باب تيرهون
تنهن تي محمد جمن کيس ٻڌايو ته اُهي سڀ سماج ۾ پئدا ٿيل بيمارين جي نتيجي ۾ ٿئي ٿو، سماجي بيماريون ان ڪري پکڙجن ٿيون جو اسين انهن بيمارين مان جان ڇڏائڻ لاءِ سنجيده ٿي ڪوشش نه ٿا ڪريون. اسان سڀ سياست کان باغي آهيون، خوابن ۽ خيالن جي دنيا جا رهواسي بڻجي ويا آهيون. اسان هر مسئلي تي خاموش آهيون ۽ سڀ ڪجهه مٿين ذات تي ڇڏي ٿا ڏيون. پر حقيقتون بلڪل ان جي ابتڙ آهن. اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته اجتماعي مسئلن جو حل فقط سياست ۾ آهي. سياست ذريعي ئي تبديلي آڻي سگهجي ٿي. سياست مان ئي ڏور رس ۽ ديرپا نتيجا ملي سگهن ٿا. باقي جيڪي ماڻهو سياست کانسواءِ تبديلي آڻڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا اُهي ڀليل يا ڀلايل آهن.
خالد کائنس سوال ڪيو ته اسان هڪ پارٽي کي ووٽ ڏنا ته اسان جي تقدير بدلبي، ٿيو ته ڪجهه ڪونه؟
سوال تي سوال ڪندي کيس چيائين ته ظاهر آهي ته توهان گاهه جو رکوال گهوڙي کي ڪندا ته هو گاهه تي رحم کائيندو؟
خالد چيس ته بلڪل نه.
هن کيس چيو ته سياست ۾ به بلڪل ائين آهي هڪڙي سياست موروثي، جاگيردارن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي هٿ ۾ آهي، جيڪي اسان کي غلام رکندا پيا اچن ۽ اسان جي ووٽن تي اقتدار حاصل ڪري مزا پيا ماڻين. ان ڪري سياست ۽ اڳواڻي اسان کي پاڻ کي ڪرڻ گهرجي ۽ هيٺين ڪلاس ۾ ان بابت شعور ۽ سمجهه بيدار ڪرڻ گهرجي. تڏهن ئي هي موجوده بدبودار انسان دشمن سماج تبديل ڪري سگهجي ٿو. ان سڄي صورتحال ۾ نوجوان وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته موجوده حڪمرانن جا ڪرتوت، نااهليت ۽ افعال ڏسي افلاطون جي ڳالهه ياد ٿي اچي، جنهن چيو هو ته ”جيڪڏهن اوهان سياست نه ڪندا ته اوهان کان ڪمتر ماڻهو اوهان جي مٿان حڪومت ڪندا.“
ٽئي دوست اڳئي محمد جمن جي شخصيت ۽ سياسي ڪردار کان گهڻو مطمئن هئا. جنهن ڪري هنن کيس چيو ته هاڻي سياست ۾ داخل ٿي پنهنجو ڀرپور عملي ڪردار ادا ڪندا. ان تي محمد جمن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس چهري تي ان خوشيءَ جي مرڪ پکڙجي وئي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ محمد جمن هنن ٽنهي کي قائد آباد وٺي ويو. جتي پارٽيءَ جي ميٽنگ هُئي. ڪامريڊن ڏاڍيون مدلل تقريرون ڪيون، سندن خيال هنن جي اندر ۾ اوتجي چڪا هُئا ۽ اهڙيءَ طرح هنن به ڊيوٽيءَ کانپوءِ سياست کي وقت ڏيڻ شروع ڪيو. هنن کي سيکاريو ويو هو ته بي گناهه، لاچار سان وڙهڻ بجاءِ دهشت گرديءَ جي خاتمي لاءِ بنا رنگ ۽ نسل جي لڙڻ گهرجي. سنڌي ماڻهن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ بهتر کان بهتر اپاءَ وٺجن، سنڌي ماڻهن ۾ ٻڌي ۽ ايڪو پئدا ڪجي.
هڪ ڏينهن خالد ۽ احمد جاڳو اخبار ۾ خبرون ڪمپوز ڪري رهيا هُئا. هر ڪو پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو. خالد جا هٿ به ڪي بورڊ تي تيزيءَ سان بٽڻ دٻائي رهيا هُئا، جنهن سبب اکر ٺهي رهيا هُئا ۽ اُهي اکر سامهون مانيٽر تي ظاهر پئي ٿيا. فقط ڪي بورڊن جي ٺڪ ٺڪ جو آواز ڪمري جي خاموشيءَ کي ٽوڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو، اهڙي صورتحال تمام گهٽ ٿيندي آهي ڪمپيوٽر روم ۾، ڪم ڪندڙ دوست تقريبن هڪٻئي سان فري هجڻ ڪري چرچن ڀوڳن سان ڪمرو پيو وڄندو آهي يا وري بحث مباحثا پيا ٿيندا آهن. اهڙي خاموشيءَ ۾ احمد دانهن ڪندي چيو ته واه جوان واه!
احمد جي اهڙي دانهن سڀني جو خيال احمد ڏانهن ڇڪايو.
خالد کيس چيو ته توکي وري ڇا ٿيو، ڪير آ جوانُ!
چيائين اهو فلاڻو خان. قومپرست ونگ جو اڳواڻ.
خالد کيس چيو ته ڇا ٿيو ان کي.
کيس چيائين ته حيدرآباد مان بيان آيو آهي ته فلاڻي خان سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم خلاف ”مزاحمتي جنگ“ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو اٿائين ته هو سنڌي ماڻهن جو پلاند ڪندو. اهڙا ليڊر هجن. جوڌا. جوان. مسڪرائيندي فخريه انداز ۾ احمد سڀني کي ٻڌايو.
خالد کيس چيو ته اهو ٺڪاءُ آهي ۽ اهڙن اعلانن جا سنڌ جي سياست تي انتهائي بُرا اثر پوندا.
ٿيو به بلڪل ائين ئي هو.
انهن ڏينهن ۾ بي نظير جي حڪومت کي هٽايو ويو هو. اسان جو ڳوٺائي غلام مصطفي جتوئي نگران وزير اعظم ۽ ڄام صادق نگران وڏو وزير ٿيا هُئا.
ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جون حالتون انتهائي سنگين هيون. سنڌي ماڻهن لاءِ ٻنهي شهرن ۾ ٻاهه ٻريل هُئي ۽ سنڌي ماڻهو وڙهڻ ته پري جي ڳالهه پنهنجي دفاع لاءِ پريشان هُئا.
30 سيپٽمبر جو ڏينهن هو، رات جو دير سان حيدرآباد مان آيل خبر خالد کي ڪمپوز ڪرڻ ملي. خبر هُئي ته ”مزاحمتي تحريڪ“ جي نالي ۾ پڪي قلعي، ريشم گهٽي ۾ ڇتي فائرنگ ڪيترائي ماڻهو ماريا ويا آهن، ماريل ماڻهن ۾ گئريجن تي ڪم ڪندڙ مسترين، هيلپرن، ريڙهي وارن ۽ راهگيرن جي هُئي.
خالد، احمد کي چيو ته ڏٺئي اها ٿئي مزاحمتي تحريڪ جنهن ۾ دهشتگردن بجاءِ غريب ماڻهن کي ماريو ويو آهي ۽ هاڻي ڏسجانءِ ان جو رد عمل.
ٻئي ڏينهن تي احمد ۽ خالد ڊيوٽي تي پهتا ۽ خبرون ڪمپوز ڪندي خالد وٽ هڪ خبر آئي ۽ اها خبر ڪمپوز ڪرڻ کان اڳ احمد ۽ ٻين دوستن کي پڙهي ٻڌائڻ لڳو خبر هئي ته حيدرآباد واقعي جو ڪراچيءَ ۾ رد عمل انتهائي خراب نڪتو آهي، پهرين آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ چونڊي چونڊي سنڌين کي ماريو ويو آهي، هڪڙا سنڌي مارجي ويا، ٻيا جبري لوڌي ڪڍيا پيا وڃن انهن جي گهرن تي قبضا ڪيا ويا آهن، دُڪان ۽ ملڪيتون لٽيون ۽ ساڙيون ويون آهن. جيڪي ڪراچيءَ ۾ سنڌي بچيا انهن جو گهرن مان نڪرڻ محال آهي. جڏهن ته نقصان تمام گهڻو ٿيو اهي جنهن جا انگ اکر فوري طور تي معلوم نه ٿي سگهيا آهن.
خالد، احمد کي چيو ته احمد! تنهنجا مزاحمتي اڳواڻ سنڌي ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ بجاءِ ڪاٿي غائب آهن؟
احمد چپ ٿي ويو. وٽس ڪو جواب ئي ڪونه هو.
ڪراچيءَ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو. فقط ڪجهه ڪلاڪ ڪرفيو تان پابندي ختم ٿيندي هُئي. سڄو ڪراچي ڪوس گهر ۾ تبديل ٿي چُڪو هو. خالد ۽ احمد به لڪي، لڪي ڊيوٽيءَ تي پهچندا هئا ۽ واپس ويندا هُئا. جيڏانهن ڪيڏانهن خوف جو راڪاس هو، جيڪو ٿي ڦريو. هنن جي ڪالونيءَ ۾ به گولين جا ٺڪاءَ روز جو معمول بڻيل هوندا هُئا ۽ لسانيت جي باهه ۾ انسانيت کي سڙندي ۽ ڀسم ٿيندي ڏسي سندن دل رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي هُئي.
خالد، احمد ۽ اقبال سياسي، سجاڳيءَ واري پروگرام هيٺ ڪراچيءَ جو چپو چپو گهميو. سنڌي ماڻهن سان ڪچهريون ڪيائون. هنن کي ماڻهو حالتن کان گهڻو مايوس نظر آيا.
جنهن تي احمد ۽ اقبال سٺي موٽ نه ملڻ ڪري مايوس ٿي رهيا هئا جنهن تي خالد، احمد ۽ اقبال کي سمجهائيندي چيو ته سياسي قيادتن هميشه عوام سان ويساهه گهاتيون ڪيون آهن ۽ تاريخ ۾ قومن تي اهڙيون ڪيفيتون طاري ٿينديون رهيون آهن، پر مايوسي مستقل عمل ناهي. اهو وقتي احساس آهي. اسان پنهنجي عمل مان مطمئن آهيون. ڇاڪاڻ ته ذلتون ئي ماڻهن کي سڌارينديون آهن ۽ اسان انهيءَ ذلتن ڀرئي سماج ۾ وڌي وڏا ٿيا آهيون..