چريائپ جي طوفان ۾ بانبڙا پائيندڙ سياڻا سيبتا ماڻهو
چون ٿا ته اوهان اڻ سڌريل، ڌنار، اوٺار، اُٺي تي تڙ ڪندڙ، ڪند ذهن ۽ موڳا مٽر آهيو. ان ڪري اوهان ماٺ ڪيو ويٺا رنگيءَ جا رنگ ڏسو. حيرتن ۾ غرق ٿي ويٺا الاهي رمزون ماڻڻ لاءِ تپسيا ۽ گيان وگيان ڪيو. هو ته اهو به اسان مٿان ٿورو ٿڦڻ ۾ دير نه ٿا ڪن ته اسان جو زندهه سلامت، جيئرو جاڳندو رهڻ به سندن وڏو وڙ آهي. نه ته اسان ته اهڙا جهنگلي ۽ وحشي آهيون، جو انڌا منڊا شهر ڇڏيو، ڳوٺ پٽيو وتئون ها وڻن تي رهندا. جبلن جي غارن ۾ باهڙي ٽمڪايو پيا هڪ ٻئي جو هڏ ۽ ماس چٻيون ها. انهن ئي مهربانين جي مهابي هو چون ٿا ته اسان کي نه صرف سندن ٿورائتو ٿيڻ گهرجي. پر باقي رهيل کهيل ڌن ۽ دولت ميڙي چونڊي سندن جهوليءَ ۾ وجهي سندن احسانن جا ترانا ڳائڻ گهرجن.
اسان گندا بندا، جڏهن چوندا هياسين ته ٻيلي ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسندي کي هٿ وٺي نه وٺايو، ماڻهن کي فرقن ۽ ٽولن ۾ نه ورهايو. اسلام جي آفاقي اصولن جي پنهنجي من پسند مفادن جي لاءِ ڀڃ ڊاهه نه ڪيو، ته چوڌاري ٻاڪار مچي ويندي هئي، ته هي ماڻهو دهريا ٿي ويا آهن. ڪافرن جي قطار ۾ هليا ويا آهن. کين واجب القتل قرار ڏيو. ملڪ مان ڌڪي ٻاهر ڪڍو. اسان چريا کريا کلي پوندا هئاسين. سندن پاڳلپڻي تي ٽهڪ ڏيندا هئاسين.
اسان چوندا هياسين ته يار پراون معاملن ۾ ٽنگ نه اٽڪايو. افعانستان واري باهه ۾ پنهنجي نسل کي ٻارڻ نه بڻايو. افغان پناهگيرن کي پنهنجي ڌرتيءَ تي جاءِ ڏئي، ڇڙواڳ ڇڏي، ملڪ لاءِ مصيبتون پيدا نه ڪيو. ته اسان مٿان تهمتن جا انبار لڳي ويندا هيا. اسان کي سياسي سمجهه ۽ سفارتي ڏاهپ کان ڪورو ڄٽ قرار ڏيندي موڳن مٽرن جي قطار ۾ بيهاريو ويندو هيو.
اسان ڌنار ۽ گڏهه چاريندڙ ماڻهو ڊڄي ڊڄي جي وات مان لفظ ڪڍندا هياسين ته ڀائو ڏاها ٿيو، ملڪ جون سرحدون غير قانوني پرڏيهين لاءِ نه کوليو، بنگالين، برمين، ايرانين، هندستانين ۽ ٻين کي بنا جهل پل جي هتي اچڻ نه ڏيو. بهارين جا ڪٽڪ نه گهرايو، پر اسان چرين ماڻهن جي ڳالهين کي ڀوڳ سمجهي ٽاريو ويندو هو. ان کي ملڪي استحڪام، اسلامي اخوت ۽ ڀائيچاري خلاف قرار ڏيندي اسان مٿان تبرا ڪيا ويندا هيا.
پر اڄ اسان چرين ماڻهن وارو ساڳيو دورو عقلمند، ڏاهن، اڪابرن، مها دانشورن ۽ عقل ڪُل ”فيل مستن“ کي به پيو آهي. هو به هاڻ اسان واريون هوائي ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن. هو رکي رکي اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا، جو اسان چرين ماڻهن جو دماغ چڪرائجي وڃي ٿو. اسان پنهنجي چريائپ تي به شڪ ڪرڻ لڳا آهيون. ڪٿي ايئن ته ڪونهي، جو اسان وارا فيل مست ڀاڙي بڻجي اسان چرين واري قطار ۾ شامل ٿي ويا هجن. نه ته ڀلا سياڻا سيبتا ماڻهو اها ڳالهه ڪيئن ڪندا ته افعانستان واري ”جهاد“ ۾ آڱريون وڍائي شهيدن ۾ شمار ٿيڻ غلط ڳالهه هئي. افغان ڀائرن جي ميزباني ڪرڻ پاڳلپڻو هو. ملڪ جون سرحدون غير قانوني ماڻهن لاءِ کولڻ بي وقوفي هئي. بهارين جو ٺيڪو پاڪستان کي نه کڻڻ کپندو هو. مذهبي انتهاپسند ڌرين کي ڇيڪ ڇڏڻ وڏي ڀل هئي ۽ هاڻي غير قانوني پرڏيهين کي نه گهرائبو، افغاني به واپس ڪبا، فرقيواريت ڦهلائيندڙن کي به لغام ڏبو.
اهي چريائپ ۽ بي وقوفيءَ واريون ڳالهيون اهي ماڻهو ڪن ٿا، جيڪي ڪالهه تائين ائين سوچڻ کي به ڪبيرو گناهه سمجهندا هئا. پاڻ کي باشعور، ترقي يافته، ذهين ۽ ڏاهو قرار ڏيڻ ۾ اُٺ ڪتابن جا لکي چڪا هئا. لکين پنا ڪارا ڪري چڪا هئا. خبر ناهي ته اهرا سياڻا سيبتا ماڻهو هاڻ ڪيئن اسان چرين جي قطار ۾ شامل ٿي ويا آهن.
شايد 4 ڪروڙ چرين کرين سنڌي ماڻهن جي دلين مان اٿندڙ طوفان ههڙن سياڻن سيبتن ماڻهن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ۽ هو آهستي آهستي ”فيل مست“ مان تبديل ٿي، چرين جي چوئياري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ بانبڙا پائڻ لڳا آهن.
[b](ڇپيل، روزاني عوامي آواز ڪراچي، 5 ڊسمبر 1995ع)[/b]