ڪالم / مضمون

اڄ جي سنڌ : هڪ مطالعو

”اڄ جي سنڌ : هڪ مطالعو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ليکڪ ۽ صحافي رُڪ سنڌيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ”اڄ جي سنڌ، هڪ مطالعو“ ۾ اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين دهشتگردي، مذهبي انتها پسندي ۽ جنونيت سنڌ جي ڪک مان جنم نه ورتو آهي. سنڌ جا حقيقي وارث ٽارچر سيلن جا خالق نه رهيا آهن، هنن مائرن ۽ ڀينرن کي پنهنجن پيارن جا لاش ٻورين ۾ بند ڪري تحفي طور نه ڏنا آهن. خانگي لشڪر ۽ مجاهدن جا ٽولا سنڌ جي سرزمين مان ڦٽي نه نڪتا آهن، پر پنجاب جون مخصوص آباديون انهن جي نرسري رهيون آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2493
  • 683
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڄ جي سنڌ  : هڪ مطالعو

سنڌ: رياستي ۽ غير رياستي تشدد جو شڪار

تشدد جي تاريخ ايتري ئي پراڻي آهي، جيتري خود انساني سماج جي تاريخ. تشدد کي جيڪڏهن انسان هٿان انسان جي تذليل چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. انسان جي حيواني جبلت مان ئي تشدد جنم وٺي ٿو. جيڪو انساني سماج جي اوسر سان گڏ پنهنجون شڪليون بدلائيندو رهي ٿو. غلاميءَ واري دؤر ۾ آقائن جو غلامن مٿان تشدد، جاگيرداري دؤر ۾ جاگيردارن جو هارين مٿان تشدد ۽ اڄوڪي سرمائيداري دؤر ۾ رياستي ۽ غير رياستي ادارن ۽ گروهن جو سڄي عوام مٿان تشدد، تاريخ جي تسلسل سان مسلسل جاري آهي.
سنڌ ۾ تشدد جي تاريخ پڻ ايتري ئي پراڻي آهي، جيترو خود سنڌي سماج. پر جيڪڏهن صرف موجوده دؤر تي ئي نظر وجهجي ٿي ته سنڌ ۾ ڏاڍي هٿان هيڻي جي بي عزتي ۽ ان مٿان ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ پنهنجي لُون ڪانڊاريندڙ شڪل ۾ موجود آهي. سنڌ ۾ سياسي ۽ غير سياسي تشدد جي واقعن ۾ 1977ع کان پوءِ لڳاتار اضافو اچي رهيو آهي. 1977ع کان پوءِ سنڌ ۾ نه صرف رياستي ادارن ذريعي عوام کي تشدد جو نشانو بنايو پيو وڃي، پر حڪمرانن پنهنجن مفادن خاطر ڪيترائي اهڙا غير رياستي ادارا ۽ جماعتون پئدا ڪري ورتيون، جن عوام کي تشدد جو نشانو بنائڻ شروع ڪيو.
سنڌ ۾رياستي ادارن طرفان عوام کي وڏي پئماني تي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. رياستي ادارا بنيادي انساني حقن جون ڌڄيون اُڏائي رهيا آهن. سنڌ ۾ حڪومتي قدمن جي مخالفت ڪندڙ ۽ سندن قانونن جي مزاحمت ڪندڙ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جيلن ۽ تشدد گهرن ۾ واڙي، انهن مٿان سرڪاري ايجنسين ذريعي وحشياڻو تشدد ڪرايو پيو وڃي. سنڌ اندر ٿاڻا، جيل ۽ ٻيا عقوبت خانا قانون جي حڪمرانيءَ لاءِ آواز اُٿاريندڙ ماڻهن سان سٿيا پيا وڃن. سياستدانن کان وٺي صحافين تائين، شاگرد کان وٺي عام مزدور تائين، معاشري جو هر فرد سياسي تشدد ۽ اذيت جو شڪار آهي. خاص ڪري سياسي مخالفن کي هيسائڻ لاءِ اڪيچار ڳجهيون ايجنسيون ڇڙواڳي سان آئين، قانون ۽ عدالت سميت مڙني انصاف ڏيندڙ ادارن ۽ قانونن جي نڙيءَ مٿان نهن ڏئي ويهي رهيون آهن. بي گناهه ماڻهن مٿان ڪوڙا ڪيس مڙهي کين ننگي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. سندن عزيزن، مٽن، مائٽن ۽ دوستن کي گهلي ٿاڻن ۾ بند ڪيو پيو وڃي. عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن کي بنا ڪنهن عمر ۽ جنس جي لحاظ کان ٿاڻن ۽ تشدد گاهن تي اذيتون ڏئي موت جي منهن ۾ ڏنو پيو وڃي. ايجنسيون ڌاڙيلن جي نالي ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ تباهه ۽ برباد ڪري رهيون آهن. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رياستي ادارن جا ڪارندا غريب عوام جي عزتن سان کيڏي رهيا آهن. مسڪين ۽ بي گناهه ماڻهن کي ماري ڌاڙيل قرار ڏنو پيو وڃي. سرڪاري ادارن طرفان پنهنجي مخالفن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪچلڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪيو ٿو وڃي.
رياستي تشدد کان پوءِ تشدد جي ٻي ڀيانڪ شڪل سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هارين، کيت مزدورن ۽ ٻئي بي سهارا عوام مٿان جاگيردارن، زميندارن ۽ وڏيرن جو ظلم ۽ ستم آهي. جيڪو اڄ جي جديد معاشري ۾ به غلاميءَ واري دؤر جي ياد تازي ڪري ٿو. سنڌي جاگيردار ۽ زميندار ڳوٺاڻي خلق مٿان پنهنجي حاڪميت ۽ آقائيت برقرار رکڻ لاءِ ۽ پنهنجا مفاد سلامت رکڻ لاءِ چورن، ڌاڙيلن ۽ غنڊن سميت پوليس ذريعي عوام کي تشدد جو شڪار بڻائي رهيو آهي. جاگيردارن ۽ وڏيرن طرفان سندن زمينن تي ڪم ڪندڙ هارين سان بي انتها ذلت جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. کانئن جبري پورهيو ورتو وڃي ٿو. کين پورهئي جو پورو اُجورو نه ٿو ڏنو وڃي. جيڪڏهن ان ناانصافي خلاف ڪو به هاري ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي ٿو ته کيس پهريان ته چورن ذريعي ڪنگال بڻايو وڃي ٿو. جي اڃا به هو سندن طرفان مقرر ڪيل ”سڌي راهه“ تي نه ٿو اچي ته کيس ڌاڙيلن جي ور چاڙهيو وڃي ٿو. سندس گهرن جي فردن جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، کي اغوا ڪرايو وڃي ٿو يا ڌاڙي جي ڪاررواين دوران قتل ڪرايو وڃي ٿو. جي اڃا به ڪو سر ڦريو همت ساري ڦورن ۽ ان جي مهندار يعني پاٿاريدار خلاف قانون جا در کڙڪائڻ جي همت ڪري ٿو ته کيس ان ئي قانون جي چنبن ۾ ڀڪوڙيو وڃي ٿو، جتي هو دانهين ٿي ويو آهي. قانون جا رکوالا، جيڪي تر جي جاگيردارن، پاٿاريدارن ۽ وڏيري جي ڪمداري جا فرض انجام ڏيندا آهن، سي سندن آقا جي حاڪميت خلاف آواز اُٿاريندڙن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ جڪڙي، رياستي تشدد جو نشانو بڻائيندا آهن.
سنڌ ۾ تشدد، جيڪو رياستي ۽ غير رياستي شڪل ۾ پنهنجي بي انتها اگهاڙي روپ ۾ موجود آهي، ان جا اڃا ڪيترائي پاسا ۽ شڪليون آهن، جن تي به نظر رکڻ جي ضرورت آهي. خاص ڪري سنڌ سرڪار جي سول انتظامي ادارن ۾ مٿيان عملدار يا ڪامورا پنهنجي ماتحت عملي کي به تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. وڏا عملدار پنهنجي ماتحت عملي کي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪندا رهن ٿا، جيڪڏهن ڪو ننڍو سرڪاري ملازم، پنهنجي اعليٰ عملدارن جا شخصي حڪم نه ٿو مڃي ته کيس ذهني عذاب رسائڻ ۽ پريشان ڪرڻ لاءِ ڏورانهن هنڌن تي بدلي ڪيو وڃي ٿو، کيس معطل ڪيو وڃي ٿو. اڃا به جيڪڏهن معاملو حدون اورانگهڻ لڳي ٿو ته ان ملازم کي نوڪري مان خارج به ڪيو وڃي ٿو. ڪجهه سالن کان سرڪاري انتظامي ادارن ۾ تشدد هڪ نئين شڪل ۾ نڪري نروار ٿيو آهي. اهو ائين ته وڏا عملدار يعني بيروڪريٽ، ماتحت ملازمن کي هيسائڻ ۽ خوفزده ڪرڻ لاءِ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي به مدد حاصل ڪن ٿا. هو پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري، ماتحت ملازمن کي ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسرائي، کين رياستي تشدد جو شڪار بڻائين ٿا. ڪجهه ڏينهن کان ايترا ڪيترائي مثال اسان جي سامهون آيا آهن. جو وڏن عملدارن، اهڙن ماتحت ملازمن کي گرفتار ڪرائي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسرايو آهي، جن سندن ذاتي مفادن لاءِ پنهنجون توانايون استعمال نه ڪيون آهن. وڏا عملدار، ماتحت ملازمن کان گهر جو ڪم ڪرائيندا آهن، پنهنجن بنگلن تي نوڪرن يا چوڪيدارن جو ڪم وٺندا آهن يا وري ننڍا وڏا ٺيڪا کڻي پنهنجي آفيس جي ماتحت عملي کان اتي ڪم ڪرائيندا آهن. جيڪڏهن ڪو ننڍو ملازم ان غيرقانوني عمل خلاف آواز بلند ڪندو آهي ته ترتيب وار کيس معطل، بعد ۾ نوڪري مان نيڪالي ۽ آخر ۾ کيس جيل جو منهن ڏيکاريو ويندو آهي. اهو به تشدد جو هڪ پاسو آهي، جيڪو سنڌ ۾ پنهنجي وحشياڻا شڪل ۾ موجود آهي.
تشدد جي مٿين ٽن شڪلن کان سواءِ هڪ ٻي به شڪل آهي، جيڪا انتهائي خطرناڪ آهي. جنهن تي ضابطو آڻڻ انتهائي مشڪل آهي. اهو تشدد آهي: سياسي تنظيمن طرفان پنهنجن منحرف ڪارڪنن توڙي مخالف سياسي تنظيمن جي ڪارڪنن خلاف. جنهن ڪجهه سالن جي اندر جنم ورتو آهي ۽ هيل تائين اڻ ڳڻيون حياتيون ڳهي چڪو آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي ذهني ۽ جسماني طور مفلوج ڪري چڪو آهي. سنڌ ۾ ان تشدد کي جنم ڏيندڙ انتها پسند سياسي تنظيمون آهن، جيڪي تشدد جي خوراڪ تي پلجي رهيون آهن. هو معصوم ۽ بي گناهه عوام کي گولين جو کاڄ بڻائي، سندن لاشن تي بيهي پنهنجو قد اوچو ڏيکارڻ گهرن ٿيون. اهڙن تنظيمن طرفان تعليمي ادارن ۽ ان کان ٻاهر پنهنجي مخالفن کي اغوا ڪري پنهنجي جوڙيل اذيت خانن ۾ تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. جنهن دوران ڪيترائي ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي وهن ٿا يا وري معذور بنجي وڃن ٿا. اهڙيون انتهاپسند تنظيمون نه صرف پنهنجن مخالف سياسي جماعتن جي ڪارڪنن کي قتل ڪن ٿيون يا تشدد جو شڪار ڪن ٿيون، پر پنهنجن به انهن ڪارڪنن کي هيسائڻ لاءِ تشدد استعمال ڪن ٿيون، جيڪي پنهنجي مرڪزي قيادت جي پاليسين خلاف راءِ جو اظهار ڪن ٿا يا اهڙين انتهاپسند تنظيمن کان پاڻ کي ڌار ڪرڻ گهرن ٿا. ان کي وڌيڪ ڀيانڪ تشدد تڏهن اُڀري معصوم جانين کي پنهنجي باهه ۾ ساڙي ڀسم ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن ڪي تنظيمون پنهنجي مخالفن کي سزا ڏيڻ يا پنهنجو آواز حڪمرانن وٽ پهچائڻ لاءِ يا اقتدار ڌڻين کي مجبور ڪري ڪنهن مفاهمت تي آڻڻ لاءِ سڌو سنئون وسيع تر آبادي کي کليل تشدد جو نشانو بڻائين ٿيون. اهو تشدد ڀرين بازارين ۾ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪرڻ، شهر جي مصروف چونڪن يا بازارن ۾ بمن جا ڌماڪا ڪرڻ جي شڪل ۾ سامهون اچي ٿو. جنهن سان ڪيتريون ئي معصوم جانيون، بنا ڪنهن ڏوهه جي موت جي منهن ۾ اچي وڃن ٿيون. ڪي حلقا ان قسم جي واقعن کي سياسي عمل جو هڪ حصو سمجهن ٿا ۽ ان کي جائز قرار ڏين ٿا. پر اصل ۾ سياسي اختلافن خاطر يا حڪمرانن خلاف احتجاج ڪرڻ خاطر بي گناهه ماڻهن کي موت جي منهن ۾ ڌڪڻ ۽ خون جون نديون وهائڻ ڪنهن به نموني سياسي عمل قرار ڏئي نه ٿو سگهجي. اهو انسانيت خلاف هڪ ڀيانڪ جرم آهي. جنهن جي همت افزائي ڪندڙ يا ان کي تقويت بخشيندڙ ايترائي ڏوهاري آهن، جيترو اهو عمل ڪندڙ ڏوهي آهن.
رياستي ڏاڍ، ڏهڪاءُ ۽ ناانصافين خلاف جدوجهد ڪندڙ ڌرين، طبقن، تنظيمن ۽ ادارن کي هيسائڻ، کين انهن مجرماڻا حرڪتن خلاف آواز اُٿارڻ جي ڏوهه ۾ تشدد جو نشانو بنائڻ پڻ هڪ خطرناڪ عمل آهي. جيڪو سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. جيڪڏهن ان جي حوصلي شڪني ڪرڻ ۽ واڌ ويجهه کي روڪڻ جو بندوبست نه ڪيو ويو ته تشدد جو خوني ديو، مڙني کي آسانيءَ سان ڳڙڪائي ڇڏيندو ۽ ان جي آڏو ايندڙ اڀريون سڀريون رنڊڪون پڻ آهستي آهستي ٿي ختم ٿي وينديون. جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمرانيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمون ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا ۽ انهن جو آواز بلند ڪندڙ اخبارون ۽ رسالا ۽ انهن سان لاڳاپيل ماڻهو، تشدد جي ڀوت جي خوني چنبن ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏيندا. جنهن کانپوءِ سنڌ غلامي واري دور جي اونداهن غارن ۾ گم ٿي ويندي، انسانيت، انصاف ۽ قانون جا تصور سنڌ مان پر ڪڍي اڏامي ويندا.
سنڌ ۾ هن وقت سياسي ۽ سماجي ناانصافين خلاف آواز اٿاريندڙ هڪ مورچو سنڌي صحافت جي شڪل ۾ موجود آهي. جيڪو نئين ڄاول ٻار جيان اڃا پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگهيو آهي. پر اڃا بانبڙا پائڻ جي عمر ۾ مس داخل ٿيو آهي، جو کيس ڪچيءَ ۾ ئي چيڀاٽڻ ۽ سندس نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ ڪاڻ اجگر جهڙيون آفتون پنهنجن مڙني مڪارين سان ميدان عمل ۾ مصروف آهن. رياستي، سول توڙي قانون نافذ ڪندڙ ادارا، پورهيت عوام جي خون تي پلجندڙ جاگيردار، زميندار، وڏيرا، ڪامورا شاهي، توڙي انتهاپسند تنظيمون ۽ انهن جا بدعنوان، دهشتگرد ۽ مفاد پرست اڳواڻ، سنڌي صحافت جي بيباڪي ۽ آزادانه ڪردار کي ختم ڪرڻ ۽ ان آواز کي پنهنجي ڪين جهڙن مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ هيچ طريقا ۽ نسخا آزمائي رهيا آهن. اخبارن جي آفيسن تي حملا ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ، انهن ۾ ڪم ڪندڙ عملي کي تشدد جو نشانو بڻائڻ، اخبارن کي ساڙڻ وارو عمل سچ، انصاف، بيباڪي، آزاديءَ ۽ بهادريءَ خلاف کليل جنگ جي شڪل ۾ اُڀري آيو آهي. رياست جا ادارا اخبارن ۾ پنهنجي ڪرتُوتن کي وائکو ٿيندي ڏسي مڇرجي پون ٿا. انتها پسند تنظيمون پنهنجا مٿان چڙهيل خول کي سرڪندو ڏسي باهوڙجي پون ٿيون. وڏيرا ۽ جاگيردار پنهنجن ڪڌن ڪرتوتن تان پردو هٽڻ تي ڇتا ٿي پون ٿا. جنهن ڪري اخبارن تي حملا ٿين ٿا، سندن رپورٽرن کي رت ۾ ڳاڙهو ڪري زندانن جي پويان واڙيو وڃي ٿو. اخبارن جا بنڊل غريبن جي جهوپڙين جيان باهه جي شعلن ۾ سڙڻ لڳن ٿا.
— ان سڄي صورتحال کي آخر ڪيئن منهن ڏيڻ گهرجي؟ سنڌ ۾ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزين کي ٻنجو ڪيئن ڏجي؟ بي گناهه عوام کي رياستي ۽ غيررياستي تشدد کان نجات ڪيئن ڏيارجي؟ اهي سوال بنيادي اهميت جا حامل آهن. انهن جا جواب ڳولڻ جي تڪڙي ضرورت آهي. سنڌي عوام جي هن بي وسيءَ ۽ لاچاريءَ واري صورتحال، هتي ان احساس کي پڪو ۽ پختو ڪيو آهي ته جيستائين سنڌ اندر انساني حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ سگهارا ادارا وجود ۾ نه ٿا آندا وڃن ۽ جيستائين انهن ادارن جا ناتا ۽ رابطا سڄي دنيا اندر انساني حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ ادارن ۽ تنظيمن سان پڪا ۽ پختا نه ٿا ٿين، تيستائين سنڌ جي مظلوم ۽ معصوم عوام کي جابر قوتن مان ڇوٽڪارو ڏياري، کين انصاف پلئه وجهي نه ٿو سگهجي. ان ئي احساس ۽ تڙپ هتي جي باشعور ۽ ساڃهه وند ڌرين، ٽولن ۽ فردن کي ان طرف سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ته هو هتي سياسي ۽ سماجي تنظيمن ۽ ادارن سان گڏ انساني حقن جي تحفظ لاءِ به تنظيمون ۽ ادارا قائم ڪن. جيئن سياسي ۽ غيرسياسي تشدد، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جو شڪار ٿيل عوام کي قانوني ۽ اخلاقي تحفظ فراهم ڪري سگهجي.
سنڌ ۾ انساني حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪندڙ تنظيمن ۽ ادارن جي دائري کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ڦهلائڻ گهرجي. جيئن عوام جو وڏو تعداد ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهي. مقامي سطح تي وڪيلن، استادن، سماجي ۽ سياسي ڪارڪنن کي گڏ ڪري، انهن کي انساني بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن ۾ منظم ڪجي، جيئن اهي مقامي سطح تي پوليس ٿاڻن، جيلن ۽ چوڪين ۾ بي گناهه عوام تي ٿيندڙ تشدد ۽ سندن غيرقانوني گرفتارين خلاف نه صرف آواز اُٿارين، پر اهڙي ظلم ۽ ناحق جو شڪار ٿيندڙ ماڻهن کي عدالتي انصاف ڏيارين. سندن ڪوڙن ڪيسن مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ قانوني ۽ عدالتي طور تي سندن ڪيس وڙهي، کين ڪوڙن ڪيسن مان نجات ڏيارين. بي گناهه ماڻهن مٿان ڪوڙا ڪيس قائم ڪندڙ انتظامي ادارن ۽ انهن جي سربراهن کي قانون مطابق سندن ڪئي جي سزا ڏيارين. ان کان سواءِ بي گناهه ڳوٺاڻن ۽ شهرين مٿان پوليس چڙهائين ۽ ان دوران عورتن، مردن ۽ ٻارن تي ٿيندڙ تشدد، بي عزتي ۽ ڦرلٽ خلاف آواز بلند ڪن. مقامي سطح تي انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ تنظيمن جا نمائندا، جيلن ۽ ٿاڻن جا معائنا ڪري، قيدين سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف عدالتن جا دروازا کڙڪائين. جيئن هتان جي عوام کي بنيادي انساني حق پلئه پئجي سگهن ۽ هو بي خوف ٿي پنهنجي جياپي لاءِ جدوجهد ڪري سگهن.
انساني حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ادارن ۽ تنظيمن کي نه صرف رياستي تشدد خلاف جدوجهد ڪرڻ گهرجي، پر ان سان گڏ هر قسم جي غير رياستي تشدد خلاف پڻ آواز بلند ڪرڻ گهرجي. جاگيردارن ۽ سرمائيدارن طرفان هارين ۽ مزدورن سان غيرانساني سلوڪ، بيروڪريسي (عملدار شاهي) طرفان ننڍن ملازمن سان ٿيندڙ اُرهه زوراين سميت اهڙين انتها پسند تنظيمن خلاف به جدوجهد ڪرڻ گهرجي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان عوام کي تشدد جو نشانو بڻائي رهيون آهن، انهن جي بنيادي انساني حقن تي ڌاڙو هنيون ويٺيون آهن، کانئن راءِ ۽ اظهار جي آزادي کسيو ويٺيون آهن.
رياستي ۽ غيررياستي تشدد کي صرف تڏهن روڪي سگهجي ٿو. جڏهن عوام جو وڏو تعداد بنيادي انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن جو ساٿ ڏئي ۽ اهڙين ڌرين خلاف مسلسل جدوجهد ۽ جستجو ڪري، جيڪي عوام کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان تشدد جو نشانو بڻائين ٿيون. عوام کي اهڙين تنظيمن ۽ پارٽين جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي صفن مان نڪري وڃڻ گهرجي، جيڪي پنهنجن منحرفن ۽ مخالفن کي تشدد جو نشانو بڻائين ٿيون يا حڪومتي عملن خلاف احتجاج دوران معصوم عوام کي گولين ۽ بمن جي ڌماڪن جو کاڄ بڻائين ٿيون، انتها پسندي، ڇڙواڳي ۽ انتقام پسندي کي هوا ڏين ٿيون. عوام کي اهڙين حڪمران ڌرين سميت سياسي ڌرين جو به بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي، جيڪي سندن آواز يعني اخبارن کي تشدد جو نشانو بنائين ٿيون ۽ انهن ادارن کي پنهنجي منشا موجب هلائڻ لاءِ مٿن دٻاءُ وجهن ٿيون. اخبارن کي پڻ رياستي ۽ غيررياستي تشدد جو مقابلو ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪرڻ گهرجي. سرڪاري تشدد کي روڪڻ لاءِ سندن خبرن جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي، سندن رعايتن تي ڀاڙڻ بند ڪيو وڃي. سرڪاري اشتهارن بدران عوامي اشتهارن ۽ ٻين عوامي وسيلن تي ڀاڙڻ گهرجي. اخبارن کي انهن انتهاپسند سياسي جماعتن خلاف پڻ مهاڏو اٽڪائڻ گهرجي، جيڪي پنهنجن مفادن هيٺ اخبارن کي هلائڻ لاءِ مٿن دٻاءُ استعمال ڪن ٿيون. سندن خبرن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي. عوام کي اهڙين سياسي ڌرين جي صف مان نڪري وڃڻ جو سڏ ڏيڻ گهرجي. جيئن عوامي حمايت سان سياسي ڌرين طرفان ٿيندڙ دهشتگردي جي روڪٿام ٿي سگهي.
تشدد جي خاتمي ۽ بنيادي انساني حقن جي تحفظ لاءِ سنڌ اندر منظم نموني ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ اڳ کان موجود مڙني تنظيمن ۽ ادارن کي مرڪزي سطح تي منظم ڪجي. انهن جي ڪم جي دائري کي وسيع ڪجي، ان ۾ عوام جي وڏي تعداد کي شامل ڪجي. جيئن سنڌ جو عوام موجوده ذلت واري زندگي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي.

[b](ڇپيل، راوزني جاڳو ڪراچي، 8 جون 1995ع)[/b]