ڪالم / مضمون

مون ساريندي سپرين

وفا لفظن جي لڪيرن ذريعي جن به شخصيتن جا اسڪيچ ٺاهيا آهن، اهي هُو بھو اصل تصويرن جھڙا ئي آهن. وفا جي مضمونن ۽ خاڪن ۾ جنھن ڳالهه مون کي گهڻو متاثر ڪيو اُها هن جي دوستن سان بي پناهه محبت آهي. جيڪا هن اکر اکر ۾ پنھنجي دوستن کي ارپي آهي. وفا جا مضمون ان جي پيار جا ساکي آهي، جنھن ۾ هن تمام گهڻي محبت سان دوستن جي لکڻين کي پڙهي، ان تي پاٻوهه مان لکيو آهي، وفا جي هن ڪتاب جي ٻوليءَ جو پنھنجو حسين جمال آهي.
Title Cover of book مون ساريندي  سپرين

خطن ۾ مُون کي ڳولجان

”پيارا وفا!
ڪٿي آهين؟
آواز ته ڏي،ڪٿي ڀيڙ ۾ وڃائجي ته نه ويو آهين!؟
مان ڪٿي آهيان؟
آئيني آڏو بيھي ڏسجان، شايد منھنجو پرتوو توکي ملي وڃي/نظر اچي. يا وري پنھنجي اندر ۾ هڪ نھار ڪجان. شايد ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ نظر اچي وڃا. اڃا به نظر نه اچانءِ ته پوءِ خطن ۾ مونکي ڳولجان. ممڪن آهي آءٌ توکي لفظن ۽ جملن ۾ ملي وڃانءِ“.
هي سِٽون پياري مشتاق ڀرڳڙيءَ جون مون ڏانھن لکيل آخري خط جون آهن. مشتاق جو مون ڏانھن لکيل خطن جو تعداد ٻن سون جي لڳ ڀڳ آهي ۽ اُهي سمورا خط مون پنھنجي پريتم جي خطن جيان ساهه ۾سانڍي رکيا آهن. ڇاڪاڻ ته مشتاق جا خط مون لاءِ ايتري اهميت رکن ٿا، جيتري اهميت منھنجي پريتم جا خط رکن ٿا.
ڪجهه مھينا اڳ مشتاق مون ڏي خط لکيو ۽ ان خط ۾ لکيو هئائين ته ”وفا! منھنجو اندر جو آواز تو وٽ پيل آهي، مان پنھنجو اندر پڙهڻ ٿو چاهيان، بلڪه ايئن سمجهه ته ”منجهان سڪ سبيل“ جي نالي سان پنھنجي اندر جي آواز يعني خطن جو مجموعو آڻڻ ٿو چاهيان. مون ٻين دوستن جي ڀيٽ ۾ گهڻي ۾ گهڻا اندر جا آواز توکي ڏنا ۽ ٻڌايا آهن، تون پھرين فرصت ۾ منھنجي اندر جو آواز کڻي مون وٽ دادو پھچ مون کي تنھنجي اچڻ ۽ پنھنجي اندر جي آواز پڙهڻ جو شدت سان انتظار آهي.
مشتاق هڪ سٺو ڪھاڻيڪار، شاعر، خاڪا نويس، ڪالم نويس، نفاد ۽ بھترين دوست هيو، مان اُها ڳالهه دعوى سان چئي سگهان ٿو ته هن ٻين دوستن جي ڀيٽ ۾ پنھنجي زندگيءَ جا تلخ تجربا، پنھنجي زندگيءَ جا ڏک درد توڙي خوشيون خطن ذريعي مون سان ئي شيئر ڪيون. هن مون سان گڏجي ٽھڪ به ڏنا ته اکيون آليون به ڪيون. هن کي دردن، سورن ۽ تڪليف سھڻ جو ڏانءُ ۽ هُنر هيو. هن دردن ۾ به جيئڻ سکي ورتو هيو. هن خوشين جي نسبت دردن سان وڌيڪ پيار ڪيو. ان جو سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو ته خوشين جو ساٿ ٿورو ۽ ناپائيدار هوندو آهي، جڏهن ته دردن جو ساٿ پائدار هوندو آهي.مون جڏهن کيس ٻڌايو ته ”درد جنڊ جي ٻنهي پڙن جيان مون کي پيڙهي رهيا آهن. دردن ۾منھنجو ساهه ٻوساٽجي رهيو آهي. دردن منھنجي خوشين تي ڌاڙو هڻي ڇڏيو آهي. دردن مون کي ايترا ته درد ڏنا آهن جو انهن دردن ۾ نه مان مري ٿو سگهان ۽ نه ئي وري جيئي ٿو سگهان. مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي ته مان ڇا ڪريان؟! ڪيئن ڪريان؟ ۽ ڪيڏانھن وڃان.“ موٽ ۾ چيو هئائين ته”مون کي انتھائي خوشي ٿي رهي آهي ته دردن تو ۾ ديرو ڄمايو آهي. هڪ سٺي، بھترين ۽ ڪامياب ليکڪ ٿيڻ لاءِ دردن جي چوٽ کائڻ انتھائي ضروي آهي، هاڻ تنھنجي لکڻين ۾ اڳ کان وڌيڪ گھرائي ۽ پختگي پيدا ٿيندي. تون دردن کان پري نه ڀڄ. مون جيان دردن سان دوستي رکي کلي دل سان انهن جي آجيان ڪر. تون شايد اِهو نٿو ڄاڻين ته درد ئي ماڻهوءَ کي سنجيده ۽ ڏاهو بنائيندا آهن. هيل تائين جن به شاھڪار قسم جو ادب تخليق ڪيو آهي، انهن انتھائي قسم جا درد سٺا آهن. مثال طور تي تون موهن ڪلپنا جي آتم ڪٿا ”بک، ادب ۽ عشق“ پڙهي سگهين ٿو.“
سچ پچ مشتاق مان، مون گهڻو ڪجهه پرايو ۽ هن يار گهڻو ڪجهه مون کي سيکاريو. اُها هن جي مون سان سچائي هئي، نيڪ نيتي هئي. مون سان محبت ۽ انتھا درجي جو پيار ۽ عشق هيو. مان اسٽيج تي اچڻ کان ايئن لنوائيندو ۽ ڊڄندو هيس جيئن ڪانءُ ڪمانَ کان، پر اهو مشتاق ئي هيو جنھن هر پروگرام ۾ مون کي زوريءَ مٿي اسٽيج تي گهرائي ڪجهه نه ڪجهه مون کان ڳالهائي اسٽيج وارو خوف منھنجي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو.
هن جڏهن پنھنجو پھريون ڪهاڻي ڪتاب ”پاڇي“ پئي آندو ته ڪهاڻيءَ تي هرهڪ ڪهاڻيڪار کان پنھنجي ڪهاڻين تي رايو پئي لکرايو ۽ هن هڪ ڪهاڻي مون کي به ڏني ته هن تي رايو لک. ته کوڙ سارن دوستن اعتراض به ڪيو ته وفا اڃا نئون ليکڪ آهي ان جو رايو ڪتاب ۾ شامل نه ڪر. پر هن يار ڪنھن جي به نه ٻڌي. مون کان ڪهاڻيءَ تي رايو لکرائي اهو ڪتاب ۾ شامل ڪري ڇڏيو. جڏهن انھيءَ ڪتاب جي مھورتي تقريب ٿي ته مشتاق مونکي مٿي اسٽيج تي اعزازي مھمان طور ويھاري ڇڏيو ۽ مان اهو پھريون ڀيرو مٿي اسٽيج تي ويٺو هيس.
مشتاق سان منھنجي پھرين ملاقات 1998ع ۾ پياري ذوالفقار گاڏهيءَ جي شادي جي موقعي تي بڙ جي گهاٽي وڻ جي ڇانوري هيٺ ٿي هئي ۽ هُو آخري دم تائين مون لاءِ بڙ جي گهاٽي ڇانوَ جيان رهيو. پھرين ئي ملاقات ۾ اسان ٻنهي هڪ ٻئي کي پنھنجو دوست ۽ محبوب سمجهي ورتو.
مشتاق ڀرڳڙي منھنجو دوست هجڻ سان گڏوگڏ منھنجو عاشق به هيو ته ساڳي وقت معشوق پڻ. هن اهڙو اظھار ڪيترائي ڀيرا مون سان روبرو به ڪيو ۽ مون تي لکيل خاڪي ۾ به ڪيو آهي. اسان ٻنهي جا هڪ ٻئي سان روح جا رشتا هيا ۽ روح جا رشتا رت جي رشتن کان به وڌيڪ هوندا آهن. هن جڏهن به مون کي پنھنجو يا ڪوئي ٻيو ڪتاب گفٽ طور ڏنو ته ان تي هيئن لکي پوءِ ڏيندو هيو ته ”پياري وفا صالح راڄپر لاءِ جنھن تان پيار ۾ سر به گهوري سگهجي ٿو.“ جڏهن رمجهم رسالو ڪڍيائين ته ان وقت منھنجي ان سان واقفيت ڪونه هئي. ذوالفقار گاڏهيءَ رمجهم ۾ نمائندي طور باڊهه کان منھنجو نالو ڏيندو هيو. پر جڏهن کانئنس ان دوستي، پيار ۽ روح جو رشتو ڳنڍيرَ جي ڳنڍين جيان ڳنڍجي ويو ته پوءِ هن منھنجو نالو رمجهم ۾ سب ايڊيٽر طور ڏئي ڇڏيو. ڪاٿي دادو شھر ته ڪاٿي لاڙڪاڻي ضلعي جو هڪ ننڍڙو ٻھراڙيءَ نما ڳوٺ وڏي وهڻي. انهيءَ ڳوٺ ۾مون سنڌي ادبي سنگت وڏي وهڻي پاران جيڪي به ننڍا وڏا پروگرام ڪرايا انهن سڀني پروگرامن ۾ مشتاق اکيون ۽ دل پـير ڪري شريڪ ٿيو ۽ هر پروگرام ۾ مٿي اسٽيج تي ڳالهائڻ وقت اهو جملو ضرور چوندو هيو ته اها پياري وفا جي محبت آهي جيڪا هر پروگرام تي مون کي ڇڪي وٺي ٿي اچي. سنگت وڏي وهڻيءَ جو ڪاروائي رجسٽر ان ڳالهه جو گواهه آهي ته مشتاق کي منھنجي محبت دستوري گڏجاڻين ۾ به شريڪ ٿيڻ لاءِ وڏي وهڻي وٺي آئي.
مشتاق جڏهن پنھنجي ڀاءُ کان ڌار ٿيو هيو ته مون ڏي ڳوٺ آيو ۽ چيائين وفا! تيار ٿيءُ مون سان گڏ دادوءَ هل مان پنھنجي ڀاءُ کان ڌار ٿيو آهيان، ورهاست ۾ گهر منھنجي ڀاءُ کنيو آهي ۽ مون کي گهر جي حصي جا پئسا مليا آهن ۽ مان هاڻ ٻيو گهر ٽي بي اسپتال جي پاڙي ۾ ٺھرايان ٿو. پلاٽ به وٺي ڇڏيو آهي، ڏينھن اڌ ۾ جڳهه جو ڪم شروع ٿيندو. سو تون مون سان هل ۽ هلي منھنجو ڪم سنڀال. توکان وڌيڪ اعتماد وارو ٻيو منھنجو دوست ڪير ٿي سگهي ٿو ۽ پوءِ مان جڳهه ٺھي مڪمل ٿيڻ تائين مشتاق وٽ رهيس. مشتاق جو ڪم به سنڀاليم ۽ مشتاق وٽ جاءِ تي مزدوري به ڪيم. ڪم ڪري جڏهن شام جو ڪم تان لھندو هيس ته مشتاق پنھنجي بائيڪ تي کڻي حمام تي تڙ ڪرائڻ لاءِ وٺي ويندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن ڪم جي ٿڪاوٽ دور ڪرڻ لاءِ ٽنگن ۽ ٻانهن کي زور به ڏيندو هيو. مان کيس روڪيندو هيس ته يار زور نه ڏي ته به نه مڙندو هيو، چوندو هيو ته وفا خير آهي پاڻ ۾ دوست آهيون، تون سڄو ڏينھن ڪم ٿو ڪرين، ٿڪاوٽ ته ضرور ٿيندي هوندءِ، ٿڪاوٽ دور ڪرڻ لاءِ زور ضروري آهن.
مشتاق هڪ کرو ۽ سچو ماڻهو هيو، هن ڪڏهن به ڪنھن دوست سان منافقت نه ڪئي. هن وٽ دوستن لاءِ سدائين پيار ۽ پاڻ ارپڻ جھڙو جذبو هيو. هو دوستن جي خوشين ۾ خوش ٿيندو هيو ۽ دوستن جي دُک تي ڀترن جيان ڀُري پوندو هيو. هُو هر ڪنھن کي سچ منھن تي چئي ڏيندو هيو ۽ ان سچ جي ڪري کوڙ سارا دوست هن کان پري ٿي ويا. هي يار اندر ۾ کير جھڙو اڇو ۽ ڪڏهن به ڪنھن دوست لاءِ من ۾ مير نه رکندو هيو. پري ٿي ويل دوستن کي پنھنجي ويجهو آڻڻ جا پيو جتن ڪندو هيو. هن جن به دوستن تي لکيو ته حق ۽ سچ لکيو. لکڻ وقت ڪڏهن به منافقت نه ڪئي ۽ نه ئي وري دوستيءَ ۾ونگار وهندي ڪنھن تي لکيو.
18 جولاءِ 2007ع جو ڏينھن مون لاءِ قيامت جو ڏينھن ثابت ٿيو جنھن هڪ ئي وقت مون کان ٽي ناياب شيون کن پل ۾ کسي ورتيون. هڪ مون کان منھنجو سٺو ۽ بھترين دوست کسي ورتو، ٻيو مون کان منھنجو عاشق کسي ورتو ۽ ٽيون مون کان منھنجو معشوق کسي ورتو ۽ ان سان گڏوگڏ مون کان دادو شھر به کسي ورتو.
مشتاق جي وڇوڙي جي خبر ڪنھن دوست فون تي ٻڌائيندي چيو ته وفا! اڄ تنھنجو مشتاق هميشه لاءِ توکان وڇڙي ڏور هليو ويو آهي. جتان هاڻ تنھنجي محبت به يار کي موٽائي نه ٿي سگهي. اها خبر مون لاءِ خبر نه هئي ڄڻ ته وِڄ هئي جيڪا مون مٿان ڪري پئي هئي. جان مان ساهه ڇڏائجي ويو، روشني هوندي به اکين اڳيان اونداهه ڇائنجي ويو، مٿو چوڏس ڦرڻي جيان ڦرڻ لڳو. اعتبار ئي نه پئي آيو ته ڪو مشتاق اچانڪ ايئن وڇڙي ويندو ۽ اسان جون محبتون ڇوريون ڇنيون ٿي وينديون.
مشتاق يارن جو يار ۽ سڀني دوستن کي گڏ ڪري هلڻ وارو هيو. هن ڪنھن به دوست کي پاڻ کان الڳ ڪرڻ نه ڏنو ۽ نه ئي وري دوستن کي هڪٻئي کان الڳ ٿيڻ ڏنو. الائي ڪيئن هن کي خبر پئجي وئي ته مان ۽ معصوم بخاري هڪٻئي کان ناراض ٿي پري پئجي ويا آهيون ته هن يار جو ڄڻ سڪون ئي ڦٽي ويو. سندس من ۾ بيقراريءَ جو طوفان اُٿي کڙو ٿيو ۽ مون ڏي خطن مٿان خط پئي لکيائين ته تڪڙو مون وٽ دادو پھچ تو ۾ منھنجو انتھائي ضروري ۽ اهم ڪم آهي. تنھنجي دير منھنجي بيقراري ۽ انتظاريءَ جو سبب بڻبي. تنھنڪري پھرين فرصت ۾ مون وٽ پھچ. مان جڏهن اُتي پڳس ته پيار ۽ پنھنجائپ مان منھنجي نرڙ تي هڪ ڊگهي چمي ڏيندي چيائين، ”ڏس وفا! منھنجي دوستيءَ جي هڪ چين ٺھيل آهي ۽ انهيءَ چين ٺاهڻ مون کي ڪيترو وقت لڳندو هوندو، ان جو تون تصور به نٿو ڪري سگهين، مون کي منھنجا دوست منھنجي پھرين تخليق ”ثميره“ جيان پيارا آهن. منھنجا دوست منھنجي پيار جو پورهيو آهن، منھنجا دوست منھنجي تخليق ۽ منھنجي وجود جو هڪ اڻ ٽٽ حصو آهن. مان ايئن هرگز نه چاهيندسُ ته منھنجي محنت سان ٺھيل دوستيءَ جي چين مان ڪا هڪڙي به ڪڙي ٽٽي. توکي هر حال ۾ معصوم سان ٺاهه ڪرڻو آهي“. مون کيس چيو ته ”يار معصوم مون سان گهڻيون بي واجبيون ڪيون آهن.“ کلي چيائين ته ”معصوم آهي ئي معصوم.... سو يار معصومن سان ڪھڙا ليکا؟ ۽ ٻيو ته مون کي تو جيان ڏاڍو پيارو آهي.“
مشتاق جيستائين اسان جو ٺاهه نه ڪرايو تيستائين هُو بيقرار رهيو ۽ مون کي وفا ناٿن شاهيءَ جي غزل جو بند ٻڌائيندي چيائين ته:
تو سواءِ من قرار ڪونهي ڪو،
ڪيئن چوان تو سان پيار ڪونهي ڪو.
اسان يارن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ وارو مشتاق اسان سڀني يارن کان جدا ٿي هليو ويو ۽ اسان جي دلين ۾ پنھنجي وڇوڙي جو تڏو وڇائي ويو آهي.
آنداسين ته کڻي وينداسين هڪڙي دل بيتاب،
تنھن سان گڏ ڪي گيت اڌورا ۽ اڻپورا خواب.