باب چوڏهون
خالد پڇيس ته اهو وري ڪيئن؟
کين چيائين ته فسادن سبب جڏهن سنڌي تمام گهڻو محتاط ٿي ويا هُئا، تڏهن لساني تنظيم سنڌ جي مختلف شهرن مان اهڙا ڪارڪن گهرايا، جن کي سنڌي ٻولي چٽي ايندي هُئي.
خالد پڇيس ته اهو وري ڇو؟
کين چيائين ته اهو ان لاءِ جو سنڌي ماڻهو جهيڙن سبب گهرن تائين محدود ٿي ويا هُئا، ٻاهر نه نڪرندا هُئا ۽ دروازا به بند رکندا هئا، جنهن ڪري اُهي سنڌي ڳالهائيندڙ دهشت گرد حدف ڪيل گهر جي در وٽ بيهي وٺي سنڌيءَ ۾ دانهون ڪندا هُئا ته مان سنڌي آهيان، مون کي پناهه ڏيو. گهروارا سنڌيءَ ۾ دانهون ٻڌي کڻي در کوليندا هُئا ۽ غنڊه سندن گهر ۾ گهڙي پوندا هُئا ۽ پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪندا هُئا، انتهائي بي رحميءَ سان ۽ اهڙا کوڙ سارا واقعا هو کين ٻڌائيندو هيو.
ان وقت خالد جي ذهن تي رسول بخش پليجي جي ڪتاب ”جيڪي بنگال ٿيو“ جا اُهي ٽڪرا ذهن جي اسڪرين تي تري آيا. جن ۾ بهاري غنڊا راهه ويندڙ ڪنهن بنگاليءَ کي روڪي چوندا هُئا ته ماچيس هي. جيستائين ويچارو بنگالي ماچس کيسي مان ڪڍي تيسين کيس پيٽ ۾ ڇرو وهائي ڪڍندا هُئا.
سلمان ڀائي کي اهڙن انسانيت کي لڄائيندڙ واقعن کان پوءِ لساني تنظيم کان سخت نفرت هُئي. هن کين چيو ته لساني تنظيم اسان اردو ڳالهائيندڙن کي هڪ اهڙي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، جنهن جو عذاب اسان جا ايندڙ ڪيترائي نسل ڀوڳيندا ۽ اهو چئي سلمان ڀائي ڏکارو ٿي ويو ۽ کين چيائين يار مان ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان، آزاد هوندي به قيدي آهيان.
هن کين وڌيڪ ٻڌايو ته هن جو پهريان تنظيم سان عشق هو، کيس اصلي حالتن جي خبر نه هُئي. هن کي حقيقت جي خبر تڏهن پئي. جڏهن هن سميت ڪيترن ڪارڪنن کي ويڙهه ۽ هٿيارن جي تربيت ڏيڻ لاءِ هڪ خاص فوجي ٺڪاڻي ۾ گهرايو ويو. جتي هن سميت هڪ سئو کان وڌيڪ شايد ٻه سئو جي لڳ ڀڳ چونڊ نوجوان تربيت لاءِ آندا ويا هُئا. تربيت به اهڙي ڄڻ ڪنهن دشمن ملڪ جي فوج سان وڙهڻ لاءِ فوج ۾ ڀرتي ٿي ڪيائون. ضابطو، حڪم جي پاسداري، ڪجهه ڪڇڻو ناهي، سوال ڪرڻ منع، پسٽل کان وٺي ڪلاشنڪوف ۽ رائيفل سميت جديد هٿيار سيکاريا ويا، جسماني تربيت دوران ماري ماري ساڻو ڪري ڇڏيندا هُئا ۽ انسانيت مان ئي ڪڍي ڇڏيندا هُئا. فقط اهو چيو ويندو هو ته هيءُ ملڪ اسان لاءِ ٺهيو آهي، پر حڪومت ٻيا ڪري رهيا آهن. توهان ئي هن ملڪ پاڪستان جا والي وارث آهيو ۽ توهان کي اٺن گڏهن چاريندڙن کي ڪراچي مان ڀڄائڻو آهي ۽ جناح پور جا نقشا ڏيکاريا ويندا هُئا ته هيءَ توهان لاءِ صوبو آهي، جتي توهان جي حڪومت ۽ توهان جي مالڪي هوندي، روزگار هوندو ۽ امن هوندو. ان لاءِ توهان جي وڏن قربانيون ڏنيون هيون، جيئن توهان کي هندن جي غلاميءَ کان آزاد ملڪ ۽ رياست ملي، پر توهان کي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي ۽ توهان هندن کان پوءِ سنڌين جي غلامي ۾ اچي ويا آهيو، اڳتي وڌو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ تي راڄ ڪيو.
هن کين ٻڌايو ته هو ويڙهاڪ ونگ 138 جي ميمبر هو، جنهن جو مقصد سنڌي ماڻهن جي گهرن تي حملا ڪرڻ هو، جڏهن ته مختلف ونگن تي مختلف ڪم سونپيل هُئا، هڙتالون ڪرائڻ، فليٽن تي قبضا، گاڏيون ساڙڻ، واپارين ۽ دُڪاندارن کان ڀتو وٺڻ وغيره وغيره.................... غداري ڪرڻ ۽ تنظيم ڇڏڻ جو ٻيو نالو موت آهي. اسان جي سمورن يونٽن ۽ سيڪٽرن کي هٿيار گهر ويٺي ملندا هُئا. هٿيار ڪٿان ٿا اچن، ڪير ٿو پهچائي، ڪهڙي طريقي سان ٿا پهچن، اهو ڪم الڳ الڳ ونگن جو آهي. اسان کي ان بابت پڇڻ جو حق نه هو.
هن کين ٻڌايو ته پهرين ته هو سڄو ڪم عشق ۾ ڪندو هو، پوءِ جڏهن کيس حقيقت جي خبر پئي ته هو رڳو ايجنسين لاءِ استعمال ٿي ٿئي انهن سٻاجهن ماڻهن کي بيگناه ماري رهيا آهن، جن انهن ماڻهن کي هندوستان مان لڏي سنڌ ۾ پهچڻ تي جيءَ ۾ جايون ڏنيون هيون، پنجاب وارن ته لاهور اسٽيشن تي اهو چئي ڪراچي موڪليو هو ته
”پاکستان آگے ھے۔“
هن کين ٻڌايو ته هن کي پنهنجي ماءُ ٻڌايو هو ته هو هندستان مان لڏي لاهور کان ٿيندا اچي پهريان نوابشاهه اسٽيشن تي لٿا هُئا، جتي پهچڻ دوران هو ڪيترن ڏينهن کان بکن تي هُئا، پر نواب شاهه اسٽيشن تي حرن هنن جو استقبال ڪيو هو ۽ کائڻ لاءِ ڳڀو، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، عزت، مانُ ڏنو، پر پوءِ اسان کي حڪومت چيو ته توهان اڳتي ڪراچيءَ وڌو ۽ اسان ڪراچي پهتا هئاسين. ماءُ جي ٻڌايل ان قصي ۽ بيگناهن جو رت وهندي ڏسي مون کي پنهنجي ڪردار کان سخت نفرت ٿي هُئي ۽ ضمير اهڙو جنجهوڙيو جو هڪ ڏينهن خود ڪشي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر پنهنجي پيرسن ماءُ، پيءُ جي حالت ڏسي خودڪشي واري سوچ دماغ مان ڪڍي ڇڏيم، پر فيصلو ڪيم ته هاڻي وڌيڪ ڪنهن بيگناهه جي خون ۾ پنهنجا هٿ نه رڱيندس. جڏهن ته پنهنجو پاڻ کي به بچائڻو هيو ان ڪري تنظيم کي مڪمل ڇڏڻ بجاءِ ٿورڙو پاسيرو ٿيس.
سلمان ڀائيءَ جي ڪئبن تي اڪثر انڊيا جا پراڻا گانا وڄندا رهندا هئا، جن ۾ هڪ مشهور گانو هو.
جب پیار کیا تو ڈرنا کیا
پیار کیا کوئی چوری نھیں کی،
چپ چپ آھیں بھرنا کیا۔
خالد کي اهو گانو ڏاڍو وڻندو هو ۽ جڏهن به ڪجهه گهڙيون بيهڻ جو موڊ هوندو هيس ته سلمان ڀائي کي اهو گانو وڄائڻ لاءِ چوندو هو.
چوڪ جي هوٽلن تي انڊين فلمون هلنديون هيون ۽ اُهي ماڻهن سان کچا کچ ڀريل هونديون هيون. اُهي هوٽلون گهٽ، مني سئنيما گهر وڌيڪ لڳنديون هيون. خالد کي دل ۾ خيال آيو ته رڳو اسان سنڌي ماڻهن لاءِ اهو چيو ويندو آهي. سڄو ڏينهن هوٽلن تي ويٺي چانهن پيئندي وقت ذيان ڪندا آهن ۽ ڪم جا ٽوٽي آهن، پر هي ته سنڌي ناهن؟ پوءِ هوٽلن تي ڇو ويٺا آهن؟ ڇا هنن تي به سنڌي ماڻهن جي مزاج جو اثر پيو آهي؟ هوٽلن ۾ ايتري اُٻس هوندي هئي جو هڪ منٽ به بيهي نه سگهجي، پر اُهي ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُتي ويهي فلم ڏسندا هُئا، يعني سماجي حالتون سڀني ماڻهن جون هڪجهڙيون آهن. معاشي تباهيءَ جا اثر سڀني عام ماڻهن تي هڪجهڙا پيا آهن، پر ڪي ڌريون اسان کي ويڙهائي پنهنجا من پسند مفاد حاصل ڪن ٿيون، اسان جو خون وهائي ان تي سياست ۽ عياشي ڪن ٿيون.
خالد اڃا سلمان ڀائيءَ وٽ بيٺو ئي هيو ته اتان حبو حواليءَ کي تيزيءَ سان گذرندو ڏٺائين، سڏ ڪيائينس. خالد کي ڏسي حبو کي اصل ساهُه پيٽ ۾ پئجي ويو.
خالد چيس ته ڏي خبر ايڏو تڪڙو ڪيڏانهن پيو وڃين؟
کيس چيائين، تو ڏانهن پئي آيس.
خالد پڇيس ڇو؟ خير ته آهي نه.
يار خير! سو به مون وٽ، کوڙو لڳئي ٿو ٿو؟ جواب ۾ کيس چيائين
خالد چيس حڪم ڪر. ڇا ڪرڻو آهي.
کيس چيائين ته زال کي اسپتال داخل ڪرايو اٿم، ڏوڪڙ کپن.
خالد چيس ته زال... اسپتال؟ وري ڇا ٿيو تو واري زال کي.
چيائين ڏهون مهينو پيٽ سان آهي.
هان! پيٽ سان سو به ڏهون مهينو حيرت خالد حيرت مان پڇيس ۽ کيس چيائين ته تو کي اڳئي 7 ٻار آهن. پٽيا اڃا بس نه ٿو ڪرين؟
حبو چيو ته مان ته بس ڇا جهاز ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. مون واري رن مڙي ئي نه ٿي.
ايلاز ڪندي خالد کي چيائين يار ڪجهه پئسا ڏي.
خالد چيس ته يار توکي خبر آهي مهيني جا پڇاڙڪا ڏينهن آهن، هينئر مون وٽ پئسا ڪٿان آيا. ٻي اها به خبر ناهي ته پهرين تاريخ تي پگهار به ملندي يا نه. ايڊيٽر صاحب ويٺو روز حڪومت جي خلاف وڏا وڏا ايڊيٽوريل لکي، سو حڪومت وري اشتهارن جا پئسا ڇو ڏيندي؟
خالد جي اهڙي مايوس ڪندڙ جواب حبو حواليءَ کي وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو.
حبو حواليءَ کي تمام گهڻو پريشان ڏسي سلمان ڀائي خالد کان پڇيو ته مسئلو ڇا آهي، مون کي به ٻڌايو؟
سلمان ڀائيءَ کي چيائين ته خير آهي. اهڙي ڳالهه ناهي.
سلمان ڀائي وري کيس چيو، پر پوءِ به ڪجهه ٻڌايو سائين، توهان ٻئي پريشان ٿي ويا آهيو.
خالد کيس حبو حواليءَ جو مسئلو ٻڌايو ته هن 5 سئو رپيا کڻي ڏنائين خالد کي چيائين ته يار هن وقت ته مون وٽ صرف اهي پئسا آهن، ڀائي کي ڏي شايد هن جو ڪجهه مسئلو حل ٿي وڃي.
خالد 5 سئو رپيا وٺي حبو حواليءَ کي ڏنا ۽ هو تيزيءَ سان واپس مڙيو ۽ تيز تيز ٻرانگهون ڀريندو هن جي نظرن کان اوجهل ٿي ويو ۽ خالد سوچيو ته آخر ڇا ٿيندو، هن حبو حواليءَ جو؟ ڪڏهن به زندگيءَ ۾ سنجيدو ناهي.
خالد به سلمان ڀائيءَ جي مهرباني ادا ڪري ڪوارٽر ڏانهن روانو ٿيو.