ڳجھارت بڻجي ويل شان جو قتل
چيائين،”باڊهه جي حوالي سان سڄي سنڌ ۾ صحافت طور مڃيل ۽ جبل جيڏي سڃاڻپ رکندڙ شخص کي تون نٿو سڃاڻين ته پوءِ تون اديب ۽ صحافي ڪھڙو آهين....!؟ جو پنھنجن ماڻهن کي ئي نٿو سڃاڻين....!؟
چيم ”ڇڏ يار ڊيگهه کي ٻڌاءِ کڻي ته هي همراهه ڪير آهي...!؟“
چيائين،”ڀلا شان ڏهر جو نالو ٻڌل اٿئي؟“
چيم،”ها يار شان ڏهر جو نه رڳو نالو ٻڌل آهي پر اهو نالو منھنجي نس نس ۾ رت جي قطرن جيان سمايل به آهي. عليءَ مون سان شان جو ايترو ته ذڪر ڪيو آهي جو شان جو نالو منھنجي ذهن ۾ ايئن نقش ٿيل آهي جيئن سنڌي ماڻهن جي ذهنن ۾ سنڌ جو نعرو نقش ٿيل آهي ۽ سندس ملڻ لاءِ دل بيتاب ۽ بيقرار رهي آهي.“
چيائين،”ته پوءِ اڄ تنھنجي دل جي بيتابي ۽ بيقراري کن پل ۾ دور ٿو ڪريان.“
چيم،”اهو وري ڪيئن؟“
چيائين،”جنھن لاءِ تون ۽ تنھنجي دل ملڻ ۽ ڏسڻ لاءِ بيتاب آهي، اهو ئي شان ڏهر اٿئي.“
شان جونالو ٻڌڻ سان منھنجي مُک تي مرڪون رقص ڪرڻ لڳيون ۽ جسم خوشيءَ مان ڪنول جي گلن جيان ٽـڙي پيو ۽ منھنجي خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي، مان اُٿي وڃي ساڻس هٿ ملايو ته هن ڪرسيءَ تان ٿورڙو هوائي اٿي مون کي هٿ ڏئي ويهي رهيو ۽ باڊهه سوشل فورم پاران ڇپيل مئگزين (جرس) جا پنا اٿلائڻ لڳو. مون کيس ٻيھر ڪُلهي تي هٿ هڻندي چيو،”شان سائين مون کي وفا صالح راڄپر چوندا آهن.“ منھنجي نانءَ ٻڌڻ تي ڄڻ ته هن کان ڇرڪ نڪري ويو، رسالو بند ڪري ڪرسيءَ تان ٽپ ڏئي اُٿي پيو. پنھنجون ٻئي ٻانهون منھنجي ڳچيءَ ۾ مارن جيئن وجهندي مون کي اهڙو ته ڀاڪر ۾ ڀريائين ڄڻ ته مان هن جو وڇڙيل محبوب هجان ۽ ڪي پل مون کي پنھنجي پيار ڀرئي ڀاڪر ۾ قيد ڪري ڇڏيائين. جڏهن مون کي پنھنجي پيار ڀرئي ڀاڪر جي قيد مان آزاد ڪيائين ته پڇڻ لڳو وفا! ڪيئن آهين؟ خوش آهين؟ تنھنجو نالو ۽ تنھنجو ذڪر مون ڪافي دوستن کان ٻڌو آهي، دوست تنھنجو نانءُ احترام سان ۽ تنھنجو ذڪر انتھائي پيار سان ڪندا آهن. ڏاڍو سٺو ٿيو جو اڄ اچانڪ توسان ملاقات ٿي وئي، توسان هيءَ اچانڪ ملاقات مون لاءِ سرپرائيز ۽ ڪنھن اعزاز کان گهٽ ڪونهي. مان اڄ ڪلهه لاڙڪاڻي ۾ ئي رهان ٿو، ڪڏهن لاڙڪاڻي اچو ته ڪچھري ڪيون ۽ چانهه جيڪا پيالي به پيئون.
شان جي پيار ڀرئي لھجي ۽ ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺڙي آواز منھنجي دل ۾ پيار جي ندي جوڙي ورتي. شان جي ڳالهين ۽ شان جي ڀاڪر جي خوشبوءِ اڄ به منھنجي من ۾ تازي گل جھڙي آهي. هُو مون کي پنھنجي نالي شان جيان شان ۽ مان وارو لڳو.
شان ڏهر سان منھنجي اُها پھرين ۽ آخري ملاقات هئي. انهيءَ وچ ۾ منھنجو ڪڏهن به لاڙڪاڻي وڃڻ نه ٿيو جو مان شان جھڙي پياري ۽ محبتي ماڻهوءَ سان گڏجي چانهه جون چسڪيون ڀري سگهان ۽ ان سان ڪي پل ڪچھريون ڪري پنھنجي يادگيرن جي البم ۽ هميشه لاءِ سانڍي محفوظ ڪري سگهان. مان ڀل شان کي وساري ڇڏيان، پر هن پھرين ملاقات ۾ جيڪا پيار جي برسات وسائي پنھنجائپ جو احساس ڏنو اهو مون کان ڪڏهن به وسري نٿو سگهي. سندس ڏنل پيار ۾ اهڙي ته شڪتي هئي، اهڙو ته سحر هيو جو گهٽجڻ بجاءِ ڏينھون ڏينھن وڌندو ٿو وڃي. خوشنصيب آهن علي آزاد سميت شان جا اُهي دوست جيڪي شان جي پيار ۽ محبتن جي ڇانوري هيٺ رهيا. علي آزاد، شان ڏهر بابت جيڪي مون سان ڳالهيون ڪندو هيو، شان انهن کان اڃا گهڻو مٿڀرو هيو. شان جي پيار ۽ محبت جي ڇانوري جون ڳالهيون ڪندي علي آزاد اڃا الائي ڇو ڪنجوسائپ جو مظاهرو ڪيو هو. اها سُڌ مون کي شان سان ملڻ ۽ ان جي محبت جي وڻ هيٺان ڪي پل ويهڻ کانپوءِ پئي.
جڏهن نئين سال جو سج ڌرتيءَ تي پنھنجي اچڻ لاءِ روشنيءَ جا تازا تازا ڪرڻا ڦھلائي پنھنجي اچڻ جو اطلاع ڏئي رهيو هو، ٺيڪ ان وقت ڪنھن دوست ميسيج ڪري ٻڌايوته نئين سال جي سج اڀرڻ کان اڳ ۾ ئي شان ڏهر جھڙو پيار ڪندڙ دوست کسي ورتو آهي. دوست جي اهڙي مسيج نئين سال جي خوشيءَ کي غم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ نئين سال جون دوستن کي مبارڪون ڏيڻ بجاءِ پنھنجي دل ۾ شان جي وڇوڙي جو تڏو وڇائي ڇڏيو. شان جي موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ علي آزاد کي فون ڪيم. پر سواءِ عليءَ جي روئڻ، پٽڻ ۽ سڏڪن جي ٻيو مون کي ڪجهه به معلوم نه ٿيو. مون کي ان وقت علي آزاد جي ڪيفيت ۽ ڪنھن يتيم ٻار جي ڪيفيت ۾ ڪوبه فرق نظر نه آيو. شان کانپوءِ نه رڳو علي پر سڀئي دوست مون کي ڏکارا ۽ يتيم نظر آيا، ڇاڪاڻ ته شان سدائين دوستن کي محبتون ڏنيون ۽ هن جي محبت سمورن دوستن لاءِ ٿڌي ڇانوَ مثل هئي.
هڪ ٻئي دوست وٽان خبر پئي ته شان ڏهر نئين سال جون خوشيون پنھنجي گهر ڀاتين سان گڏجي ملهائڻ لاءِ هُو 31-ڊسمبر واري شام تي لاڙڪاڻي کان باڊهه آيل هيو، رات دير تائين پنھنجي ٻن نياڻين عاليه ۽ راڻي سان خوب ڪچھري ڪري انهن کي ڀاڪر ۽ بوسا ڏئي بستري تي سمهاري شھر ڏانهن نڪري ويو. کيس ڪنھن فون تي ٻڌايو ته فلاڻي ميڊيڪل اسٽور تي سرڪاري دوائون وڪرو ٿي رهيون آهن، هُو پنھنجي صحافتي ذميواري نڀائڻ لاءِ ان اسٽور تي پھچي ان اسٽور مالڪ کان سرڪاري دوائن بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو ته پٺيءَ پويان کيس ڪنھن گولي هڻي ڇڏي.
شان ڏهر هڪ بيباڪ صحافي، اديب، شاعر، سماج سڌارڪ، کرو ۽ سچو ماڻهو هيو. هُو ڪوڙ جو دشمن ۽ سچ جو ساٿي هو، هن جي قلم سدائين مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن جو ساٿ ڏنو ۽ اهڙا ماڻهو تمام ٿورڙا هوندا آهن. شان جو جنم ڀومي ڳوٺ ننڍو بوٿرو آهي، جيڪو تعلقي ميھڙ ضلعي دادوءَ ۾ آهي. انهيءَ ڳوٺ مان لڏي اچي باڊهه رهيو. باڊهه اچي هن پنھنجي ڪم جي شروعات شيعه تنظيم اصغريه سان ڪئي. ان کانپوءِ هن باڊهه ۾ شھر ۾ سنڌي ادبي سنگت جو نئين سري سان بنياد وڌو. اُتي هن جي دوستي اصغر سنڌي ۽ عادل عباسيءَ جھڙن ساڃاهه وند ۽ ادب دوستن سان ٿي. ذاڪر حسين ڏهر مان هن کي شان ڏهر بنائڻ ۾ اصغر سنڌي ۽ عادل عباسيءَ جو وڏو ڪردار رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت کانپوءِ هُو وري صحافتي دنيا ڏانھن هليو ويو. هن سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن اخبارن ۾ ڪم ڪيو. صحافت دوران هن ڪراچي ۾ رهندي سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ ۾ به سٺو ڪم ڪيو. شان ڏهر هڪ سٺي صحافي هجڻ سان گڏوگڏ هُو هڪ سٺو شاعر به هيو. سندس شاعريءَ وارو پاسو به انتھائي سگهارو آهي. مون کي هن جو هڪ نظم ياد ٿو اچي.
او امان!
آسمان نه ڏس.
جنگي جھازن مان،
بم ڪرندا آهن، بصر نه.
جو ماڻهو مُڪَ هڻي مانيءَ سان کائي وڃي.
هن پنھنجي زندگيءَ جو گهڻو صحافت ڪندي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گذاريو. پڇاڙيءَ وارا ڏينھن هن لاڙڪاڻي ۾ پئي گذاريا ۽ هن جي رهائش هاڻي لاڙڪاڻي ۾ هئي. هُو لاڙڪاڻي ۾ اردو چئنل ”اَب تک“ جو بيورو چيف هيو.
شان ڏهر باڊهه/ سنڌ جو اهو شھيد صحافي آهي، جنھن کي هر پڙهيو لکيو ۽ ساڃاهوند ماڻهو عزت ۽ احترام سان يادڪري ٿو ۽ شان کي ياد ڪرڻ وقت سندن اکين جون پنبڻيون هر وقت آليون رهن ٿيون. هُو هر ڪنھن سان پيار ڪندڙ شخص هيو. سندس وجود ۾ پيار جو سمنڊ سمايل هيو ۽ سندس زبان تي به پيار جي ٻولي پئي بکجندي هئي.هن پنھنجي سڄي زندگي سماجي ۽ ڀلائي جي ڪمن ۾ گذاري. مون هن جون اکيون پڙهي ورتيون هيون. هُو کاهوڙي ۽ جاکوڙي شخص هو، جنھن لاءِ ڀٽائيءَ چيو ته:
کرڪڻا لاهي، سک نه سُتا ڪڏهن،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
شان جي شخصيت تي، هن جي ڪم تي ۽ هن جي زندگيءَ تي ڪالم ۽ مضمون ته ڇا پر ڪيئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا، هو هڪ فرد نه پر هڪ اداري جي حيثيت رکندڙ هيو.
هاڻي ڏسڻو ۽ سوچڻو اهو آهي ته شان جھڙي بيباڪ صحافي، شاعر، سماج سڌارڪ ۽ کاهوڙي ماڻهوءَ جي قتل جو داد فرياد به ٿيندو يا نه....!؟ هن جي قاتلن کي سزا به ملندي يا نه....!؟ ڏسجي ته سنڌ اندر جيڪي به صحافي دوست پنھنجي صحافتي ذميواري نڀائيندي قتل ٿي ويا آهن يا قتل ڪيا ويا آهن، سواءِ شھيد لفظ ملڻ جي ٻيو انهن لاءِ ڪجهه به نه ٿيو آهي. نه انهن جا ڪڏهن قاتل گرفتار ٿيا آهن ۽ نه ئي وري انهن کي سزا ڏني وئي آهي. منھنجي نظر ۾ شان ڏهر جو قاتل گولي هڻڻ واري سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي اسپتال جو اُهو ڊاڪٽر به آهي، جيڪو پنھنجي ڊيوٽي هوندي به گهر ۾ آرام سان سڪون جي ننڊ ستو پيو هو. گولي لڳڻ کانپوءِ به شان ڏهر ڪيترائي ڪلاڪ زندھ هيو، جيڪڏهن ڊاڪٽر ڊيوٽيءَ تي موجود هجي هان ته شايد شان جي زندگي بچائي سگهجي ها. وڏي عرصي گذرڻ باوجود به پوليس اڃا تائين اصل قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي. پوليس جي شان ڏهر ڪيس ۾ جيڪا دلچسپي مون کي نظر اچي ٿي، ان مان لڳي ٿو ته شان ڏهر جو قتل هميشه لاءِ ڳجهارت بڻجي ويندو.