باب پهريون
انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي معاشي حالت به انتهائي خراب هُئي، ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن جو راڄ هو، جنهن ڪري بدامني چوٽ چڙهيل هُئي، حملا ڪري واپارين ۽ مڇي ماني وارن ماڻهن کي اغوا ڪري ٿي ويا. ماڻهون ٻهراڙيون ڇڏي شهرن جو رُخ ڪري رهيا هُئا، جنهن ڪري ڌاڙيل به شهرن مان به ڪونه ٿي مُڙيا. ايم آر ڊي تحريڪ جي تيزيءَ کان پوءِ سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۾ پڻ وڏو اضافو ٿيو هو. جنهن سبب ٻهراڙيءَ ۾ روزگار جا وسيلا گهٽجڻ ڪري شهرن تي بار وڌي رهيو هو. ۽ بيروزگاري ۾ پڻ اضافو وڌندو ٿي ويو. ۽ اهو ئي عذاب هي چار يار به پچائي رهيا هُئا.
واندڪائي ۾ سڀ کان وڌيڪ سستي ۽ سولي تفريح هوٽل تي ويهي چانهن پيئڻ هجڻ ڪري هي چارئي يار اڪثر ڪري هوٽل تي ويٺا هوندا هُئا. هوٽل تي ويٺي، چانهن جون سرڪيون ڀريندي دوستن سان جڏهن خالد اهو اظهار ڪيو ته هاڻي هو نوڪري ۽ پنهنجو ڪاروبار کولڻ کان مايوس ٿي ويو آهي جنهن ڪري هن مزدوري ڪرڻ جي سوچ رٿي آهي، خالد جي ان ڳالهه تي دوستن مٿس ٽهڪ ڏنا ۽ چيائونس ته اڙي! جيڪڏهن توکي مزدوري ئي ڪرڻي هُئي ته پوءِ هيڏا ڪشالا ڪٽي پڙهئين ڇو!؟ دوستن جي اهڙي ٽوڪ خالد کي پريشان ڪري ڇڏيو ۽ پهريان ته منجهي پيو ته کين ڪهڙو جواب ڏئي پوءِ ٿورو سوچي کين چيائين ته پڙهبو رڳو نوڪري ڪرڻ لاءِ ته ناهي. تعليم انسان ۾ شعور ۽ سمجهه وڌائيندي آهي ۽ انسان ۾ حقيقي معني ۾ جيئڻ جي سگهه پئدا ڪندي آهي. ان ڪري هن تعليم پرائي ڪو ڏوهه ته ناهي ڪيو ۽ نه ئي وري مزدوري ڪرڻ کي ڪو عيب سمجهي ٿو. ان ڪري پڪو پهه ڪيو اٿم ته هاڻي مزدوري ڪبي. خالد پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي چيو. خالد مزدوري ڪرڻ جو ارادو ته ڪيو پر وري خيال آيس ته مزدوري ڪري ته ڪهڙي ڪري؟ ڇولا، ٻارڙن لاءِ ٽافيون، کٽمٺڙا، مڪئي به پنهنجي چوڪ تي وڪرو ڪري چُڪو هو، انهن جي وڪري ۾ به ته ڪو خاص فائدو نه ٿيو هيس، جنهن سان هن جي زندگيءَ جو گاڏو گهلجي سگهي. انهن ئي سوچن ويچارن ۾ زندگيءَ جا پل يارن سان هوٽل تي ويهندي، شهر جون گهٽيون ماپيندي ۽ سئنيما تي فلمون ڏسندي گذري رهيا هُئس، چئني يارن کي فلمن جو وڏو خفت هوندو هو، وڏي رش هوندي هُئي ان وقت سئنيمائن تي. ڪڏهن ڪڏهن ٽڪيٽ بليڪ تي ملندي هُئي، شهري ڇوڪرا هجڻ باوجود به سلطان راهي ۽ مصطفي قريشي جي مار ڌاڙ سان ڀريل فل ايڪشن فلمون ڏسڻ جو شوق سڄي اصل ڳاٽي تي چڙهيل هين، ٽڪيٽ جا اڪثر پئسا اقبال ڀريندو هو ۽ وري ڪڏهن ڪڏهن احمد به ٽڪيٽ وٺن جي غيرت ڪري وجهندو هيو، باقي امتياز ۽ خالد ٻئي انهن جي مٿان چٽي هوندا هئا، انڪار به نه ڪري سگهندا هُئا، ڇاڪاڻ ته ننڍي لاڪر جا يار هئا، گڏ پڙهيا، گڏ رانديون ڪيون هُين، جنهن ڪري هنن جي بي حساب سنگت هُئي، انهن ڏينهن ۾ سئنيمائن جي حالت به سُٺي ڪانه هوندي هُئي، ڀڳل ٽٽل بئنچون هال ۾ پيون هونديون هيون، ان ڪري ماڻهن کي يا ته هيٺ ويهڻو پوندو هو يا وري ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ بيهي فلم ڏسبي هُئي ۽ انجمن کي غنڊن کان بچائڻ لاءِ جڏهن سندس هڪ سڏ تي سلطان راهي پنهنجي گهوڙي کي ڊوڙائيندو اُتي پهچندو هو ته سئنيما هال سيٽين سان وڄي اٿندو هو يا وري فلمن ۾ قلندر جي ڌمال تي پڻ وڏو رونشو مچندو هو، دوستن سان گڏجي ڌمال به هڻندا هئا ته مصطفيٰ قريشيءَ جي اسٽائيل ۾ ”نوان آيائين سوڻيا“ جو ڊائيلاگ اچاريندي پيا دل وندرائيندا هئا ۽ ائين زندگيءَ جا ڏينهن پيا رولاڪين ۾ گذاريندا هُئا، پر ڪيستائين.........! پڙهائيءَ کان پوءِ سڄو سال بيروزگاريءَ جا ڌڪا کائڻ کانپوءِ مائٽن به هٿ ڪڍي ورتن ۽ سڌو چئي ڇڏيائون ته وڃي پنهنجي ڪم جي ڪريو. اسان ۾ هاڻي توهان کي تاتڻ جي سڪت ناهي.
مائٽن هٿ ڇا بند ڪين، هاڻي ته هوٽل تي چانهن پيئڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن سگريٽ وٺي سوٽو هڻڻ جيترا پئسا به کيسي ۾ نه هين. اها حالت رڳو هڪ خالد سان نه هُئي پر سندس ٽنهي يارن اقبال، احمد ۽ امتياز سان به هُئي، چئني ڄڻن جي حالت ڄڻ هڪجهڙي هئي، هڪ ئي ڪهاڻي جا چار ساڳيا ڪردار بڻجي پيا هئا، جنهن ڪري هڪ ٻئي کي پيا چيڙائيندا هُئا ۽ وري ٽهڪ ڏئي، پنهنجي مايوسيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
اهو آچر جو ڏينهن هو، هلڪي هلڪي ٿڌ جي موسم هُئي ۽ آسمان تي ڪڪرن جي گهنگهور گهٽا چانيل هُئي ۽ ان مان هلڪي بوندا باندي برسي رهي هُئي، جسم تي ٿڌڙيون ٿڌڙيون بوندون ڪري رهيون هيون ته ڏاڍو لطف پئي محسوس ٿيو، چارئي دوست رستي تي هلي رهيا هئا، هيٺائين چوڪ کان نڪتا ۽ حبيب چوڪ کان ٿيندا، الڪوثر چوڪ ۽ پوءِ پڊعيدن روڊ ورتن. اوچتو خاموشيءَ کي ٽوڙيندي احمد چيو ته يار اڄ موسم ڏاڍي ڀلي آهي، ان ڪري هلو ته هلي گنوءَ جا پڪوڙا کائون، خالد به يڪدم ها ڪئي ۽ امتياز چيو ته پڪوڙا برساتي موسم ۾ ڏاڍو مزو ڏيندا ۽ پوءِ هلي ٿا، بينظير هوٽل تي چانهن پيون.
نوشهري جي گنوءَ جا پڪوڙا ڏيهان ڏيهه مشهور هُئا ۽ پڪوڙن جي خريداري لاءِ گنوءَ جي اسٽال (جيڪو حبيب چوڪ تي حبيب بئنڪ آڏو هو) وٽ ماڻهن جون قطارون هونديون آهن ۽ پڪوڙا وٺڻ لاءِ ڪڏهن ته قطار ۾ بيهڻو پوندو آهي.
گنوءَ جي ڳالهه کلڻ تي امتياز چيو ته پڪوڙن جي ڪري ڄڻ گنوءَ جا ڀاڳ کُلي پيا آهن، ڪلهه ڪلهوڪو ڏينهن آهي اهو گنو جيڪو ڇولن جو ٿالهه کڻي صبح جو گهران نڪرندو هو ۽ شام جو اڌ ٿالهه به نه کپائي سگهندو هو، تنهن کي ڪنهن پڪوڙا ٺاهڻ جي صلاح ڏني، ڄڻ ان غريب جو ڀاڳ کُلي پيو هو، گهر جي برسات ۾ ٽمندڙ ڇت هاڻي ماشاءَالله پڪي ۽ گهر بنگلي جهڙو اٿس، تڏهن ته چوڻي آهي ته ”ڀاڳ ڏئي ڀيڙو، ته دال مان سيرو“. امتياز ڳالهه جاري رکندي وڌيڪ دوستن کي ٻڌايو ته شهر ۾ اها ڳالهه هر وات ۾ آهي ته گنوءَ غريب تي رب راضي ٿيو آهي. تنهن ڪري ته سندس پڪوڙا مشهور ٿي ويا آهن، پر اهو ڪنهن جي واتان به ڪونه ٻڌم ته اصل ان منزل تي پهچڻ لاءِ ويچاري گنوءَ ڪيڏي نه محنت ۽ جستجو ڪئي آهي. سردي ته وري به ٺيڪ آ, پر سخت گرميءَ ۾ پڪوڙا تريندي سندس جسم پچي پوندو آهي، سندس جسم تي ڇهنڊڙا نڪري پوندا آهن, جنهن مان کيس سخت تڪليف ٿيندي آهي، بخار جا آڙاهه هوندي به گنو ويچارو سموريون تڪليفون برداشت ڪندي به پلٿي ڀڃيو ويٺو پڪوڙا تريندو آهي. سڀئي دوست امتياز جي ڳالهه سان متفق هُئا، پر امتياز جي ڳالهه سندن پڪوڙا کائڻ جو شوق گهٽائي نه سگهي.
هنن گنوءَ جا پڪوڙا کائڻ لاءِ پلان ٺاهيو پئي ته اقبال دانهن ڪندي چين ته اڙي! پلان ته ٺاهيو ويٺا رڳو کائڻ پيئڻ جا..... کيسي ۾ ڪو ٽڪو پئسو به اٿو يا رڳو هڪ ٻئي جي آسري ۾ آهيو. اقبال جي اهڙي جملي تي سڀئي هڪٻئي ڏانهن ان اميد ڀرين نظرن سان ڏسڻ لڳن ٿا ته من ڪو چوي ته مون وٽ پئسا آهن، توهان ڪا پرواهه نه ڪيو، پر سڀني جو ڀيلو منهن ڏسي مايوسي ٿين ۽ وري اقبال چيو ته لڀي کيسي ۾ ٽڪو به ڪونه ... مڙسن جي آ ٽوپي نراڙ تي.. اقبال جي اهڙي جملي ته ڄڻ سڀني تي سڪتو طاري ڪري ڇڏيو، ڪير ڪُڇي، هجي ڪنهن جي کيسي ۾ ٽڪو پئسو، ته کڻي خاموشي ٽوڙي ڪو حام هڻي، پر سڀني جي حالت ساڳي هُئي ۽ چارئي مايوس نظرن سان هڪٻئي ڏانهن ڏسندا ئي رهجي ويا.
جوان هوندي به پاڻ کي ڏاڍو بي وس محسوس ڪيو هين، چهرن تي مايوسي ۽ ٽهڪن بجاءِ خاموشي ڇائنجي وئي، چار ئي دوست روزاني ريت کان هٽي منهن ڀيلڙا ڪري هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ، ٽهڪ ڏيڻ کانسواءِ رستي تي هلي رهيا هئا، برساتي موسم ۾ به هنن لاءِ ماحول ڄڻ سوڳوار هو، ڪو مزو ئي نه ٿي آين ۽ چارئي مهراڻ پارڪ جي بئنچن تي ويهي رهن ٿا. بي وس ۽ لاچار بڻجي سڀني جا مُنهن هارايل جواري جهڙا لڳي رهيا هئا. سڀني جي مستي گم هُئي، خالد واري واري سان دوستن ڏانهن ڏسي رهيو هو، سڀئي ڪنهن سوچ ۾ گم هُئا، شايد سوچي رهيا هُئا ته هاڻي سندن مستيون گهڻو وقت نه هلي سگهنديون.
دوستن ڪافي وقت هڪٻئي سان ڳالهائڻ کانسواءِ گذاريو ۽ پوءِ جڏهن برسات جي ڦڙڦڙ وڌڻ شروع ٿي ته هڪ ٻئي کان موڪلائي پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿيا.