ڇڙو اڳين جا پاسبان يا اونداهين جا رکوالا
اسلامي جمهوريه پاڪستان جي جمهوري حڪومت کي ڪهڙي مجال آهي، جو اسان جي اسلامي اخوت ۽ ڀائيچاري واري عمل ۾ رڪاوٽ وجهي. مصرين، الجزائرين، ايرانين، افغانين کي هٿ لائي پاڻ کي ڪافرن ۽ واجب القتل حڪمرانن جي صف ۾ آڻي بيهاري. اهو ئي سبب آهي جو اسان اسلام جي احترام جوڳي نالي هيٺ ۽ ”جهاد“ جي اڻ ملهه اصول هيٺ سڀ ڪجهه ڪرڻ، ڪرائڻ ۽ مستقبل لاءِ رٿابندي ڪرڻ لاءِ مڪمل آزاد آهيون، اسان کان ڪابه پڇا ڳاڇا حرام آهي. مذهب جي نالي تي هيروئن وڪڻڻ، ڏوڏي جي پوک کي جائز قرار ڏيڻ، ڪلاشنڪوف ۽ بم گڏ ڪرڻ ۽ انهن جو آزاد استعمال سڀ عين اسلامي اصولن موجب آهي. اسان اسلام جهڙي آفاقي مذهب کي جيئن سمجهيو ۽ استعمال ڪيو آهي ان ۾ ڪو به اسان جو مقابلو ڪرڻ جي همت ساري نه ٿو سگهي. رحمت العالمين کي اسان صرف پنهنجو پاڻ لاءِ رحمت الجماعتين بڻائي ڇڏيو آهي. اسلام جي شهر آفاق تصور کي سوڙهو ڪري بنياد پرستيءَ ۽ انتها پسنديءَ واري بوتل ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي۔ ان بوتل جي حفاظت لاءِ ڪلاشنڪوفون سڌيون ڪيون ويٺا آهيون. متان ڪو اها دولت اسان کان ڇني وٺي!
اسان ايڏا ڀاڙيا به ڪونه آهيون، نه وري پاڻ کي اڪيلو ڏسڻ جا خواهشمند آهيون، ان ڪري اسان جون ياريون باشيون مصر ۽ الجزائر جي انتها پسندن، افغانستان ۽ ايران جي نام نهاد مجاهدن سان به ڳنڍيل آهن. آمريڪا، يورپ ۽ نار جي ملڪن جا ديندار به اسان سان ٻانهن ٻيلي آهن، ڀلا جي جهازن رستي ”جهاد“ لاءِ هٿيار نه ٿا موڪلي سگهن ته پوءِ پئسي ڏوڪڙ لاءِ ته ڪي بندشون موجود نه آهن. هونئن به اسان جي قبائلي علائقن ۽ افغان ڀائرن وٽ هٿيار جي ڪا کوٽ آهي ڇا؟ جو اسان وتون هروڀرو وقت جو زيان ۽ تڪليف ڪندا. دين جي نالي تي دنيا ۽ دنيا جي نالي دين کي جئين اسان ملائي ۽ گڏائي مڪسچر بڻائي ڇڏيو آهي، ان کي ڇنڻ جو ڪو جسارت ڪري نه ٿو سگهي. ڀلا ڪنهن کي واجب القتل ۽ ڪافر ٿيڻ جو شوق ته ڪونهي.
اسان جا دشمن، جيڪي پاڻ کي جمهوريت پسند، آزاد خيال، ترقي پسند، سيڪيولر ۽ انسان دوست سڏائن جي عياشيءَ ۾ مصروف آهن، تن وٽ لفظن ۽ خوبصورت نعرن کان سواءِ رکيو ئي ڇا آهي. هو ته صرف ”هو جمالو“ ڳائڻ، نچڻ ۽ ڪڏڻ ۾ پورا آهن. هنن کي رڳو رياستي ادارن تي ڀروسو آهي. جيڪي ”جنهن جي لٺ، تنهن جي مينهن“ واري اصول تي هميشه پڪا پختا رهيا آهن. جنهن جي هٿ ۾ باٺو اچي ويو، هو ان جي سلامي ڏيندي دير نه ڪندا آهن. ڀلا رياستي ادارن ۾ سڀ سندن حمايتي ته نه آهن. اڌ کان وڌيڪ ”ديندار“ ۽ ”جهادي“ اسان جا جانثار ساٿي آهن. هي ته سول ادارن جي ڳالهه ڪن ٿا، پر ملڪ جي اصل ”سرڪاري سگهه“ ۾ به اسان جا رابطا ۽ واسطا هاڻ ايڏا ڪمزور نه رهيا آهن. جيڪڏهن اتان به خدا جي فضل سان ڪو چاڙهو ٿي پيو ته پوءِ مٺ جيترن شرپسندن کي ڊوڙائي ساڻو ڪري ملڪ جون سرحدون به ٽپائي ڇڏينداسين. پوءِ افغانستان وارا اسان سان ”جهاد“ ۾ مقابلو ڪري سگهن. ڪابل ۾ ٿيندڙ ناٽڪ، اسلام آباد، لاهور، پشاور ۽ ڪراچيءَ ۾ هلندڙ اصلي فلم سان مقابلو ڪري ڏيکاري.
هونئن به اسان رياض ۾ بم ڌماڪا ڪري، اسلام آباد ۾ مصر جي سفارتخاني کي اڏائي، فرانس ۾ گرنيڊ ڦاڙي ننڍا ننڍا ٽيلر ته ڏيکاري چڪا آهيون. ملڪ جي اصل ”سرڪاري سگهه“ ۾ موجود اسان جي جوڌن به پنهنجن ڪرتبن سان دنيا جي ڀليل ماڻهن کي هڪ سمجهڻ جهڙو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ڪا ڳالهه ڪونهي جو اسان صدر، وزيراعظم ۽ اصل ”سرڪاري سگهه“ جي مهندارن کي ٺڪاڻي تي لڳائڻ ۾ ڪا تڪڙي ڪاميابي حاصل نه ڪئي آهي پر ان کي اسان جي ناڪامي سمجهڻ به بي وقوفي ئي چئي سگهجي ٿو. ٺيڪ آهي، جيڪڏهن اصل ”سرڪاري سگهه“ ۾ اسان کي پذيرائي حاصل ٿي نه ٿي سگهي ته پوءِ اسان جا لاهور جي پسگردائيءَ ۾، پنجاب جي کيتن ۾، پشاور جي گردنواح ۾ ۽ ڪراچيءَ جي پوئتي پيل ۽ غير قانوني آباد ٿيل بستين ۾ موجود ”ٿنڊر اسڪواڊ“ طالبان کان ڪا گهٽ قوت ته ثابت نه ٿيندا. هاڻ به اسان جا مرڪز بنا جهل پل جي هٿيارن جا انبار گڏ ڪري رهيا آهن. انهن جي استعمال جا گر سکڻ لاءِ قنڌار، بوسنيا، مصر، الجزائر ۽ ٻين ويڙهه جي ٺڪاڻن تي پهچڻ ۾ ڪا رنڊ روڪ به ڪونهي. پوءِ به اسان کي صرف اهو مهڻو ڏيڻ ڪٿان جو انصاف آهي ته اسان کي عوام جي اڪثريت جي حمايت ڪانهي. اسان مغربي جمهوريت هيٺ ووٽ حاصل ڪرڻ جي لائق ناهيون. اسان کي اهڙو مهڻو ۽ طعنو ڏيندڙن کي اسان جي آقا ۽ مرشد جنرل ضياالحق کي نه وسارڻ گهرجي. ان به مغربي جمهوريت واري تائيد ۽ حمايت حاصل ڪرڻ کان سواءِ ملڪ مٿان 10-11 سال حڪمراني ڪئي هئي. پر اسان وٽ ته ان کان به مضبوط هٿيار موجود آهي. جنهن جي هر طرح جي استعمال تي ڪو آڱر کڻي ته ڏيکاري.
آخرڪار، هي ملڪ اسان واري ئي عقيدي تحت حاصل ڪيو ويو آهي ۽ ان جي ترقي، تعمير وارا عالمي ۽ آفاقي قدر ڪيئن جالي سگهندا. هن ملڪ جي ڦيٿي کي ڪو اڳتي ڦيرائي ته سگهي. ڪو ترقي پسندي، آزاد خيالي ۽ سيڪيولر ازم وارا تصور اپنائي ته ڏسي. اسان آخر ۾ ”اول“ بڻجڻ واري منزل ماڻي ئي رهنداسين. اسان دنيا ۾ اٿندڙ روشني ۽ سوجهري واري تصور کي ڌڪي اونداهين جي رکوالي ڪنداسين. ڇاڪاڻ ته اسان هن ملڪ ۽ ان جي اٻوجهه عوام جا ئي حقيقي هڏڏوکي ۽ سڄڻ آهيون!
اسان وارو پنهنجو پاڪستان- زنده باد!!!
[b](ڇپيل روزاني عوامي آواز ڪراچي، 28 نومبر 1995ع) [/b]