ناول

ڪو جو قھر ڪلاچ ۾

زاهد راڄپر جو سادي انداز ۾ لکيل هي ناول هڪ طرف سنڌي سماج جي اوڻاين، ٿڪاين کي ظاهر ڪري ٿو ته ٻئي طرف هڪ صحتمند تفريح به فراهم ڪري ٿو. ناول ايتروئي دلچسپ آهي ۽ پڙهڻ وقت توهان کي وقت جو احساس ئي نه رهندو ۽ اهائي ڪامياب ناول جي نشاني آهي جو توهان ناول ۾ پاڻ کي وڃائي ويهي رهو. زاھد راڄپر جو سنڌ سان عشق آهي جنهن ڪري سندس لکڻين جو محور به سنڌ رهي آهي. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن سان ٿيل وارتا، واقعن ۽ حالتن کي هن پنهنجي ناول ۾ انتهائي خوبصورت نموني لکيو آهي جيڪو هاڻي سنڌ جي هڪ تاريخ بڻجي ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2025
  • 1013
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاھد راڄپر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪو جو قھر ڪلاچ ۾

باب ڏهون

وقت هٿن مان واريءَ وانگر کسڪندو پئي ويو، پر خالد ۽ احمد ٻنهي جي روزگار جو ڪٿي به بندوبست نه پئي ٿيو، اڱاري جو ڏينهن هو ۽ هو ڪوارٽر تي ستا پيا هئا، منجهند لڙي هئي، ڀرواري پپر جي وڻ مان پکين جا آواز اچي رهيا هئا. ڪيڏي، ڪيڏي مهل ڪنهن گاڏي جي گذرڻ جو آواز يا هارن وڄڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو، اقبال به اچڻ ۾ دير ڪئي هئي، جنهن ڪري ان چنتا سبب خالد جي اک نه پئي لڳي، ڇاڪاڻ ته شهر جون حالتون وري خراب هيون. کين ڪيترن ئي علائقن ۾ وڳوڙ ٿيڻ جا اطلاع ملي رهيا هئا. جنهن ڪري اقبال جي دير سبب خالد هر هر اٿي دروازي ڏانهن ويو ٿي، پر دروازي تي ڪاري وارا ڪک هُئا. هڪ لمحي سوچيائين ته ڪينٽ اسٽيشن تي وڃان ۽ اقبال جي خبر چار لهي اچان پر ڪينٽ اسٽيشن سٽ پنڌ تي هُئي، ان ڪري سوچيائين ٿورو انتظار ٿو ڪريان. متان اچي وڃي. ڪينٽ اسٽيشن جو نالو ذهن تي اچڻ سبب ڪيتريون ئي خوبصورت يادون هن جي ذهن جي اسڪرين تي اچي ويون، ڇاڪاڻ ته جڏهن ستي، ستي بور ٿيندا هُئا ته احمد ۽ خالد ٻئي ڄڻا ڪينٽ اسٽيشن ڏانهن وکون وڌائيندا هئا. اقبال پنهنجي ڊيوٽيءَ ۾ مصروف هوندو هو ۽ هي ڪينٽ جي بئنچن تي ويهي گرميءَ جي موسم ۾ ٿڌي هوا جا جهوٽا جهٽيندا هئا. ڪينٽ تي ڀانت ڀانت جا مسافر اچي ريل مان لهندا هئا يا ريل ۾ چڙهندا هئا، ڪي ٽولين ۾ ويٺي پنهنجي ٽرين جي اچڻ جو انتظار به ڪندي نظر ايندا هُئا. ڪي پنهنجن پيارن کي ٽرين ۾ موڪلڻ دوران اوڇنگارون ڏيندي روئيندا به هئا ته ڪي وري ٽهڪن سان کين الوداع ڪندا هئا. ڪن جي ڀاڪرن سان آجيان ٿيندي هئي، کين اسٽيشن تي ايندڙ هر ماڻهوءَ جا احساس ڏسڻ ۽ جانچڻ جو موقعو ميسر ٿيندو هو. اسٽيشن تي گهڻو تڻو پنجاپين جي آمد هوندي هئي. ٻيو اردو ڳالهائيندڙ ۽ پٺاڻ! سنڌي تمام گهٽ ريل ۾ سفر ڪندي نظر ايندا هئا. الائي ڇو سنڌي ماڻهن جي ريل سان نه لڳي؟ جنهن ڪري ريلوي ۾ ملازمن جي اڪثريت به پنجاپين جي هُئي. لاهور، اوڪاڙهه، سرگوڌا الائي پنجاب جي ڪهڙن ڪهڙن علائقن ۽ چڪن جا رهواسي ماڻهو ڊيوٽيءَ سانگي ڪراچيءَ ۾ رهيل هئا. ڪراچيءَ ۾ جيڪا قوم بنا کٽڪي رهندڙ هئي. اُهي پنجاپي هئا. ماضيءَ ۾ پٺاڻن سان به هڪ هڪاڻي ٿي چُڪي هئي. پر خالد کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته آخر اها ڪهڙي رمز آهي جو پنجاپين ڏانهن پناهگير لساني تنظيم جو هٿ هلڪو آهي. هڪ ڏينهن خالد جمن کان اهو سوال ڪيو هو. جمن سمجهائيندي کيس چيو ته لساني تنظيم جهڙي مصيبت سنڌين کي بڇڻ ۾ خود پنجاپين جو هٿ آهي. پنجاپي معنيَ فوج، جن ۾ اڪثريت پنجاپين جي آهي ۽ آءِ ايس آءِ سنڌي ماڻهن کان ايم آر ڊي تحريڪ ۽ ضياءَ خلاف ڀرپور تحريڪ جي پلاند طور لساني تنظيم ٺهرائي هئي. ان جي ماڻهن کي فوجي طرز تي تربيتون ڏنيون، هٿيار، پئسا ڏنا ۽ ڪراچيءَ جي وسيلن جو مالڪ بڻايو هو. تنهن ڪري لساني تنظيم ڪڏهن به پنجاپين جي خلاف نه رهي آهي ۽ نه رهندي ۽ جڏهن به ٿي ته لساني تنظيم نشاني تي هوندي. لساني تنظيم جي چاٻي ايجنسين وٽ آهي. جنهن ڪري پنجاپي ڪراچيءَ ۾ محفوظ آهن. ريلوي ڪالونيءَ سميت شهر جي ڪيترن ئي هنڌن تي پنجاپي وڏي تعداد ۾ رهن ٿا، پر انهن آبادين ۾ به سنڌين کي ڳولي ڳولي، ماريو ويو هو.
خالد انهن خيالن ۾ گم ويٺو هو ته احمد کيس ٺونٺ هڻي، هن جي خيالن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو ۽ هي ڇرڪ ڀريندي کانئس پڇڻ لڳو ته ڇا ٿيو ٿئي؟
احمد کيس چيو ته ”هو ته ڏس ڪيڏو نه خوبصورت چهرو آهي. سبحان الله-“
”اڙي ڀوڪ ڪٿي آهي؟“ خالد کانئس ٻيهر پڇيو-
هوڏانهن، هوڏانهن اڙي! سامهون ته ڏس، خيال ڪٿي اٿئي، احمد ذري گهٽ دانهن ڪندي کيس چيو-
خالد جي سامهون نظر ڇا پئي- اصل مُلن وانگر سندس وات مان نڪري ويو ”سبحان الله-“ ڇا ته شيءِ آهي. ڊگهو قد، سنهي چيلهه، ڳل ڀريل، ڳاڙها لعل، سندس ڪجل پاتل وڏين اکين سندس سندرتا کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا. ڪونج وانگر وڏي ڳچي، ڀوري ڀوري، پاڻي پئي ته اهو به صاف نظر اچي، کليل پيشاني، وارن جو ڊگهو چوٽو، ڇاتي اڀريل، اڀريل، موتين جهڙا ڏند، جيڪي سندس مرڪڻ تي وڌيڪ جرڪي ٿي پيا. جنهن به کيس ڏٺو ٿي، بت بڻجي ٿي ويو. هنن جي اک به ان ۾ اٽڪي وئي. وقت ڄڻ رڪجي ويو، هنن جي دل جي رفتار بيهجي وئي. وات ڦاٽي پين ۽ هوءَ ڪنهن ڏانهن اک کڻڻ بنا سڄي ماحول کان بي نياز ٺلهه کي ٽيڪ ڏيو بيٺي هُئي، سندس ڀر ۾ هڪ ٻي عورت به بيٺل هُئي، ڪاري برقعي سان شايد سندس ماءُ هئي. ڪنهن جي انتظار ۾ بيٺيون هيون. اسٽيشن تي بيٺل ڪيترن ئي نوجوانن جي دل ۾ اها آس ڪر کڻي رهي ته ڪاش! هوءَ رڳو هنن ڏانهن هڪ دفعو اک کڻي نهاري. انهيءَ آس ۾ ڪيترا جوانڙا ڀونئري وانگر پئي کيس ڦريا. پر هن به ڪنهن کي کنگهيو به ڪونه. جنهن ڪري نوجوانن جون سموريون ڪوششون اجايون ويون ۽ هو پنهنجي حسن جي تڪبر تي اٽل پئي نظر آئي. ٽرين آئي، بيٺي ۽ هوءَ ان ۾ پنهنجي سيٽ تي ويٺي. اڌ ڪلاڪ جو وقت لڳو ۽ هوءَ هلي وئي، پر هو ڪيترو وقت اتي بيٺي ان ٺلهه کي تڪيندا رهيا، جتي هوءَ بيٺي هُئي. دل ته بي اختيار ٿي چاهين ته جيڪر ان جاءِ کي وڃي چمي ڏين، جتي سونهن سادگيءَ ۾ به چنڊ کي شرمائي ڇڏيو هو.
انيڪ خيال ٿي آيا سندس ذهن ۾ پر دل ۾ اقبال جي خيريت بابت آنڌ مانڌ به جاري هيس ته اوچتو دروازي تي ڌڪ لڳو ۽ دل اطمينان جو ساههُ کنيائين ته پڪ اهو اقبال هوندو؟ ڊوڙي دروازو کوليائين، اقبال هن جي سامهون هيو ۽ محمد جمن سندس ڀرسان بيٺو هو.
خالد فوري اقبال کان پڇيو ”ڏي خبر اڄ دير ڪيئي؟“
کيس ٻڌايائين ته واٽ تي جمن ملي ويو ۽ هنن هوٽل تي ويٺي چانهه پيتي ۽ ڪچهريءَ ۾وقت گذرڻ جي کين خبر ئي نه پئي-
خالد جمن سان دعا سلام ڪئي ۽ کيس ويهڻ لاءِ ڪرسي آڇيائين ۽ محمد جمن انڪار ڪندي چيس ته، نه مان هيٺ ڪالين مٿان تول وهاڻي تي ٽيڪ ڏئي ويهندس، ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان-
تول وهاڻي تي ٽيڪ ڏيندي محمد جمن، خالد کي چيو ته ”ڏي خبر اهو احمد ڪٿي آهي؟“
”ٻئي ڪمري ۾ ستو پيو آهي“. خالد کيس ٻڌايو ۽ کانئس پڇيو ته ڏي خبر خير ته آهي. چيائينس ها ٻيو ته خير آ- پر احمد مون کان هفتو اڳ ٽي سئو روپيا اوڌارا ورتا هئا، اڃا تائين واپس نه ڪيا اٿس. ماڻهو زبان جو پڪو هجڻ گهرجي، زبان جي ڪچائي سٺي ڳالهه ناهي.
جمن جي اهڙي ڳالهه تي خالد کان ٽهڪ نڪري ويو-
جمن پڇيس ته ”ڇو مون توکي ڪو لطيفو ته ڪو نه ٻڌايو آهي جو ڏند ٽيڙي پيو ٽهڪ ڏين-“
خالد چيس ته اها لطيفي کان گهٽ ڳالهه ته ناهي.
جمن چيس ڇو؟
”ڇو وري ڇا! توکي خبر آهي ته احمد ۽ مان بيروزگار آهيون. اهڙي حالت ۾ احمد ڪٿان توکي پئسا واپس ڏيندو؟ توکان مڙئي پئسا ڪڍڻا هيس ان ڪري توکي چڪمو ڏئي ويو.“ خالد کيس چيو.
”اڙي! هان، هان ڇا ٿو چوين! چڪمو اهو به مون کي- وڏي ڳالهه ٿي وئي- هل خير آ، مان به ڪڏهن پلاند ضرور ڪندومانس“- جمن کيس چيو-
ايتري ۾ اقبال پاڻيءَ جو گلاس ڀري آيو ۽ اچي جمن کي آڇيائين، جمن آهستي آهستي پاڻيءَ جا ڍڪ اندر اوتيندو رهيو ۽ گلاس خالي ڪرڻ تي خالد کانئس گلاس ورتو ۽ وڃي رڌڻي ۾ رکي آيو ۽ واپس اچي جمن سان ويهي حال احوال ڪرڻ لڳو. اقبال ڏاڍو ٿڪل ٿي لڳو، جنهنڪري وڃي سمهي رهيو.
جمن، خالد کان پڇيو ته ”توهان جي روزگار جو ڇا ٿيو؟“
خالد ٻڌائيس ته روزگار بابت ڪنهن مسيحا جي اچڻ جو انتظار آهي. باقي اسان ته وسان ناهي گهٽايو-
ڪجهه دير خاموش رهي، کيس چيائين ته سنڌي اخبار ”روزاني عوامي آواز“ کي پروف ريڊرن جي ضرورت آهي، ڪالهه مون ان ۾ اشتهار پڙهيو هو، توهان ”عوامي آواز“ اخبار جي دفتر ۾ وڃي ڪم ڪريو. منهنجي ف-م لاشاريءَ سان واقفيت آهي، مان ان کي توهان بابت سفارش ڪندس. توهان سڀاڻي 4 وڳي وڃجوس. مون کي پڪ آهي ته توهان ٻنهي جو بندوبست ٿي ويندو. جمن جي واتان اها ڳالهه ٻڌندي خالد جي چهري تي خوشي رقص ڪرڻ لڳي. ڇاڪاڻ ته بيروزگاريءَ ۾ اقبال تي بار هئا. حالانڪه هن ته ڪڏهن به کين اهو محسوس ٿيڻ نه ڏنو هو پر وري به هن کي مٿس بار هجڻ جو شدت سان احساس ٿيندو هو.