آمريڪا – ريڊ انڊينز ۽ سنڌي
آمريڪا بهادر جو اهو اعلان سنڌ واسين لاءِ ته واقعي حيرت جوڳو آهي پر شايد انهن قوتن لاءِ به شرمساري جو سبب بڻجي سگهي، جيڪي گذريل اڌ صديءَ کان ملڪ جي وحدت، سالميت، اتحاد ۽ ڏاڍ جي بنياد تي سنڌ جي سرسبز کيتن تي قابض آهن. هن ڌرتيءَ جي ڪک مان ان اپائي پيٽ جو دوزخ ڀريندڙ ان جا فرزند ته ٺهيو، پر صرف دوست به نه ٿي سگهيا آهن. 1947ع جي ورهاڱي کان ۽ موجوده وفاق ۾ شموليت کان پوءِ هڪ وڏي منصوبابنديءَ هيٺ سنڌ جي ڌرتيءَ تي والار شروع ٿي. بئراجن جون زمينون پنجاب کان آيل ماڻهن کي ڪوڏين جي اگهن تي ڏئي هتان جي اصل رهواسين کي آبپاشي جي نئين نظام جي نعمتن کان محروم ڪيو ويو، بعد ۾ منگلا ڊيم، تربيلا ڊيم، چشمه لنڪ ڪئنال جي متاثرن جا ڪٽڪ چاڙهي سنڌ ڌرتي، سنڌ واسين جي پيرن هيٺان سرڪائڻ جوعمل جاري رهيو، جنهن کي اڄ سوڌو ڪٿي به ڪو ٽاڪو لڳندو نظر نه ٿو اچي. فوجين، رانديگرن، سميت لاهور ۽ سيالڪوٽ جي پهلوانن کي ته ڇڏيو پر قبضي جي هٻڇ ۾ عرب شيخن کي به هتان جي زمين سان نوازڻ کان وسان ڪين گهٽايو ويو. اڄ جيڪڏهن ڪاٿو لڳايو وڃي ته سنڌ جي اپت واري ڀلوڙ بئراجي زمين جو 60 کان 70 سيڪڙو اوپرن ماڻهن ۽ خاص ڪري پنجاب جي والار پسند قوتن جي قبضي هيٺ اچي چڪو آهي.
اسان جي پياري پاڪستان ۾ اسان جا آقا ۽ حاڪم ”لوڪ وڃي لهوارو، تون اوچع وهه اوڀار“ واري چوڻي تي سئو سيڪڙو عمل ڪري رهيا آهن. هڪ طرف هانگ ڪانگ ۽ مڪائو صدين کانپوءِ چين کي واپس ٿي چڪا آهن، اسرائيل پنهنجي نسلي اڳرائي ۽ هوڏ تان لهي فلسطينين کي پنهنجي ڌرتي واپس پيو ڪري، شام جي گولان وارين ٽڪرين تان قبضو ختم ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. ٻئي طرف اسان جا يار سڄي دنيا کي پٺي ڏئي پنهنجي والار کي نه صرف جائز قرار پيا ڏين پر ان کي جاري رکڻ لاءِ نوان منصوبا ۽ ٽڪساٽ گهڙيا پيا وڃن. ان سڄي ذهنيت جي باوجود هنن جي ذهن ۽ ضمير ۾ اها اڻ تڻ ضرور موجود هوندي ته صدين جا قبضا به ڪنهن جي مالڪي واري آفاقي حق کي ريٽي نه ٿا سگهن. اڄ نه سڀاڻي والاريل زمينون، ماڳ ۽ مڪان ضرور واپس ڪرڻا پوندا. ڇاڪاڻ ته قومن جا تاريخي حق ۽ واسطا ڪجهه سالن ۽ صدين جي قبضي سان غير محفوظ ڪري نه ٿا سگهجن. اڳي پوءِ مالڪي صرف انهن مالڪن جي هلندي، جن کي اها نعمت قدرت عطا ڪئي آهي.
اسان جي حاڪمن ۽ آقائن جي وات مان ڪڏهن ڪڏهن سچ اوڳاڇجي به پوندو آهي. هو نه چاهيندي به اهو اعتراف ڪري وجهندا آهن ته هنن ملڪ جي مظلوم قومن سان انصاف ڀريو سلوڪ نه ڪيو آهي، پر پوءِ به هو ڏوهن جو اعتراف ڪرڻ باوجود به انهن جو ازالو ڪرڻ کان گوٿناٿون ڪندا آهن. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ به ملڪ جي سربراه سميت سندس ڪابينا جي اهم ماڻهن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو ته پاڪستان جي موجوده ڍانچي ۾ مظلوم قومن سان زيادتيون ٿيون آهن، جنهن سبب اسان کان اڳوڻو اوڀر پاڪستان الڳ ٿي ويو. خود موجوده فوجي سربراهه جنرل پرويز مشرف پنهنجي شروعاتي ڏينهن ۾ قوم کي جيڪا ايجنڊا ڏني هئي، ان جو مکيه نقطو اهو به هيو ته صوبن کي پنهنجا اختيار ڏنا ويندا، ساڻن جيڪي زيادتيون ٿيون آهن، تن جو ازالو ڪيو ويندو. پر اڄ جڏهن انهن اعلانن ۽ اقرارن کي 100 ڏينهن به مس گذريا آهن ته اهي اڻ محسوس ٿيندڙ دز هيٺان دٻجي غائب ٿي ويا آهن. صوبن کي اختيار ڏيڻ وارا ايجنڊا گڏهه جي مٿي تان سڱن وانگر غائب ٿي وئي آهي. آخر اهي ڪهڙيون قوتون آهن، جيڪي حاڪمن کي پنهنجن ئي لفظن جي حرمت کي پئمال ڪرڻ تي مجبور ڪري وجهن ٿيون.
دنيا آمريڪا جي ڪردار کي ڪيڏو به خراب نظرن سان ڇو نه ڏسندي هجي. ان جي مختلف ملڪن خلاف ڪيل ڪاررواين کي ڪيترو به ڪراهت جوڳو ڇو نه سمجهيو وڃي. پر هو اڄ به دنيا مٿان ان ڪري راڄ پئي ڪري، جو هن پنهنجي ملڪ جي عوام کي آزاديون گهٽ وڌ ئي سهي پر مهيا ڪري ضرور ڏنيون آهن. جنهن جو پاڪستان جهڙو ملڪ تصور به نه ٿو ڪري سگهي. جيڪو ملڪ ۽ ان جا حاڪم پنهنجن ئي ماڻهن کي بنيادي حق، انساني آزاديون ۽ قومي برابري مهيا ڪري نه ٿا سگهن. سي ڪهڙي منهن سان ٻين قومن مٿان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ خلاف آواز بلند ڪري سگهن ٿا، ان سلسلي ۾ عالمي حمايت ۽ امداد حاصل ڪري سگهن ٿا. ان ڪري چڱاين جي شروعات هميشه گهر کان ڪرڻ گهرجي. جيئن آمريڪا ريڊ انڊينز جي زمين تان قبضو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڪئي آهي.
[b](ڇپيل، روزانه سچ ڪراچي، 22 جنوري 2000ع)[/b]