پنهنجي پاران : وکريل جيون جون ڳالھيون
هن جي وڃڻ کانپوءِ مان اڳ کان وڌيڪ اُجڙي ۽ وکري ويس، ايترو جو هن جون ڏنل خوشيون به آٿت بڻجڻ بجاءِ وڇوڙي جا ڏنڀَ بڻجي جيون کي هر پَل ڏنڀينديون رهيون ۽ اڄ ڏينھن تائين مسلسل انهيءَ عذاب مان گذران پيو.هن جي ياد جا ڏيئا اڃان تائين ٻرندا رهن ٿا ۽ هُن پنھنجي يادن جي ڏيئي کي شايد هميشه لاءِ اُجهائي ڇڏيو آهي. تڏهن ته هُن طرفان ڪابه روشني نظر نٿي اچي. مون کي منھنجي ذهن ۽ منھنجي سوچن بار بار چيو پئي ته تون به هاڻ هن جي يادن جا ڏيئا وِسائي ڇڏ ۽ پنھنجي جيون ۾ ڪو نئون ڏيئون ٻاري ان جي روشنيءَ ۾ پنھنجي وکريل جيون کي سنواري ڇڏ. پر منھنجي دل مون کي ائين ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته منھنجي دل اڄ به هن جي سارَ جا گيت چوندي رهندي آهي، منھنجي دل اڄ به هن جي سارَ جي ڪبوترن کي پنھنجي دل جي جارن ۾ ويھاري ويٺي آهي. منھنجي دل اڄ به هن جي يادن جي ڏيئي کي ٻاريندي پئي اچي ۽ پنھنجي گهر ۾ ئي ڪنھن کي به ٽِڪڻ جي جاءِ نٿي ڏئي. مان ته اِهو مڃي ويٺو آهيان ته هُن پنھنجي دل ۾ ڪنھن ٻئي کي ويھاري ڇڏيو آهي. تڏهن ته هيترو سارو وقت گذري وڃڻ جي باوجود به هُن جي سارَ جي ڪابه هڏڪي نه آئي آهي پر منھنجي نادان دل الائي ڇو اهو قطئي طور تي مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي. مون کيس ڪيترائي دليل به ڏنا پر دلين جا فيصلا دليلن جا محتاج ناهِنِ هوندا.
مون کي ليکڪ بنائڻ ۾ هن جي جدائي ۽ محبت جو وڏو هٿ رهيو آهي. جيڪڏهن هوءَ مون سان محبت نه ڪري هان ۽ محبت کانپوءِ مون لاءِ جدائي جي جبل جيڏو جھان نه ڇڏي وڃي هان ته مان شايد ليکڪ بڻجي نه سگهان هان. ڪنھن دوست چيو ته ”تنھنجي نظمن توڙي ڪھاڻين ۾ جتي پيار جي ٿڌڙي هير جھڙي خوشبوءِ آهي ته اُتي وڇوڙي جا واچوڙا به آهن، ته دردن جا اٿاهه درياءَ به آهن ته جدائي ۽ فراق جون ڳالهيون به آهن.“ کيس چيو هيو ته يار! انهيءَ وڇوڙي جي واچوڙن ۾ سدائين وچڙندو ۽ جدائيءَ جي جنڊ ۾ سدائي پيسبو رهيو آهيان. دردن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به زندگيءَ جي حصي ۾ نه آيو آهي ۽ پيار جي سدائين ڳولها ۾ رهيو آهيان.
جيڪو پيار ۽ جيترو پيار مون کي هُن وٽان نه ملي سگهيو ان کان ڪيترائي حصا وڌيڪ پيار مون کي پنھنجي دوستن ڏنو آهي. منھنجو پيارو دوست انور ڪاڪا مون کي سدائين فون تي اِهو جملو ضرور چوندو آهي ته ”وفا! تون اسان سڀني دوستن جو دادلو آهين.“ منھنجون لکڻيون منھنجي وکريل جيون کي سنواري ته نه سگهيون پر منھنجي لکڻين مون کي تمام گهڻا ۽ سٺا پيار ڪندڙ دوست ضرور ڏنا آهن. مان ان حوالي سان پاڻ کي گهڻو ڀاڳوند ۽ امير ماڻهون سمجهندو آهيان، مولا علي مشڪِل ڪُشا جو فرمان آهي ته، ”غريب اهو ناهي جنھن وٽ دولت ڪونهي، پر غريب اهو آهي جنھن وٽ سٺا دوست ڪونهن.“ منھنجي مال ملڪيت، منھنجي ڌن دولت مون لاءِ منھنجا دوست ئي آهن. جيڪي مون سان بي پناهه محبت ڪن ٿا۽ جن سان مان بي پناهه محبت ۽ پيار ڪريان ٿو. جيترو پيار مون سان منھنجا دوست ڪن ٿا، ايترو ئي پيار مون سان پڙهندڙ به ڪن ٿا. مون کي پنھنجي پھرين شاعريءَ واري ڪتاب”دردن ڦولاريا ڦول“ ۽ ٻي ڪھاڻي ڪتاب ”ارپڻ کان رهجي ويل محبت“ جي ڪاميابيءَ تي جيترو پڙهندڙن وٽان پيار، محبت ۽ مَانُ مليو آهي مان ان کي پنھنجي لاءِ اعزاز ۽ سڀ کان وڌو قيمتي ايوارڊ ٿو سمجهان. ڇاڪاڻ ته پيار ۽ محبتن کان وڌيڪ مون لاءِ ڪو ٻيو ايوارڊ ٿي به نٿو سگهي. ڪنھن نابين کي نور، بي سھاري کي سھاري، بي گهر کي گهر ۽ ڪنھن ليکڪ کي پيار ڪندڙ پڙهندڙ ملي وڃن ته پوءِ انهن کي ٻيو ڇا گهرجي....!؟ ان حوالي سان مان پاڻ کي وڏو خوشنصيب ۽ ڀاڳوند ٿو سمجهان جو مون کي سڄي سنڌ مان سٺا پڙهندڙ ملي ويا آهن. جيڪي نه رڳو منھنجي لکڻين سان پيار ڪن ٿا بلڪه مون سان به پيار ڪن ٿا اهو ئي سبب آهي جو مان اڃان تائين لکي رهيو آهيان ۽ نه رڳو لکي رهيو آهيان پر هڪ ڪٺن، ڏکي ۽ وکريل زندگي به جي رهيو آهيان. زندگيءَ وک وک تي اهڙا ته گھرا گهاوَ ڏنا آهن جيڪي ڇُٽڻ جا ئي نه آهن. هونئن به زندگي پيڙائن، دردن، اذيتن، تڪليفن ۽ آزمائشن جو نانءُ آهي.
ايران جي نالي واري شاعر فردوسي چيو ته ”ڪاش! مون کي ماءُ نه ڄڻي ها“ يتيمن جي باني ۽ عظيم فلسفي گوتم ٻڌ چيو ته،”زندگي ڏک ئي ڏک آهي- سروم دکم دکم“ صوفي شاعر بابا غلام فريد چيو ته، ”جنھن ڏينھن ماءُ مون کي ڄڻيو ۽ دائيءَ ناڙو ڪپيو ان وقت اها ڪاتي جيڪڏهن دائي منھنجي نڙگهٽ تي وهائي ڇڏي هان ته پوءِ نه ئي دنيا ۾ هجون هان ۽ نه ئي هيء ڏينھن ڏسڻا پون ها.“
ادبي حلقن ۾ منھنجي سڃاڻپ هڪ ڪھاڻيڪار ۽ نثري نظمن جي شاعر طور آهي. پر نثر ۾ مون ڪھاڻيءَ کان علاوه ڪافي مواد لکيو آهي جيڪو پنھنجي زندگيءَ جيان ٽڙيو، پکڙيو پيو آهي. ذهن ۾ اها سوچ اچي ويٺي ته انهيءَ ٽڙيل، پکڙيل مواد کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻجي. ڇو ته هر لکڻي پنھنجي دؤر جو آئينو هوندي آهي ۽ هر لکڻي پنھنجي دؤر جي تاريخ ٿئي ٿي. جنھن دؤر ۾ لکجي اها لکڻي ان دؤر ۾ ئي ڪتابي صورت ۾ آڻجي نه ته دؤر بدلبا رهن ٿا. ماڻهن جا ذهن، سوچون، خيال ۽ مزاج بدلبا رهن ٿا. ٽڙيل، پکڙيل ڪجهه مواد گڏ ڪري توهان پيارن پڙهندڙن جي هٿن تائين پھچائيندي ڏاڏي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن جيڪي مون پنھنجن پيارن تي لکيون آهن. جنھن ۾ لکڻ جي هُنر، فن، فڪر ۽ ڪاريگريءَ کان ڪم ناهي ورتو، بس درد هو، تڙپ هئي، پيار هو ۽ عشق هو جنھن کي پنن تي لاٿو اٿم. هونئن به جڏهن پنھنجن پيارن تي لکبو آهي تڏهن قلم ذهن جي چئي آکئي مان نڪري دل جون عبارتون، اتاريندو آهي ۽ دل جي عبارتن جي ڪابه ترتيب نه هوندي آهي؟ ڀلا! جذبن، احساسن ۽ اُڌمن کي به ڪو ترتيب جي فريم ۾ بند ڪري سگهيو آهي ڇا .....!؟
مان پنھنجي پيارن دوستن سيد فرمان علي شاهه ۽ مير مسلم سانگهروءَ جي ساٿ کي وساري نٿو سگهان. مان ٿورائتو آهيان پنھنجي مھربان ۽ پيار ڪندڙ دوستن محمد صديق منگيو، اخلاق انصاري، آدرش، انور ڪاڪا ۽ راجن مڱريي جو جن ڪتاب جي ڇپائي بابت مون سان هروقت رابطي ۾ رهيا. مان پياري معشوق ڌاريجو کي ڀلا ڪيئن ٿو وساري سگهان جنھن منھنجي هڪڙي گذارش تي مھاڳ لکي ڏنو. مان ايترو ئي ٿورائتو آهيان پنھنجي قربائتي دوست معصوم بخاريءَ جو جنھن ڪتاب لاءِ بئڪ ٽائيٽل لکي ڏنو. مان تھه دل سان ٿورائتو ۽ احسانمند آهيان پنھنجي حجائتي دوست عيسى ميمڻ جو جنھن پنھنجي اداري طرفان منھنجو هي ٻيوڪتاب به ڇپرائي سڄي سنڌ تائين پھچايو. وڏا وڙ جميل اشرف چانڊيو جا جنھن ڪتاب جا پروف چيڪ ڪري ڏنا. لک لائق ۽ قرب پنھنجي محسن ڳوٺ جي چڱي مڙس ۽ يو.سي چيئرمين وڏيري محمد علي راڄپر ۽ پياري عزيز محسن دانش جا جنھن ڪتاب جي ڇپائيءَ جي حوالي سان تعاون ڪيو. مان پنھنجي پياري حبيب ساجد کي وسارڻ جھڙو گناهه ڪيئن ٿو ڪري سگهان، جنھن ڪڏهن مون کي ڏٺو به ناهي، جيڪو ڪڏهن مون سان مليو به ناهي. هُو جي مليو آهي ته منھنجي ٻن ڪتابن سان مليو آهي هن جي ڏٺو آهي ته منھنجي ڪتابن کي ڏٺو آهي ۽ انهن ڪتابن کي هڪ ماءُ جيان پياري پاٻوهه مان دل جي اکين سان پڙهيو آهي، هُو منھنجي ڪتابن جي ڪري مون سان ايترو پيار ٿو ڪري جيترو پيار چپن جو چپن سان هوندو آهي ۽ چپن جي پيار جو ڪوبه مثال ڪونهي، اهو پيار بي مثال ۽ لازوال آهي.
منھنجون اکيون ۽ منھنجي دل توهان سان ۽ منھنجي لکڻين سان پيار ڪندڙ ۽ پڙهندڙن جي راءِ جي اوسيئڙي ۾ اٽڪيل رهنديون.
وفا صالح راڄپر
وڏي وهڻي- باڊهه
3670955-0333