي پرچار وڌيڪ رهي آهي. ان قسم جي درسگاهن جا ڪنهن نه ڪنهن بنياد پرست تنظيم ۽ ان جي سهڪاري پرڏيهي ملڪ سان رابطا موجود آهن. جيڪي خاص وقتن تي کين پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪندا رهن ٿا. ملڪ ۾ شيعا سني فساد به ان سلسلي جي ڪڙي رهيا آهن، خود اسان جا حڪمران مختلف وقتن تي اها ڳالهه تسليم ڪندا آيا آهن ته ڀر وارا اسلامي ملڪ اهڙين فرقيوار تنظيمن کي مالي مدد مهيا ڪري رهيا آهن. اڳوڻي نواز شريف حڪومت ۾ جڏهن اوچتو ئي اوچتو هڪ فرقيوار تنظيم کي منظم دهشتگرديءَ جو نشانو بڻايو پئي ويو ۽ ملڪ ۾ هر طرف مسجدن، امام بارگاهن ۽ ٻين هنڌن تي بمن جا ڌماڪا شروع ٿي ويا هئا ته ان وقت پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سميت خود وزيراعظم ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو ته افغانستان جا طالبان دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهن. حڪومت طرفان ان سلسلي ۾ افغانستان سان باضابطه احتجاج ڪري اها اپيل ڪئي وئي هئي ته هو اتي نه صرف دهشتگرد ڪئمپون بند ڪرائي پر اهڙين ڪئمپن ۾ پاڪستاني طالبان کي سکيا ڏيڻ جو عمل به بند ڪيو وڃي. خود اڄ به ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو جنرل پرويز مشرف اها ڳالهه ڪري رهيو آهي ته افغانستان ۾ دهشتگرديءَ جون ڪئمپون بند ڪرائڻ لاءِ افغان حاڪمن سان ڳالهيون ڪيون وينديون، ڇاڪاڻ ته ان سبب نه صرف افغانستان پاڻ ڏکيائين جو شڪار ٿي رهيو آهي، پر پاڪستان به دنيا ۾ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي. پاڪستان کي عالمي سطح تي دهشتگرد قرار ڏيڻ لاءِ سازشون سٽيون پيون وڃن. پاڪستان ۾ اڄ ڪالهه جيڪي تنظيمون ڪشمير جي نالي تي هٿيار ۽ گولا بارود گڏ ڪري رهيون آهن ۽ جنگي تربيتي ڪئمپون قائم ڪيون ويٺيون آهن، تن جي ان عمل سان ملڪ لاءِ ڪابه سڄاڻائپ نه ٿي رهي آهي. اٽلندو پاڪستان جو ڪيس عالمي سطح تي ڪمزور ٿيندو پيو وڃي. خود ڪشميرين لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ٿي رهيون آهن. اڄ ملڪ منجهه ڪشمير ۽ افغانستان جي نالي تي جيڪي جنگي ٽولا وجود ۾ اچي رهيا آهن، اهي سڀاڻي اتان واندڪائي ملڻ بعد هتي به ڪابل ۽ قنڌار جهڙين خونريزين کي جنم ڏيندا.
70 ۽ 80ع جي ڏهاڪن ۾ سنڌ منجهه سيڪيولر ڌريون انتهائي سگهاريون هيون، هتان جو نوجوان نسل ڪنهن نه ڪنهن طرح انهن جي اثر ۾ هيو. ترقي پسند شعور ۽ روشن خيالي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي هئي، نوجوانن منجهه جديد فڪر ۽ رواداري ڏانهن رجحان هيو. اسان جا اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بنياد پرست ۽ فرقيوار تنظيمن لاءِ نو گو ايرياز بڻيل هيون. هتان ڪشمير ۽ افغان جهاد جي نالي تي نوجوانن جون کيپون ڀرتي نه ڪيون وينديون هيون. جديد قومپرستي، سوشلزم ۽ سيڪيولرزم هتان جي نوجوانن جا آئيڊيل فڪر هيا. انهن موضوعن تي ڪيترائي رسالا ۽ هزارين ڪتاب شايع ٿيندا هئا، پمفليٽن ۽ اسٽيڊي سرڪلن ذريعي نوجوانن جي رهنمائي ڪئي ويندي هئي، پر بعد ۾ اسان جي وطن دوست ۽ ترقي پسند تنظيمن جي غير فعال ٿيڻ، سندن قيادت منجهه عياشي ۽ ڇڙواڳي پيدا ٿيڻ سبب اهو عمل اتي رڪجي ويو. جنهن سبب وچولي طبقي منجهه جيڪا مايوسي ۽ فراريت پيدا ٿي، تنهن جيڪو خال پيدا ڪيو، ان کي بنياد پرست ۽ فرقيوار تنظيمن ڀرڻ شروع ڪيو. اڄ حالت اها آهي جو اسان جي تعليمي ادارن مان نوجوانن کي جهاد جي نالي غير سرڪاري لشڪرن ۾ ڀرتي ڪري ڪشمير ۽ افغانستان جي اندر ٻرندڙ باهه ۾ اڇليو پيو وڃي. ان سڄي وهنوار تي اسان جون سڀ ڌريون خاموش آهن، ان عمل جي ڪابه مزاحمت نه پئي ڪئي وڃي. ماڻهن منجهه اهڙن معاملن خلاف ڪوبه شعور ۽ سمجهه پيدا ڪرڻ ڄڻ ته سندن فرضن ۾ ئي شامل نه رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هاڻي اسان جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ افغانستان ۽ ڪشمير کان اسان جي ڳڀرو نوجوانن جا لاش پهچي رهيا آهن.
اڄ اسان جون جيڪي تنظيمون سنڌ جي حقن جي نانءُ تي پنهنجا دڪان سجايو ويٺيون آهن، انهن کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد کان ڪير به انڪاري ڪونهي، پر معاملو صرف اتي ختم نه ٿو ٿئي. اسان کي ان سان گڏوگڏ پنهنجي عوام کي فرقيواريت ۽ بنيادي پرستيءَ جي باهه کان به بچائڻ جي ضرورت آهي. منجهن علمي بنيادن تي ترقي پسند شعور ۽ سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ به جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. نوجوانن کي روشن خياليءَ جو درس ڏيڻ ۽ جهالت پسند قوتن جي چنبي مان ڪڍڻ لاءِ جنگي بنيادن تي حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. نه ته ايندڙ 10 سالن ۾ سنڌ جو هي نقشو نه رهندو. نه صرف سنڌ جي الڳ وطن ۽ قوم وارو تصور ختم ٿي ويندو، پر اسان جو وطن فرقيوار ۽ بنياد پرست قوتن جو جنگي ميدان بڻجي ويندو. اسان هندو، مسلم، شيعا، سني، وهابي ۽ بريلوي جي چڪر ۾ هڪ ٻئي جا ڪنڌ ڪوريندا وتنداسين. اسان جي درسگاهن تي جاهل فوجن جا پهرا هوندا، جديد علم ۽ شعور جي خواهش ڪبيرو گناهه بڻجي ويندي. روشن خيالي ۽ سيڪيولر سوچ ڦاهيءَ جو ڦندو بڻجي ويندي. دنيا 21 هين صدي جي نعمتن مان فيضياب ٿيندي رهندي پر اسان هڪ ٻئي جي رت جا پياسا بڻجي وينداسين. هي سوال اسان لاءِ اڄ جو وڏو چئلنج آهي، ڇا اسان جديد سنڌ جي اڏاوت لاءِ اهو چئلينج قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

[b](ڇپيل، روزانو سچ ڪراچي، 13 فيبروري 2000ع)[/b]