باب پنجون
صبح جو پهر هو، سج اڃا ڌرتيءَ تي پنهنجا نيڻ نه وڇايا هئا، ڀر واري پپر تي ويٺل پکين جي چون چون جا آواز اچي رهيا هُئا. باقي ماحول خاموش هو، عجيب اداسي هئي ماحول ۾. آچر جو ڏينهن هو، ان ڪري اقبال به ڊيوٽيءَ تان موڪل هجڻ ڪري آرامي هو. راڻي جي گهر ۾ به خاموشي هُئي، هونئن سندس ڀائرن جي راند کيڏڻ دوران گوڙ جو آواز ايندو آهي. رات دير تائين محمد جمن ۽ پاڙيوارن الياس، محمد شمن ۽ سليمان سان ڪچهري ڪندي ڏاڍا ڀوڳ ٺاٺا ڪيا هئائون. سنڌي به ڳالهين جا ڳوٺ، سو به ڪراچيءَ جهڙي اوپري شهر ۾ ڪجهه ڄڻا پاڻ ۾ گڏجي جو پيا ته ڳالهيون هيون جو کٽڻ جو نالو ئي نه پيون وٺن. اڌ رات گذرڻ بعد پاڙيوارا هليا ويا ته پوءِ هي به وڃي سُتا.
پر خالد جي اک الائي ڇو سوير کلي هُئي ۽ کاٻي اک به هر هر ڦرڪيس پئي، جنهن ڪري دل ۾ خيال ڪيائين ته ”خدا خير ڪجانءِ.“ ان ارمان ۾ اڃا بستري تي ويٺو ئي هو ته ڪوارٽر جو ٻاهريون دروازو کڙڪيو، سستيءَ ۾ اٿڻ به ڪو نه پيو پڳس، جنهن ڪري دروازي تي ڌڪن جا آواز ويا تيز ٿيندا. جنهن ڪري جهٽ ڏئي اٿيو ۽ اٿي دروازو کوليائين، هن جي سامهون جمن بيٺو هو، سهڪيو پئي اصل ساهُه ۾ ساهه ئي ڪو نه پيو ماپيس، خالد پڇيس ڏي خبر ”خير ته آهي؟“ جواب ۾ چيائينس خالد خير ناهي، شهر ۾ لساني فساد تيز ٿي ويا آهن، سنڌين کي ڳولي، ڳولي ماريو پيو وڃي، ملڪيتن ۽ گهرن کي باهه ڏئي ساڙيو پيو وڃي. دهشت گردن رات حملو ڪري محمد موسيَ کي به شهيد ڪري ڇڏيو آهي. ۽ سندس گهر ساڙي ڇڏيو اٿائون، توهان هوشيار رهجو ۽ ٻاهر نه نڪرجو.
محمد موسيَ کي شهيد ڪري ڇڏيائون، اهو ڪيئن؟ خالد کان دانهن نڪري وئي. اهو هينئر سڀ ڇڏ، مون کي اڳتي دوستن کي به اطلاع ڪرڻو آهي. اهو چئي محمد جمن اڳتي قدم ڀري محمد شمن جي گهر جو دروازو کڙڪايو ۽ خالد پنڊ پهڻ ٿي دروازي تي بيهي رهيو. بي سڪته جسم، ڪو ڳوڙهو به اکين مان نه پئي ڪريس. پر دل ۾ ماتم هيس ۽ ٻاهر خاموش بت.
ڪجهه گهڙين جي ڪيفيت کان پوءِ پاڻ سنڀالي ۽ دروازو بند ڪري اقبال ۽ احمد کي ننڊ مان اٿاري کين جيءُ جهوريندڙ خبر ٻڌايائين. ٻئي خاموش رهيا ۽ پوءِ ٽنهي جي ڳلن مان ڳوڙها نار ڪري وهڻ لڳا ۽ هنن جي سامهون محمد موسيَ جي يادگيرين جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو.
خالد ڳالهائڻ شروع ڪيو, احمد ۽ اقبال کي محمد موسي جون ساروڻيون ساريندي ٻڌايائين ته محمد موسيَ دلير انسان هو، هميشه ٻين جي ڪم اچڻ وارو. هن سڄي ڪالونيءَ جي سنڌين کي اسان جي ڪوارٽر تي گڏ ڪيو هو ۽ کين پنهنجو دفاع ڪرڻ جون ترغيبون ڏنيون هيون، هن اسان ۾ ٻڌي پئدا ڪئي، جو سڀئي سنڌي ڏکي ويل هڪٻئي جي ڪم اچون، هن ئي اهو نظام متعارف ڪرايو هو ته حالتن جي ڄاڻ فوري طور هڪٻئي تائين پهچايون. دفاع لاءِ هٿيار ناهن، جنهن ڪري اسان کي احتياط کان ڪم وٺڻ واري حڪمت عملي تحت رهڻ گهرجي. هن چيو هو ۽ حالتن جي سڀني سنڌين کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ محمد جمن تي ذمو رکيو هئائين ۽ اڄ اها ئي ذميواري پوري ڪندي محمد جمن سندس شهادت وارو اطلاع ڏيڻ پهتو هو.
حالتون انتهائي خراب هيون ۽ جنهن سبب هي بي وس، لاچار بڻجي ڪوارٽر ۾ ڄڻ قيد ٿي ويا ۽ پنهنجي محسن جي ڪلهي ڪانڌي به نه ٿي سگهيا هُئا. اها ڳالهه يا ڪندي احمد اوڇنگارن ۾ پئجي ويو.
محمد موسيَ حالتن کي نظر ۾ رکندي ڇڙهن رهندڙ سڀني سنڌين کي هوٽلن تي ماني کائڻ بجاءِ گهر ۾ ماني ۽ چانهه ٺاهڻ سيکاري هُئي ۽ کين چوندو هو ته گهٽ ۾ گهٽ گهر ۾ هڪ مهيني جو راشن گڏ ڪري رکو، خبر ناهي ڪنهن به وقت حالتون خراب ٿين ۽ توهان ٻاهر به نه نڪري سگهو.
اڄ بلڪل ائين هو، سڄي ڪالوني ويران ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود هُئا، ڪيترا ڏينهن اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ هنن کي محمد موسيَ جي صلاح ٿي ڪم آئي، جنهن تحت هنن مهيني جو راشن گڏ ڪري رکيو هو.
محمد موسيَ جي شهادت تي هنن سميت سندس آس پاس ۾ رهندڙ سمورن سنڌين جا ڪيترا ڏينهن سوڳ ۾ گذريا، خاموش، خاموش، سندس وڇوڙي سمورن جو جيءَ جهوري ڇڏيو هو. اها حالت فقط هنن سان نه پر ڪالونيءَ ۾ رهندڙ سڀني سنڌين سان هئي. سڀني جي گهر جو ڀاتي شهيد ٿي ويو هو. حق جي راهه تي قربان ٿي ويو هو. اهو شهيد جنهن هنن ۾ جيئڻ، حالتن سان مقابلو ڪرڻ ۽ سنڌيت جي جوت جلائي هئي.
الوداع، الوداع اي ڪامريڊ، الوداع
هنن کيس ساريندي چيو؛ ”اسان توکي ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين پر تنهنجي ٻاريل شمع هميشه ٻرندي رهندي، اسان ڪامريڊکي ياد ڪندي پاڻ ۾ دوستن اهو وچن ڪيو هو.“