ناول

ڪو جو قھر ڪلاچ ۾

زاهد راڄپر جو سادي انداز ۾ لکيل هي ناول هڪ طرف سنڌي سماج جي اوڻاين، ٿڪاين کي ظاهر ڪري ٿو ته ٻئي طرف هڪ صحتمند تفريح به فراهم ڪري ٿو. ناول ايتروئي دلچسپ آهي ۽ پڙهڻ وقت توهان کي وقت جو احساس ئي نه رهندو ۽ اهائي ڪامياب ناول جي نشاني آهي جو توهان ناول ۾ پاڻ کي وڃائي ويهي رهو. زاھد راڄپر جو سنڌ سان عشق آهي جنهن ڪري سندس لکڻين جو محور به سنڌ رهي آهي. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن سان ٿيل وارتا، واقعن ۽ حالتن کي هن پنهنجي ناول ۾ انتهائي خوبصورت نموني لکيو آهي جيڪو هاڻي سنڌ جي هڪ تاريخ بڻجي ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2025
  • 1013
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاھد راڄپر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪو جو قھر ڪلاچ ۾

باب ٻيو

چارئي دوست صبح جو 10 وڳي هيٺائين چوڪ تي گڏبا هئا. 10 ٿي ويا، روز جيئن خالد، احمد، اقبال چوڪ تي پهتا ۽ گپ شپ ۾ لڳي ويا. احمد، اداڪار سلطان راهي ۽ مصطفيٰ قريشيءَ جي فلم ”مولاجٽ“ جا هر هر ڊائيلاگ پئي ٻڌايا، خالد ۽ اقبال سندس ڊائيلاگن تي ٽهڪ ڏئي پئي کليا، ائين ڪچهري ڪندي، ڪندي نه ڄاڻ ڪيترو وقت گذري ويو، امتياز اڃا نه پهتو هو تنهنڪري سمورن دوستن جي دل ۾ امتياز جي نه پهچڻ جو اُلڪو وڌي ويو.
يار احمد ڏي خبر امتياز جي، الائي ڇو نه پهتو آهي اڃان!؟ خالد پڇيو..
احمد اڃا جواب ڏئي ان کان اڳ ئي اقبال چيو ته متان سندس طبيعت ٺيڪ نه هجي. ڪالهه ٿڌ هوندي به برسات ۾ پئي گهمياسين.
خالد، اقبال جي ڳالهه سان سهمت ٿيندي چيو ته پوءِ هلو ته هلي امتياز جي سار لهي اچون. ٽئي دوست ان ڳالهه تي متفق ٿين ٿا. ۽ بازار واري چاڙهي چڙهڻ لڳا. آڏو ٽه قبائين مسجد ڀرسان گذرندي، شاهي بازار جي ٻئي ڀر امتياز جو گهر هو. سندس گهر جي دروازي تي پهچي احمد، گهر جو دروازو کڙڪايو.
ٿورڙي دير ۾ امتياز جو پوڙهو پيءُ حاجي صالح دروازو کوليندي ئي پنهنجي ڏڪندڙ آواز ۾ پڇيو ابا ڪير؟
احمد چيس چاچا مان احمد، امتياز جو دوست مون کي ڪو نه سڃاتئي ڇا؟
نه ابا، هاڻي اکين جي نظر ئي ساٿ ڇڏي وئي آهي، ان ڪري پٽ ڪو نه سڃاڻي سگهيس. سندس آواز ۾ ساڳي پوڙهائپ واري ڏڪڻي برقرار هُئي.
حاجي صالح چيو__ ها پٽ ڏي خبر، ڪيئن پنڌ پيو آهين؟
چاچا، اڄ امتياز ملڻ ڪو نه آيو هو، ان ڪري چيوسين ته سندس خيريت پڇي اچئون، مون سان گڏ اقبال ۽ خالد به آهن. احمد کيس چيو_
پٽ امتياز ستو پيو آهي، لڳي ٿو ته سندس طبيعت ٺيڪ ناهي، ڪالهه جيئن ئي گهر موٽيو، تيئن الائي ڇو گم سم آهي، توهان دوستن ۾ ڪا ڳالهه ٿي آهي ڇا؟ حاجي صالح پريشانيءَ واري حالت ۾ پڇيو_
نه نه چاچا اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي_ خالد کيس ورندي ڏيندي چيو ۽ کيس چيائين ته هو امتياز کي ٻاهر اچڻ جو چئي_
جنهن تي حاجي صالح وراڻيو ته پٽ مان امتياز کي ٻڌايان ٿو_ پر توهان به دوست آهيوس، کيس ڪجهه سمجهايو ته اجايو ضد ڇڏي ۽ گهر ۾ ڇوڪرين وانگر ويهڻ بجاءِ ڪجهه ڪم ڪار ڪري، ڪم نه ڪندو ته ڀلا گهر جو گاڏو ڪيئن هلندو؟ پٽ مان به هاڻ ڪمائڻ جهڙو ناهيان رهيو._
پٽ! امتياز کي توهان ئي سمجهايو ته ڪجهه سُڌري، حاجي صالح اها ڳالهه بار بار چئي رهيو هو، سندس ان ڳالهه ۾ التجا هُئي هڪ بيوس پيءُ جي. اهو چئي هو واپس گهر ڏانهن وريو.
ٿورڙي دير ۾ امتياز گهران نڪتو، ڏاڍو منجهيل ٿي لڳو، پريشان، پريشان، دوستن کيس اڳ ڪڏهن به ان حالت ۾ نه ڏٺو هو، هر وقت کلندڙ، ٽهڪن مٿان ٽهڪ، خوش مزاج، زندهه دل پر اڄ سندس طبيعت مان اهي سڀ ڳالهيون غائب هيون.
دوستن سان هٿ ملائي رسمي دعا سلام بعد چيائين يار منهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي، ان ڪري نه اچي سگهيس.
ڇا ٿيو آهي تنهنجي طبيعت کي؟ اقبال يڪدم کانئس پڇيو_
جواب ۾ چيائين لڳي ٿو ته هلڪو بخار آهي، ان ڪري ڪا ڳالهه ئي نه ٿي وڻي، مٿان وري بابا، جي آ ڪر، ڪر………
ڇا ٿو چوي بابا؟ خالد کانئس پڇيو.
چوي ٿو روزگار ڪر، ڪٿان ڪيان روزگار، نوڪري ملي نه ٿي، ڪاروبار لاءِ به پئسا ناهن ته پوءِ ڇا ڪريان؟ امتياز جواب ڏيندي چيو. امتياز عجيب الجهن ۾ ڦاٿل نظر ٿي آيو.
سمورا دوست سندس اڄ اهڙي رويي تي حيران ۽ پريشان هئا ان ڪري کيس وڌيڪ چورڻ بجاءِ کيس گهر ۾ آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ امتياز به مشوري تي عمل ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ۽ گهر هليو ويو.
هي ٽئي ڄڻا به پنهنجن، پنهنجن گهرن ڏانهن روانه ٿيا.
شام جو سج زمين ۾ ٽُٻي هڻڻ لاءِ آتو هو، اڄ آسمان تي ڳاڙهاڻ الائي ڇو رت وانگر محسوس پئي ٿي. احمد، اقبال ۽ خالد ٽئي ٻاهر چوڪ تي پيل هڪ صندل تي ويٺا هُئا، پاڻ ۾ زماني جون ڳالهيون ڪري رهيا هُئا ته سامهون پاڻ ڏانهن مجيد کي تڪڙو، تڪڙو ايندي ڏٺن.
بندري قد وارو مجيد جنهن کي چارئي يار ڪڏهن ڪڏهن بندري ڪُتي چئي ڪري چيڙائيندا هئا ۽ جهٽ چڙي پوندو هو ۽ خوب دل سان گاريون ڏئي پنهنجو پلاند ڪندو هو، پر ماڻهو دلبر آهي مجيد جهڙو اندر تهڙو ٻاهر، دل مان صاف. ڪڏهن به دل ۾ مير نه رکڻ وارو انسان. ڪيڏو به ڪاوڙجي وڃي، پر ٻئي ڏينهن وري ساڳيو، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ناهي. مجيد، امتياز جو پاڙيسري آهي، جنهن ڪري مجيد سان ٽنهي جي هجت تمام گهڻي اٿن. ان ڪري مجيد کي تڪڙو پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي، خالد کان الائي ڇو بي ساخته نڪري ويو”الله خير ڪجانءِ“
خالد جي وات مان اڃا اُهي لفظ نڪتائي مس هئا، تيستائين مجيد هنن وٽ پهچي چُڪو هو، ساههُ ساههُ نه پئي ماپيس، تڪڙو جو آيو هو ان ڪري شايد سهڪي پيو هو اچڻ شرط کين ٻڌايائين ته يار امتياز خودڪشي ڪري ڇڏي آهي!!!
اُهي لفظ ٻڌندي ئي ٽئي پنڊ پهڻ ٿي ويا. ڪافي دير تائين ڄڻ هنن ۾ ساهه ذرو نه هو ۽ زندهه لاش بڻجي ويا هُئا. هنن کان پنهنجو جگري دوست هميشه لاءِ جدا ٿي ويو هو. هڪ اهڙو دوست جيڪو هنن کي ڏکين حالتن ۾ جيئڻ جون صلاحون ۽ آٿتون ڏيندو هو، هنن جو ڀرجهلو هو، جنهن سان هنن ڏکيا، سکيا ڏينهن گذاريا هين. جلد ئي پنهنجو پاڻ تي ضبط ڪري وٺي امتياز جي گهر ڏانهن ڀڳا.
امتياز جو مڙهه گهر جي اڱڻ ۾ پيو هو ۽ سندس پوڙها پيءُ ماءُ مڙهه کي هر هر چُمي رهيا هُئا جنهن تي پاڙي وارن کين منع ٿي ڪئي ته مڙهه کي چمبو ناهي، پر پيءَ ماءُ سندن هر ڳالهه کي نظر انداز ڪري ٿي ڇڏيو. ڪيڏي پيڙا مان اُهي گذري رهيا هُئا، امتياز سندن اڪيلو اولاد هيو، محمد صالح کيس وڏي لاڏ ڪوڏ مان پاليو ۽ پڙهايو هو. ته وڏو ٿي هو سندس سهارو بڻبو، پر اڄ هو سندن سهارو بڻجڻ بجاءِ کين دردن جي آڙاهه ۾ ڇڏي هليو ويو هو. هر ڪو امتياز جي پيءُ ماءُ کي اهو ئي چئي رهيو هو ته ”جيڪا ڌڻي جي مرضي!“ ”بس لکئي جا ليک آهن.“ ”توهان کي سک نه هُئا ملڻا!“
خالد، احمد کي ڪن ۾ چوي ٿو ته ان پوڙهي پيءُ کان اهو ڪير نه ٿو پڇي ته ”تنهنجي پٽ خودڪشي ڇو ڪئي؟“ يا ڪير ائين کڻي چوي ته اسان نااهل حڪمرانن جو ڪيتو لوڙي رهيا آهيون. جن جي عوام دشمن پاليسين اسان جي نوجوانن مان جيئڻ جي جستجو کسي کين خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ڪير ڪنهن کي همت ڏياري تيار ڪرڻ وارو نظر نه ٿو اچي. شايد سڀ مايوسيءَ جي آڙاهه ۾ پچي رهيا آهن ۽ ڪنهن سان پڄي نه سگهڻ ڪري تڏي تي ويٺل سمورن ماڻهن جي ڪاوڙ رب تي هُئي ته اهو ئي سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي. جنهن ڪري اهو ئي سمورين بيمارين جي جڙ آهي. باقي اسان سمورا پوتي پاڪ آهيون، اسان ۽ اسان جا حڪمران، ڪامورا ۽ ٻيا...........
ڪافي ڏينهن گذري ويا امتياز جي وڇوڙي جو ڏک ٽنهي دوستن جي دل ۾ گهر ڪري ويو هو، ٽئي يار ڏاڍا مايوس ۽ پريشان به هُئا، ڇاڪاڻ ته امتياز جي خودڪشي وارو معاملو هنن جي سمجهه کان ٻاهر هو، ڪنهن به طرح سندس خودڪشيءَ واري سبب تي پهچي نه سگهيا هُئا، 24 ڪلاڪن مان گهڻو وقت گڏ رهڻ دوران امتياز ڪنهن وڏي پريشانيءَ بابت اڄ تائين هنن سان ڪابه ڳالهه نه ڪئي هئي. جيڪا سندس خودڪشيءَ جو سبب بڻجي. ته پوءِ ڇو امتياز خودڪشي ڪئي؟ شايد بيروزگاري يا وري پوڙهي پيءَ جي نصيحت ئي ان خودڪشيءَ جو سبب بڻي؟ سوال هنن جي ذهن ۾ اڀريا ٿي ۽ ڪوبه جواب نه ملڻ ڪري خاموش ٿي ٿي ويا.
هڪ طرف جگري دوست جو وڇوڙو هو ته ٻئي پاسي جبل جيڏي اڻڀي زندگي آڏو هين. هڪ ڏينهن خالد کين چيو ته يار هيءَ به ڪا زندگي آ!؟ ائين سڏڪي سڏڪي مرڻ کان کان ڀلو آ ته ڪجهه نه ڪجهه ڪيون.
ڪيترا ڏينهن ائين ڳوڙها ڳاڙيندا رهنداسين؟ خالد جي انهيءَ تجويز ۾ اميد هُئي. جنهن تي هنن دوستن سوچيو هو.
احمد چيو ته ”يار اسان کي سنڌ جي هر پڙهيل لکيل نوجوان وانگر پنهنجو مستقبل اونداهون نظر ٿو اچي. ڀٽڪيل مسافر آهيون جن کي منزل جي تلاش آهي. نه ڪاروبار، نه نوڪري نه وري جيئڻ جو ڪو مقصد نظر ٿو اچي، بيروزگار ماڻهن جي زندگي سامهون آهي، انتهائي ذلتن سان ڀريل، ڏکن، دردن ۽ پيڙائن سان ڀريل، هر طرف مايوس چهرا، اداس چهرا نظر اچي رهيا آهن. جن جي نه ڪا منزل نه ڪو راهي. خوشين کان گهڻو پري زندگي آهي، جتي خوشيءَ جي لذت به پهچي نه ٿي سگهي. بکن ۽ بيمارين ۾ پاهه ٿيندڙ جسم، روڊ تي پٿر ڪٽيندي ۽ تعمير ٿيندڙ جڳهين تي تغاريون ڍوئيندي، رجهندڙ ۽ ڪاراٽجي ويل جسم، نفرتن سان ڀريل نگاهون، گهرن ۾ عورتن، ٻارڙن تي موچڙن جو زيپٽ ۽ ٻاهر مرد، وڏيرن ۽ پوليس جي ذلتن جو شڪار، موچڙا ماري، چوريون، ڦرون، ڌاڙا، مارا ماري، خوف، حراس عجيب ڀوائتو ماحول، جنهن ۾ ماڻهو غلامن کان بدتر زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.
امتياز جي خودڪشيءَ واري معاملي کان پوءِ مون کي به اهڙي زندگيءَ کان سخت نفرت ٿي وئي آهي.“
صبح جو وقت هو، ٽئي دوست چوڪ تي پيل صندل تي ويٺا هُئا. آسمان به جهڙالو هو ۽ ڪيڏي ڪيڏي مهل لڳندڙ هوا جي جهوٽي سندن جسم فرحت ڏئي رهيو هو. امتياز جي وڇوڙي کان پوءِ هنن جي ڪچهرين ۾ اهو چس نه رهيو هو، نه ٽهڪ ڏئي کليا هُئا، چرچا ڀوڳ ته ڄڻ هنن کان وسري ويا هُئا. حد کان وڌيڪ سنجيده ٿي ويا هُئا.
ويٺي ويٺي احمد دوستن کي چيو ته
”هاڻ اهڙي شهر ۾ نه رهبو.“
احمد جي اهڙي اوچتي ڳالهه ڪرڻ تي خالد ۽ اقبال ڄڻ ڇرڪي پيا.
ٻنهي گڏيل طور وراڻيو ته احمد توکي وري اوچتو ڇا ٿي ويو؟
احمد جواب ڏيندي خالد ڏانهن نهاريو ۽ چيو ته يار ڪجهه ڏينهن اڳ تو نه چيو هو ته هيءَ ڪهڙي زندگي آ؟.
خالد پنهنجي چيل ڳالهه کي ياد ڪندي چيو ته ها مون چيو هو، پر اها تجويز ته فقط ڳالهه جي حد تائين........
احمد سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو ته اها تجويز ڳالهه جي حد تائين نه هُئي پر اهو تنهنجي اندر جو آواز هو جيڪو هن ڪرڀ ڏياريندڙ ماحول سبب گهٽجي گهٽجي اندران نڪتو هو، اها هڪ مناسب تجويز هُئي جنهن تي اسان عمل ڪري سگهون ٿا. اسان به امتياز وانگر دل شڪسته ٿي خودڪشي نه ڪنداسين. بس هاڻي گهڻو ٿيو؟
ڇا گهڻو ٿيو؟ خالد ۽ اقبال پڇيو.
احمد کين چيو ته مون سوچيو آ ته هاڻي هتي نه رهبو، هتي زندگي ڏاڍي محدود ۽ ڀوائتي ٿي لڳي. ان ڪري هلو ته ڪراچي هلون ۽ ڪجهه ڪريون. خالد وراڻيندي چيو ته ها يار منهنجي دل به ائين چوي ٿي.
ٿوري بحث مباحثي کان پوءِ ٽئي دوست ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته هاڻي هو پنهنجي هن شهر ۾ نه رهندا ۽ ڪراچيءَ ويندا ۽ هو ڪراچي وڃڻ لاءِ منصوبندي ڪرڻ ۾ لڳي وڃن ٿا.