باب سورهون
ڪوارٽر ۾ اڪيلو ويٺي هن جي سوچن جي اڏام جاري هُئي. ڪراچيءَ ۾ ائين بي گناهه سنڌي ماڻهن جي خون وهڻ تي هن جو رت ٽهڪي رهيو هو. دل چيس ته بندوق کڻي ۽ کن پل ۾ سڀ معاملا ٺيڪ ڪري ڇڏي، پر وري خيال آيس ته هڪ طرف دهشت گردن جو مضبوط نيٽ ورڪ. ٻيو وري رياستي سرپرستي. ٽيون جديد هٿيار.... اهو سوچي وري بي وسيءَ ۾ ٻُڏي ٿي ويو ۽ وري ساڳيو ڪنُ.............. ۽ ڪن کان پوءِ پاتال ۽ پاتال کان پوءِ پاڻ کي اوندهه ۾ غرق ٿيندي ٿي محسوس ڪيائين. تڏهن ڪامريڊ محمد جمن جا اُهي جملا ياد پئي آيس ته ڪاري رات پٺيان هڪ روشن صبح لڪل هوندو آهي. اهو فطرت جو قانون آهي ان ڪري ڪروڌ کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي، ان ۾ قوم جي ڀلائي آهي.
انهن سوچن ۾ غائب هيو ته احمد ۽ اقبال اچي کيس چيو ته ڪهڙين سوچن ۾ گم آهين؟ اٿ ته ماني کائون. هنن ماني تيار ڪري ڇڏي آهي. اها منجهند جي ماني هُئي ۽ ماني کائي احمد ۽ خالد ڊيوٽيءَ تي وڃڻ لاءِ تيار ٿيا ته علائقي ۾ شديد فائرنگ هنن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ۽ اقبال هنن کي ڊيوٽيءَ تي وڃڻ کان سختيءَ سان منع ڪري ڇڏي ۽ هي ڪواٽرن ۾ قيدي بڻجي ويهي رهيا. بنا ڪنهن ڏوهه جا قيدي.......
ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون حالتون به انسان کي بيوس ۽ لاچار بنائي ڇڏينديون آهن. جتي ماڻهو نه آزاديءَ سان گهمي سگهي نه ڦري سگهي ۽ نه ساهُه کڻي سگهي. هر وقت اهو خوف ته ڪيڏي مهل ڪا گولي اڻ ڄاتل هنڌ کان ايندي ۽ هنن جو سينو چيري نڪري ويندي ۽ هي بي موت ماريا ويندا. اغوا ٿي ويندا. ڊرل مشين سان هنن جي جسم ۾ سوراخ ڪڍيا ويندا، ننهن ڇڪي ڪڍيا ويندا ۽ کين چيو ويندو
” سالا سندھی ھے۔ اسے کسی بھی حال میں نھیں چھوڑنا!“ ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن سندن لاش لياري نديءَ جي ڀرسان ٻوريءَ ۾ بند ملندا. ڪا قبر ۽ ڪفن به نصيب ٿيندن الائي نه.
ڪنهن کي ڪابه خبر ناهي ته ساڻن ڇا ٿيڻ وارو آهي، پر کين اها خبر ضرور آهي ته کين سان ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻو ضرور آهي. هر سنڌي ماڻهو کي ڪنهن نه ڪنهن عذاب مان گذرڻو آهي ۽ هر سنڌي ماڻهو ان احساس، خوف ۾ زندگي بسر ڪري رهيو آهي ۽ هنن جي ووٽن تي چونڊيل حڪمران دهشت گردن جي مرڪز جا طواف ڪري رهيا آهن، اهو سوچي خالد کي گن اچي ٿي ۽ سندس ساههُ ڄڻ نڪرڻ لڳي ٿو، سندس دل ٽپ ڏئي ٿي. ڄڻ حڪمرانن جي اهڙي بي حسيءَ تي ڦاٽي پوندي.
اهڙيون انيڪ خوفناڪ ۽ ڀوائتيون راتيون گذارڻ کان پوءِ هني ڄڻ اڌ ذهني مريض بڻجي ويا هُئا. ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آين ته ڇا ڪن. ڪراچيءَ ۾ جاب ڪرڻ سان گڏ سنڌي ماڻهن ۾ سجاڳي پئدا ڪرڻ لاءِ جاکوڙ وارو ڪم جاري رکن يا پنهنجي جان بچائي ڪيڏانهن نڪري وڃن. ڇاڪاڻ ته ريلوي ڪالونيءَ جون حالتون ڪنهن به طرح هنن جي حق ۾ نه هيون.
ڪالهه رات به هنن جي ڪوارٽر ۾ ڌمڪين وارو خط اڇليو ويو هو، جنهن ۾ لکيل
................................ سندھیو کوارٹر خالی کرو یا موت کے لئے تیار ھوجائو!
بعد ۾ ڇتي فائرنگ ٿي هُئي، هنن وٽ حفاظت لاءِ لٺِ به ڪانه هئي، سندن ٻاهرين سنگت سان رابطو ڪٽيل هو ۽ ٻاهر نڪرڻ محال هو، ائين هنن هفتو گذاريو، سندن گهر ۾ هاڻي کائڻ لاءِ ان جو داڻو به نه هو، ٻن ڏينهن کان بک اصل هانو ٿي کاڌن، سندن پاڻي جي سپلاءِ به ڪٽيل هُئي ۽ پاڻي جيڪو ٽانڪيءَ ۾ ڀريل هو ان جو ئي آسري تي هئا. ان حالت ۾ احمد اوچتو اٿيو ۽ رڌڻي ۾ هليو ويو. هن پاروٿيون سڪل مانيون گڏ ڪيون ۽ هڪ ٿانو ۾ وجهي انهن ۾ پاڻي ملائي چُلهي تي رکيائين هنن سوچيو ته چريو ٿيو آهي. بک ماڻهوءَ جون متيون منجهائي وجهندي آهي، پر هنن کي حيرت ٿي ته بک احمد جون متيون نه منجهايون هيون پر بک سندس ذهن جي ڇٽيهين حس جو خوب فائدو حاصل ڪيو هو، پاروٿي ماني ۽ ان ۾ کنڊ وجهي سيرو جو تيار ڪيائين ته بس ٽئي ڄڻا آڱريون چٽيندا رهيا. اندر ۾ ڪجهه گرهه پوڻ ڪري ڪجهه مڙئي ايمان تازو ٿين. اهو ٻپهري جو وقت هو.
شام لڙي رهي هُئي ته اوچتو ڪوارٽر ٻاهران موٽر سائيڪل جو آواز ٻڌائون، خالد ٿورڙي دري کولي ته موٽر سائيڪل تي سلمان ڀائي بيٺا ڏٺائين. اصل متيون ئي منجهي ويس.
احمد ۽ اقبال کي چيائين ته اڄ مري وياسين، پڙهو ڪلمو ته شهادت جو موت مرئون.
احمد کيس چيو ته خير گهر ڇورا. توکي وري ڇاٿيو.
خالد کين چيو ته يار سلمان ڀائي تي اعتبار ڪري سٺو نه ڪيوسين ۽ ان سان گڏ افسوس جو ڊگهو ساههُ کنيائين
احمد کيس چيو ته ڇو؟
خالي چين ته ڪوارٽر ٻاهران اچي بيٺو آهي، ڪميڻو ڪنهن جاءِ جو. پڪ پنهنجي ساٿين کي اسان بابت سڀ ڪجهه ٻڌايو هوندائين. ڄاڻ سندس ساٿي آيا ۽ اسان کي خلاص ڪري ڇڏيندا. بس ٺش ٺش ڪندا ۽ کيل ختم.
اسان کي ڪنهن به صورت ۾ سلمان ڀائيءَ جي ويجهو نه ٿيڻ کپندو هو ۽ راز نه سلڻ کپندا هُئا اهو چئي ٽنهي ڏاڍو پڇتايو ۽ پاڻ تي ملامت جي ڦٽڪار ڪئي پئي ته اوچتو سلمان ڀائي دريءَ وٽ اچي بيٺو ۽ خالد کي سڏ ڪندي چيائين.
يار ٹائیم بھت کم ھے، دروازہ کھولو، جلدی!
اهو ٻڌي خالد جون ٻه به ويون ته ٽي به............
سلمان ڀائي هنن کي هر هر سڏ پئي ڪيا ۽ هي فيصلو نه ڪري سگهيا ته سلمان ڀائي لاءِ در کولجي يا نه ان ڪشمڪش ۾ ٿورو وقت گذري ويو ۽ هي هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا رهيا ۽ هنن جا جسم پنڊ پهڻ ٿي ويا هڪ ئي هنڌ بيهي رهيا.
ايتري ۾ در مٿان اڇليل ڪنهن وزندار شيِءِ جو ڪوارٽر اندر ڪرڻ جي آواز تي ٽنهي کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ موٽر سائيڪل اسٽارٽ ٿي ۽ موٽر سائيڪل جو آواز جيئن پوءِ تيئن پري ٿيندو ويو. هي خاموش ويٺا رهيا، ڄڻ موت کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا هئا. ڪجهه دير کان پوءِ احمد خاموشي کي ٽوڙيندي کين چيو ته يار رات ڪهڙيءَ به صورت ۾ هتان نڪرڻ جي ڪجي نه ته بک ۽ اڃ مري وينداسين ۽ اسان جا لاش هتي ڪوارٽر ۾ ڌپ ڪري ويندا. جيت ماس پٽي عياشي ڪندا ۽ مائٽن کي خبر به نه پوندي.
ٽئي رات جو نڪرڻ واري ڳالهه تي متفق هئا ۽ کين رات جو انتظار هو.
وري هنن کي گهر ۾ ڪريل ڪنهن شيءِ جي يادگيري اچي وئي ۽ اقبال اٿيو ۽ هي ٻئي ويٺا ئي رهيا. اصل ۾ کين اٿڻ جو ست ئي نه هو. اقبال آڳر ڏانهن ويو ته سندس نظر هڪ ٿيلهيءَ تي پئي، دانهن نڪري ويس. هي ٻئي سندس دانهن تي اٿيا ۽ آڳر ۾ اچي پهتا ته اقبال ٿيلهيءَ ڏانهن اشارو ڪيو، ٿيلهي ڪپڙي جي هُئي. ان ڪري ان جي اندر ڇا هو، کين ڏسڻ ۾ نه پئي آيو.
احمد کين چيو ته يار لڳي ٿو سلمان ڀائي ٿيلهي ۾ بم اڇلي ويو آهي، جيڪو ڄاڻ ڦاٽو ۽ اسين هتي جو هتي مري وينداسين. ان ڪري اٿو ته ڀڄڻ جي ڪيون.
خالد چيو ته جيڪڏهن سلمان ڀائيءَ اسان کي مارائي ها ته پوءَ بم اڇلڻ بجاءِ غندن ذريعي حملو ڪري هان، کيس خبر آهي ته اسان وٽ حفاظت لاءِ لٺ به ناهي.
اقبال چيو ته ڀلا ٿيلهيءَ کي کولي ٿا ڏسون ته خبر پئجي ويندي.
انهن ئي خيالن ۾ سلمان ڀائي کي ڍو تي گاريون به ڏيندا رهيا ته سلمان ڀائي دوستي رکي کين ڇرو هنيو آهي، احمد کين چيو ته مون توهان کي اڳئي چيو هو ته سلمان ڀائي کان پري رهو ڪيڏي مهل به ڪاٺ ۾ وجهرائيندو. نانگ جي ويجهو نه وڃو، ڏنگي وجهندو پر توهان منهنجي هڪ نه ٻُڌي.
خالد چيو ته ڪيترا نانگ اهڙا به هوندا آهن جن ۾ زهر ناهي هوندو. سلمان ڀائي به اهڙن نانگن مان ٿي سگهي ٿو. پر اسان کي مارائيندو ڪونه.
اقبال چيو ته جي نه مارائي ها ته پوءِ هي ڇا آهي؟ بم اڇلي ويو آهي، اسان کي مارڻ لاءِ ڪتي جو پٽُ..
ٿيلهي ۾ ڪنهن کي به هٿ وجهڻ جي جرئت نه ٿي، ٽئي ڄڻا خوف ۾ ورتل هُئا. موت جو خوف............ڄاڻ بم ڦاٽو ۽ هي سڀ مري ويندا.
پوليس ايندي ۽ بيان جاري ڪيو ويندو ته ريلوي ڪالونيءَ ۾ ٽي دهشت گرد بم ٺاهڻ دوران ڌماڪو ٿيڻ سبب مارجي ويا ۽ اسان ڌرتيءَ ڌڻي ٿي وينداسين دهشت گرد..............!!!!
اهڙو خيال ايندي ئي خالد جا لڱ ڪانڊارجي ٿي ويا. نيٺ دل ٻڌي ٿيلهيءَ جي ويجهو پهتو ۽ ڏڪندڙ هٿن سان ٿيلهيءَ کي هٿ لاتائين، پگهر نرڙ مان ٽمي رهيو هوس ۽ سندس دل تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي هئي. ٿيلهيءَ ۾ هٿ وجهي اکيون ٻوٽي ڇڏيائين. ڀائيائين ته اجهو ڌماڪو ٿيو ۽ هاڻي هو ان ڌماڪي ۾ مري رهيو آهي. خواب ٽٽندي ڏٺائين ۽ دوستن کان پاڻ کي دور محسوس ڪيائين.
ساڳي اوندهه، ساڳيو پاتال........غار......اوندهه پاڻ کي ان ۾ ڦاسندو محسوس ڪيائين.
نيٺ خدا خدا ڪري هن ٿيلهي ۾ هٿ وڌا، ٿيلهي ۾ هٿ وجهڻ شرط کيس محسوس ٿيو ته ٿيلهي ۾ ڪابه سخت شيءِ نه آهي، تڏهن جسم ۾ ساههُ موٽڻ لڳس ۽ پاتال مان واپس موٽي زمين تي اچي ڦهڪو ڪيائين. ٿيلهي ۾ ٻئي هٿ وجهي اندر ڪمري ۾ کڻي آيو پر اڃا تائين احمد ۽ اقبال هن جي ويجهو اچڻ لاءِ تيار نه هئا، انهن جي ذهن ۾ اهو خيال ويهي ويو هو ته ان ٿيلهي ۾ بم آهي، جيڪو ڄاڻ ڦاٽو ۽ هو ائين ئي ڪنوارا مري ويندا، بي موت................. هنن جي جسم جا ڪيترا ٽڪرا ٿي ويندا، سڃاڻپ ۾ به ايندا يا نه، خالد جي قبر ۾ اقبال جي جسم جا ٽڪرا، احمد جي قبر ۾ خالد جي جسم جا ٽڪرا دفن ٿيندا ، جيئن 1988ع جنرل ضياءَ جي جهاز حادثي کان پوءِ جسم جا ٽڪرا نه مليا هئا، تيئن هنن جي جسم جا ٽڪرا به مائٽن کي ملندا يا نه..!؟ يا هنن جي جسم جا ٽڪرا به پوليس پراپرٽي ٿي ويندا، جيڪي ڪورٽ ۾ پيش ڪندا ته هي انهن دهشت گردن جا ٽڪرا آهن جن ريلوي ڪالوني ۾ بم ٺاهيا پئي ۽ ريلوي کي اڏائڻ ۽ شهر ۾ دنگا فساد ڪرائڻ جي منصوبه بندي ڪري رهيا هئا.
احمد دانهن ڪندي خالد کي چيو ته يار متان ٿيلهي کي کوليو اٿئي.
خالد کيس چيو ته ساههُ نه وڃئي ٿيلهي ۾ اهڙي ڪابه شيءِ ناهي، مون هٿ لائي ڏٺو اٿمانس.
احمد چيس ته، نه يار سلمان ڀائي جو واسطو دهشتگرد تنظيم سان آهي پڪ هو اسان کي مارڻ لاءِ ٿيلهي ۾ بم ڦٽو ڪري ويو آهي يا وري ڌماڪيدار مادو.... اسان کي ڦاسائڻ لاءِ ڄاڻ اهو بم ڦاٽو يا وري پوليس پهتي. يار مون توهان کي چيو هو ته ان سلمان ڀائي تي ڪڏهن به يقين نه ڪجو، پر توهان منهنجي هڪ ڳالهه به نه ٻڌي، اڄ نتيجو ڏسڻ وارا آهيو!
خالد چيس ته ساههُ نه وڃئي. پريشان نه ٿي جيڪو ٿيو ڏٺو ويندو. مون کي ٿيلهي کولڻ ڏي.
خالد جا هٿ اڃا به ڏڪي رهيا هئا ۽ ڏڪندڙ هٿن سان ٿيلهي کوليائين ته ان ۾ نه ڪو بم هو، نه ڪو ڌماڪيدار مادو..... ٿيلهي ۾ سڪا چانور، اٽو، گيهه، پاڻي جي بوتل، کنڊ ٻيو کائڻ جو سامان هو.. هنن اهو سڀ ڪجهه ڏسي سلمان ڀائي کي جيڪو پر پٺِ ڳالهايو هئائون ان تي پشيمان ٿيا ۽ هنن جو انسانيت ۾ يقين وڌيڪ پختو محسوس ٿيو، ته ”اڃان ڪي آهن ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي...“
کاڌي جو سامان هنن جي هٿن ۾ هو ۽ هو خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيا. کين ڪيترن ڏينهن جي بک ساڻو ڪري ڇڏيو هو.
اها رات هنن ماني ڍئو ڪري کاڌي... مگر کائڻ کان پوءِ وري دل ڏاريندڙ گولين جا ٺڪاءَ اصل سندن هانو اڌ ڪري رهيا هئا. ننڊ هنن کان ڪوهين ڏور هئي ۽ پل پل سندن دل ۾ اهي خيال جاڳيا ٿي ته اڄ وري الائي ڪهڙي ماءُ جي جگر جو ٽڪرو انهن گولين جو بک بڻيو هوندو، ڪنهن زال جو سهاڳ اجڙيو هوندو، ڪو ڀاءُ جدا ٿي ڀيڻ جي شفقت کان هميشه محروم ٿي ويو هوندو، الائي ڪنهن جي گهر قيامت برپا هوندي.........اهي انيڪ انومان هئا هنن جي ذهنن ۾ جيڪي هڪ ٻئي سان پئي ونڊيندا رهيا ٿي ۽ ائين ويچار ونڊيندي خبر ناهي ڪيڏي مهل هنن جي اک لڳي وئي.