ڳوٺ وڏي وهڻي تاريخ جي آئيني ۾
سنڌ ۾ اڄ به اهڙا کوڙ سارا ڳوٺ ۽ شھر موجود آهن جن جي تاريخ اڻلڀ آهي. اسان ٻين ڳوٺن ۽ شھرن کي ڇڏي ڪري باڊهه شھر تي نظر وجهنداسين ته باڊهه جي تاريخ جي اسان کي سُڌ ڪونهي ته باڊهه شھر جو وجود ڪڏهن پيو....!؟ باڊهه جا شروعاتي رهاڪو ڪير هيا...!؟ باڊهه تي نالو ڪيئن پيو ....!؟
پير حسام الدين راشديءَ جي چواڻي ته ”سنڌ جي تاريخ جو ايترو ڪم رهيل آهي جو پنجاهه ڄڻا پنجاهه سالن تائين رات ڏينھن ڪم ڪن تڏهن به اِهو پورو ٿي نه سگهندو.“
آءٌ چوندو آهيان ته اسان جا پڙهيل، ساڃاهه وند ۽ شعور رکندڙ نوجوان اڄ به فالتو وقت وڃائڻ بدران پنھنجي پنھنجي ڳوٺن ۽ شھرن جي تاريخ لکي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپرائي ڇڏين ته جيڪر اهو به هڪ وڏو قومي ۽ تاريخي ڪم ٿي پوندو.
اسان جنھن سنڌ ۾ رهون ٿا اُها سنڌ هڪ تاريخي، ادبي ۽ علمي ملڪ رهيو آهي پـر افسوس ۽ ڏک ان ڳالهه جو ٿو ٿئي جو اسان پنھنجي تاريخ جي سنڀال ۽ مالڪي ڪرڻ بجاءِ ان کي وساري ويٺا آهيون. پر توهان شايد اِهو نٿا ڄاڻون ته جن قومن ۽ ملڪن جي تاريخ ختم ۽ تباهه ٿي آهي ته اُهي قومون ۽ ملڪ به تباهه ٿي ويندا. ايئن نه ٿئي جو اسان پنھنجي تاريخ وڃائي ويهون. اسان سڀ سنڌ واسي سنڌ جا وارث آهيون ۽ اسان تي اِهو قومي، ادبي ۽ اخلاقي فرض ٿو بڻجي ته اسان پنھنجي ڳوٺن، شھرن، ماڳ ۽ مڪانن جي تاريخ لکي ۽ اُهي لکڻيون اخبارن، رسالن ۽ ڪتابي صورت ۾ آڻيون جيئن هر پڙهندڙ کي سنڌ جي ڳوٺن، شھرن، ماڳ ۽ مڪانن جي اصل تاريخ جي ڄاڻ ملي.
مُون جڏهن پنھنجي ڳوٺ جي تاريخ لکڻ لاءِ سوچيو، مون سمجهيو ته ڳوٺ جي تاريخ لکڻ ۾ مون کي ڏاڍي ڏکيائي ۽ تڪليف رسندي. پر مُون ان ڏکيائي ۽ تڪليف کي ڪونه ڏٺو ٻيا سمورا ڪم هڪ پاسي تي رکي ڳوٺ جي تاريخ لکڻ لاءِ ڳوٺ جي عمر رسيده ماڻهن سان وڃي مليس ۽ انهن سان ڳوٺ جي تاريخ متعلق ڪيتريون ئي ڊگهيون ڪچھريون ڪيون. انهن ڪچھرين ۽ ڳالهين مان، مون کي اها ڄاڻ ملي ته سنڌ جي ٻين کوڙ سارن ڳوٺن جيان هي ڳوٺ به هڪ قديمي ۽ تاريخي ڳوٺ آهي.هن ڳوٺ جي خوبصورتي اِها به آهي ته هيءُ ڳوٺ سنڌ جي سڃاڻپ، سنڌ جي پنج هزار سال پراڻي تھذيب ۽ تاريخي ماڳ مُھين جي دڙي جي ڪک ۾ آهي. هن ڳوٺ جي ٻي خوبصورتي اها به آهي ته هيءُ ڳوٺ لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻن وڏن شھرن ڏوڪري ۽ باڊهه جي وچ ۾ به آهي. هيءُ ڳوٺ پنج سئو گهرن تي مشتمل آهي ۽ هن ڳوٺ ۾ چار ذاتيون رهن ٿيون. راڄپر، خاصخيلي، جوڻيجا ۽ سومرا. ٻين ذاتين جي ڀيٽ ۾ هن ڳوٺ ۾ اڪثريت راڄپرن جي آهي، ڳوٺ جي پڳ ڀي راڄپرن جي سر تي آهي، هن ڳوٺ کي آباد به راڄپرن ڪيو، پوءِ آهستي آهستي مختلف ڳوٺن ۽ شھرن کان ٻيون ذاتيون به لڏي اچي هت آباد ٿيون. هيءُ ڳوٺ ٻاويهه ڳوٺن تي مشتمل يونين ڪائونسل به آهي. ڳوٺ جي موجوده پڳ وڏيري محمد علي راڄپر تي آهي ۽ هينئر اهو ئي ڳوٺ جو ۽ برادريءَ جو چڱو مڙس آهي. سندس سياسي تعلق پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي پارٽي پ پ پ سان آهي ۽ پ پ پ جي طرفان يو.سي وڏي وهڻيءَ جو چيئرمين آهي.
مليل ڄاڻ مطابق هن کان اڳ ۾ انهيءَ خاندان مان ست ٻيا به پڳ ڌڻي ٿي گذريا آهن ۽ هيءُ ڳوٺ جو اٺون پـڳـدار آهي. ڳوٺ جو پھريون پڳدار محمد رمضان راڄپر ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪو وڏو سخي مرد ۽ دريا دل ماڻهو هو. سندس مھمان نوازيءَ جي آس پاس جي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ هاڪ هوندي هئي. سندس هر وقت، اوطاق تي ميلو متل هوندو هيو. وڏيري محمد علي راڄپر جو ڏاڏو وڏيري محمد يوسف راڄپر جي مھمان نوازيءَ جي به هاڪ هئي. هُو ڪيترائي ڀيرا ڪائونسلر به رهيو. انهيءَ ساڳي تسلسل ۽ روايت کي سندس پونئير اڃا تائين برقرار رکيون پيا اچن. اڄ به سندس اوطاق تي ماڻهن جا ميلا متل آهن.
راڄپرن جي گهڻائي ۽ راڄپرن جي چڱ مڙسي هئڻ جي ڪري هن ڳوٺ جونالو راڄپرن جو ڳوٺ به پئجي پئي سگهيو. پر ان جي باوجود هن ڳوٺ تي ”وڏي وهڻي“ نالو ڇو ۽ ڪيئن پيو؟ سوال جي جواب ۾جڏهن ڳوٺ جي تمام عمر رسيده ماڻهن سان ڪچھري ڪئي ته انهن ٻڌايو ته، جڏهن هيءُ ڳوٺ اڃا آباد ئي نه ٿيو هو، ته ان وقت هتان ٻه نديون گذرنديون/ وهنديون هيون هڪ وڏي ندي (وهندڙي)، ٻي ننڍي ندي (وهندڙي) هئي. وڏي نديءَ جي وهڻ جي ڪري هن ڳوٺ تي ”وڏي وهڻي“ نالو پيو. جڏهن ته ڀر ۾ٻي پاسي ننڍي ندي وهندي هئي، ان پاسي آباد ٿيل ڳوٺ تي نالو ”ننڍي وهڻي“ پيو. ڳوٺ جي نالي مطابق ڪن بزرگن جو وري هيئن به چوڻ آهي ته، هتان ٻه نديون ضرور وهنديون هيون، هڪ وڏي ندي ۽ ٻي ننڍي ندي. پر ندين جي ڪپن تي وڏا گهاٽا وڻ هوندا هيا ۽ انهن وڻن جي ڇانوري هيٺ هاري ناري توڙي مالوند ماڻهو مال ويھاريندا هيا ۽ اُتي انهن پنھنجون ويھَڪُون/ ويھڻيون ٺاهيون.ويھڪين ۽ ويھڻين جي ڪري هاري ناري ۽ مالوند ماڻهو هڪٻئي کي ايئن چوندا هيا ته يار! هاڻي ڏينھن تپي ويو آهي، ڇڏيو ٻنيءَ ٻاريءَ جي ڪمن کي. هلو ته هلي ويھڻين تي ويھون. وڏي نديءَ واري ويھڪ (ويھڻي) تي گهڻي کان گهڻا ماڻهو اچي ويھندا هئا. ان ڪري ان کي وڏي ويھڻي چوندا هيا ۽ پوءِ جڏهن اُتي ڳوٺ آباد ٿيو ته اهو ڳوٺ وڏي ويھڻي جي نالي سان مشھور ٿيو ۽ پوءِ ايئن هن ڳوٺ تي ”وڏي وھڻي“ نالو پيو. ڀرپاسي نندي نديءَ تي ٿورا ماڻهو ويھندا هيا ان کي ”ننڍي ويھڻي“ سڏيندا هيا. پر جڏهن اُتي به ڳوٺ آباد ٿيو ته ان ڳوٺ جو نالو ”ننڍي وھڻي“ پئجي ويو. ننڍي وهڻي ڳوٺ وڏي وهڻي ڀرسان سڏ پنڌ تي آهي. منھنجي خيال موجب ڳوٺ جي نالي جي حوالي سان ويھڪين ۽ ويھڻن وارو دليل درست ٿي سگهي ٿو.
ڳوٺ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ٻيا به ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن، هن ڳوٺ ۾ ٻه سرڪاري اسڪول به آهن. هڪ پرائمري گرلس اسڪول ۽ ٻيو بوائز پرائمري اسڪول. گرلس پرائمري اسڪول جو بنياد 1993ع ۾ پيو ۽ بوائز پرائمري اسڪول جو بنياد 1945ع ۾ پيو. بوائز اسڪول ۾ ٻين ڳوٺن سائينداد جوڻيجو (ڀيڄا)، بھاول جت، پنھل بروهي، يعقوب جوڻيجو جا شاگرد پڙهي چڪا آهن. هن اسڪول مان پڙهي ويل شاگرد تمام وڏن عھدن تي فائز ٿي چڪا آهن ۽ اڃا به ڪيترائي وڏن عھدن تي ڪم ڪري رهيا آهن. پاڪستان جو ٻي نمبر تي وڏي ۾ وڏو ادارو رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪري ۾ ڊائريڪٽر جي عھدي تي رهندڙ ارباب علي سومرو به هن ڳوٺ ۽ هن اسڪول جو شاگرد هيو. ان کان علاوه ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، وڪيل، صحافي، سگهڙ، ليکڪ، شاعر، اديب مطلب ته مختلف کاتن ۾ ننڍا وڏا آفيسر اڄ به موجود آهن جيڪي وڏي وهڻي اسڪول جا شاگرد آهن. ان وقت محنت ڪش استادن ۾ سائين محمد ابراهيم جوڻيجو، سائين امداد سومرو جن جا نالا قابلِ ذڪر آهن. موجوده استادن ۾ سائين مشتاق احمد راڄپر، سائين نذير حسين راڄپر ۽ سائين قربان علي جوڻيجو جا نالا قابل ذڪر آهن.
ڳوٺ ۾ چار وڏيون گهٽيون آهن، جيڪي ڳوٺ جون مين گهٽيون سڏبيون آهن. ڳوٺ جي پھرين گهر جي ڳڻن جي حوالي سان شروعات کاٻي پاسي کان ٿيندي آهي. هيءُ ڳوٺ ڪيترن ئي ويڙهن تي مشتمل آهي، هرهڪ ويڙهي جي سڃاڻپ پنھنجي پنھنجي نالن سان آهي. کاٻي پاسي واري ويڙهي کي مُلن جو ويڙهو چيو ويندو آهي. ان ويڙهي سان تعلق رکندڙ مُلان گهراڻي سان آهن. ان ڪري ان کي مُلن جو ويڙهو سڏيو ويندو آهي. ان کان پوءِ ٻي نمبر تي جيڪو ويڙهو شروع ٿئي ٿو ان کي وڏيرڪو ويڙهو سڏيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته ڳوٺ جي پڳ هن ويڙهي سان تعلق رکي ٿي ۽ هيل تائين ڳوٺ جا جيڪي به پڳدار ٿي گذريا آهن، انهن جو تعلق ان ويڙهي سان آهي، تنھنڪري هن ويڙهي کي وڏيرڪو ويڙهو سڏيو ويندو آهي. ان کان علاوه ٽئين نمبر تي جيڪو ويڙهو اچي ٿو ان کي آدماڻي ويڙهو چيوويندو آهي. هن ويڙهي جو جيڪو چڱو ماڻهو هو، ان جو نالو آدم خان هيو. تنھنڪري هن ويڙهي کي آدماڻي ويڙهو سڏيو ويندو آهي. چوٿين نمبر تي جيڪو ويڙهو شروع ٿئي ٿو ان ويڙهي کي لالاڻي ويڙهو چيوويندو آهي ڇو ته ان ويڙهي جو وڏو يا چڱو ماڻهو لعل بخش هيو. تنھنڪري هن ويڙهي کي وري لالاڻي ويڙهو سڏيو ويندو آهي. ڇهين نمبر تي جيڪو ويڙهو اچي ٿو ان کي وري آچراڻي ويڙهو چيو ويندو آهي. ان ويڙهي جو جيڪو نيڪ مرد هو، ان جو نالو محمد آچر هئڻ ڪري هن ويڙهي کي آچراڻي ويڙهو سڏيو ويندو آهي. ڇهين نمبر تي جيڪو ويڙهو آهي، اهو اوڀر طرف تي آهي، تنھنڪري هن ويڙهي کي اوڀارڪو ويڙهو سڏيو ويندو آهي. هن ويڙهي ۾ رهندڙ نيڪ مرد نالو عبدالڪريم آهي. ڳوٺ جي پڇاڙي ۾ پنجاهه کن خاصخيلين جا گهر آهن. هن کي خاصخيلين جو پاڙو سڏيو ويندو آهي. هن پاڙي جي چڱي مرد جو نالو حاجي جمن عرف دلبر خاصخيلي آهي. ان کان علاوه ڳوٺ ۾ جيڪي سومرا ذات سان تعلق رکندڙ ويڙها آهن انهن مان هڪ ويڙهي کي ڪوٽائي سومرا سڏيو ويندو آهي. ڇو ته انهن جي گهرن کي چُوڌاري وڏا وڏا ڪوٽ ڏنل هوندا هيا. ان ڪري انهن کي ڪوٽائي سومرا سڏيو ويندو آهي ۽ باقي ٻين سومرن کي پٺاڻ سومرا سڏيو ويندو آهي، ڇو ته هو پاڻ کي سومرو سڏائڻ بجاءِ پٺاڻ سڏائڻ کي وڌيڪ اهميت ڏيندا آهن. سومرن جيان جوڻيجا ذات سان تعلق رکندڙن جا به ٻه ويڙها آهن. هن کي نوان جوڻيجا سڏيو ويندو آهي ۽ ٻي کي پراڻا جوڻيجا سڏيو ويندو آهي.
هن ڳوٺ ۾ ڳوٺ جيترو قديمي ۽ تاريخي عاليشان، ڪشادو قبرستان به آهي. قبرستان جي ڀر ۾ هڪ خوبصورت عيد گاهه پڻ آهي. هن قبرستان بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته هن قبرستان ۾ چار الله لوڪ هستين جون مزارون آهن، انهن چئن الله لوڪ هستين مان ٻن جو تعلق سيد خاندان سان ٻڌايو وڃي ٿو. باقي ٻن جو تعلق ٻين ذاتين سان آهي. هڪ جو تعلق راڄپر ذات سان ٻڌايو وڃي ٿو ۽ ٻي جو تعلق وري سھاڳ ذات سان ٻڌايو وڃي ٿو. هن قبرستان ۾ سڀ کان پھرين جنھن ڪامل وليءَ جي مزار ٻڌائي وڃي ٿي ان ڪامل ولي جو نالو ميانداد سھاڳ ٻڌايو وڃي ٿو. ميانداد سھاڳ لاءِ ڳوٺ جي عمر رسيده ماڻهن جو چوڻ آهي ته جڏهن هن قبرستان ۾ ٻين ڪامل ولين هستين جون مزارون به نه هيون. صرف هڪ ميانداد سھاڳ جي مزار هوندي هئي ان دوران هن ولي هستيءَ جي مزار تي هر سال شينھن رات جي وقت ايندو هو ۽ اچي ان وليءَ جي پيرانديءَ کان مٿو ٽيڪي هليو ويندو هيو. ان کان علاوه ٻين ولين جون ڪرامتون به ٻڌايون وڃن ٿيون.
هن ڳوٺ کي اِهو به اعزاز حاصل آهي ته هن ٻھراڙيءَ جي ڳوٺ ۾ ايشيا کنڊ جي وڏي ۾ وڏي تنظيم سڏجندڙ ”سنڌي ادبي سنگت سنڌ“ جي شاخ پڻ آهي. سنڌي ادبي سنگت جو يونٽ هجڻ ڪري هن ڳوٺ جا نوجوان توهان کي علم، ادب، ڏاهپ ۽ شعور سان واسيل ملندا. سنڌي ادبي سنگت پاران باڊهه جي نوجوان اديب علي رضا جانوري ۽ ڳوٺ سائينداد جوڻيجو سان تعلق رکندڙ نامياري شاعر اديب ڀيڄو فقير جا ڪتاب پڻ ڇپرايا آهن. ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت وڏي وهڻي جي پليٽ فارم تان هن ڳوٺ ۾ ڪيترائي ناليوارا اديب، شاعر، ليکڪ، صحافي ۽ دانشور اچي چڪا آهن، جن پنھنجي تقريرن ۾ چيو ته وڏي وهڻي سنڌ جو اهو تاريخي ڳوٺ آهي جنھن ۾ اسان علم، ادب، شعور جي لاٽ ٻرندي ڏٺي آهي. هي ڳوٺ علم، ادب ۽ ڏات ڌڻين جو ڳوٺ آهي.
هن ڳوٺ ۾ چار لائبريريون آهن؛ 1. سرمد لائبريري-ذلفي راڄپر، 2.سچل لائبريري- ايم وارث راڄپر، 3.جبران لائبريري- نذير راڄپر ۽ 4.نصرت لائبيري- وفا صالح راڄپر. انهن چئن لائبريرين ۾ موجود ڪتابن جو تعداد ست هزار جي لڳ ڀڳ آهي. فلسفو، تاريخ، مذهب، ادب، سائنس ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي ڪتاب شامل آهن.