ڪالم / مضمون

مون ساريندي سپرين

وفا لفظن جي لڪيرن ذريعي جن به شخصيتن جا اسڪيچ ٺاهيا آهن، اهي هُو بھو اصل تصويرن جھڙا ئي آهن. وفا جي مضمونن ۽ خاڪن ۾ جنھن ڳالهه مون کي گهڻو متاثر ڪيو اُها هن جي دوستن سان بي پناهه محبت آهي. جيڪا هن اکر اکر ۾ پنھنجي دوستن کي ارپي آهي. وفا جا مضمون ان جي پيار جا ساکي آهي، جنھن ۾ هن تمام گهڻي محبت سان دوستن جي لکڻين کي پڙهي، ان تي پاٻوهه مان لکيو آهي، وفا جي هن ڪتاب جي ٻوليءَ جو پنھنجو حسين جمال آهي.
Title Cover of book مون ساريندي  سپرين

سدائين ڏات جا ڏيئا ٻرن ٿا

بيحد پيارا اقبال!
آشا اٿم ته مُرڪن جي ڇانوري هيٺ رهين!!
جڏهن ڪھاڻي ڪالم، شاعري ۽ ٻي ڪا تخليق منھنجي ڪلهن تي ٺهڪي نه ايندي آهي، پڙهڻ تي به دل نه چاهيندي آهي، اهڙي ڪيفيت ۾ ڪنھن پرين پياري يارڙي ڏانھن پريم پتر لکڻ تي دل ڪنھن پياري ۽ دادلي ٻار جيان ضد ڪري بيھي رهندي آهي ۽ دل کي انهيءَ ضد تان لاهڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. انساني جسم جي ٻين عضون جي ڀيٽ ۾ مان دل کي بادشاهه چوندو آهيان ۽ مون ڪڏهن به بادشاهي چوڻ کي انڪار به ناهي ڪيو.
پيارا! مون محسوس ڪيو آهي ته تون الائي ڇو منھنجي هر لکڻيءَ جي واکاڻ ڪري منھنجي قلمي پورهئي ۽ منھنجي قلمي سگهه کي مون کان جدا ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهين. ڇو ته مان ڄاڻان ٿو ته گهڻي تعريف هڪ ليکڪ لاءِ نه رڳو نقصانڪار آهي بلڪه ان کي بگاڙي، ڊاهي ۽ انائن جي ڪوٽ ۾ قيد به ڪري ڇڏيندي آهي. مان ته اڃا ادب جي طويل ۽ اڻانگي سفر ۾بانبڙا پائڻ به ڪونه سکيو آهيان ۽ تون مون سان ڊوڙ جون ڳالهيون ڪندو آهين. مون کي اهو خدشو هوندو آهي ته ڪٿي اُها ڊوڙ مون کي سھڪائي ۽ ٿڪائي نه وجهي. پر منھنجي لکڻ پڙهڻ واري حِسَ کي شايد ڪڏهن به ٿڪائي نٿو سگهي. تون چوندو آهين ته تنھنجو نثر جمال ابڙي ۽ آريسر جي نثر جيان رقص ڪندو آهي. پر ايئن ڪونهي، هرگز ڪونهي ۽ بنهه ڪونهي توکي شايد اها سڌ ڪونهي ته هڪ شاعر جو ئي نثر انڊلٺ جيان رنگين ۽ خوبصورت هوندو آهي ۽ هڪ شاعر جي ئي نثر ۾ ڪيترائي بانسريءَ جا سر سمايل هوندا آهن.
تو ڪڏهن اياز جو نثر پڙهيو آهي، ظالم ۾ اهڙي ته رنگيني ۽ خوبصورتيءَ جا ڀاڪر هوندا آهن جو هڪ دفعو ان ڀاڪر ۾ وڃڻ کانپوءِ دل ٻاهر نڪرڻ ئي نه چاهيندي آهي. سندس نثر ۾ پھرين چُمي ۽ پھرين پيار جھڙو اثر ۽ ميٺاج هوندو آهي. نثر ۾ تون اياز جا خط به پڙهندين ته انهن ۾ به توکي رنگيني ۽ خوبصورتيءَ جو سمنڊ نظر ايندو. تون جي انهن رنگن ۾ رنگجي وئين ته پوءِ ڪوبه نقاد رٻڙ سان تنھنجا رنگ ميساري نٿو سگهي. خطن ۾ اهڙي رنگيني ۽ خوبصورتي مون اياز کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جي انتھائي سگهاري ڪھاڻيڪار ۽ تاريخدان محمد صديق منگيو جي لکڻين ۾ پسي آهي. هن جي لکڻين ۾ به واهه جي رنگيني ۽ خوبصورتيءَ جا محل جڙيل هوندا آهن. خطن جو ذڪر نڪتو آهي ته توکي اِهو به ٻڌائيندو هلان ته خط به ادب جي هڪ سگهاري صنف آهن ۽ توکي کوڙ سارن ناليوارن ليکڪن جامجموعا ملندا. دنيا ڀل سيارن تي ڪمند اڇلائي، ستارن جي ڇاتيءَ تي فتح منديءَ جا جهنڊا کوڙي پر پوءِ به خطن جي پنھنجي اهميت ۽ حيثيت آهي، جيڪا ڪڏهن به ختم ٿي نٿي سگهي. خطن ۾ جيڪا خوشبوءِ ۽ اندر جي دائمي آسيس ٿئي ٿي، اها موبائيل ميسيجن ۾ ڪٿي...!!؟ انبن جون سِڪون انبڙيون نٿيون لاهي سگهن. ان جو هڪ ننڍڙو مثال توکي هيئن ڏيان ته سرمد سنڌيءَ جي موت کان پوءِ ڪيترائي فنڪار سرمد سنڌيءَ جي اسٽائيل ۾ ڳائي رهيا آهن پر جيڪو سرور اسان کي فنڪار سرمد سنڌيءَ جي آواز ڏنو اهڙو سُرور ۽ اهڙو تاثير هنن ۾ ڪٿي....!؟؟
خط اتھاس هوندا آهن، خطن ادب جو مقام ۽ خاص اهميت آهي ۽ ان کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. ان ڪري مان ته اڄوڪي رومڙ ڪندڙ ڇتي اليڪٽرانڪ واري دؤر ۾ به خطن جي سحر مان نڪري ڪونه سگهيو آهيان. خطن کي نه رڳو پنھنجو وجود هوندو آهي پر ساهه پساهه به هوندو آهي. خطن کي اکيون ۽ پير به هوندا آهن ته سريلا ڪن ۽ مٺيون زبانيون به هونديون آهن. اُهي ڪڏهن پيٽ ورن ۾ سانڍيل سنيھن کان هٽي ڪري سنهن سرٻاٽن ۾ من اندر جون ڳالهيون به اوري وجهنديون آهن. جيئن مان اڄ پنھنجي ڀڳل ٽٽل جيون جون باتيون توسان شيئر ڪري رهيو آهيان. منھنجو جيون شراب جي خالي بوتل جھڙو آهي، جنھن ۾ ڪوبه ذائقو، ڪوبه سرور ۽ ڪوبه مزو ڪونهي. منھنجو جيون ٻٻرن جي ٻُور جھڙو ڦڪو آهي، ان جو ڪوبه ڪارج ڪونهي. تون ڪڏهن ڪڏهن منھنجي ان ڦڪي جيون ۽ منھنجي غريبيءَ جون ڇيتيون ۽ مذاق ئي اُڏائي ڇڏيندو آهين ۽ انهيءَ اڏار ۾ کن پل لاءِ منھنجي غريبي واچوڙي جيان وکري ويندي آهي ۽ ان کي ميڙڻ وقت اکين جون ڪٽوريون لڙڪن سان ڀرجي ۽ سمنڊ جيان اُٿلي پونديون آهن. ان سَمي منھنجي اندر ۾ ڪربلا جھڙو درد ڪڙو کڙڪائيندو آهي ۽ سارو جسم ڀترن جيان ڀُرندي ۽ ڳرندي ڀاسجندو اٿم. مان ڀلا ڪري به ڇا ٿو سگهان...!؟ غريبي اسان جھڙن کي مقدر ۾ ۽ وڏڙن کان حصي ۾ جو مليل آهي. مون مٿان جيڪو غربت جو معراج آهي، ان کان انڪار به ته نٿو ڪري سگهجي ۽ مان پنھنجي غريبيءَ مان ڪڏهن به بيزار ناهيان ٿيو ۽ مون جھڙن ٻين دوستن کي به پنھنجي غريبيءَ مان بيزار ٿيڻ نه گهرجي. مون کي پنھنجي غريبيءَ سان ايتري محبت آهي جيتري توکي يا ڪنھن ٻئي امير ماڻهوءَ کي پنھنجي اميريءَ سان هوندي آهي ۽ محبت ۾ جيڪو مزو، جيڪو قرار ۽ سڪون آهي، اهو ڪنھن ٻئي شيءِ ۾ ڪٿي آهي ....؟ توکي اهڙي حقيقي ۽ سچي محبت جو پيالو پيئڻ جو شوق جاڳي پوي ته مون کي ياد ڪري وٺجانءِ، مان تنھنجي ياد ۽ سڪ کي لبيڪ چئي هليو ايندس.
مان جيڪڏهن غريب نه هجان هان ته شايد تو جھڙا سگهارا، ڏات ڌڻي ۽ شعور جو سمنڊ رکندڙ دوست ڪڏهن به منھنجي دوستيءَ جي ڌاڳي ۽ منھنجي دوستيءَ جي دامن ۾ ڪڏهن به نه هجن هان. يقين ڪر! تون به مون کي ايترو پيارو آهين جيترو ”هوءَ“. هوءَ جيڪا منھنجي ٿيڻ جي باوجود به منھنجي ٿي نه سگهي. پر مون کي يادن جو بئنڪ بئلنس، يادن جي اڻ ڳڻيي ميراث ڏئي وئي ۽ ان سان گڏو گڏ هوءَ مون کي ادب جي طويل ۽ اڻانگي سفر ۾ لاهي وئي. ان ادب مون کي جيئڻ جي سگهه ڏني ۽ بھترين دوستن سان مالا مال ڪري ڇڏيو. دوستن جي ڏنل اٿاهه پيار ۽ بي پناهه محبتن ان جي ڪميءَ جو ٿورو گهڻو پورائو به ڪيو آهي ۽ ان پوراءَ جي آڌار تي زندگيءَ جي ڪشتي ڪٿي به نه رُڪي آهي، نه ٿڪي آهي ۽ نه ئي وري ڪڏهن ٻُڏي آهي. تون مون کي ايترو ئي پيارو آهين، جيترا منھنجا ٻيا ادبي دوست جيڪي جون جي منجهند ۾ مون لاءِ بڙ جي گهاٽي ڇانوري جيان رهيا آهن. دل چوي ٿي ته انهن مان ڪي ٻه چار نانءَ کڻان. محمد صديق منگيو، يوسف سنڌي، مجيد زهراڻي، معشوق ڌاريجو، ستار سومرو، ذوالفقار گاڏهي، ڪاشف منٺار سولنگي، ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر، راج، نور ڪمال، راجن مڱريو ۽ ٻيا ڪيترائي اڻ ڳڻيا نالا آهن.
پنھنجي ڳوٺ کان جڏهن باڊهه اچڻ ٿيندو آهي ته منھنجي موبائيل فون تي جڏهن نمبر ملائڻ لاءِ آڱريون حرڪت ۾ اينديون آهن ته اهو نمبر تنھنجو ئي هوندو آهي جيڪو منھنجي آڱرين کي حرڪت ۾ آڻڻ لاءِ مجبور ڪندو آهي. توسان ملڻ، توکي ڏسڻ، توسان گڏجي شينھن واري هوٽل تي چانهه ۽ توسان طويل ڪچھري ڪرڻ لاءِ من ۾ بيقراريءَ جو طوفان ڪَرَ کڻي بيھي رهندو آهي ۽ اهو طوفان اوستائين پنھنجي جوهر ۾ رهندو آهي، جيستائين تون ملندو نه آهين.
يار! يقين ڪر ته پنھنجي ساجن ۽ پنھنجي پرينءَ کان پوءِ منھنجا ادبي دوست ئي منھنجا محبوب ۽ معشوق رهيا آهن. مون پنھنجي پنڌرنهن سالن جي ادبي پورهئي ۾ ڪي ڦاڙها ته نه ماريا آهن پر توهان جھڙا سٺا ۽ سگهارا قلمڪار دوست ضرور پنھنجي دوستيءَ جي ڌاڳي ۾ آندا آهن ۽ اُهي سمورا دوست منھنجي ادبي جاگير جي موڙي آهن. پيارا جيتري قدر سٺي لکڻ جي ڳالهه آهي ته توهان مون کان وڌيڪ سٺو ۽ سگهارو لکندا آهيو ۽ اها پڻ حقيقت به آهي. توهان دوستن جيڪو پنھنجي گڏيل شاعريءَ وارو ڪتاب ”ڏات ڏيئا ٻاريا“ ڇپرايو آهي، ان ۾ توهان سورنهن شاعر شامل آهيو ۽ پندرنهن جو تعلق به لاڙڪاڻي ضلعي سان آهي. ان ڪتاب جي هڪڙي ڪاپي گفٽ ڪندي تو اِهو تاڪيد به ڪيو هيو ته هن ڪتاب تي ٻه اکر ضرور لکجو ۽ مون توهان جي پيار ۽ محبت کي مان ڏيندي اهو واعدو به ڪيو هيو ته ضرور لکندس. پر صحافتي دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ ايترو ته مصروف ٿي ويو هيس جو مان توسان ڪيل پنھنجو واعدو به پاڙي نه سگهيس. مان واعدي پاڙڻ جو پابند رهيو آهيان پر الائي ڇو مان تنھنجو واعدو پاڙي نه سگهيس. مان تنھنجي آڏو پاڻ کي ڏوهي ٿو سمجهان ۽ تو آڏو شرمسار به آهيان.
تنھنجي ڪتاب کي پڙهيو ضرور اٿم هڪ نه پر ٻه ٻه ڀيرا پڙهيو آهي، ڏهن يا پندرهن شاعرن جو گڏيل ڪتاب آڻڻ ڪو نئون تجربو يا ڪا نئين ڇرڪائيندڙ ڳالهه ڪونهي، هن کان اڳ ۾ اهڙا لاتعداد ڪتاب اچي چڪا آهن، ”ڏات ڏيئا ٻاريا“ ۾ شامل شاعرن جي شاعري ڪا ايتري سگهاري ۽ معياري ڪونهي جھڙي سگهاري ۽ معياري شاعري اهڙن ٻين ڪتابن ۾ شامل آهي، تو ڪڏهن ٻيا اهڙا ڪتاب پڙهيا آهن جن ۾ ڏهه پندرنهن شاعر شامل آهن. انهن ۾ شامل شاعرن جي شاعري نه رڳو سگهاري آهي پر حد کان وڌيڪ معياري به آهي- ۽ انهن ڪتابن جو مھاڳ به دل جي تارن کي ڇھندڙ آهي. ثابتيءَ لاءِ تون اُهي ڪتاب پڙهين سگهين ٿو. توهان جي ڪتاب جو مھاڳ هڪ سياسي ڪارڪن جامي چانڊيو لکيو آهي. جامي چانڊيو سٺو ڪالم نگار ۽ سٺو پڙهيل نوجوان آهي، ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار ڪونهي پر انڪار آهي ته جاميءَ جي مھاڳ کان آهي. جامي چانڊيو جيڪو مھاڳ لکيو آهي اهو ايترو اثرائتو ۽ وزنائتو ڪونهي. ان کان بھتر هيو ته ڪتاب جو مھاڳ ڪنھن سٺي شاعر کان ئي لکرايو ها ته ڏات جا ڏيئا اڃا به وڌيڪ روشني پيدا ڪن ها. جامي چانڊيو ڪتاب جو مھاڳ نه پر شاعرن جو تعارف پيش ڪيو آهي. جڏهن ته مھاڳ ۽ تعارف ۾ فرق آهي. ڪتاب ۾ هر شاعر جي شاعريءَ کان اڳ ۾ ان شاعر جو تعارف ته موجود آهي ته پوءِ جاميءَ کي تعارف پيش ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت؟ اهو جاميءَ لاءِ منھنجو هڪ سوال به آهي، يا وري ايئن به ٿي سگهي ٿو ته جاميءَ جو مھاڳ لکڻ تي موڊ ئي نه ٺهيو هوندو يا وري جاميءَ مھاڳ لکڻ ئي نه پئي چاهيو. زوريءَ دوستيءَ جي بنياد تي مھاڳ لکرايو ويو آهي.
جاميءَ جي مھاڳ پڙهڻ کانپوءِ اها ڳالهه پاڻمرادو ظاهر ٿئي ٿي ته هي مھاڳ دوستيءَ جي بنياد تي لکيو ويو آهي ۽ شاعرن ڪتاب تي مھاڳ لکڻ وقت هنجي سامهون دوستيءَ جو پاڇو اڀو لڳو بيٺو آهي ۽ جامي ان پاڇي کان به پاڻ بچائي نه سگهيو آهي. هن صرف گهڻو ڪتاب ۾ شامل انهن شاعرن تي لکيو آهي جيڪي هن جي دوستيءَ جي دامن ۾ رهيا آهن. ڪتاب ۾ ڪجهه اهڙا به شاعر شامل آهن جن جي شاعري سگهاري ۽ اعلى معيار جي آهي پر جاميءَ جي نظر انهن شاعرن جي شاعريءَ مٿان شايد ترڪي وئي آهي. ياري باشيءَ ۾ ان کان وڌيڪ ٻيو ستم ڪھڙو ٿي سگهي ٿو جو ڀٽائيءَ جا ٻه بيت طوطي وانگر ياد ڪرڻ واري کي به ڀٽائيءَ جو پارکو ٿو سڏيو وڃي. هڪ ٻه ڪھاڻي لکڻ واري کي امر جليل۽ نسيم کرڻ سان ڀيٽا ٿي ڏني وڃي. غزل جي هڪڙي بند ۾ جيڪڏهن اڌگابرو قوم جي ڳالهه آهي ته ان شاعر کي سنڌ جو وڏو مزاحمتي شاعر ٿو سڏيو وڃي.
ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته ڪتاب ۾ شامل ڪجهه ٻين شاعرن سان گڏوگڏ تنھنجي شاعري سگهاري ۽ معياري آهي، تنھنجي شاعريءَ ۾ سمايل فڪر سگهارو ۽ اعلى معيار جو آهي.
آءٌ چوندو آهيان، مطالعاتي حوالي سان ليکڪ جي اک کان وڌيڪ نقاد جي اک تکي ۽ تيز هوندي آهي پوءِ به نقادن جي نظر/اک ليکڪ يا مھاڳ لکندڙ جي فڪر تائين رسائي حاصل نه ڪري سگهي آهي. تون نه رڳو فڪر جي حوالي سان مضبوط ۽ سگهارو شاعر آهين پر فني حوالي سان به پڪو ۽ پختو شاعر آهين. تنھنجي ڏات جا ڏيئا ڪڏهن به وسامي ۽ ڪڏهن به جهيڻا نٿا ٿي سگهن ۽ نه ئي ڪڏهن تنھنجو فڪر اونداهون ٿي سگهي ٿو. تنھنجي غزل جي هن بند جيان ته:
اسان جو فڪر اونداهون رهي ڪيئن؟
سدائين ڏات جا ڏيئا ٻـَرن ٿا.
تنھنجي شاعريءَ ۾ سمايل فڪر ۽ فن نه رڳو نقادن جا نٽ بولٽ ڍرا ڪري ڇڏيندو پر پڙهندڙن جا به نٽ بولٽ ڍرا ڪري ڇڏيندو. اها تنھنجي سٺي ۽ معياري شاعر هجڻ جو هڪ وڏو ثبوت ۽ سرٽيفڪيٽ آهي.
سنڌي غزل جي شھنشاهه ۽ وڏي شاعر وفا ناٿن شاهي منھنجي شاعريءَ جي ڪتاب ”دردن ڦولاريا ڦول“ جي مھاڳ ۾ لکيو آهي ته جنھن شاعر وٽ رڳو فڪر آهي ۽ فن نالي ڪابه شيءِ ڪونهي اهو سٺو شاعر ڪونهي. پر جنھن شاعر وٽ فن به ۽ فڪر به آهي اهو ئي سٺو ۽ سگهارو شاعر آهي. وفا ناٿن شاهيءَ جون ٻئي ٻڌايل شيون توهان جي شاعريءَ ۾ آهن. مون تنھنجي شاعري پڙهن کانپوءِ پنھنجي شاعريءَ وارودڳ ئي مٽائي ڇڏيو. پر پوءِ به تنھنجي شاعري جھڙي شاعري ڪرڻ جي حسرت اڃا به رهندي آهي. تو پنھنجي شاعريءَ ۾ فڪر ۽ فن سان گڏوگڏ جيڪا لفطن جي مالها پوئي آهي. اهڙي لفظن جي خوبصورت مالها مون ٻين شاعرن ۾ گهٽ ڏٺي آهي. شاعريءَ ۾ لفظن جي مالها پوئڻ ته ڪوئي تو وٽان سکي. تنھنجي شاعريءَ ۾ جيڪي تشبيھون آهن، اُهي به جاندار ۽ نيون آهن، انهن تشبيھن ۾ ڪنواريءَ جي جوڀن جي ارهه جھڙي خوشبوءِ هوندي آهي.
ٿو لڳي جيون به سارين جو فصل،
وقت به ڏاندن جيان ڳاهي ٿو.
يا:
عشق عدالت ۾ اڄ رکيو ڪيس محبت جو،
دل ٿي نڪري ڏوهي يا هي اکڙيون ڏوهي ڙي!
سچ پچ تون مون کي شاعريءَ جو چنڊ ۽ ٻيا تارا لڳندا آهن. شال تنھنجي شاعريءَ جو چنڊ تنھنجي سوچ ۽ ذهن مان ڪڏهن به نه لھي ۽ نه ئي وري تنھنجي ڏات جو ڏيئو ڪڏهن وسامي. مان تنھنجي ڪتاب تي تفصيلي ضرور لکندسُ. اهو تنھنجو مون تي قرض آهي ۽ مان ڪنھن جو قرض گهڻو وقت پاڻ تي ناهيان رکندو.