باب يارهون
اقبال کانئن پڇيو ته ”ڪاڏي گهمڻ جي تياري آ، صلاح به نه ٿا ڪيو. لڳي ٿو ڪو عشق ٻشق جو چڪر آ-“
”يار عشق ٻشق جو چڪرناهي. پر نوڪريءَ جي ڳولا لاءِ ٿا وڃون. جمن نوڪري ملڻ جي اڌ پڪ ڏياري آهي. ان ڪري اوڏانهن ٿا وڃون.“ اهو چئي خالد ۽ احمد، اقبال کان موڪلايو ۽ کيس چانهه پنهنجو پاڻ ٺاهي پيئڻ جو مشورو ڏنائون، ڇاڪاڻ ته کين دير ٿي وئي هئي ۽ هنن کي وقت تي پهچڻو هو.
احمد ۽ خالد ريلوي ڪالونيءَ مان نڪري، وڏيون ٻرانگهون ڀري پٽڙيون ڪراس ڪرڻ بعد چندريگر روڊ سان گڏ هلڻ شروع ڪيو. جي پي او کان ٿورڙو اڳتي ٽپي ايم اي جناح روڊ تي وڃڻ لاءِ وچئين رستي کان شاٽ ڪٽ ڪندي، سڌو ايم اي جناح روڊ تي پهچي هنن نيوچالي جي پڇا ڪئي، نيوچالي بلڪل ويجهو هُئي جنهن ڪري منزل تي پهچي نامڪو سينٽر جي عمارت جي ڏاڪڻ چڙهڻ لڳا. ٻين منزل تي عوامي آواز اخبار جو دفتر هو، عوامي آواز پهرين سنڌي اخبار هُئي، جيڪا ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿي نڪرندي هئي.
خالد، احمد کي ٻڌايو ته ”عوامي آواز“ اخبار کاٻي ڌر سان واسطو رکندڙ ڪامريڊن ڪڍي آهي، جنهن ڪري سندس پاليسي ترقي پسند سوچ جي عڪاس آهي ۽ ف م لاشاريءَ جي لکڻين سبب اخبار کي تمام گهڻي مڃتا ملي آهي. محمد جمن به اڪثر اخبار ۽ ف م لاشاريءَ جي لکڻين بابت تبصرو ڪندي هنن کي به اخبار پڙهڻ لاءِ همٿائيندو رهندو هو-
پر وٽن ته بي روزگاريءَ سبب اخبار وٺڻ جا پئسا ئي نه هئا.
دفتر جي دروازي تي بيٺل پٽيوالي کي هنن چيو ته اسان کي ف – م لاشاري صاحب سان ملڻو آهي. مهرباني ڪري ان تائين اطلاع پهچايو-
پٽيوالي هنن کي اتي بيهڻ جو اشارو ڪري، پاڻ اندر هليو ويو ۽ ڪجهه منٽن کان پوءِ واپس اچي کين چيائين ته بلڪل سامهون واري ڪيبن ۾ هليا وڃو، صاحب اُتي ويٺو آهي.
هنن ڪيبن جو دروازو کوليو ته کين سامهون ٽيبل تي وکريل وارن سان هڪ ڀورو شخص ويٺل نظر آيو. سندس ٽيبل تي ڪجهه ڪتاب پيل ۽ انتهائي بي ترتيبيءَ سان پنا پيل هئا. پاڻ ڪجهه لکڻ ۾ مصروف هو.
هنن کيس سلام ڪيو، جواب ۾ ڪجهه ڳالهائڻ کانسواءِ کين صرف ڪرسين تي ويهڻ جو اشارو ڪيائين ۽ وري لکڻ ۾ شروع ٿي ويو. پنن تي سندس پين تيزي سان وهي رهي هئي. ڄڻ ”هرُ“ ڪنهن بنجر زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ کيڙي رهيو آهي-
ڪجهه پنا لکڻ کان پوءِ هو سوچن ۾ گم ٿي ويو، شايد ڪجهه ياد ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين ۽ ان دوران هو مسلسل نرڙ تي هلڪو مساج ڪندو پئي رهيو. ڄڻ يادگيرين کي دماغ تي زور ڏئي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. اهو سلسلو ڪيتري دير هليو، ڪجهه لکڻ بعد خاموش ٿي، وري سوچڻ بعد هن لکڻ شروع ڪري ٿي ڏنو، ان دوران چانهه جو ڪوپ آيو، هنن کي صلاح ڪرڻ بنا آهستي آهستي ڍڪ ڍڪ ڀري پي ويو ۽ هيءَ کيس ڏسندا رهيا ۽ هو سڀني ڳالهين کان بي نياز ته ڪي ٻه ڄڻا سندس انتظار ۾ ويٺا آهن، هو لکندو رهيو ۽ ڪيترائي پنا ڀري ڇڏيائين ۽ آخر ۾ جمع ڪري بيل وڄايائين ته پٽيوالو ڊُڪندو آيو.
هن پٽيوالي کي پنا ڏيندي کيس چيو ته هي پنا ڪمپيوٽر آپريٽر کي ڏي ته ڪمپوز ڪري-
پٽيوالو پنا وٺي هليو ويو. هن پنهنجو چشمو صاف ڪيو ۽ ٽيبل تي پيل پنا گڏ ڪيائين ۽ ٽيبل تي وکريل ٻيو سامان سهيڙيندي هنن کان پڇيائين ته ڏيو خبر، ڪو ڪم ڪار آهي مون ۾؟
خالد کيس چيو ته ... ها......-
چيائين ڪهڙو ڪم آهي، حڪم ڪيو-؟
اسان کي محمد جمن موڪليو آهي توهان ڏانهن نوڪري لاءِ خالد کيس ٻڌايو-
ڪهڙو محمد جمن؟ يڪدم هنن کان پڇيائين-
خالد پريشان ٿي ويو ۽ سوچيائين هي ته جمن کي سڃاڻي ئي ڪو نه ٿو. پر وري به کيس ياد ڏيارڻ لاءِ کيس چيائين ته سائين محمد جمن لاکير اصل لاڙڪاڻي وارو-
ها، ها اهو چئو ته ڪامريڊ محمد جمن موڪليو آهي. پر توهان ڇا ڪندا آهيو؟ هنن سان ڳالهه کي جاري رکندي کانئن سوال ڪيائين.
خالد کيس ٻڌايو ته اسان گذريل ڪيتري عرصي کان ڪراچيءَ ۾ در، در جي خاڪ ڇاڻي رهيا آهيون، ان ڪري توهان وٽ نوڪريءَ جي اميد کڻي پهتا آهيون.
اسان جي اداري ۾ ٻي ته ڪا نوڪري ڪانهي. باقي ها پروف ريڊر طور ڪم ڪندڙ ماڻهو گهربل آهن. جيڪر توهان ڪرڻ چاهيو ته ڪريو. في الحال پگهار 4 سئو روپيه ملندو. سوچي پوءِ ٻڌايو. کين اهو چئي پاڻ وري اخبارن جو بنڊل کنيائين ۽ انهن کي ڏسڻ لڳو. خالد ۽ احمد هڪٻئي ڏانهن نهاريو ۽ ڪا صلاح ڪرڻ بجاءِ کيس چيو ته هنن کي اها نوڪري به قبول آهي.
”پر ڪرڻو ڇا پوندو؟“ خالد کانئس سوال ڪيو-
”چيائين ڪمپيوٽر آپريٽر خبرون ۽ مضمون ڪمپوز ڪندو، توهان انهن خبرن ۽ مضمونن کي پڙهي انهن ۾ غلطين جي نشاندهي ڪندو ۽ ها جيڪڏهن توهان ۾ ڪا صلاحيت آهي ۽ توهان ڪمپيوٽر هلائڻ سکي ويا ته پوءِ توهان جي پگهار وڌي سگهي ٿي. اهو سڄو ڪجهه توهان جي محنت ۽ ذهانت تي ٻڌل آهي.“ اهو چئي هو وري خاموش ٿي اخبار پڙهڻ لڳي ويو.
خالد کيس چيو ته پوءِ اسان ڪڏهن کان ڊيوٽيءَ تي اچئون؟
کين چيائين اڄ کان نه ته سڀاڻي کان. شام واري شفٽ ۾ يعني 4- وڳي کان رات 11- تائين
هي کيس سڀاڻي کان ڊيوٽي تي اچڻ جي پڪ ڏئي روانا ٿيا-
ٻاهر نڪري خوشيءَ جو ساهُه کڻن ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪيترن مهينن جي جاکوڙ ۽ ذلتون برداشت ڪرڻ کان پوءِ ڪا نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا.
واپسيءَ تي خالد، احمد کان پڇيو ته احمد تو ڀلا ڪامريد جمن کان 300 رپيا اوڌرا ورتا هئا! خير ته آهي، جو ائين اوچتو توکي پئسن جي ضرورت پئجي ويئي، اسان کي به نه ٻڌائي؟
خالد جي ان سوال ڪرڻ تي احمد پهريان ته پريشان ٿي ويو، شايد ان ڪري ته ان بابت خالد کي ڪيئن خبر پئي؟
احمد کيس چيو ته توکي ڪيئن خبر پئي ته مون ڪامريڊ کان پئسا ورتا آهن.؟
خالد کيس ٻڌايو ته ڪالهه ڪامريڊ آيو ۽ ان ئي کيس ٻڌايو!
وڏي اوٻاسي ڏيندي چيائينس ها يار، امان خط لکيو هو، هوءَ بيمار آهي ان کي پئسن جي ضرورت آهي. مون اقبال کان پئسا گهرڻ مناسب نه سمجهيا، جو اڳئي اسان ان تي بار آهيون، تون به مون وانگر بيروزگار........... ان ڪري مجبور ٿي ڪامريڊ کان پئسا گهريا هُئا.
خالد، احمد کي چيو ته يار پريشان نه ٿي، خير آ، اوڌر، اڌار جو جهان پيو هلندو. غربت جا ماريل انسان جو آهيون!
ٻئي ڏينهن تي هي مقرر وقت 4 وڳي دفتر پهچي چُڪا هئا. ف_ م لاشاري صاحب آفيس ۾ موجود نه هو، پٽيوالي کان پڇيائون ته صاحب ڪيڏي مهل ايندو؟
پٽيوالي کين چيو ته اڄ مشڪل اچي.
خالد سوال ڪندي پڇيس ته ڇو؟ اسان کي ته اڄ ڊيوٽي تي پهچڻ لاءِ چيو هئائين-
پٽيوالي چين ته توهان سامهون ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندڙ همراهه سان وڃي ملو.
هنن ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندڙ همراه کي سلام ڪيو ۽ ان همراهه ڪي بورڊ تان هٿ هٽائي کين سلام جي وراڻي ڏني ۽ هٿ ملايو-
خالد کيس ٻڌايو ته اسان ڪالهه لاشاري صاحب سان مليا هئاسين ۽ ان اڄ اسان کي ڊيوٽيءَ تي اچڻ لاءِ چيو هو، پر پٽيوالي ٻڌايو ته لاشاري صاحب ڪو نه ايندو.
تنهن تي ڪمپيوٽر آپريٽر کين چيو ته توهان پريشان نه ٿيو، لاشاري صاحب مون کي ڪالهه ئي توهان جي باري ۾ ٻڌائي ڇڏيو هو. ان ڪري توهان ڪم سان لڳي وڃو. اهو چئي هو هنن کي پنهنجو ڪم سمجهائڻ لڳو-
جيئن، جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن هنن کي اخبار ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو وڌڻ سان گڏ مزو به اچڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته اخباري اداري ۾ ڪم ڪندي دنيا جهان جي حالتن کان واقف ٿي رهيا هئا. هنن جلدي ڪمپيوٽر هلائڻ به سکي ورتو هو-
هڪ دفعي خالد ڪراچي جي سياسي. معاشي ۽ امن جي حالتن بابت مضمون لکيو.
مضمون ڇاپڻ لاءِ ايڊيٽر صاحب ڏانهن کڻي ويو ۽ ايڊيٽر مضمون پڙهي، ان ۾ ڪجهه خامين جي اصلاح ڪئي ۽ شين کي درست ڪيو. ايڊيٽر صاحب خالد جي ان ڪوشش تي ڏاڍو خوش ٿيو هو ۽ ڏاڍي همت افزائي ڪندي کيس چيائين ته هاڻي توکي هر هفتي مضمون لکڻو آهي.
خالد، ايڊيٽر صاحب جي ان همت افزائيءَ تي ڏاڍو خوش ٿيو، پر اصل خوشي ته ٻئي ڏينهن تي اخبار ۾ پنهنجو مضمون پڙهڻ سان ٿي هيس، جيتوڻيڪ مضمون ڪمپوز به پاڻ ڪيو هئائين، پر اخبار ۾ جڏهن ڇپيو ته هر هر اخبار کي اٿلائي پئي ڏٺائين، سندس دل خوشيءَ مان تيز ڌڙڪي رهي هئي، ڄڻ سندس جسم مان نڪري ايندي.
صبح سوير اٿي اسٽال تان اخبار وٺي آيو ۽ سندس حالت ڏسي اقبال ۽ احمد کيس چيو ته يار ڇڏ هاڻي کڻي اخبار جي پچر، اصل چٽي نه ڇڏجانس. ڪجهه اسان لاءِ به بچائجان-
ٻئي دوست خالد جي ان ننڍڙي ڪاميابيءَ تي ڏاڍا خوش هئا.
ائين هنن جي ڪم ۾ دلچسپي ڏسي هڪ ڏينهن لاشاري صاحب هنن کي پنهنجي ڪئبن ۾ گهرايو ۽ چيائين ته توهان جي پگهار هاڻي 12- سئو روپيا ڪئي وئي آهي. پر خالد کي ”عوامي آواز“ مان اها پگهار کڻڻ نصيب نه ٿي. ڇاڪاڻ ته لاشاري صاحب جا اخبار جي مالڪن سان اختلاف ٿي پيا هُئا. ۽ هن عوامي آواز ڇڏي غلام قادر پليجي پاران نئين نڪرندڙ جاڳو اخبار ۾ بطور ايڊيٽر جي ڪم شروع ڪيو ۽ هو خالد کي به پاڻ سان اوڏانهن وٺي ويو.
جاڳو جو دفتر شاهين ڪامپليڪس جي ڀرسان آءِ آءِ چندريگر روڊ تي جنگ پريس جي پٺين ۽ ريلوي ڪوارٽرن کي بلڪل ويجهو هو. جنهن ڪري ڊيوٽيءَ تي اچ وڃ جي سولائيءَ سبب خالد، لاشاري صاحب کي چئي احمد کي به جاڳو ۾ گهرايو. ڇاڪاڻ ته هاڻي هي ٽئي ڄڻا ٽي جسم هوندي به هڪ جان، هڪ روح هئا-
اخبار ۽ طب جي دنيا ڏاڍي بي رحم هوندي آهي. ڊاڪٽر ڇا به چاهي پر کيس مريض جي چير ڦاڙ ڪري آپريشن ڪرڻو پوندو آهي ۽ ڪمپيوٽر آپريٽر کي وري خبر جيڪا خوشيءَ جي هجي، غميءَ جي، موسم جي هجي يا دنيا جهان ۾ ٿيندڙ سائنسي ايجادن بابت هجي. اها ڪمپوز ته ڪرڻي ئي هوندي آهي. اخبار ته ڇپجڻي آهي. ان ڪري هنن جون آڱريون مشين وانگر ڪي بورڊ تي هلنديون آهن. احساسن کان خالي خالي...............!!
پر ڪا ڪا خبر هنن جي احساسن کي به جنجهوڙي وجهندي آهي.
انهن ڏينهن ۾ وري ڪراچيءَ ۾ لساني جهيڙن جي باهه ڀڙڪو ڏئي اٿي هئي. جنهن ڪري ماڻهن جي مرڻ جون خبرون اچڻ ته عام هيون، پر جڏهن سنڌي عورتن جي عصمت دريءَ جون خبرون اچڻ لڳيون ته ڄڻ هنن جون آڱريون به احتجاج ڪندي يا ڏک ۽ افسوس ۾ اُهي خبرون ڪمپوز ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏينديون هيون-
هڪ ڏينهن جاڳو جي اسٽاف رپورٽر رپورٽ ڪيو ته سول اسپتال ۾ ٽن عورتن کي مرده حالت ۾ آندو ويو آهي، ڊاڪٽرن موجب سندن اجتماعي لڄالٽ ڪئي وئي آهي، سندن جسم تي سگريٽن جا ڏنڀ، چڪ هڻڻ جا نشان ۽ ماس تي لساني تنظيم جا ٺپا لڳل آهن. رپورٽر پنهنجي خبر ۾ لکيو هو ته انهن ٽنهي عورتن جا لاش گلشن اقبال مان مليا آهن ۽ اُهي عورتون اصل لاڙڪاڻي جون رهواسي آهن-
خبر ڪمپوز ڪرڻ دوران خالد جو دماغ چڪرائجي ويو ۽ هو ڪرسيءَ تان ڪرندي ڪرندي بچي ويو.
احمد پڇيس ”ڇا ٿيو؟“
خالد کيس چيو ته يار هيءَ خبر مون کان ڪمپوز نه ٿي ٿئي. تون وٺ ڪمپوز ڪر.
خالد کيس اها خبر ڏئي آفيس کان ٻاهر وڃي دڪيءَ تي ڪجهه پل ويهي رهيو ۽ هن جي ڪنن ۾ انهن عورتن جون دانهون ۽ پڪارون گوجڻ لڳيون ۽ ڄڻ کيس چونديون هجن او ادا اسان کي بچايو!.
او ادا توهان ته منهنجي ڀائرن جيڏا آهيو!
مون کي وڃڻ ڏيو، مون کي ڇڏيو ته مان پنهنجي بابل ڏي وڃان. هو گهر موٽيو هوندو ۽ مون کي ڳوليندو هوندو ته منهنجي ڪونج ڪاڏي وئي.
پر انهن وحشي صفت ماڻهن سندس دانهن ۽ آهن تي ڪن ڌرڻ بجاءِ پنهنجي وحشي پڻي جون حدون اورانگهيندي انسانيت کي لڄائي ڇڏيو هو.
هن سوچيو ته هو جيڪي ڪالهه اسان وٽ مهمان ٿي آيا هئا. پنجاب وارن سندن لٺين سان استقبال ڪندي کين چيو هو ته ” پاکستان آگے ھے!“
پر سنڌ ۾ پهچڻ تي سندن دهلن ۽ شرنائين سان استقبال ٿيو هو. بکايل مهمانن لاءِ هر اسٽيشن تي ديڳيون پچرايون ويون هيون، سنڌ ۾ کين ڪروڙين روپين جي ملڪيتن سان نوازيو ويو هو. ايڏو پيار، محبت جو اظهار دنيا ۾ ڪٿي به پناهگيرن کي نه مليو هوندو. پر اڄ هيءُ ڇاهي ڀٺڪيل ماڻهو اجهو ملڻ کان پوءِ ايڏا ته وحشي ۽ درنده بڻجي پنهنجي لسانيت جي بک معصوم ۽ ڪمزور عورتن جي وجود مان ماس ڪڍي پوري ڪري رهيا آهن. کين انهن عورتن جي دانهن ۽ صدائن جو رتيءَ برابر به اثر نه ٿيو.
هنن جي آڏو اهڙين شرمناڪ واقعن سان ڀريل خبرن جو اچڻ به هاڻي روز جو معمول بڻجي رهيو هو.
خالد جي ذهن ۾ اڪيچار خيال اچي رهيا هئا هن جي ذهن ۾ خيال آيو ته سنڌي سان ڪراچي ۾ هيڏي وڏي ويڌن ٿي رهي آهي پر اسان جا حڪمران اقتدار جي نشي ۾ ڌت آهن. وڏيرا، جاگيردار، مير، پير خاموش آهن ۽ اُهي ڪراچيءَ ۾ سنڌي عورتن جي عصمت دريءَ تي اُف ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. ته ٻئي پاسي وري ڪجهه ڪوڙن قومپرستن اتحاد جي پليٽ فارم تي ڏتڙيل سنڌين جي سهائتا لاءِ لکين روپين جا فنڊ گڏ ڪري ان تي عياشي ۽ ڪراچيءَ ۾ پلاٽ ۽ بنگلا وٺڻ ۾ مصروف آهن ۽ اخبار جي خبر بڻجي سنڌ جي بدترين تاريخ جو حصو بڻجي رهيا آهن. هن جي ذهن ۾ اڻ کٽ سوچن جو سلسلو هو جيڪو هلندو ٿي رهيو.
اُف يا خدا-! هن کان دانهن نڪري وئي. ان ڏينهن هو سويل موڪل ڪري گهر هليو آيو. اها اذيت هن جي برداشت کان ٻاهر هُئي ۽ ان اذيت ۾ لاڳيتو ڪجهه ڏينهن بستري تي پئجي رهيو، هن جو بخار وڌي رهيو ۽ بخار جي تپش کيس ساڙي رهي هُئي. جيئن ڪنهن بٺيءَ ۾ سرون پچنديون هجن. بخار اصل گهٽجڻ جو نالو ئي نه پئي ورتس.
اقبال ۽ احمد هن جي تيمارداريءَ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. گهر کي کڻي ميڊيڪل اسٽور بڻائي ڇڏيو هئائون.
هڪڙو ڊيوٽيءَ تي ويندو هو ته ٻيو هن وٽ موجود هوندو هو. ٻئي ڄڻا خالد جي صحت ڪري گهڻو پريشان هُئا. ڇاڪاڻ ته انهن ويجهر ئي ويجهر ۾ پنهنجن کان وڇڙڻ جو غم برداشت ڪيو هو، ماءُ، پيءُ کان ڪوهين ڏور هڪ ٻئي جو سهارو ئي ته هُئا.
هڪ ڏينهن خالد سندن مُنهن تي مايوسي ڏسي چين ته ”ائين مرڻ وارو ناهيان“ گهڻئي چرچا ڀوڳ ڪيائين، پر هو نه کليا ۽ هن کي تڪيندا رهيا ۽ هو به خاموش ٿي کين تڪڻ لڳو. جڏهن کين کلائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ڀائيائين، تڏهن خالد هنن سان دنيا جهان جا حال احوال اورڻ شروع ڪيا، سندن مايوسي، خالد کي تمام گهڻو پريشان ڪري رهي هُئي. ڳالهه ته هن کي به ڪا نه ٿي وڻي پر سندن مايوسيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ هن کي پاڻ تي ضبط ڪرڻو پيو ۽ ائين دنيا جهان جي حال احوالن ۾ ٽئي مشغول ٿي ويا. ٿورڙو خيال مٽين ته پوءِ ٽنهي حسب معمول خوب کليا ۽ ٽهڪ ڏنا. انهن ڳالهين ۾ کوڙ ڳالهيون کوليائون ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ احمد کي چماٽ لڳڻ وارو قصو، حسن جا قصا اسٽيشن واري جوان ناري جا قصا ۽ راڻيءَ جي ڳالهه به. ها- اها بي وفا راڻي، جيڪا خالد کي پنهنجي پيار جو اسير بڻائي، هميشه لاءِ ٻئي جي ٿي وئي هئي.
اوهو، ان راڻي جو خيال وري ڪٿان اچي ويو- خالد پنهنجي دل ۾ دهرايو