باب پندرهون
برداشت جو مادو به وڏو هيس، ان ڪري ڪنهن به ڳالهه تي چڙندو اصل نه هو، ڀلي پيا ڪچيون گاريون ڏيوس يا چرچا ڪيوس، وڌ ۾ وڌ ڳالهه نه وڻندي هيس ته مُنهن ڀيلو ڪري پري ويهي ٻلي وانگر پيو انهن کي تڪيندو هو. پر اهو به گهڻو وقت نه. ڇاڪاڻ ته پاڻ ئي کين چوندو هو ته حبو ڳالهائي نه، ته ڦاٽي مري. شل ڪا ڳالهه هٿ اچيس پوءِ ته بس پريشان هوندو هو ۽ ڪنهن شاعر وانگر پنهنجي پئسن تي چانهن پياري کيس اها ڳالهه ضرور ٻڌائيندو. حبو حوالي جي حرڪتن، چرچن ڀوڳن سبب ڪمپيوٽر روم ۾ حبو جي حوالن تي ٽهڪرو متو پيو هوندو هو ۽ سندس اهڙي زندهه دليءَ سبب سڀ دوست پنهنجا ڏک سور وساري ويهندا هئا. گهڻو ڪري ”ڀوڪ“ لفظ استعمال ڪندو هو. يعني اڙي ڀوڪ ٻڌين ٿو؟ اڙي ڀوڪ هيءَ ڳالهه، اڙي ڀوڪ هوءَ ڳالهه... صفا ڪو ڀوڪ آهين.
ٻه دوست پاڻ ۾ ڳالهائيندا ته وچ ۾ پاڻ ٽپ ضرور ڏيندو. ڀلي موضوع ڪهڙو به هجي، پنهنجي ڳالهه کي اڌ گفتگوءَ ۾ ضرور ٽنبيندو. جنهن ڪري ماٺ ڪرائڻ لاءِ دوست کيس ڇڙٻيندا هئا، پر هو چڙندو اصل ڪونه هو، نه وري سدن ڳالهه دل ۾ ڪندو هو، الائي ڪهڙي مٽيءَ جو ٺهيل هو حبو حوالي........ سڀني دوستن جي چرچن، گارين، ڇڙٻن جو مرڪز هجڻ باوجود به سڀني لاءِ هڪجهڙو هوندو هو. خالد حبوءَ جي ڳالهين کي ياد ڪندي کلي ڏنو.
هڪ دفعي ته هنن سان گڏ ڪم ڪندڙ منور حبوءَ کي ڪنهن معاملي تان چماٽ وهائي ڪڍي. هنن سوچيو ته هاڻي حبو حوالي منور سان ڪڏهن به نه ڳالهائيندو. پر ڇا جي معافي! ڇا جو ٺاههُ. ٻئي ڏينهن تي ساڳيا چرچا ۽ ساڳيا قرب. منور ۽ ٻئي ٻٽُ هُئا. ڄڻ هڪ ڏينهن اڳ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو. جڏهن ته ڪم ڪندڙ سمورن ملازمن مان شل نه ڪنهن کي مٿي ۾ سور پئي. پر جيستائين اهو ٺيڪ نه ٿيندو، تيستائين حبوءَ کي مٿي ۾ سور هوندو. چانهه پيو وٺيو ايندو. گوريون.... يعني جيڪو سندس وس ۾ هوندو اهو ان لاءِ پيو ڪندو. ايتري تائين جو مٿي کي زور ڏيڻ ۾ به عيب نه سمجهندو هو، پر ڪجهه دوست حبوءَ جي ان خدمت جي جذبي جو غلط به فائدو وٺندا هُئا، يعني ٿورو ٿڪ هوندن ته به دانهون ڪندا هُئا ته مٿي ۾ سور آهي ۽ ويچارو حبو حوالي انهن کي زور ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيندو هيو. سندس ان خدمت جو سلو کيس گهٽ ملندو هو.
اهي ڳالهيون ياد ڪندي خالد حبوءَ کان پڇيو ته حبو جيترو تون سڀني ماڻهن کي ڪم اچين ٿو. موٽ ۾ اُهي ماڻهو به توکي ڪم اچن ٿا يا نه..........خالد جو جملو اڌ ۾ ڪٽيندي کيس چيائين ڀوڪ، پنهنجو ڪم آهي چڱائي ڪرڻ ۽ کوهه ۾ اڇلڻ. باقي بدلي ۾ چڱائي ملي ته هيءُ جهان جنت بڻجي نه پئي.
خالد سوچيو ته حبو ڳالهه ته صحيح ٿو ڪري. شايد اسان مان هر ماڻهو حبو وانگر سوچي ته ماڻهن جا اڌ مسئلا پاڻ ئي ختم نه ٿي وڃن. پر ائين ڪٿي ٿو ٿئي، هتي ته ماڻهو، ماڻهوءَ کي ٿو کائي، جنهن سبب بدلي جي باهه ۾ انسانيت ئي مرندي پئي وڃي.
حبوءَ ان ڏينهن خالد کي سلمان ڀائيءَ کان ورتل اوڌارا 5 سئو روپيا واپس ڪيا. حبوءَ لاءِ حالتون ڪهڙيون به هجن، پر اوڌر وٺڻ جو ڀلو ۽ واپس ڪرڻ جو اصل ان کان به ڀلو.....
خالد کائنس پڇيو، حبو ڏي خبر شادي ڳوٺان ڪري آيو آهين ڇا؟ جو تو واري رن ٻار ڄڻڻ کان اصل بس ئي نه ٿي ڪري.. يار تون ئي ڪجهه سمجهه کان ڪم وٺ ۽ منصوبا بندي سان ڪم ڪر.
کيس چيائين يار، ڳوٺان شادي ڪري اچان هان ته ڀلو هو، پر هتي ڪراچيءَ ۾ بنگالڻ مٿي ۾ لڳي وئي – ڪاري رڏُ..
خالد پڇيس ته اهو وري ڪيئن؟
کيس چيائين ته يار مان ڪراچي ڪمائڻ لاءِ آيو هوس، مون کي بنگالي ڪالونيءَ ۾ هڪ بنگالي خاندان جي گهر ڀرسان رهڻ لاءِ ڪمرو مليو هو. مان کاڌي جو خرچ ان بنگالي خاندان کي ڏيندو هوس ۽ مون کي ٻه ويلا ماني پچي ملندي هُئي. انهن جي گهر ۾ اچ وڃ سبب هڪ جوانڙيءَ جي پيار جي بخار ۾ مبتلا ٿي ويس. عشق، محبت ۾ هر ڳالهه جائز آهي. تڏهن ته هوءَ ڪاري هوندي به مون کي سانوري خوبصورت لڳندي هُئي. سنهڙي، سمارٽ- اکيون وڏيون پر قد ننڍڙو..... مان به جوان هيس، خير هينئر به جوان آهيان. پر پهريان کان مڙيئي ٿورو گهٽ.. ان ڪري کيس ڏسندي. منهنجي اندر پئي باهه جا اُلا ٻرندا هُئا، اصل صفا اتاولو هيس، ته هينئر ملي ته ٻيو ڏينهن پوءِ ٿئي. ساڻس ائين تعلقات وڌائڻ جون گهڻيون ڪوششون ڪيم پر سڀ بيڪار ويون. جنهن ڪري سندس مائٽن کي شادي جي آڇ ڪرڻي پئي، هو به ڪي اصل تيار ويٺا هُئا. سو دير ئي نه ڪيائون ۽ مون بنا سوچڻ سمجهڻ جي مصيبت کڻي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌي. هاڻي ته زهر ٿي لڳي، پر ڇا ڪيان، هاڻي ته منهنجي 8 ٻاڙن جي ماءُ آهي. ان ڪري زهر جو ڍڪ روز پيڻو پوندو آهي، جي مان ائين زندگي نه گذاريان ته شايد واقعي به سڀ ڪجهه اندر ۾ سانڍي ڦاٽي مري وڃان ها.
خالد چيس ته تنهنجا مائٽ شاديءَ لاءِ راضي ٿيا؟
کيس چيائين ڪهڙا مائٽ؟
خالد چيس؛ مطلب ته تنهنجا ماءُ، پيءُ، ڀيڻ، ڀاءُ وغيره، وغيره
خالد پاران اهڙو سوال ڪرڻ تي سندس اندر ۾ پيڙا هُئي جيڪا چهري تي ظاهر ٿي پئي، انتهائي ڏکاري حالت ۾ لفظ سندس وات مان نه ٿي نڪتا ۽ ڪجهه خاموش رهڻ کانپوءِ جلدي ئي پنهنجي اندر جي پيڙا کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي کيس چيائين ته اڙي ڀوڪ! نه ماءُ، نه پيءُ، نه ڀيڻ ۽ نه ڀاءُ وغيره وغيره
خالد چيس ته پوءِ آسمان مان هيٺ ڪريو آهين ڇا؟
کيس چيائين ڀوڪ ائين ئي سمجهه.
ائين سمجهان! ڇا ائين سمجهان، خالد چيس
هڪ وڏو شوڪارو هيو، جيڪو حبوءَ جي اندر مان طوفان وانگر اٿيو ۽ وات مان ٻاهر ڪڍندي خالد کي چيائين ڀوڪ! مون کي خبر ناهي ته منهنجو پيءُ ڪير هو؟ ڪٿي جو هو ۽ ماءُ به اسپتال ۾ مون کي ڄڻيندي مري وئي هُئي. هڪ نرس مون کي گود ورتو ۽ جڏهن 5 سالن جو ٿيس ته اها نرس به الله کي پياري ٿي وئي، پوءِ پاڙي جي الله لوڪ شخص مون کي پڙهايو ۽ ماني ٽڪر ڏيندو هو، ان الله لوڪ شخص جو نالو اسماعيل هو، مون کي پڙهائڻ ۽ خرچ تان سندس ۽ زال وچ ۾ سدائين جهيڙو پيو هلندو هو ۽ مان ويٺو ڏسندو هوس، پر ان شخص مون تان شفقت جو هٿ نه هٽايو، جيستائين الله کي پيارو ٿي ويو. تيستائين مان مئٽرڪ سانگهڙ هاءِ اسڪول مان پاس ڪري چڪو هوس. ان الله لوڪ شخص جي وفات بعد مون کي سندس زال ڪڍي ڇڏيو. مون هوٽلن تي ڪم ڪندي گذر ڪيو ۽ پڙهائي به ڪئي. ڇاڪاڻ ته ان الله لوڪ شخص مون کي وصيعت ڪئي هُئي ته پٽ ڪوشش ڪري هر حال ۾ پڙهجان. انٽر تائين تعليم مڪمل ڪئي، مون کي سانگهڙ ۾ مزو نه آيو ڇاڪاڻ ته جتي مون کي ڏک ئي ڏک مليا هجن اتي به رهڻ تي ڪو دل چوندي؟ ان ڪري سانگهڙ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيم ۽ ڪراچيءَ هليو آيس. هتي ڪراچيءَ ۾ هيءَ هچا ”زال“ مون کي مٿي ۾ لڳي وئي. يار هاڻي ته ٻار به سنڌي نه ٿا ڳالهائين جنهن ڪري اندر ۾ پيو ڪڙهان ويٺو ته منهنجو ايندڙ نسل سنڌي نه پر بنگالي هوندو!
خالد سندس اندر ۾ لڪيل ڏک ۽ درد محسوس ڪيو ۽ دنگ رهجي ويو. ههڙين حالتن ۽ ڏکن ۽ دردن کي جهيڙيندڙ حبو......!! هنن کي ڪڏهن به محسوس ئي ٿيڻ نه ڏنو ته دردن جي پهاڙ تي زندگي بسر ڪري رهيو آهي.
منوءَ کيس آٿت ڏنو، کيس چيائين ڇو؟ ڀوڪ مان هاڻي اندر جو پٿر ٿي ويو آهيان. منهنجي لاءِ هاڻي ڪنهن جي همدردي ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان فرق نه ٿو پوي.
خالد سوچيو ته حبو ٻاهران ميڻ ۽ اندر ۾ واقعي پٿر آهي. تڏهن ته انتهائي ڪرڀ باوجود به هر ماڻهوءَ کي کلائي، بهلائي غم کي لڪائيندو رهي ٿو، پر اڄ تائين پنهنجي ڏک، تڪليف ۽ پيڙا کي مُنهن تي ظاهر ٿيڻ نه ڏنواٿس ۽ سدائين تڪليفن کي مات ڏئي جيئڻ جي جستجو ۾ جٽيو رهندو پيو اچي.
ڊيوٽيءَ جو وقت پورو ٿيڻ تي خالد ۽ احمد واپس ٿيا ۽ چوڪ تي پهچي سلمان ڀائيءَ جي ڪيبن ڏانهن لڙيا. سلمان ڀائي پان ٺاهڻ ۾ مصروف هو ۽ سندس مانڊڻي تي ڪيترائي گهراهڪ پان وٺڻ جي انتظار ۾ هئا ۽ ساڳيو انڊين گانو هلندڙ هو.
جب پیار کیا تو ڈرنا کیا
پیار کیا کوئی چوری نھیں کی،
چپ چپ آھیں بھرنا کیا۔
خالد کيس حبوءَ وارا پئسا واپس ڪيا، جنهن تي سلمان ڀائي کيس چيو ته مون پئسا اڌارا نه ڏنا هُئا، مون هڪ ضرورت مند جي مدد ڪئي هُئي.
خالد چيس ته نه ڀائي حبوءَ پئسا اوڌارا ورتا هُئا ۽ ان واپس ڪري ڇڏيا آهن ان ڪري توهان پئسا وٺو.
کيس چيائين توهان جي مرضي، پر مون کي پئسا واپس وٺندي سٺو نه ٿو لڳي.
خالد هڪ ڏينهن نيٺ سلمان ڀائي کان پڇي ورتو ته سلمان ڀائي! توهان اهو انڊين گانو هر وقت ڇو ٻڌندا آهيو ۽ توهان کي هر وقت اهو گانو ٻڌندي بوريت محسوس ناهي ٿيندي؟
ڳالهه نٽائيندي کيس چيائين يار ان ڳالهه کي ڇڏ!
هن کيس چيو ته مان اهو راز پڇڻ کانسواءِ نه اڄ نه ويندس.
وڏو ساههُ کنيائين ۽ ڪجهه وقت سوچن ۾ ٻُڏي ويو. سندس چهرو جنهن تي پهرين مرڪ رقص پئي ڪيو، سو پاروٿي گل وانگر ڪومائجڻ لڳو. سندس اهڙي حالت ڏسي خالد کيس چيو ته يار ٺهيو. ڪنهن ٻئي ڀيري.