پورهيت عوام ۽ سندس پارٽي
جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي انهن پارٽين کان سواءِ دنيا اندر اهڙيون پارٽيون به موجود هونديون آهن، جيڪي ظاهر ۾ ته پاڻ کي پورهيت عوام جون نمائنده ۽ انقلاب جون دعويدار چوائينديون آهن ۽ سندن قيادت به عوام منجهان هوندي آهي. پر پوءِ به اهڙيون پارٽيون عوام جي حقيقي نمائندگي ڪرڻ ۽ سندن مفادن جو تحفظ ڪرڻ کان ڪوهين ڏور هونديون آهن. اهڙيون پارٽيون حقيقت ۾ جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي بي ٽيم، يعني ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪنديون آهن. جيئن عوام کي حقيقي انقلابي پليٽ فارم تي ڪٺي ٿيڻ ۽ ڦرلٽ واري نظام جون پاڙون پٽي ڇڏڻ واري جدوجهد کان روڪي سگهن. اهڙيون پارٽيون ۽ سندن قيادت، عوام کي حقيقي انقلابي جدوجهد ڪرڻ بدران اهڙي واٽ ڏسينديون آهن، جيئن هو ڦورو ٽولن سان مفاهمت ڪن، ڪجهه رعايتن تي راضي ٿي وڃن. اهڙيون پارٽيون عوام کي اهو سمجهائڻ ۽ ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ته هو ڦرلٽ واري نظام جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪرڻ بدران ڦورو ٽولن کي شرمسار ڪري، کين آزيون نيازيون ڪري، مطالبا ۽ مذمتون ڪري ڪجهه فائدا حاصل ڪن ۽ ڦورو ٽولن کي ڪجهه ماڻهپي ۽ آپي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪن. اهڙيون پارٽيون، عوام کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ته نه انقلاب اچي سگهي ٿو ۽ نه وري ان لاءِ طاقت ۽ قوت موجود آهي. اصل ۾ اهريون پارٽيون، انقلابي نه پر اصلاحي پارٽيون هونديون آهن، جيڪي ڦورو ٽولن جي خدمت سرانجام ڏينديون آهن ۽ سندن ڪم آسان بنائينديون آهن. تاريخي تجربن مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته خود جاگيردار ۽ سرمائيدار، اهڙيون پارٽيون، پاڻ وجود ۾ آڻائيندا آهن ته جيئن عوام حقيقي انقلابي پارٽين ۾ متحد ٿي، سندن ڦرلٽ واري نظام خلاف جدوجهد نه ڪري سگهي، پر هو منجهيل ۽ بتال ٿي، مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي وڃي. عوام جي نالي ۾ عوام دشمن پارٽيون، مختلف دليلن سان، عوام کي پنهنجي اصل واٽ تان هٽائي ۽ پنهنجن آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ مڪروهه سازشون ڪنديون آهن. ڦورو ٽولا، اهڙين نام نهاد عوامي ۽ انقلابي پارٽين کي صرف ان لاءِ زنده رکڻ لاءِ چوڻو پاڻي ڏيندا آهن، ته جيئن اهي عوام جي حقيقي دوست پارٽين کي منظم ۽ سگهارو ٿيڻ نه ڏين.
ان سڄيءَ صورتحال ۾ مظلوم ۽ پيڙهيل عوام ۽ سندس گهڻگهرن، تاريخي تجربي مان اها ڳالهه سکي ورتي آهي ته عوام کي اهڙي پارٽي منظم ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي قيادت اهڙن هٿن ۾ هجڻ گهرجي، جيڪا ڦرلٽ واري نظام کي پاڙن کان پٽي، ان جي جاءِ تي ڦرلٽ کان پاڪ ۽ خوشحال سماجي نظام لاءِ حقيقي جنگ وڙهڻ جي قابل هجي. عوام جي حقيقي پارٽي، اصلاحي نه پر انقلابي پارٽي هجي، جيڪا عوام جي سماج اندر صحيح ڪردار جي وضاحت ڪري ۽ کين اهو ٻڌائي ته هو ئي معاشري جي مڙني مادي ۽ ثقافتي قدرن ۽ تاريخي عمل جا خالق آهن. هو کين انقلاب جي حقيقي فائدن ۽ طبقاتي جدوجهد جي قانونن کان واقف ڪرڻ سان گڏ، کين طبقاتي شعور ۽ تنظيم جي فائدن کان متعارف ڪرائي.
دنيا جي مختلف حصن ۾ آيل انقلابن، اتان جي جدوجهدن پورهيت طبقي تي اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته سندن آزادي ۽ خوشحالي صرف ان صورت ۾ ممڪن آهي ته هو منظم ۽ متحد ٿي حاڪم قومن ۽ ڦورو ٽولن کي جدوجهد ذريعي شڪست ڏيئي، سندن پاڙون هميشه لاءِ پٽي ڇڏين. دنيا جي پورهيت طبقي کي تجربن اهو سيکاريو آهي ته کيس پاڻ کي اهڙي طرح منظم ڪرڻو پوندو، جو هو نه صرف پنهنجن تڪڙن يا فوري مفادن جو دفاع ڪري، پر اقتدار جون واڳون ڦورو ٽولن کان کسي پنهنجي هٿ وس ڪرڻ لاءِ مستقل جدوجهد ڪري. مستقل جدوجهد يا ڊگهي ويڙهه لاءِ ضروري آهي ته عوام پنهنجن مفادن لاءِ نمائنده سياسي پارٽي جوڙي، جنهن سان ئي هو، طبقاتي جدوجهد کي منظم ڪري، ان جي رهنمائي ۾ ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو. فقط پورهيت طبقي جي پارٽي ئي عوام کي منظم ڪندي آهي ۽ سندس قيادت ۽ رهنمائي ڪري سگهندي آهي. عوام جيستائين پاڻ کي پنهنجي پارٽيءَ ۾ منظم ۽ متحد نه ڪندو، تيستائين اها پارٽي سندس معاشي ۽ سياسي مفادن جو تخقط ڪري نه سگهندي. ڇاڪاڻ ته انقلابي پارٽي ئي پورهيت طبقي جي شعور کي متحرڪ ڪري، کيس ڦورو ٽولن خلاف جنگ لاءِ تيار ڪندي آهي.
عوام جي حقيقي انقلابي پارٽي ڪيئن هجڻ گهرجي ۽ ان مان ڪيئن خبر پوي ته اها عوام جي سچي ۽ هڏڏوکي پارٽي آهي؟ ان لاءِ ضروري آهي ته پورهيت عوام جي حقيقي انقلابي پارٽي جي مڙني سرگرمين ۽ ڪارڪردگين مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ته هي ئي حقيقي پارٽي آهي. جيڪا پورهيت عوام جي هر اول دستو آهي. ٻين لفظن ۾ اها پارٽي عوام جو اهڙو سڀ کان وڌيڪ باشعور ۽ منظم دستو هجي، جيڪو انقلابي طبقاتي جدوجهد لاءِ عوام جي قيادت ڪري سگهي. ڪنهن به پارٽيءَ لاءِ پاڻ کي پورهيت طبقي جو هر اول دستو قرار ڏيڻ ته آسان ڳالهه آهي، پر حقيقي نموني پورهيت عوام وٽ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ ۽ پاڻ کي حقيقي هر اول دستو ۽ رهنماءُ تسليم ڪرائڻ انتهائي مشڪل ڪم آهي. ان مقصد لاءِ پارٽيءَ کي بي پناهه محنت ۽ بي غرض جدوجهد ڪرڻ گهرجي. پورهيت عوام جي سياسي پارٽي نه صرف پورهيت طبقي مٿان پنهنجي قيادت مڙهي، پر کيس اهڙي نموني ڪم ڪرڻ گهرجي، جيئن عوام جو وڏو تعداد اها ڳالهه تسليم ڪري ته اها پارٽي ئي سندن مقصد ۽ مرادون حاصل ڪري سگهي ٿي.
اهو اعليٰ مقام حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پورهيت پارٽي اهڙين خاص صفتن جي مالڪ هجي، جيڪي کيس ٻين سياسي پارٽين کان ممتاز حيثيت ڏين. انهن وصفن ۾ هي ڳالهيون شامل هجڻ گهرجن. پهريون ته ان پارٽيءَ کي عوام جي ڇوٽڪاري ۽ انقلاب لاءِ سائنسي بنيادن تي ٻڌل پروگرام هجڻ گهرجي ۽ کيس سماجي نشونما ۽ ترقي جي قانونن جي ڄاڻ هجڻ گهرجي. ٻيو ته ان پارٽيءَ کي وقت ۽ حالتن آهر صحيح پاليسيون جوڙڻ ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ جو ڏانءُ هجڻ گهرجي. ٽيون ته ان پارٽيءَ جي اندر نظرياتي ۽ تنظيمي اتحاد موجود هجي، چوٿون ته ان جا عوام سان وسيع ۽ گهرا رابطا ۽ لاڳاپا هئڻ گهرجن، پنجون ته اها پارٽي ۽ سندس قيادت پنهنجي عمل ۽ سرگرمين جو لڳاتار تنقيدي جائزو وٺندي رهي. اسان هيٺ انقلابي پارٽي ۾ منجهه موجود انهن 5 وصفن جو تفصيلي جائزو وٺنداسين.
[b](1) پروگرام يا منشور:[/b]
ڪنهن به انقلابي پارٽيءَ لاءِ عوام منجهه پنهنجون پاڙون پختيون ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جو پروگرام يا منشور وقت ۽ حالتن جي عڪاسي ڪندڙ هجي. اهو پروگرام عوام جي وسيع تر آباديءَ لاءِ قابل قبول هجڻ سان گڏ سندن جذبن ۽ امنگن جي عڪاسي ڪندڙ هجي. سماجي سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪابه انقلابي پارٽي عوام جي قائد، تنظيم ساز ۽ معلم جو ڪردار صرف ان صورت ۾ ادا ڪري سگهندي آهي، جڏهن اها بهتر نظرئي سان هٿياربند هجي. تاريخي ضرورتن سان ٺهڪيل نظرئي سان هٿياربند هجڻ ئي پارٽيءَ کي سماجي اوسر ۽ ترقي جي قانونن جي ڄاڻ ڏيندو آهي ۽ تاريخ جي مختلف مرحلن تي ان کي ان قابل بڻائيندو آهي ته هو ٺوس حالتن جو صحيح اندازو لڳائي، قومي سطح سميت عالمي منظر تي ٿيندڙ صفبندي جي نوعيت معلوم ڪري سگهي. پارٽي ۽ سندس قيادت کي نظريو (پروگرام/منشور) نه صرف اهم ترين واقعن ۽ اٿل پٿل جي عام ڄاڻ مهيا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي، پر هو ان ڳالهه جي قطع نظر ته واقعا ڪهڙو رخ اختيار ڪن ٿا، صحيح پاليسي ٺاهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. پارٽي وٽ صحيح ۽ عوام جي خواهشن پٽاندڙ نظريو، نه صرف ان کي يقيني فتح ڏانهن وٺي ويندو آهي، پر سڄو پورهيت عوام ان کي پنهنجن امنگن ۽ گهرجن جو ترجمان سمجهندي، ان تي اعتماد ڪرڻ ۽ ان پارٽيءَ کي پنهنجو قائد تسليم ڪندي، ان ۾ شامل ٿي جدوجهد ڪرڻ شروع ڪندو آهي.
ڪنهن به انقلابي پارٽيءَ لاءِ نظريو سندس روحاني غذا هوندو آهي، نظرئي کان سواءِ پارٽي صرف هڏ ۽ چم جو هڪ بوتو هوندي آهي. ان جي اصل روح ۽ ترقي لاءِ غذا نظريو هوندو آهي. نظرئي جي روشنيءَ ۾ ئي پارٽي نه صرف نئين معاشري جي تعمير لاءِ پورهيت عوام جي جدوجهد ۾ قائدانه ڪردار ادا ڪندي آهي. پر پارٽي عوام جي همه گير ترقي، تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪندي آهي. پارٽيءَ لاءِ پنهنجن مقصدن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ضروري هوندو آهي ته هوءَ پنهنجي سرگرمين ۾ نظرياتي سرگرمين کي اوليت جي حيثيت ڏئي. ڇاڪاڻ ته ظلم ۽ ڦرلٽ جو خاتمو ۽ هڪ نئين معاشري جي تشڪيل خودبخود ترقيءَ جي نتيجي ۾ نه ٿيندي آهي، پر ان لاءِ ضروري آهي ته پارٽيءَ جي رهنمائي ۾ شعوري سرگرميون ڪيون وڃن. ڪنهن به انقلابي پارٽي لاءِ ضروري هوندو آهي ته هوءَ پنهنجي سياسي ۽ تنظيمي سرگرمين جي علمي بنيادن کي مسلسل وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ نظرياتي اصولن جي تخليقي اوسر جي ڪم کي اوليت ڏيندي رهي.
انقلابي پارٽين لاءِ نظريو اهو هٿيار هوندو آهي. جنهن سان نه صرف انهن پارٽين ۾ ظالمن ۽ ڦورن خلاف ڪامياب جدوجهد هلائڻ لاءِ سگهه پيدا ٿيندي آهي. پر ان پارٽيءَ کي اها ڳالهه به معلوم ٿيندي آهي ته وقت جي تقاضائن کي ڪيئن منهن ڏنو وڃي ۽ پارٽيءَ کي ڪيئن منظم ڪيو وڃي. نظرئي سان ئي پارٽي عوام کي طبقاتي جدوجهد ۽ تنظيم جي اصولن جي ڄاڻ سان آراسته ڪندي آهي ۽ اهڙي قيادت فراهم ڪندي آهي، جيڪا نه صرف پنهنجيءَ نجات ۾ دلچسپي رکندڙ هوندي آهي، پر اها سڄي پورهيت عوام جي نجات ۾ گهري دلچسپي رکندي آهي ۽ سندس نجات کان سواءِ خود پنهنجو ڇوٽڪارو به ناممڪن سمجهندي آهي.
ڪنهن به انقلابي پارٽيءَ لاءِ انهن حدن جو تعين ڪرڻ، جن جي تڪميل لاءِ اها عوام کي سڏ ڏئي رهي آهي، نظرئي سان هٿياربند هجڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته صحيح ۽ حالتن پٽاندڙ نظرئي جي طاقت سان ئي اها انهن حدن جي حاصلات ۽ طريقيڪار کي واضع ڪري سگهي ٿي. جدوجهد دوران پنهنجن دوستن جي سڃاڻپ ڪري، پنهنجي طاقت ۽ قوت ۾ اضافو ڪري سگهي ٿي.
پارٽيءَ جي پروگرام يا مقصدن بابت ڪامريڊ لينن چيو آهي ته؛ ”پورهيت عوام جي اهڙي پارٽي هجڻ گهرجي، جنهن جو اهو مقصد نه هجي ته اها سماج جي سڌاري لاءِ نفيس رٿابندي، تياري يا عوام جي حالت سڌارڻ لاءِ تبليغ ڪري ۽ نه ئي ان جو اهو مقصد هجي ته هو سازشون تيار ڪري. پر انقلابي پارٽيءَ جو فرض هجي ته اها پنهنجي جدوجهد کي منظم ڪري، ان راهه تي هلائي، جنهن جو آخري مقصد اهو هجي ته مظلوم عوام اندرين ۽ ٻاهرين غلاميءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ۽ اقتدار جون واڳون پنهنجي هٿن ۾ حاصل ڪري.“
[b](2) صحيح پاليسيون جوڙڻ:[/b]
پورهيت عوام جي پارٽيءَ لاءِ صحيح ۽ حالتن جي گهرج موجب نظرئي بعد ان کي عوام تائين پهچائڻ ۽ وٽن قابل قبول بنائڻ لاءِ صحيح پاليسين ۽ حڪمت عملين لاڳو ڪرڻ جو ڏانءُ اولين حيثيت اختيار ڪري وڃي ٿو. پارٽيءَ کي پورهيت عوام جي مفادن سان ٺهڪندڙ درست پاليسيءَ کي اهڙي طرح لاڳو ڪرڻ گهرجي، جو نه صرف عوام جي سمجهه ۾ اچي پر عوام ان سان پنهنجائپ جو اظهار ڪري. صحيح پاليسيون ئي عوام وٽ پارٽيءَ جي ڪردار، وقار ۽ احترام کي وڌائينديون آهن. ڪابه پارٽي ايستائين صحيح پاليسيون جوڙي نه ٿي سگهي، جيستائين ان کي ٻاهرين ۽ اندرين صورتحال جو صحيح تجزيو ڪرڻ جي سگهه نه آهي. ڇاڪاڻ ته نتيجن حاصل ڪرڻ لاءِ بهتر نظريا ۽ خواهشون ڪافي نه هونديون آهن، پر ان لاءِ اهو ڄاڻڻ به ضروري هوندو آهي ته عوام جا جذبا ڪهڙا آهن ۽ سندن شعور جي سطح ڪيتري مٿانهين آهي. جيڪڏهن عوام جي جذبن کان لاپرواهه ٿي يا سندن شعور جي ابتڙ يا انهن کان مٿانهان فيصلا يا رايا عوام مٿان مڙهيا ويا ته اهي ڪيڏي به سچائي ۽ قوت رکندي به عوام وٽ مقبوليت حاصل نه ڪري سگهندا. پؤ اهڙا فيصلا پاڻ منجهه آفاقي سچائي رکندي به عوام وٽ جاءِ حاصل ڪرڻ بدران خلائن ۾ پرواز ڪندا رهندا.
ان ڪري انقلابي پارٽين لاءِ ضروري هوندو آهي ته هو حالتن جي گهرج آهر ۽ عوام جي خواهش پٽاندر پنهنجيون پاليسيون جوڙين. پنهنجين پاليسين جو هميشه جائزو وٺنديون رهن ۽ حالتن پٽاندر انهن ۾ تبديليون ڪنديون رهن. پارٽين کي پنهنجن عملن جي ڪاميابيءَ ۽ ناڪاميءَ جو ٻنهي صورتن ۾ جائزو وٺڻ گهرجي. هو جيڪو ڪجهه حاصل ڪن، اهو بنا ڪنهن هٻڪ، عجز ۽ انڪساريءَ يا مبالغي کان ڪم وٺڻ جي عوام تائين پهچائين. ائين ڪرڻ سان پارٽيون، غلطين کان پاڪ پاليسيون جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهنديون ۽ عوام انهن کي قبول ڪرڻ ۽ سندن ساٿ ڏيڻ تي رضامند ٿي سگهندو. هيل تائين بهتر پروگرام رکڻ جي باوجود، پارٽين جو عوام وٽ مقبول نه هجڻ جو واحد سبب، سندن پاليسين جو وقتائتو نه هجڻ ئي رهيو آهي. پوءِ اهي پارٽيون، پنهنجن پاليسين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بدران، هميشه عوام کي ڏوهي قرار ڏينديون رهيون آهن. نتيجي ۾ عوام به انهن کي پنهنجو ڪرڻ کان انڪاري رهيو آهي.
[b](3) پارٽيءَ اندر نظرياتي ۽ تنظيمي اتحاد[/b]
ڪنهن به پارٽيءَ جي اوسر ڪرڻ ۽ پاڻ کي عوام منجهه سگهارو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي اندر نظرياتي ۽ تنظيمي اتحاد هجي. ڇاڪاڻ ته جيستائين پارٽي پاڻ نظرياتي ۽ تنظيمي طور تي متحد نه هوندي، اها نه ته عوام کي متحد ڪري سگهندي ۽ نه وري سندن قيادت ڪرڻ جي اهل هوندي.
پارٽي، ماڻهن جي ان گروهه جو نالو هوندو آهي، جيڪي پاڻ ۾ نظرياتي طور تي هم خيال يا هم راءِ هوندا آهن. پارٽي صرف انهن ماڻهن کي پاڻ منجهه منظم ۽ متحد ڪندي آهي، جن ۾ مخصوص نظريو ساڳيو هجي ۽ ان لاءِ جدوجهد ڪرڻ جا خواهشمند هجن. جيڪڏهن پارٽيءَ جي نالي ۾ ڪٺي ٿيل انبوهه وٽ ڪا طئه ٿيل هڪڙي واٽ يا مقصد نه هوندو آهي ته اهو انبوهه ڪابه سرگرمي ڪري نه سگهندو آهي. يا جيڪڏهن پارٽيءَ جي نالي ۾ منظم ٿيل جٿي وٽ پنهنجي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا هڪ راءِ يا پروگرام نه هوندو ۽ هر ڪنهن جا پنهنجا خيال، رايا يا پروگرام هوندا آهن ته اهڙي پارٽي صرف اندروني ٽڪرائن ۽ ڪشمڪش ۾ پنهنجي توانائي ضايع ڪندي رهندي آهي ۽ پنهنجي منزل ماڻي نه سگهندي آهي. ڇاڪاڻ ته نظرياتي اتحاد ۽ يگانيت کان سواءِ پارٽي هڪ اهڙي رڍ وانگر هوندي آهي، جيڪا چرڻ ته چاهيندي آهي، پر کيس اها خبر نه هوندي آهي ته ڪهڙي طرف چُري ۽ ڇو چُري. ڪامريڊ لينن چيو آهي ته؛ ”جنهن تنظيم جو بنياد اصول تي قائم نه ڪيو ويندو آهي، اها بي معنيٰ هوندي آهي.“ ڇاڪاڻ ته اجتماعي طور تي ڪيل فيصلن تي ئي پارٽي پرعزم نموني جدوجهد ڪري سگهندي آهي.
پارٽيءَ کي گروهي تنگ نظرين، سرڪشين ۽ بي بنياد مؤقفن کي سگهه بخشيندڙ ميمبرن تي هميشه سخت نظر رکڻ گهرجي ۽ اهڙن ماڻهن کان چوڪس ٿيڻ گهرجي، جيڪي آزاد خياليءَ جي نعري هيٺ پارٽي ۾ نظرياتي انتشار ڦهلائڻ گهرن ٿا ۽ ان کي نظرياتي ڇڪتاڻ جو آزادانه عمل قرار ڏيندي پارٽي جي نظرياتي وحدت کي نقصان رسائين ٿا. پورهيت پارٽين جي اندر اهڙا ماڻهو موجود هوندا آهن، جيڪي پارٽيءَ ۾ نظرياتي اتحاد جي مخالفت ڪندا آهن ۽ پارٽيءَ جي اندر بحث ۽ مباحثي جي آزاديءَ ۽ تنقيد جي اهڙي تشريح پيش ڪندا آهن، جنهن هيٺ پارٽيءَ اندر آزادانه نموني پنهنجا مؤقف رکڻ ۽ ان مؤقف جي دفاع لاءِ گروهه بنديون پيدا ڪرڻ جا عمل شامل هوندا آهن. اهڙن ماڻهن وٽ پارٽيءَ جي پروگرام کان الڳ پنهنجا پروگرام ۽ منشور هوندا آهن. هو پاڻ کي پارٽيءَ جي اڪثريت جي فيصلن جي تابع نه سمجهندا آهن. اهو اهڙي نظرياتي آزادي جا قائل هوندا آهن، جيڪا انتشار جي علامت هوندي آهي. جيڪڏهن اهڙن ماڻهن تي ضابطو نه ڪيو ويو ته هو پارٽيءَ جي سرگرمين کي مفلوج ڪري، پارٽي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندا آهن.
ڪارڪنن کي پارٽي جي اجلاسن اندر بحث دوران، مرڪزي قيادت ۽ پارٽي ڪارڪنن جي اڪثريت سان اختلاف رکڻ جو ته حق هوندو آهي. پر اڪثريت راءِ سان ٿيل فيصلن بعد انهن فيصلن تي عمل نه ڪرڻ، انهن خلاف ٻاهر وڃي ڪم ڪرڻ يا انهن فيصلن کي شڪست ڏيارڻ يعني پنهنجي مؤقف کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ شعوري طور تي انهن فيصلن جي شڪست لاءِ ڪم ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه هوندي آهي. پارٽي اندر ڪنهن به گروهه طرفان اهڙيون ڪوششون، پارٽي ڊسيپلين جي خلاف ورزي هوندي آهي. پارٽيءَ کي اهو حق هوندو آهي ته هو اهڙن مڙني گروهه پرستن ۽ منحرفن خلاف سخت جدوجهد ڪري، کين يا ته سڌي راهه تي آڻي يا کين پنهنجن صفن مان تڙي ڪڍي ڇڏي. اهڙن ماڻهن کي پارٽي مؤقف جي مخالفت لاءِ پارٽي جو نالو استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. پارٽي جيڪڏهن اهڙن ماڻهن کي خارج نه ڪيو، جيڪي پارٽيءَ جي نظرين جي ابتڙ نظرين جي وڪالت ڪن ٿا ته پارٽي اڳتي هلي لازمي طور ٽٽي ويندي. اها پهريان نظرياتي اعتبار کان ٽٽندي ۽ بعد ۾ تنظيمي اعتبار کان به ٽٽي ويندي.
پورهيت پارٽين لاءِ صرف نظرياتي اتحاد ئي ڪافي ناهي هوندو. پر پارٽيءَ جي اوسر ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي ته سندس نظرياتي اتحاد کي تنظيمي اتحاد جي ٽيڪ مليل هجي. ڇاڪاڻ ته جيستائين پارٽي تنظيمي طور تي مضبوط ۽ سگهاري نه آهي، تيستائين صحيح نموني عوام جي قيادت وارو ڪردار پُروقار نموني سان ادا ڪري نه سگهندي. پورهيت پارٽيءَ جي تنظيمي زندگي منظم هجي ۽ اهڙن مستحڪم قدرن ۽ اصولن تي قائم هجي، جنهن جا سڀ پارٽي ميمبر پابند هجن. سخت پارٽي نظم ۽ ضبط ئي فيصلن تي صحيح نموني عمل ڪرائي سگهي ٿو. پارٽي ۽ سندس ميمبر جو پاڻ ۾ رشتو ائين هجي جو پارٽي پنهنجي هر ميمبر جي ذميواري پاڻ تي کڻي ۽ ساڳي طرح ان جو هر ميمبر پارٽيءَ جي ذميواري پاڻ تي کڻي. ڪارڪنن لاءِ لازمي هجي ته هو اڪثريت جا فيصلا تسليم ڪن، کين مٿين سطح جي فيصلن جو پابند رهڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح سندن قيادت کي هيٺيان کان آيل فيصلن جو پابند رهڻ گهرجي ۽ اها پارٽي ڪارڪنن ڏانهن جوابده هجي. تنظيمي وحدت نالو ئي قيادت جو ڪارڪنن ڏانهن ۽ ڪارڪنن جو قيادت ڏانهن جوابده هجڻ آهي.
ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پارٽي هڪ رضاڪارانه اجتماع جي حيثيت رکندي آهي. پر ان جا ميمبر توڙي قيادت پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي مٿان ڪجهه پابنديون قبول ڪندي آهي. انهن پابندين ۾ اهو شرط به لاڳو هوندو آهي ته هو پارٽي پروگرام، قائدن ۽ ضابطن جي سختيءَ سان پابندي ڪندا. جيڪڏهن انهن اصولن تي عمل نه ڪيو ويندو ته پارٽي هڪ وحدت جيان قائم رهي نه سگهندي ۽ نه ئي پنهنجي ڪنهن فيصلي تي عمل ڪرائي سگهندي. جيڪڏهن پارٽي اندر نظم ۽ ضبط نه هجي ته اها صرف گپشپ ۽ بڪواس ڪندڙن جي هڪ ڪلب بڻجي ويندي.
پارٽي جي ڪارڪنن جو ڪردار، نظم ۽ ضبط کين عوام وٽ مقبول بڻائيندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻاهر جا ماڻهو پارٽي جي ڪارڪنن جي عملن ۽ ڪردار جي ئي بنياد تي پارٽي کي سٺو يا خراب سمجهندا آهن. ان ڪري پارٽي ڪارڪنن ۽ قيادت کي روزمره جي ڪمن ۾ پنهنجي عمل ۽ ڪردار جو زنده مثال پيش ڪرڻ گهرجي.جيئن عوام سندن اتحاد کي ڏسي متحد ٿيڻ شروع ٿئي ۽ سندن عملن کي ڏسي پاڻ عمل ڪرڻ تي آماده ٿئي.
[b](4) پارٽي جا عوام سان گهاٽا لاڳاپا هجڻ گهرجن[/b]
پورهيت انقلابي پارٽي صرف ان صورت ۾ معاشري جي انقلابي تشڪيل ۽ تعمير ۾ ڪاميابي سان قائدانه ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، جڏهن کيس عوام جي مڪمل حمايت حاصل هجي. ڇاڪاڻ ته عوام تاريخ جو خالق آهي ۽ هو ئي انقلاب آڻي سگهي ٿو. پارٽيءَ کي انقلاب لاءِ عوام کي متحد ۽ منظم ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته عوام جو وڏو تعداد صرف ان صورت ۾ توازن پنهنجي حق ۾ ڪري سگهي ٿو، جڏهن اهو متحد هجي ۽ علم سندس قيادت ڪري. عوام کي علم پارٽي ئي مهيا ڪندي آهي ۽ جدوجهد جي طور طريقن کان واقف ڪندي آهي. جڏهن پارٽي عوام جي تعليم ۽ ترتيب ڪندي آهي ته کيس عوام جي وڏن حلقن جي حمايت ۽ مدد حاصل ٿيندي ويندي آهي.
پارٽي عوام وٽ تڏهن پاڻ کي مڃائي سگهندي آهي، جڏهن هڪ ته هو ان سان مسلسل گهرن لاڳاپن ۾ هوندي آهي، ٻيو ته انهن جي مسئلن ۽ ضرورتن کي خود پنهنجا مسئلا ۽ ضرورتون سمجهندي انهن لاءِ جدوجهد ڪندي. ان ئي صورت ۾ پارٽيءَ کي عوام جو اعتماد حاصل ٿيندو آهي. ظاهري ڳالهه آهي ته پارٽيءَ تي عوام جو اعتماد اهڙي شي ناهي، جيڪو کيس هڪ دفعو حاصل ٿيڻ بعد هميشه حاصل رهي. پورهيت عوام جي شعور ۽ جذبن تي داخلي ۽ خارجي اثر پوندا رهندا آهن. مٿن سندن دوستن ۽ دشمنن جا نظرياتي اثر پوندا آهن. ان لاءِ ضروري آهي ته پارٽي عوام منجهه پنهنجو اعتماد برقرار رکڻ لاءِ لڳاتار ساڻن گهري لاڳاپي ۾ هجي ۽ سندن تربيت ڪندي رهي. پارٽيءَ کي عوام ۾ ڪم ڪرڻ وقت، انهن جي جذبن کان آگاهي حاصل هجي ۽ کيس ڄاڻ هجي ته عوام سندس ڏنل پروگرام کي سمجهڻ ۽ ان کي قبول ڪرڻ لاءِ ڪيتري قدر تيار آهي. ان ڳالهه جو مقصد صرف اهو ناهي ته پارٽي فقط عوام جي تقليد ڪندي رهي ۽ خاموشي سان انهن جي نظرياتي ۽ سياسي پختگيءَ جي سطح کي ڏسندي، ان عوامي شعور منجهان پنهنجي راهه ٺاهي، پر انقلابي پارٽي جو اهو به ڪم هوندو آهي ته اها عوام جي قيادت ڪري. کيس قيادت ڪرڻ وقت صرف پنهنجن تجربن ۽ ڄاڻ تي نه ڀاڙڻ گهرجي، پر عوام جي تجربن مان به سکڻ گهرجي. کيس عوام جي هر ڳالهه ٻڌڻ گهرجي ۽ سندن مشورا قبول ڪرڻ گهرجن. پورهيت عوام جي انقلابي جدوجهد ۾ پارٽي جو ڪردار، عوام سان پارٽيءَ جي ڳانڊاپي ۾ لڪل هوندو آهي. ان جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو آهي ته پارٽي ڪهڙي حد تائين عوام جي شعوري سرگرمين ۽ توانائين کي منظم ڪرڻ، سنوارڻ ۽ ان کي سياسي رهنمائي فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
پارٽيءَ لاءِ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اها عوام تي ڀروسو ڪري ۽ عوام مٿس اعتماد ڪندي، ان جي حمايت ڪري. عوام منجهه پارٽي صرف انهن مضبوط بنيادن تي قائم ٿي سگهي ٿي. پارٽي پنهنجن سرگرمين سان عوام ۾ اهو احساس جاڳائي ته انقلاب خود سندن مفاد ۾ آهي ۽ ان جي ڪاميابي به سندن هٿن، ذهن ۽ ارادي جي محتاج آهي.
[b](5) پنهنجي عمل جو تنقيدي جائزو وٺڻ[/b]
پورهيت عوام جا دشمن ۽ سندن پگهاردار ٽولا، تجربيڪار، طاقتور ۽ چالاڪ آهن. جيڪڏهن هو شڪست کائيندا آهن ته به عوام جي طاقت کي ٽوڙڻ ۽ تباهه ڪرڻ جي مسلسل ڪوشش ۾ مصروف هوندا آهن. هو انقلابي پارٽين جي هر ننڍي وڏي غلطي مان فائدو حاصل ڪرڻ ۽ عوام ۾ پارٽي جي اثر ۽ رسوخ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ان تي عوام جو اعتماد ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. عوام جي حقن ۽ نجات لاءِ جدوجهد ڪندڙ پارٽيءَ ۽ ان جي قيادت کان به غلطيون ٿي وينديون آهن. ان ڪري انقلابي پارٽين ۽ سندن قيادت لاءِ اها ڳالهه اهم آهي ته اهي لڳاتار پنهنجن غلطين جو تجزيو ڪن ۽ ان مان سبق حاصل ڪن. پارٽين کي پنهنجن حاصلاتن ۽ فتحن جي ڏس ۾ مبالغه آرائي کان ڪم وٺڻ نه گهرجي. پر ماضي جي مڙني ڪمن ۽ تجربن جو تنقيدي جائزو وٺڻ گهرجي، ته جيئن وقت گذرڻ سان گڏ نه صرف ننڍيون غلطيون دور ڪري سگهجن، پر اهي ڪٺي ٿي اهڙا پهاڙ نه بنجي وڃن، جن جو ازالو يا ته مشڪل ٿي وڃي يا ازالو ڪرڻ جو وقت ئي گذري وڃي.
انقلابي پارٽين کي ڪيتريون ئي سوڀون حاصل ڇو نه ٿين پر پوءِ به سندن ڪارڪنن ۽ قيادت کي خوشفهميءَ ۾ مبتلا ٿي، هٿ تي هٿ رکي وهڻ نه گهرجي، پر لڳاتار جدوجهد کي جاري رکڻ گهرجي. پنهنجن فتحن تي ناز ڪرڻ ۽ ناڪامين تي شرمسار ٿيڻ بدران پنهنجي سرگرمين جو تنقيدي جائزو وٺڻ گهرجي ۽ پاڻ منجهان ڪچايون ڦڪايون دور ڪري، ٻيهر جدوجهد لاءِ تياري ڪرڻ گهرجي. پنهنجن غلطين جو کلي دل سان اعتراف ڪرڻ گهرجي. ان اعتراف سان پارٽيءَ جو وقار مجروح نه ٿو ٿئي، پر ان جي ابتڙ ان جو احترام ويتر وڌي وڃي ٿو ۽ عوام ان تي وڌيڪ اعتماد ڪرڻ شروع ڪري ٿو. ان ڪري انقلابي پارٽين کي پنهنجن غلطين ۽ خامين کي آڏو آڻي، انهن جو تدارڪ ڪرڻ گهرجي. کيس پنهنجي ڪمزورين کان خوفزده ٿيڻ نه گهرجي، پر انهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪونه ڪو رستو ڳولهڻ گهرجي.
پارٽين جي اندر تنقيد ۽ خود تنقيد، هر شخص جو حق ۽ فرض هوندي آهي. ڪارڪنن ۽ قيادت کي خود تنقيدي جذبي کي اپنائڻ گهرجي ۽ خامين ڏانهن غير مصالحانه رويو اختيار ڪرڻ گهرجي. ڪنهن به قيمت تي درگذر ڪرڻ وارو رويو پارٽين لاءِ نقصان ڏيندڙ ثابت ٿيندو آهي. پارٽين کي تنقيد کي دٻائڻ يا وري تنقيد ڪندڙن جي تذليل ڪرڻ وارن ماڻهن جو سخت احتساب ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ضروري ٿئي ته کين پارٽي مان ئي ڪڍيو وڃي.
پارٽين يا ان جي ادارن اندر تنقيد مان اها ڳالهه ظاهر ٿيڻ گهرجي ته تنقيد جو بنياد خامين کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ صورتحال کي بهتر بنائڻ تي ٻڌل آهي. جيستائين خود تنقيد جو واسطو آهي ته ان جو اظهار عملي سطح تي ٿيڻ گهرجي ۽ اها خبر پوڻ گهرجي ته اهو شخص يا پارٽي خامين دور ڪرڻ لاءِ عملي طور تي تيار آهي يا صرف زباني ۽ لفاظي ڪري رهي آهي.
پارٽين اندر اهڙن نقادن جي به حوصله شڪني ڪرڻ گهرجي، جيڪي هر ننڍي وڏي ڳالهه کي وڌائي چڙهائي پيش ڪن ۽ هو فردن جي غلطين کي سڄي پارٽيءَ سان منسوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. يا ڪنهن پاليسيءَ کي لاڳو ڪرڻ دوران ٿيل غلطين کي خود پاليسيءَ جي غلطي ڪوٺين. اهڙا نقاد، اصل ۾ پاڻ کي ته پارٽين جا وفادار چوائيندا آهن، پر اصل ۾ اهي پارٽي جا گهڻ گهرا نه هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته هو پاڻ ته عمل نه ڪندا آهن. پر عمل ڪندڙ ماڻهن تي بيجا بهتان بازيون ۽ تنقيديون ڪندا آهن ۽ اهڙن ماڻهن جي تنقيد جو مقصد تعمير نه پر تخريب هوندو آهي.