ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ۽ ننڍن صوبن جا اعتراض
ننڍن صوبن خلاف جيڪي به فيصلا ڪيا پيا وڃن، ان کي ملڪي مفادن جو نالو ڏنو پيو وڃي ۽ عوام کي ملڪي استحڪام جا واسطا وڌا پيا وڃن. گذريل ڏينهن اڳ ان ئي مقصد هيـٺ اسلام آباد ۾ هڪ قومي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي ۽ پاڻي جي وسيلن جي استعمال بابت قومي ڪانفرنس ۾ نه صرف سنڌ ۽ سرحد کي نقصان رسائيندڙ ۽ سندن تباهي جو ڪارڻ بڻجندڙ ڪالا باغ ڊيم لاءِ راهه هموار ڪئي وئي پر ملڪ جي انجنيئرن، ماهرن ۽ گهڻ گُهرن جي هڪ نام نهاد ٽولي ملڪ ۾ هڪ وڏي ڊيم ٺاهڻ بابت هڪ ٺهراءَ به منظور ڪري ورتو. جنهن کي هاڻي صوبن وچ ۾ ان معاملي تي اتفاق راءِ قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هي ڪانفرنس جنهن ماحول ۽ موقعي تي منعقد ڪئي وئي، ان حڪمرانن جي مڙني چالبازين کي پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ته هيءَ ڪانفرنس چئني صوبن جي سياستدانن، آبپاشي جي ماهرن ۽ سياسي پارٽين جي نمائندگي تي ٻڌل نه هئي، ٻيو ته هن ڪانفرنس ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ماهرن طرفان شرڪت نه ڪئي وئي. جيتوڻيڪ خود پاڻي ۽ بجلي واري وزير راجا نادر پرويز موجب ٻنهي صوبن جي ماهرن کي دعوت ڏني وئي هئي، پر جنهن نموني هي سڄو ٽرڪساٽ رچايو ويو هو، ان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ماهرن کي يقين هو ته اتي نه ته سندن موقف ٻڌو ويندو ۽ نه ئي وري سندن کي ڪا اهميت ملندي، جنهن جي ڪري هنن ان نام نهاد ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪرڻ ئي پنهنجي حق ۾ بهتر سمجهيو.
جڏهن هڪ حساس ۽ اهم مسئلي تي ٿيندڙ ميڙاڪي ۾ ٻن صوبن جي ڪا به نمائندگي نه هجي ۽ هنن اهڙي قسم جي ڪنهن ڪوشش جو ئي بائيڪاٽ ڪيو هجي ته پوءِ اتان منظور ٿيندڙ ٺهراءُ جي باقي ڪهڙي اهميت بچي ٿي. ڇاڪاڻ ته هن ڪانفرنس ۾ صرف ئي صرف پنجاب صوبي سان واسطو رکندڙ آبپاشي ماهرن، فني ماهرن، انجنيئرن، سياستدانن ۽ اهم ڪامورن شرڪت ڪئي. جيڪڏهن اسپيڪر الاهي بخش سومري جهڙو ڪو اوپرو ماڻهو به موجود هو ته اهو به پنجاب جي مفادن جي رکوالي طور انتهائي عاليشان رڪارڊ رکي ٿو. آخرڪار مسلم ليگ جي حڪومت کي وڏو مينڊيٽ رکڻ باوجود اهڙي ڪنهن ترڪتال ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت پيش آئي. ڇاڪاڻ ته هو ته وڏي مينڊيٽ هجڻ سبب ملڪ جو نالو ته ڇا پر ان جو وجود به تبديل ڪري سگهن ٿا.
ننڍن صوبن جي عوام کي اڃا تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ۽ پنجاب جي نمائندگي ڪندڙن جو اهو موقف پنهنجي عقل ۽ فهم کان مٿانهون ٿو لڳي ته ڪالاباغ ڊيم بابت صوبن وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪيو ويندو. آخرڪار هي عوام کي بنائڻ بي وقوف بنائڻ وارا حربا ڪيستائين استعمال ٿيندا رهندا ۽ ڪارگر بڻبا، ڇاڪاڻ ته جڏهن، سنڌ ۽ سرحد جون اسيمبليون ٻه ٽي ڀيرا اتفاق راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪري ڪالا باغ ڊيم کي رد ڪري چڪيون آهن. ته پوءِ اڃا کين ڪهڙو انڪار راءِ گهرجي. ٻن صوبائي اسيمبلين طرفان ڊيم خلاف ٺهراءُ منظور ٿيڻ کانپوءِ اڃا ڪٿان اتفاق راءِ آندو ويندو، جنهن جي بنياد تي ڪالا باغ ڊيم تعمير ٿي سگهندو. صوبن جو اسيمبليون ئي اتان جي عوام جي نمائندگي ڪنديون آهن. هاڻي جڏهن انهن جو جواب سامهون اچي چڪو آهي ته پوءِ ڪهڙي اتفاق راءِ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي.
هن قومي ڪانفرنس ۾ پنجاب جي نمائندن سنڌونديءَ تي ڊيم اڏڻ بابت جيڪي به وضاحتون ۽ حجتون پيش ڪيون آهن، سي ڪنهن به طرح حقيقتن ۽ انصاف جي ويجهو نظر نه ٿيون اچن. هن ڊيم بابت سنڌ ۽ سرحد کي جيڪي خاطريون ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن، اهي ماضي جي تجربن جي آڌار تي پنجاب جي انتهائي خوفناڪ شڪل سامهون آڻين ٿيون. جڏهن اڃا هي ڊيم اڏاوت هيٺ ئي نه آيو آهي ته ان کان اڳ ئي گذريل اڌ صدي کان سنڌ کي پنهنجي گهربل پاڻيءَ کان سڪايو پيو وڃي. هن کان اڳ جيڪي به ڊيمون ۽ ڪئنال اڏيا ويا آهن، انهن جنهن نموني سنڌ جي جياپي وارن ذريعن جي لتاڙ ڪئي آهي. تنهن مان وڏي صوبي جي باقي ڀائرن ڏانهن ساک ۽ پت پڌري ٿي پوي ٿي. جڏهن به سياري جي مند ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيندي آهي، ان وقت ڊيمن مان ايندڙ پاڻي سنڌ لاءِ حرام قرار ڏنو ويندو آهي. پنجاب ۾ اڏيل ڪئنالن جا منهن کولي سنڌوءَ جا سنڌ ڏانهن ايندڙ وهڪري جا در بند ڪيا ويا آهن. جيڪڏهن ڊيمن ۾ گڏ ٿيل پاڻي واقعي چئني صوبن جي ضرورت لاءِ هوندو آهي ته پوءِ اها مهرباني صرف پنجاب تي ڪرڻ قومي يڪجهتي جو ڪهڙو مثال چئجي!
پاڪستان ۾ برابري ۽ ڀائيچاري ۽ هڪ ٻئي جو احترام ڪرڻ ۽ حقن جو خيال رکڻ واري تصور هيٺ شامل ٿيندڙ يا هن ملڪ جي جوڙجڪ ڪندڙ صوبن سان اڄ تائين جيڪو رويو اختيار ڪيو ويو آهي، تنهن خود هڪ ڀيرو هن ملڪ جا بنياد لوڏي ان کي ٻه ٽڪر ڪري ڇڏيو آهي. اڄ خود هن ملڪ جو وزيراعظم پاڻ اها ڳالهه چوي ٿو ته جيڪڏهن قومي معاملا اتفاق راءِ سان نه اُڪلايا ويا ته ٻيهر اوڀر پاڪستان جهڙو سانحو پيش اچي سگهي ٿو. جڏهن حڪمران سڀ ڪجهه سمجهن به ٿا ته پوءِ ڳالهين جا ڪوٽ اڏڻ بدران ان سلسلي ۾ عملي قدم به کڻڻ گهرجن. هڪ طرف چيو وڃي ٿو ته معاملا اتفاق راءِ سان طئه ٿيڻ گهرجن ته مٿان وري اهو به چيو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ نين ڊيمن جي اڏاوت شروع ڪئي ويندي. ڇاڪاڻ ته ائين نه ڪرڻ ڪفر برابر هوندو. هو هر معاملي کي عقلي ۽ علمي بنيادن تي طئه ڪرڻ بدران اسلام ۽ قومي يڪجهتي کي آڏو آڻڻ ۾ دير ئي نه ٿا ڪن. آخر ڪار اسان کي به اهو ٻڌايو وڃي ته خداوند قدوس ڪهڙي طرح ان ڳالهه ۾ راضي ٿيندو، ته هڪ صوبي کي سرسبز ڪرڻ لاءِ ٻئي کي بيابان ۾ تبديل ڪيو وڃي. ان جي ماڻهن کي خدا جي نعمتن کان محروم ڪيو وڃي. ڇا اسلام ۽ پاڪستان جو مطلب صرف اهو آهي ته پنجاب جي مفادن تي باقي صوبن کي قربان ڪيو وڃي. اسان سمجهون ٿا ته شايد وزيراعظم نواز شريف ملڪ جي ٻيهر ٽٽڻ وارو دڙڪو به سنڌ واسين کي ڏنو آهي ته جيڪڏهن هنن پنجاب جي ها سان ها نه ملائي ۽ اتفاق راءِ پيدا نه ڪيو ته ٻيهر اوڀر پاڪستان جهڙو سانحو پيش اچي سگهي ٿو. هن کان اڳ به پاڪستان ٽوڙڻ جا ذميورا اهي ماڻهو ئي رهيا آهن، جيڪي اڄ قومي اتفاق راءِ جا پٽڪا ٻڌي ملڪي يڪجهتي جو دهل وڄائي رهيا آهن. جيڪڏهن واقعي هنن ماضي مان سبق حاصل ڪيو آهي ته پوءِ کين مڙني قومي معاملن تي ننڍن صوبن جي راءِ کي اهميت ڏيڻي پوندي، معاملن کي منجهائڻ بدران کليل نموني پيش ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اڃا به چالاڪين ۽ چالبازين سان گڏ ڌمڪائڻ ۽ ڏاڍ ڏهڪاءُ جي بنياد تي هڪ طرف فيصلا ڪيا ويا ته پوءِ شايد هن ملڪ جي وزيراعظم جا انديشا ۽ انومان حقيقتن ۾ تبديل ٿي تاريخ جو حصو بڻجي وڃن.
[b](ڇپيل، روزاني عوامي اواز ڪراچي، 11 فيبروري 1998ع)[/b]