ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جا اعلان ۽ بي وس بڻايل قومن جو ڪيس
تازو وڏي مينڊيٽ جي دعويدار مسلم ليگ حڪومت وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي گڏجاڻيءَ ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم ان اجلاس کي خطاب ڪندي اها ڳالهه بنا ڪنهن ججهڪ جي وڏي واڪي ڪئي آهي ته ”ڪالاباغ ڊيم ضرور ٺاهيو ويندو ۽ ان سان ڪوبه متاثر نه ٿيندو.“ هن ڀيري ماضيءَ وانگر صرف سکڻو اعلان نه ڪيو ويو آهي، پر ايندڙ 5 سالن واري منصوبي ۾ ڪالاباغ ڊيم پراجيڪٽ کي به شامل ڪيو ويو آهي ۽ ان مقصد لاءِ ڏيڊ کرب رپيا رکڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي. جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب کي ان معاملي تي باقي ٽن صوبن جي رضامنديءَ جي ڪابه ضرورت نه آهي. ڊيم کي هر قسم جي مخالفت کي ڪچلي به ٺاهيو ويندو. سنڌونديءَ تي ڪالاباغ ڊيم واري منصوبي کي جنرل ضياءَ جي مارشل لا دوران سنجيدگيءَ سان اختيار ڪيو ويو هو. ان سلسلي ۾ چئني صوبن کي جڏهن اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان ان منصوبي کي خالص فني بنيادن تي رد ڪري ڇڏيو هو. سنڌ طرفان اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ سان سنڌ پنهنجي نهري پاڻي واري حصي کان محروم ٿي ويندي، جنهن سان هتي نه صرف زرعي معيشيت مڪمل طور تباهه ٿي ويندي، پر ان سان ٻيلي جي تباهي اچڻ سبب ماحوليات جو به مسئلو جنم وٺندو، ٻيلن جي سڪي سڙي ناس ٿي وڃڻ سبب جهنگلي جيوت جو انت اچي ويندو. سنڌ سموري قدرتي سونهن ۽ حسن کان وانجهجي ويندي. سنڌ جي آبپاشيءَ وارن ماهرن موجب ڊيم ٺهڻ سان سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي ايتري ته کوٽ پيدا ٿيندي جو ربيع جي فصلن جهڙوڪ ڪڻڪ، ڪمند، سرنهن، وغيره لاءِ گهربل پاڻي نه ملڻ سبب سنڌ ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي ويندي. جنهن سان نه صرف سنڌ پر پاڪستان به پنهنجي زرعي معيشيت جي هڪ اهم حصي کان محروم ٿي ويندو. کاڌي خوراڪ ۾ خود ڪفيل هي ملڪ ڪڻڪ، تيل، گيهه ۽ ڪپڙي جهڙين بنيادي ضرورتن لاءِ به ٻين ملڪن جو محتاج ٿي ويندو. جڏهن ته سنڌو درياهه مان مناسب مقدار ۾ سمنڊ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ پنهنجون حدون اورانگهي مٿي چڙهي هزارين ايڪڙ زرعي زمين ۽ وسنديون پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ناس ڪري ڇڏيندو. جنهن سان سنڌ جا ٺٽو ۽ بدين ضلعا وڏي پئماني تي متاثر ٿيندا.
هونئن به ڪالاباغ ڊيم کان اڳ جيڪي به سنڌو درياهه تي ڊيم اڏيا ويا آهن، يا ان مان ڪئنال ڪڍيا ويا آهن، تنهن لاءِ ڪنهن به قسم جون قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون آهن. سنڌ پاڻيءَ جي ورڇ جي حوالي سان جيڪي به اعتراض ڪيا آهن، انهن کي هميشه ملڪ جي سالميت، ڀائپي ۽ ڀائيچاري جي نعرن ۽ ڏنڊي هيٺ دٻايو ويو. اهڙو آواز بلند ڪندڙن تي صوبائي تعصب پکيڙڻ ۽ ملڪ دشمني سميت ٻيا ڪرڀ جوڳا الزام هنيا ويا. ماضيءَ ۾ پاڻي تي جيڪو ڌاڙو هنيو ويو، ان جا به عملي نتيجا انتهائي ڀيانڪ نڪتا. هر سال اونهاري جي موسم ۾ سنڌ جي بئراجن، واهن ۽ شاخن مان واري اڏامڻ لڳندي آهي. ساوا ستابا کيت اجڙي ويندا آهن، سنڌ جي حڪمرانن طرفان احتجاج جي باوجود سنڌ ڏانهن ايندڙ پاڻي جا در بند ڪيا ويندا آهن، جڏهن هن وقت اها صورتحال آهي جو سنڌ پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ پنجاب جي محتاج بڻيل آهي ته پوءِ ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ سان ته ان جي موت ۽ حياتيءَ جا اختيار به پنجاب يعني مرڪز جي هٿ وس ٿي ويندا.
ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان بلوچستان جو به ساڳيو سنڌ وارو موقف آهي، ڇاڪاڻ ته بلوچستان جي نهري پاڻي جو دارومدار به سنڌوندي تي آهي، جيڪڏهن سنڌوندي جي پاڻي تي ڪوبه ڌاڙو لڳي ٿو ته ان کان بلوچستان به ساڳيءَ طرح متاثر ٿيندو، جهڙي طرح سنڌ سوڪهڙو جو شڪار ٿيندي. جڏهن ته سرحد صوبي جو ڪيس به انتهائي وزندار آهي، ڇاڪاڻ ته ڪالاباغ ڊيم جي تعمير سان سرحد صوبي جي لکين ايڪڙ زمين سم ۽ ڪلر جو کاڄ بڻجي پنهنجي زرخيزي وڃائي ويهندي. سرحد جا ڪيترائي واهڻ، وسنديون ۽ شهر سم جي پاڻي ۾ ٻڏي ويندا. ان ڪري سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان طرفان ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي مخالفت جا ڪي به سياسي سبب نه پر مڪمل فني ۽ اتان جي عوام جي جياپي سان لاڳاپيل آهن.
پنجاب، پاڪستان جي وجود کان وٺي اڄ تائين مختلف هيلن، بهانن ۽ زور زبردستيءَ سان ننڍن صوبن جي حق تلفي ڪندو آيو آهي. هر ان منصوبي کي قومي اثاثو قرار ڏنو ويندو آهي، جيڪو خود سندس مفادن جي حوالي سان ڪمائتو ۽ ڪارگر هوندو آهي. 50 سالن جي تاريخ اهڙين ڪيترين ئي ثابتين ۽ شاهدين سان ڀري پئي آهي، جو ڪيترائي اهڙا منصوبا سٽيا ويا ۽ انهي تي عمل ڪرايو ويو، جيڪي باقي صوبن جي حوالي سان اعتراض جوڳا هئا. هن وقت به ڪالاباغ ڊيم تي جيڪا ڳت ڏني پئي وڃي، ان پويان بجلي حاصل ڪرڻ کان وڌيڪ پنجاب جون لکين ايڪڙ زمينون آباد ڪرڻ وارو مفاد لڪل آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ توانائي جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ ٻيون به ڪيتريون ئي حڪمت عمليون ۽ ٽيڪنالاجيون موجود آهن. هيڏي وڏي تڪراري منصوبي کي شروع ڪرڻ بدران سنڌ مان نڪرندڙ ڪوئلي تي بجلي گهر قائم ڪري سگهجن ٿا. پر موجوده حڪومت ڄاڻي واڻي ان معاملي کي منجهائي ۽ بگاڙي رهي آهي. گذريل پ پ حڪومت ۾ ٿر مان هٿ آيل ڪوئلي تي بجلي گهر اڏڻ وارن عالمي معاهدن کي منسوخ ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن واقع ملڪ مان توانائي جو بحران ختم ڪرڻ جو ئي مقصد آهي ته پوءِ آخرڪار هروڀرو ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي ڳت ڇو پئي ڏني وڃي. ايڏي وڏي ڊيم ٺاهڻ بدران ڪوئلي کان سواءِ سنڌو درياهه جي سنڌ مان گذرندڙ وهڪري تي به ننڍا ڊيم جوڙي توانائي جي بحران جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. ان مقصد خاطر سنڌ سان واسطو رکندڙ آبپاشيءَ جا ماهر حڪومت کي ڪيتريون ئي تجويزون ڏئي چڪا آهن.
ڪالاباغ ڊيم نه صرف صوبن وچ ۾ تڪراري مسئلو بڻجي چڪو آهي، پر خود ان لاءِ امداد ڏيندڙ اداري عالمي بئنڪ به ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. عالمي بئنڪ جي ماهرن موجب ان معاملي تي تڪرار پيدا ٿيڻ سبب گذريل ٽن سالن دوران پاڪستان حڪومت ۽ عالمي بئنڪ وچ ۾ ڊيم واري مامري تي ڪوبه رابطو نه ٿيو آهي. عالمي ماهرن موجب ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان ماحوليات ۽ ٻيهر بحاليءَ وارا مسئلا ايترا ته پيچيده ٿي چڪا آهن، جو ڪالاباغ ڊيم ۾ هٿ وجهڻ کان اڳ انهن مسئلن کي تفصيلي نموني ۽ سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻو پوندو. ماهرن موجب جيڪڏهن پاڪستان حڪومت اها ڊيم تعمير ڪرڻ به چاهي پوءِ به ان سان لاڳاپيل ماحولياتي ۽ ٻيهر بحالي وارن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ٻه يا ٽي سال لڳي سگهن ٿا. عالمي بئنڪ جي ماهرن موجب هاڻي اهو منصوبو مالي لحاظ کان ايڏو ته مهانگو ٿي چڪو آهي جو ان لاءِ رقمن جو بندوبست ڪرڻ پاڪستان جهڙي ڪنگال ملڪ لاءِ ناممڪن آهي.
مسلم ليگ حڪومت ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ ايندڙ 5 سالن واري منصوبي ۾ صرف 150، ارب رپيا رکيا آهن، جڏهن ته ماهرن موجب ان تي موجوده دور ۾ 3 کرب 60 ارب رپيا لاڳت ايندي، جيڪڏهن اهڙي وڏي منصوبي ۾ هٿ وڌو ويو ته پاڪستان ۾ تعمير ۽ ترقي سميت ٻيا ضروري منصوبا ۽ ڪم ڪار مڪمل طور بيهجي ويندا. جنهن ڪري ڪالاباغ ڊيم نه صرف صوبن جي تڪرار سبب پر خود مالي لحاظ کان به ناقابل عمل منصوبو بڻجي چڪو آهي. ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ڪو هڪ يا ٻن سالن جو کيل ناهي، پر ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 15 سالن جو وقت کپي. ان هيڏي وڏي عرصي دوران پاڪستان پنهنجي توانائيءَ جون ضرورتون ڪيئن پوريون ڪندو. اهو به هڪ وڏو سوال آهي. جڏهن ته ان منصوبي کي ڪالعدم قرار ڏئي جيڪڏهن ٻيا متبادل اختيار ڪيا وڃن ته ان سان نه صرف مالي مشڪلاتن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، پر ٿوري مدي اندر توانائيءَ جي وڌندڙ بحران کي به ڪنهن حد تائين حل ڪري سگهجي ٿو.
جڏهن ڪالاباغ ڊيم جي منصوبي کي امداد ڏيندڙ عالمي ادارا به رد ڪري چڪا آهن ۽ ان کي پاڪستان لاءِ فائديمند قرار نه ٿا ڏين، ٻئي طرف سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان جون صوبائي اسيمبليون هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ان جي مخالفت ۾ ٺهراءَ منظور ڪري چڪيون آهن، پوءِ به اهڙي تڪراري رٿا تي زور ڏيڻ ۽ ان لاءِ زبردستي هڪ طرفا فيصلا ڪرڻ ڪٿان جي دانشمندي قرار ڏئي سگهجي ٿي. جيڪي ڌريون ۽ ٽولا ملڪ جي خير خواهيءَ ۽ مالڪيءَ جا دعويدار آهن، انهن اڄ تائين ملڪ جي ڀلائي، تعمير ۽ ترقي جي حوالي سان جيڪي به ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، تن هن بدقسمت ملڪ کي هميشه هاڃو ئي رسايو آهي. اهي ئي ماڻهو ٻيهر ملڪي ايڪي ۽ اتحاد جي نالي تي ڪالاباغ ڊيم جو پٽڪو پٽي رهيا آهن، جن جي پرڪارن سبب 1971ع ۾ اسان کان بنگالي ڀائر جدا ٿي ويا هئا يا کين زور زبردستيءَ سان ڇني الڳ ڪيو ويو هو. هن وقت جڏهن ملڪ ۾ گڏيل صلاح ۽ راءِ سان ڀائيچاري وارو ماحول ۾ فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ماضيءَ جي غلطين جو ازالو ڪرڻ لاءِ ماحول تيار ڪرڻو آهي. ان وقت هٿ وٺي ڪمزور قومن ۽ قوميتن کي هن تاڃي پيٽي کان بيزار ۽ بتال ڪرڻ جون سازشون سٽيون پيون وڃن. حڪمرانن جي اهڙن هڪ طرفن فيصلن سان جيڪڏهن سڀاڻي خدا نه ڪري هن 50 سال پراڻي جوڙجڪ کي ڪو هاڃو رسيو ته ان جا ذميدار به اهي ماڻهو هوندا، جيڪي ملڪي سالميت ۽ استحڪام جي نالي تي نفرتن جو ٻج ڇٽي رهيا آهن. قومن وچ ۾ دشمنيون پيدا ڪري کين هڪ ٻئي کان ڌڪي ڌار ڪرڻ جا سامان پيدا ڪري رهيا آهن. هاڻي به وقت نه ويو آهي ته موجوده وڏي مينڊيٽ جي دعويدار حڪومت پنهنجي سگهه کي استعمال ڪندي صوبن وچ ۾ ڀائيچاري وارو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ حقيقي بنيادن تي فيصلا ڪري. اهڙن مڙني قوتن جي حوصلي شڪني ڪئي وڃي، جيڪي ملڪ جي ڀلائي جي نعري هيٺ ان جا بنياد کوٽي رهيا آهن.
[b](ڇپيل روزانو سچ ڪراچي، 1 جون 1998ع)[/b]