نواز شريف جون سنڌ دوستيءَ واريون دعوائون
پيپلز پارٽيءَ کان وٺي نواز ليگ تائين، جميعت علماءِ اسلام کان جماعت اسلاميءَ تائين سڀني جي ڌيان جو مرڪز سنڌ بڻيل آهي. وڏا وڏا دورا پيا ٿين، ماڻهو ڳولي ڳولي پنهنجا حمايتي بنائڻ لاءِ ريشم جا ڄار وڌا ويا آهن. مڇين جهڙن ماڻهن کي ڦاسائڻ ۾ ڪي يار ڪامياب به ويا آهن. پر منهنجي وطن جو عوام، جيڪو ماضيءَ ۾ ڏاڍو ڏکويل، آزاريل ۽ نظرانداز ڪيل رهيو آهي، اهي سڀ ترڪتال پري کان ويهي خاموشيءَ سان ڏسي رهيو آهي. دوستيءَ جي دعوائن لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظن جو ڇيد ڪرڻ ۾ مصروف آهي. عوام اچرج ۾ آهي ته سندن مٿان هي ڀلايون ڪهڙي ليکي ۽ لالچ هيٺ ٿي رهيون آهن. شايد سنڌين جي 4 ڪروڙ آبادي چڱن ڀلن کي هرکائي وڌو آهي. نه ته ڀلا هي ماڻهو ڪو ڌيان ڏيڻ جهڙا رهيا آهن! ووٽ جي اصل طاقت ته پنجاب وٽ رهي آهي. ان ڪري سنڌ کي ڪڏهن به ان ڏس ۾ اها اهميت نه ملي آهي، جيڪا آدمشماريءَ جا نوان انگ اکر اچڻ کان پوءِ اهميت ڏيڻ پاڪستان سطح جي سياست ڪندڙن جي مجبوري بڻجي وئي آهي.
پاڪستان سطح جي سياست ڪندڙن جڏهن سنڌ کي پنهنجي ڌيان، عشق ۽ محبت جو مرڪز بنائڻ شروع ڪيو آهي. تڏهن مادر وطن جي قومي سياست ڪندڙ سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن کي هن موقعي تي انتهائي خبرداريءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي. سنڌ جي بنيادي حقن متعلق صورتحال کي واضع ڪرڻ گهرجي. سنڌي عوام جي ترجيحن ۽ اوليتن کي ڀرپور انداز سان آڏو آڻڻ گهرجي. جيئن نواز شريف کان وٺي فضل الرحمان تائين، قاضي حسين احمد کان ڪنهن ٻئي مهم جو تائين سڀني کي تڪي توري سنڌ ۾ اچڻ ۽ سياست ڪرڻ جي همت ٿئي. ڇاڪاڻ جو اسان سان ماضيءَ ۾ ڏاڍا دوکا ٿيا آهن، وڏين ويساهه گهاتين مان گذرڻو پيو آهي.
عبدالواحد آريسر کان وٺي رسول بخش پليجي تائين سنڌ جي قومي سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن کي ڪنهن ايري گيري جي حمايت ڪرڻ کان اڳ کيس سنڌ جي مسئلن تي واضع ڪرڻ گهرجي. هن وقت جڏهن نوازشريف سنڌ مٿان سر گهورڻ جون دعوائون پيو ڪري، ان وقت کيس سنڌ جي موت ۽ حياتيءَ وارن مسئلن تي واضع ٿيڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهڻ گهرجي. مسلم ليگ هڪ طرف سنڌ کي سکيو ۽ ستابو ڏسڻ جي خواهشمند آهي ته ٻئي طرف ڪالاباغ بند جوڙڻ لاءِ پي پي جي غلام مصطفى کر کان به ٻه قدم اڳتي آهي. هڪ پاسي سنڌي ووٽرن لاءِ وهلور پئي وڃي ته ٻئي طرف سنڌ جي آدمشماريءَ وارا انگ اکر تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي. بهارين جي سنڌ ۾ آمد جي حمايت ۽ بنگالين، برمين، هندستانين ۽ ٻين غير قانوني پرڏيهين جي نيڪاليءَ جي مخالفت اهڙا سوال آهن، جن تي سنڌين سان مسلم ليگ جي دوستيءَ واريون دعوائون مشڪوڪ ٿي وڃن ٿيون. سنڌ جي معدني وسيلن تي به سنڌي ماڻهن جي مالڪيءَ وارا حق همراهن جي منهن ۾ 17 گهنج وجهي ڇڏين ٿا. جڏهن ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) جي سياست ۽ ان جي اوٽ ۾ دهشتگرديءَ جي ڳالهه نڪري ٿي ته مسلم ليگ جي سربراهه جي ڪراچيءَ ۾ هڪڙي ٻولي آهي ته سپر هاءِوي ٽپڻ کان پوءِ ٻي ٻولي ٿي وڃي ٿي. پاڻيءَ جي ورهاست ۽ ناڻي جي ورهاست تي پي پي ۽ مسلم ليگ (ن) جي پنجاب دوست هڪ طرفي موقف ۾ تر جيترو به فرق نظر نه ٿو اچي.
هي سڄي صورتحال پاڪستاني سطح جي سياسي پارٽين جي ڄار ۾ ڦاسندڙ سنڌي مڇين لاءِ سوچڻ جوڳي ڳالهه آهي. جيڪڏهن سياست ڪرڻ جو معيار پنهنجي وطن جي عوام جي بي لوث خدمت ڪرڻ آهي ۽ عوام سان ماضيءَ ۾ ٿيل ويساهه گهاتين جي خاتمي جو سوال آهي ته صرف سنڌ جي زندگيءَ ۽ موت وارن مسئلن تي پي پي، مسلم ليگ، جميعت علماءِ اسلام ۽ جماعت اسلامي کي واضع ٿيڻو پوندو. پر انهن ۾ شامل ٿيندڙ يا سڌي يا اڻ سڌي طرح سندن حمايت ڪندڙ سنڌين کي به معاملا صاف ڪرائڻا پوندا نه ته ”ادو ڄائو، ادي مئي، اسان اوترا جو اوترا“ وارو معاملو ۽ مثال ٿي ويندو.
[b](ڇپيل روزاني عوامي آواز ڪراچي، 12 دسمبر 1995ع)[/b]