محمد صديق منگيو جو پيار ۽ ڪهاڻيون
سال 2005ع جا پڇاڙڪا مھينا هيا مُون کي پنھنجي پياري ڪھاڻيڪار دوست مشتاق ڀرڳڙيءَ فون ڪري چيو ته، ”يار وفا! سائين محمد صديق منگيو جون ڪھاڻيون پڙهيون اٿئي؟“ جواب ۾ چيو مانس ته ”يار صديق جون ڪھاڻيون پڙهڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پرمُون ڪڏهن ڪھاڻيڪار جي حوالي سان تو واري سائين صديق جو نالو به ڪونه ٻُڌو آهي.“ طنزيه انداز ۾ چيائين، ”حيرت جھڙي ڳالهه آ جو تو ڪڏهن ڪھاڻي جي حوالي سان سائين صديق جو نالو به نه ٻڌو آهي، چڱو هيئن ڪر جو اڄ شام تائين ڪيئن به ڪري ڪھڙي به حالت ۾ مون ڏانھن دادوءَ هليو اچ ته توکي سائين صديق جون ڪھاڻيون پڙهايانءِ.“
مشتاق جي لفظن ۾ جتي مون لاءِ بي پناهه پيار هيو اُتي مون سان ملڻ ۽ مون کي ڏسڻ جي تانگهه ۽ سڪ به هئي. مون کي هن جي پيار تي پيار اچي ويو ۽ ان پيار واري سڏ کي لبيڪ چئي ٽرين تي چڙهي پيس. دادو پھچي جيئن ئي مشتاق سان مليس ته مون کي پنھنجي ڀاڪر ۾ آڻيندي چيو، ”وفا! سائين صديق کي جي نه پڙهيو اٿئي ته پوءِ توکي ڪھاڻيڪار سڏائڻ جو ڪوبه حق ڪونهي.“ رات ٿي مشتاق مون کي ماني کارائي چانهه پياري سوا گهڙي ڪچھري ڪري پنھنجي لائبريريءَ مان سائين صديق جو ڪھاڻي ڪتاب ”پکين جو وطن“ ڳولهي منھنجي هٿن ۾ ڏيندي چيو،”وفا! مان هاڻي گهر وڃي ٿو آرام ڪريان توکي ڪچھري لاءِ هي ڪھاڻي ڪتاب ڪافي آهي، ويهي سڄي رات هن ڪتاب ذريعي سائين صديق سان ڪچھري ڪري ۽ ان جون ڪھاڻيون به پڙهه. توکي سائين صديق جي ڪھاڻين جي ٽيسٽ ڪيئن ٿي لڳي، ان بابت تفصيلي ڪچھري صبح جو ڪبي. ايئن چئي هُو هليو ويو ۽ مان وهاڻو ٽيڪ ڪري ڪتاب کي ڏسڻ لڳس. ڪتاب جو گيٽ اپ ۽ سيٽ اپ ڏسڻ کانپوءِ تاج بلوچ جون بيڪ ٽائيٽل واريون سِٽون پڙهڻ لڳس. تاج بلوچ جون سٽون پڙهڻ کانپوءِ مون کي لڳو ته مشتاق وارو سائين صديق واقعي سٺو ۽ برجستو ڪھاڻيڪار آهي. ڪھاڻيون پڙهڻ کان اڳ ۾ سائين صديق جا پنھنجي پاران لکيل ٻه اکر پڙهڻ لڳس. ٻه اکر پڙهي پورا ڪيم ته منھنجي دماغ مان ٺڪاءُ نڪري ويا. سندس ڪجهه سٽون اڄ به منھنجي ذهن جي ڦرهيءَ تي مصور جي رنگن جيان چِٽيل آهن. ”مُون پنھنجي وجود جي تنھائيءَ ۽ اندر جي اڌمن کي مايوسين جي وَر چاڙهڻ بدران سگهه بڻائي لکيو آهي، مُون پنھنجي وکريل وجود لاءِ لکڻ ۾ پناهه ڳولي ورتي آهي. لفظن کي پنھنجو وجود ۽ ساهه پساهه هوندو آهي. رات جي سانت ۾ لفظ مون سان ڳالهائيندا آهن.“
سائين صديق جو سمورو ڪتاب رات دير تائين پڙهي پورو ڪيم. منھنجي مطالعي هيٺ هيءُ پھريون ڪھاڻي ڪتاب آهي، جنھن کي مون محبوبه جي پھرين ۽ آخري خط جيان باربار پئي پڙهيو آهي. ڪتاب پڙهڻ دوران نه مون هيڏي هوڏي پاسو ورايو نه کنهيو ۽ وري کنگهيو. ڪھاڻين جي ٻولي، منظرنگاري،ڪردار نگاري، موضوعن ۽ خوبصورت تشبيهن منھنجي ذهن جي ڪينواس تي جيڪي رنگ به رنگي چٽ چٽيا آهن سي سمورا چٽ مون کي اڄ به ايئن ياد رهيا آهن، جيئن ڪنھن وينگس کي زندگيءَ جي پھرين پيار ۽ جوانيءَ سان ڀرپور چمي ياد رهجي ويندي آهي. سندس ڪھاڻين ۽ لکڻ جي منفرد انداز منھنجي نيڻن منجهان ننڊ جا سمورا ڪبوتر اڏاري ڇڏيا. صبح ٿيندي مشتاق پاڻيءَ جو گلاس ۽ چانهه جو ڪپ منھنجي ڀر ۾ رکندي چيو، ”وفا ڏي خبر رات سائين صديق کي پڙهيئي...؟ سائينءَ جون ڪھاڻيون توکي ڪيئن لڳيون؟“ کيس چيم، ”يار! سائين صديق نه رڳو تنھنجو سائين آهي، پر هاڻ منھنجو به سائين آهي. هن پنھنجي ڪھاڻين ۾ جيڪا ٻولي، منظر نگاري ڪردار نگاري ۽ تشبيھون ڏنيون آهن، تن مون کي اهڙيون ته پـيڪون پياري ڇڏيون آهن، جو مون سڄي رات مدهوشيءَ ۾ گذاري آهي. واقعي سائين صديق سنڌي ٻوليءَ جو منفرد ۽ سگهارو ڪھاڻيڪار آهي.“
مون! اهو سوچي ڇڏيو هيو ته سائين صديق جي ڪتاب تي ضرور لکندس. پر سائينءَ جي ڪھاڻين جا نشا هر وقت مون تي حاوي رهيا ۽ مان گهڻي ڪوشش جي باوجود به لکي نه سگهيس. سائين صديق سان منھنجي پھرين ملاقات به مشتاق جي اُن اوطاق ۾ ٿي هئي. جتي مون سندس پھريون ڪتاب ”پکين جو وطن“ پڙهيو ۽ سندس ويجهڙائيءَ جو سبب به اهو ئي ڪتاب بڻيو. سائين صديق سان ملڻ وقت، ڪچھري ۽ گفتگو ڪرڻ وقت مون کي محسوس ٿيو ته سائين صديق جيترو پاڻ قدآور شخص آهي، اوتريون سندس ڪھاڻيون به قدآور آهن. سندس گفتگوءَ جو هرهڪ لفظ ڪھاڻي پئي لڳو. سندس گفتگو جو انداز به ڪھاڻين جي خوبصورت ٻوليءَ، منظر نگاريءَ ۽ موضوعن جي نواڻ جيان دل جي تارن کي ڇھندڙ هيو. هن پھرين ملاقات ۾ مون کي پيار جي لپ نه، پيار جو ٻُڪ نه، پيار جو جهول نه، پر پيار جي ڀري ٻَڌي ڏني. سندس پيار ڪھاڻين جيان مون تي اهڙو ته اثر ڇڏيو جو اڄ ڏينھن تائين مان سندس پيار جي سحر مان نڪري نه سگهيو آهيان.
مُون ته اهو سُوچي ڇڏيو هيو ته مشتاق ۽ منٺار جيترو ۽ جھڙو پيار شايد مون کي ڪوبه ڏئي نه سگهندو. انهن ٻنهي يارن جي اچانڪ وڇوڙي تي اکيون ڳوڙها نه پر رَتُ رُنيون هيون ۽ مان ڀترن جيان ڀري ڀورا ڀورا ٿي ويو هيس. مون کان لکڻ پڙهڻ واري حس به موڪلائي وئي هئي. پاڻ کي بيڪار ۽ بيمار پئي سمجهيم. زندگي بي چسي، بي معنى ۽ بي رنگي ٿي پئي هئي. زندگيءَ جي خوشين ۽ دردن جو ڪارو ويس اوڍي ڇڏيو هو. پر اهو سائين صديق ئي هيو جنھن منھنجي ڇسي، بيڪار، بيمار، بي رنگي ۽ بي معنى زندگيءَ کي معنى ڏني ۽ بي رنگيءَ زندگيءَ کي ڪيترائي انڊلٺي رنگ ڏئي ڇڏيا ۽ منھنجي گم ٿي ويل لکڻ پڙهڻ واري حس کي ڳولهي ڏنو ۽ نه رڳو ڳولهي ڏنو پر لکڻ پڙهڻ لاءِ اتساهه ڏنو ۽ مون کي ايترو ته پيار ڏنو جو مان سوچي به نه پئي سگهيس ته سائين صديق جھڙو وڏو ماڻهو ۽ وڏو ڪھاڻيڪار مون جھڙي ننڍڙي ماڻهوءَ کي ايترو به پيار ڏئي سگهي ٿو.
هن جي پيار مون کي دادلو ۽ چلولو ڪري ڇڏيو. سائين صديق مون کي مشتاق ۽ منٺار موٽائي ته ڪونه ڏياريا. پر انهن جيترو ۽ انهن جھڙو پيار مون کي ضرور ڏنو. سندس وس ۾ هجي هان ته مون کي مشتاق ۽ منٺار ضرور موٽائي ڏياري هان. مڌر ٽريسا چيو ته،”اسان کي اَنَ جي اڻاٺ نه پر محبت جو ڏڪر ماري ٿو.“ پر سائين صديق وٽ مون لاءِ محبت جو ڪوبه ڏڪر ڪونه هيو. هن مون لاءِ پاڻ کي منٺار ۽ مشتاق بڻائي ڇڏيو. مان اڄ به ساڻس اُهي ئي انگل ۽ ماڻا ڪندو آهيان، جيڪي مان مشتاق ۽ منٺار سان ڪندو هيس ۽ هن وري اکيون ٻوٽي منھنجا سڀ انگل پورا ڪيا آهن. مان ان وقت خوشيءَ ۾ غافل ٿي ويندو آهيان، جڏهن ڪو منھنجي علائقي جو ماڻهو سائين صديق کي فون ڪندو آهي يا کيس ڪٿي روبرو ملندو آهي ته سائين صديق کين چوندو آهي ته توهان جي پاسي منھنجو پيارو ۽ دادلو دوست رهندو آهي؛ ان کي منھنجا سلام ۽ پيار چئجو. سائين صديق جا اُهي لفظ مون لاءِ جيئڻ جي سگهه ۽ جيئڻ جو حوصلو پيدا ڪندا آهن.سچ پچ سائين صديق جو پيار ۽ محبتون نه هجن ها ته اڄ منھنجي هٿن ۾ قلم به نه هجي ها. مان پاڻ ڀاڳوند سمجهندو آهيان جو سائين صديق جھڙو دلربا ماڻهو منھنجي دوستيءَ جي دامن ۾ آهي. هُو نه رڳو منھنجو دوست آهي بلڪه منھنجو معشوق به آهي ته منھنجو عاشق به آهي. هُو منھنجو محسن به آهي ته منھنجو وڏو به آهي ته ساڳي وقت مون جھڙي پورهيت ماڻهوءَ جو سھارو به آهي مون بابا جو پيار ته ڪونه ڏٺو ۽ نه ئي مون کي ڪا سُڌ آهي ته هڪ پيءُ جو پنھنجي پُٽ لاءِ پيار ڪھڙو ۽ ڪيئن هوندو آهي؟ پر سائين صديق جيڪو ۽ جھڙو پيار مونکي ڏنو آهي ۽ ڏئي پيو، شايد اڄ بابا به زندھ هجي ها ته مون کي ايترو پيار نه ڏي هان. پيءُ جي پيار سان گڏ دڙڪا ۽ داٻا به هوندا آهن. پر سائين صديق جيڪو پيار مون کي ڏنو آهي، ان پيار ۾ رڳو پيار ئي پيار آهي، پنھنجائپ جي خوشبوءِ، پنھنجائپ جو احساس ۽ پنھنجائپ جو جذبو آهي.
منھنجي هن سان محبت خوبصورت غزل جي مطلع جيان آهي. جيڪڏهن ان مان هڪ سِٽَ ڪڍي ڇڏجي ته اهو غزل يا اهو بند پنھنجي اصل خوبصورتي وڃائي ويھندو ۽ پنھنجي معنى ۽ مقصد به وڃائي ويھندو. هن جي محبت، هن جو پيار سدائين مون لاءِ بڙ جي گهاٽي ڇانوري جيان رهيو آهي. مان جڏهن به ساڻس مليو آهيان ته ادب ۽ احترام وچان * جُهڪي مليو آهيان، ها بلڪل ايئن جيئن سورج مکي شام جي پھرين پھر ۾ پنھنجو ڪنڌ جهڪائي ڌرتيءَ کي سلام ڪندو آهي.
مان سائين صديق جي آڏو پاڻ کي ڏوهي ٿو سمجهان جو مان هن جي پھرين ڪتاب ”پکين جو وطن“ ۽ ٻي ڪھاڻي ڪتاب ”وجود جا عذاب“ تي اڄ ڏينھن تائين لکي نه سگهيو آهيان. الائي ڇو مان پنھنجي پيارن تي لکي ناهيان سگهندو. لکڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪندو آهيان، پر هڪ سِٽ به لکي ناهيان سگهندو. لفظ بغاوت جو روپ ڌاري مون کان باغي ٿي ويندا آهن. پرچائڻ جي باوجود به پرچي نه سگهندا آهن. ۽ پوءِ مان لفظن کي بيوفا محبوب چوندو آهيان. ڪھاڻي ڪتاب ”وجود جا عذاب“ تي لکڻ لاءِ پڪو پھه ڪيو هيم ۽ سائين صديق سان واعدو به ڪري ويٺس ته ضرور لکندس. پر جڏهن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻي ”وجود جا عذاب“ پئي پڙهيم ته اُها ۡڪھاڻي مان پوري نه پڙهي سگهيس. ڪھاڻي پڙهڻ دوران منھنجي اکين جا آگم اُٿلي پيا ۽ اکين جون ڪٽوريون لڙڪن سان ڀرجي ويون ۽ مان ٻارن جيان سڏڪا ڀري روئي پيو هيس. امڙ جي وڇوڙي واري درد مون کي لوڙهي وڌو هيو ۽ مون کي اهو احساس به نه هيو ته يتيمي ڇا ٿيندي آهي...!؟ يتيمي ڪيئن هوندي آهي...!؟ يتيميءَ جو درد اڄ به مون لاءِ عذاب بڻيل آهي. ماءُ جي وڇوڙي کانپوءِ خوشين جي ڏاڪڻ مون کان کسڪي وئي هئي. ماءُ جا نيڻ، مون لاءِ سدائين امام ضامن وانگر هوندا هيا. سائين صديق جي ڪھاڻيءَ ۾ ننڍڙي گلاب جي جاءِ تي مون پاڻ کي محسوس ڪيو هو. گلاب جي ڪردار جو درد، تڙپ، ڀوڳنا ۽ اذيت منھنجي ساري وجود ۽ منھنجي نس نس ۾ اوتجي رهي هئي. ڪھاڻي وارا پيج منھنجي ڳوڙهن سان پُسي ويا، خبر ناهي سائين صديق هيءَ ڪھاڻي لکڻ وقت ڪيترو رُنو هوندو؟ ۽ ڪھڙي ڀوڳنائن مان گذريو هوندو؟ مُون ان وقت ئي ڪتاب ٺپي لائبريري ۾ رکي ڇڏيو. ڪھاڻيءَ جا هي جملا اڄ به ڦرڻيءَ جيان چوڏس منھنجي نظرن جي سامھون ڦري رهيا آهن، ”هر رانديڪي ۾ سندس ممتا جو پيار ٽاڪيل هو. ڪيڏي نه سڪ مان پنھنجي ٻچڙي جي ورونھن لاءِ آندا هئائين. هُوءَ سوچڻ لڳي ڇا اُهي رانديڪا سندس گلاب کي ريجهائي کانئس ماءُ جي تانگهه ۽ سر وساري سگهندا؟ نه، نه ....! ڪوبه رانديڪو ماءُ جي آسيس جو مٽ نٿو ٿي سگهي. دنيا ۾ ماءُ جو نعم البدل آهي ئي ڪونه. رانديڪا ته ڪجهه گهڙين ۾ ئي ٻارن جي اڳيان پنھنجو مُوهه وڃائي ويھندا آهن.هونءَ به يتيميءَ جي ڏائڻ جڏهن ٻار کان ٻالڪ پڻو کسي ٿي وٺي ته ان ٻار کي ڪوبه رانديڪو ريجهائي نه سگهندو آهي.“ ها اهو سچ آهي ته يتيميءَ جي ڏائڻ جڏهن ٻار کان ممتا جو پيار کسي وٺي ٿي ته دنيا جا سمورا رانديڪا ان ٻار کي ريجهائي نٿا سگهن. جن جون مائرون ٻاروتڻ ۾جن کان جدا ٿي ويون هجن، انهن جا هيءَ ڪھاڻي پڙهڻ کان پوءِ سندن لڙڪن جا بند ٿيل سمورا بند ڀڄي پوندا ۽ پاڻ کي روئڻ ۽ سڏڪڻ کان روڪي به نه سگهندا. پر جڏهن زيبو جي دل مان نڪتل دعا جا هي لفظ پڙهندا ته روئڻ انهن جو مقدر بڻجي ويندو ۽ زيبو جي هن دعا کانپوءِ پٿر به پاڻي پاڻي ٿي پوندو،”اي جھانن جا پالڻھار! تون ٻانهي کان ڌن، دولت ۽ زندگيءَ جون آسائشون ڀلي کسي وٺ، پر ڪنھن اُبھم ٻار کان امڙ جي ڇانوَ نه کس. ٻاروتڻ وهيءَ ۾ يتيمي برابر پيغمبري نشاني آهي. پر اي مالڪ! ان جو بار به پيغمبر ئي کڻي سگهن ٿا. ڌڻي منھنجا! دنيا ۾ ايندڙ هر ٻار ڌرتيءَ تي تنھنجي ٻاجهه جو اعلان هوندو آهي. ماڪ ڦڙن جھڙا پوتر شرم ٻوٽيءَ جھڙا ۽ گلن جي پنکڙين جھڙا حساس ۽ ڪومل جذبن کان جياپي جو موهه ۽ دعائن جون عالم پناهون نه کس.“ سارنگ جي امڙ زيبوءَ جي هيءَ دعا پڙهڻ کانپوءِ مون ڪيئي مھينا ڪتاب کي هٿ به نه لاتو. جيئن ئي ڪتاب تي نظر پوندي هئي ته اکيون سانوڻي مينھن جيان وسي پونديون هيون. نيٺ دل پڪي ڪري سائين صديق جو ڪتاب پڙهي پورو ڪيم. پھرين ڪتاب ”پکين جو وطن“ جيان هن ڪتاب ۾ به شامل ڪھاڻيون به، مقصد ۽ اعلى معيار جون آهن. ڪھاڻيءَ”ڌرتـتيءَ جو مسافر“ پڙهڻ کانپوءِ منھنجي ڪيفيت بلڪل اهڙي ٿي وئي، جھڙي ”وجود جا عذاب“ پڙهڻ وقت ٿي هئي. خبر ناهي ته سائين صديق، اهڙا دل جي تارن کي ڇهندڙ نوان موضوع ڪيئن ۽ ڪٿان ٿو هٿ ڪري؟ ڪھاڻي ”ٽين موسم“، ”آيو پھتو“، ”هڪ اوڇڻ ٻه جسم“، ”وانگر“، ”پيڙهيءَ جي تند“، ”پن جي ٻيڙي ۽ ماڻهو“، ”نئون سج“ ۽ ٻيون سموريون ڪھاڻيون فن، فڪر، اسلوب، ٻولي، منظر نگاري،ڪردار نگاري، موضوعن ۽ تشبيھن جي حوالي سان نه رڳو ڀرپور ڪھاڻيون آهن پر سنڌي ادب جون لاجواب ۽ اعلى معيار جون ڪھاڻيون آهن. سندس ٻنهي ڪتابن تي ايوارڊ به مليا آهن. پر اُهي ايوارڊ سائين صديق جي ڪھاڻين کان وڌ اهم ڪونهن. ڪھاڻين جي اهميت ۽ حيثيت انهن پاٺي ۽ ٺڪر جي ايوارڊ کان تمام گهڻو مٿي آهي. ايوارڊن هن جي ڪھاڻين کي مان ۽ مرتبو نه ڏنو آهي بلڪه ڪھاڻين ايوارڊن کي مان ۽ رتبو بخشيو آهي.
ٻنهي ڪتابن ۾ ڪابه هڪ اهڙي ڪھاڻي مون کي نظر نه آئي جنھن کي ٻولي، موضوع ۽ فني حوالي سان مان رد ڪري سگهان. انهن ٻنهي ڪتاب کانپوءِ سندس هي تازو ڇپجي آيل ڪھاڻي ڪتاب ”مٽيءَ جو عشق“ منھنجي مطالعي مان گذريو آهي. اڳئين ٻنهي ڪتابن جيان هيءُ به انتھائي خوبصورت ۽ دل کي وڻندڙ ڪتاب آهي. ٽنهي ڪتابن پڙهڻ کانپوءِ مون کي ايئن ٿو لڳي ته سائين صديق ڄڻ پيدائشي ڪھاڻيڪار آهي ۽ هُو ڪھاڻيءَ جي مزاج کي به چڱي طرح سمجهي ٿو. هن وٽ لفظن ۽ ٻوليءَ جي خوبصورتيءَ جيان موضوعن جي اڻاٺ به ڪونهي. هڪڙا اهڙا ڪھاڻيڪار آهن، جيڪي سٺن موضوعن جي تلاش ۾ هوندا آهن پر انهن کي سٺا موضوع هٿ نه ايندا آهن پر سائين صديق اهو واحد ڪھاڻيڪار آهي جنھن کي موضوع پاڻ تلاش ڪندا آهن.
سڄي سنڌ ڪھاڻيڪارن سان ڀري پئي آهي، پر جيڪا ٻولي سائين صديق جي ڪھاڻين ۾ آهي، اهڙي خوبصورت ۽ معياري ٻولي مون کي ٻي ڪنھن به ڪھاڻيڪار جي ڪھاڻيءَ ۾ نظر نه آئي آهي. هُو ٻوليءَ جو بي تاج بادشاهه آهي ته ٻوليءَ جو ماهر ۽ ڄاڻو به آهي. هن جي ٻوليءَ ۾ جتي روانگي آهي اُتي رڌم ۽ موسيقي به آهي. ڪجهه دوست مون کي چوندا آهن ته سائين صديق ٻوليءَ جي حوالي سان نسيم کرل جون سِڪون لاهيندو آهي. پر ايئن ڪونهي، هرگز ڪونهي ۽ بنھه به ڪونهي. نسيم کرل جي سڄي مجموعي ۾ ٻه چار اهڙيون ڪھاڻيون آهن، جن جي ٻولي سٺي ۽ ٺيڪ ٺاڪ آهي. ۽ اُهي به نسيم کرل جون مشھور ڪھاڻيون آهن. انهن ڪھاڻي کان علاوه هن جون ٻيون ڪھاڻيون ٻوليءَ جي حوالي سان ايتريون معياري ۽ سگهاريون ڪھاڻيون ڪونهن. پر سائين صديق منگيو جي هرهڪ ڪھاڻيءَ ۾ جيڪا ٻولي آهي، اها پڙهندڙن جا ڇڪا ئي ڇڏائي ٿي وجهي. هن جي پھرين ڪھاڻي ڪتاب ”پکين جو وطن“ ۾ 16 ڪھاڻيون، ٻي ڪھاڻي ڪتاب ”وجود جا عذاب“ ۾ 17 ڪھاڻيون ۽ ٽئين ڪھاڻي ڪتاب ”مٽيءَ جو عشق“ ۾ 20 ڪھاڻيون آهن. ٽوٽل ڪھاڻين جو تعداد 53 آهي. انهن 53 ڪھاڻين ۾ ڪابه هڪ ڪھاڻي اهڙي ڪونهي جنھن جي ٻولي ڇسي ۽ غير معياري هجي. مان مٿي چئي چڪو آهيان ته سائين صديق ٻوليءَ جو بي تاج بادشاهه آهي ۽ هن سنڌي ڪھاڻيءَ کي جيئدان ڏنو آهي ۽ هاڻي اهو رينگٽ بند ٿيڻ گهرجي ته سنڌي ڪھاڻيءَ کي گولي لڳي آهي يا سنڌي ڪھاڻي مري وئي آهي. سنڌي ڪھاڻيءَ کي مُئل ڪوٺيندڙ پاڻ مُئل آهن.نثر جي خوبصورت ليکاري طارق عالم ابڙو، سائين صديق جي ڪھاڻين پڙهڻ کانپوءِ سائين صديق کي خط ۾ پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندي چيو آهي ته،”تون هڪ ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ سنڌي ادب ۾ هڪ سگهارو ۽ هر طرح سان ڀرپور ڪھاڻيڪار آهين. تخليقار جي روپ ۾ پاڻ کي ڳولي لھڻ واري ڏکئي مرحلي مان پار پئي ٿو سو ئي ٻوليءَ کي نرم، گرم، مٺن ۽ ڪڙن لفظن جي ڀاڪرن ۾ ڳراٽڙي ۽ چمين جي لطف مان فيضياب ٿي سگهي ٿو.“
اهو ئي سائين صديق جي ڪھاڻين ۽ ٻوليءَ جو ڪمال ۽ هنر آهي، جو طارق عالم ابڙو اهڙيون سِٽون لکڻ تي مجبور ٿي پيو. هڪڙا اُهي ڪھاڻيڪار به آهن، جن جي ڪھاڻين ۾ ڪھاڻيءَ نالي ڪابه شيءِ ڪونهي پر ياري باشي ۽ سڻڀي ڪرسيءَ جي زور تي انهن کي وڏو ۽ سٺو ڪھاڻيڪار بڻايو ويو آهي. ڪي وري اهڙا به ڪھاڻيڪار آهن جن پنھنجي ڪھاڻين ذريعي شھرت ۽ مڃتا جو معراج به ماڻي ورتو آهي. انهن ڪھاڻيڪارن ۾ سائين صديق پھرين صف جوڪھاڻيڪار آهي، جنھن پنھنجي ڪھاڻين ذريعي سڄي سنڌ اندر جيڪو مڃتا جو معراج ماڻيو آهي، اهڙو معراج گهٽ ڪھاڻيڪارن ماڻيو آهي. سائين صديق جا ڪھاڻيءَ جي حوالي سان هزارن جي تعداد ۾ پرستار ۽ پڙهندڙ آهن. نئين ٽھيءَ جو اهڙو ڪوبه ڪھاڻيڪار ۽ پڙهندڙ ڪونهي جنھن سائين صديق کي نه پڙهيو هجي. هي نه رڳو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو سگهارو ڪھاڻيڪار آهي پر امر جليل جيان گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪھاڻيڪار آهي. سندس پھرين ڪھاڻي ڪتاب جا ٻه ايڊيشن ڇپيا ۽ اُهي جلد وڪرو به ٿي ويا.
هن جي ڪھاڻين ۾ ٻولي، منظر نگاري، ڪردار نگاريءَ ۽ تشبيھن جي خوبصورتيءَ جا جيڪي ڀاڪر ۽ انڊلٺي رنگ چٽيل آهن، اُهي پڙهندڙن کي پاڻ ڏانھن ايئن ٿا ڇڪي وٺن جيئن ماءُ جي ڀريل ٿڃ ٻار کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندي آهي. سندس ڪھاڻين ۾ سمنڊ جيتري گھرائي ۽ درياهه بادشاهه جي سير جي رواني به آهي. هن جي ڪھاڻين ۾ ڳوٺاڻي زندگي به آهي ته شھري ماحول ۽ شھري ٻولي به آهي. هُو جنھن به واقعي ۽ ڪردار تي ڪھاڻي لکي ٿو ته ڪھاڻي جي سٽاءَ، گفتگو جي انداز،بيان، ٻولي، ڪردار نگار ۽ انهن ڪردارن جي پسمنظر جا اهڙا ته رنگ چٽي ٿو جو مصور به هن جا رنگ ڏسي دنگ رهجي وڃي ٿو ۽ ان جي واتان، ازخود واهه واهه جا لفظ نڪري پون ٿا. جيئن مونکان ٿر جي پسمنظر ۾ لکيل ڪھاڻي ”ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي“ تي واهه واهه جا لفظ ٻاڦ جي صورت ۾ نڪري ويا.ڪھاڻيءَ جي ڪلائمڪس ڪھاڻيءَ جي جان به هئي ته سموري سونھن به هئي.
سائين صديق جي مطالعي ۽ مشاھدي واري اک ۾ ڏاڍي تيزي ۽ تکائپ رهي آهي. پنھنجي پھرين ڪتاب ”پکين جو وطن“ ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿائين ته ”جڏهن کان هوش سنڀاليو اٿم ته ننڍي ڀاءُ خليل الرحمّٰن ۽ بابا سائين عبدالرحمّٰن ”عبد“ منگيو جي وڇوڙي واري ٻن راتين کان سواءِ ڪابه رات ياد نه اٿم جيڪا لکڻ پڙهڻ بنا گذري هجي.“ ايتري مطالعي هجڻ جي باوجود به هن جي لکڻيءَ تي ڪنھن به ليکڪ جو پاڇو نظر نٿو اچي. هن وٽ ٻولي به پنھنجي آهي ته اسلوب به پنھنجو آهي. ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻيءَ ”مٽيءَ جو عشق“ جنھن موضوع تي لکي وئي آهي ان موضوع تي اهڙي شھڪار ڪھاڻي ۽ شاندار ڪھاڻي شايد ٻيو ڪو ڪھاڻيڪار لکي سگهي!!! ”گروي ٿيل خواب“، ”اُجالي جو اوسيئڙو“، ”سونھريءَ ڦرهيءَ تي لکيل دعا“، ”گلاب جان“، ”مرڻ جو مشاھدو“، ”رکو روح“ ۽ ٻيون ڪھاڻيون صدين جي پيڙيل، لتاڙيل ۽ ماريل ڌرتيءَ جي ڇرڪائيندڙ دانھن آهن جيڪي ستل ذهنن ۽ خميرن کي جاڳائڻ جو ڪم ڏين ٿيون.
ڪتاب ۾ موجود سڀ ڪھاڻيون سنڌي ادب جون بھترين کان بھترين ڪھاڻيون آهن. مان سموريون ڪھاڻيون پڙهڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پھتو آهيان ته سائين صديق سنڌي ٻوليءَ جو تمام سگهارو ۽ اعلى پائي جو ڪھاڻيڪار آهي جنھن سنڌي ڪھاڻيءَ کي جيئدان ڏئي ان راءِ کي رد ڪري ڇڏيو ته ”سنڌي ۡڪھاڻيءَ کي گولي لڳي آهي يا سنڌي ڪھاڻي مري چڪي آهي.“