ٿر کي ديوار ڏياري ڇڏيو!
ٿر جي ڀٽن تي سوين سج لهي ويا، پر سندن سوڪهڙي سٽيل مکڙن تي ڪڏهن به بهار جي ڪنهن جهوٽي مرڪ نه آندي. سدائين بک، بدحالي، پاڻيءَ جي اڻاٺ، خوفناڪ بيمارين جا حملا ۽ اڻ ٻڌل وائرس جا راتاها، ڪڏهن ڪڏهن ته آفريقا جي جهنگلن ۽ برپٽن ۾ ايندڙ ڏڪارن کي به شرمائي ڇڏيندا آهن. آفريقي پوءِ به ان ڳالهه ۾ ٿرين کان وڌيڪ خوش نصيب آهن، جو جڏهن سندن اگهاڙن پٺن ۽ ڪرنگهي جي هڏي کي ڇهندڙ پيٽن واريون تصويرون عالمي ميڊيا جون زينت بڻبيون آهن، ته کين پيٽ ڍائيل ملڪن طرفان پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لاءِ ڪجهه امداد ۽ دوائون پڻ ملي پونديون آهن. پر اسان جي واڳ ڌڻين کي ٿري ماڻهن جي عزت نفس جو ايڏو ته خيال هوندو آهي جو سندن بکايل چهرا ٽي وي تي ڏيکاري دنيا کان امداد حاصل ڪرڻ جو کل جوڳو عمل سندن وس کان ٻاهر هوندو آهي.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان سنڌ جو ٿر هڪ خطرناڪ بيماري وائرل انفيڪشن جو شڪار آهي. هڪ طرف ٿري ماڻهو بدترين ڏڪار جي لپيٽ ۾ آهن، تي مٿان وري کاڌي جي کوٽ ۽ صاف پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب ”وائرل انفيڪشن“ ٻارن، ٻڍن، عورتن، مردن، تي راتاهو هڻڻ شروع ڪيو آهي. صرف اخبارن تائين پهتل اطلاعن موجب مري ويندڙن جو انگ 175 کان به ٽپي ويو آهي. جڏهن ته ڪيترائي مريض اسپتالون نه هجڻ سبب گهرن ۾ تڙپي ۽ سڏڪي رهيا آهن. ڀلا جيڪڏهن اسپتالون به هجن ته ڪهڙو فرق ٿو پوي. ڏڪار سٽيل ماڻهن ۾ دوائن خريد ڪرڻ ته ڇا پر اسپتالن تائين ڀاڙا ڀري پهچڻ جي به سگهه نه آهي. رڳو وائرل انفيڪشن هجي ته به ان هڪڙي آفت کي منهن ڏجي، پر هتي ته دنيا جهان جي مڙني بيمارين ۽ مصيبتن ٿر جو در ڳولي لڌو آهي. ٿر ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن موجب هر هزار ماڻهن منجهان 160 ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن بيماريءَ ۾ مبتلا آهن. بيماريون ۽ ڏڪار رڳو قدرتي مصيبتون هجن ته به ماڻهو قسمت تي ڏوهه ڏئي ماٺ ڪري ويهي رهي. پر هتي ته وڏو عمل دخل اسان جي واڳ ڌڻين جي بي حسيءَ جو به آهي. ڀلا جيڪڏهن هندستان سان لاڳاپيل ٿر واري علائقي ۾ واهه کوٽائي پاڻي پهچائي سگهجي ٿو، اتي اسپتالون، اسڪول ۽ بجلي مهيا ڪري ماڻهن کي سک ۽ خوشحالي ڏئي سگهجي ٿي ته پوءِ سنڌ واري ٿر ۾ اهي شيون ڇو ممنوع قرار ڏنل آهن؟ اڻ برابريءَ جي ته اها انتها چئبي جو هڪ وڏي صوبي ۾ روڊن ۽ رستن جو ڄار هوندي به اتي موٽر وي تعمير ڪيا پيا وڃن. شهرن ۾ زير زمين يا فلاءِ اوور پليون ٺاهي، خوبصورت پارڪ، فٽ پاٿون يا باغ باغيچا جوڙيا پيا وڃن. پر ٻئي طرف ٿر کي پاڪستان يا سنڌ جو حصو سمجهڻ بدران ڪنهن آفريقي رياست وانگر اوپرو ملڪ سمجهي، ان جي ڏکن سورن کان لاتعلق بڻجي وڃجي ٿو. ٺيڪ آهي، جيڪڏهن اسان ۽ توهان جي ذهنن ۽ ضميرن تي چڙهيل ڪٽ سبب اهو تصور پختو ٿي چڪو آهي، ته ٿر کي پنهنجي ئي جسم جو حصو سمجهڻو ناهي ته پوءِ ڀلا جيئن انسانيت جي ناتي افغانستان، بوسنيا يا ڪنهن آفريقي ملڪ جي امداد ڪئي ويندي آهي، ٿرين سان به ساڳيو قرب ٿيڻ گهرجي. پوءِ ڀلي ٿرين ۾ اهو احساس وڌيڪ پختو ٿئي ته ٿر پاڪستان يا سنڌ جو حصو نه پر ڪو اوپرو علائقو آهي. جنهن ڏانهن ترڪيءَ وانگر اسلام آباد مان امدادي سامان جا جهاز ڀري ته نه موڪليا ويا آهن، پر گڏهه گاڏن تي اٽي جون ٻوريون ۽ دوائن جا کوکا خيرات طور روانا ڪيا ويا آهن.
ويندي ويندي اهو به چوندو هلجي ته ان ڳالهه جو به بندوبست ٿيڻ گهرجي جو ٿر کي ”جهوني ڪوٽ“ وٽان ديوار ڏياري ڇڏجي. متان اتان ڪو ڏڪر رستو ڀلجي سنڌ يا پاڪستان ۾ داخل ٿئي يا وائرل انفيڪشن کي ٿر جون ڀٽون روڪڻ کان قاصر ٿي وڃن ۽ اها باقي ملڪ جي سکي ستابي زندگيءَ ۾ ڪو ڀونچال نه مچائي ڇڏي.
[b](ڇپيل روزانه ڪاوش حيدرآباد، 14 مارچ 2000ع)[/b]