سنڌي شاعريءَ جو روشن ڏيئو
شاعري ڇا آهي؟ شاعري سچن جذبن ۽ احساسن جي اظھار جو نانءُ آهي. شاعر پنھنجن، پراون احساسن کي زبان ڏئي ٿو. جنھنڪري هر ماڻهو ان جي احساسن کي پنھنجي دل جي ويجهو محسوس ڪندو آهي. شاعريءَ هڪ فطري جذبو آهي، اُها ڳالهه پنھنجي جاءِ تي ڪنھن حد تائين درست آهي ته شاعري خدا طرفان ڏنل ڏات آهي. پر ان ۾ ڪنھن پريتما جو هٿ هوندو آهي، ان لاءِ ئي ته اُها ڳالهه به چئي وڃي ٿي ته سٺي شاعر ٿيڻ لاءِ عشق ڪرڻ نھايت ضروري آهي، نه ته معياري شاعري ڪانه ٿيندي.
اسان جي سنڌي شاعريءَ جي هن وقت تائين جي سفر ۾ ڪيتري نالا آيا. پر انهن مان اڄ گهڻا چٽا آهن؟ جن جي ڏات، ڏانءَ ۽ ڏاهپ تي وقت ۽ حالتن جي لٽَ نه چڙهي سگهي هجي؟ ۽ ذوالفقار انهن تمام ٿورڙن شاعرن مان هڪ آهي جنھن جي شاعريءَ ۾ پنھنجي دور جو درد ريشو ريشو ٿي ڳڙي رهيو آهي. هونءَ به جيڪا شاعري پنھنجي دؤر جي تاريخي شعور سان گڏ سفر نٿي ڪري اها شاعري ڪڏهن به مٿانھين پد کي ڇُهي نٿي سگهي.
ذوالفقار پنھنجي دؤر جو شعور رکي ٿو. هن کي پنھنجي خيالن کي صحيح نموني سان اظھارڻ جو سليقو آهي.
ڏاڍي تذليل ٿئي ٿي ماڻهوءَ جي،
ڪو نه ٿاڻي جي ڀر وٽان گذري.
هن شھر ۾ پنھنجي دؤر جي شعور سان گڏ ڳالهه ڪرڻ جو ڏانءُ به ڏٺو . ڳالهه ڪرڻ جي ڏانءَ سان گڏ، پنھنجي دور جي هڪ ٻي وارتا، ڏسو ذوالفقار ان درد کي ڪيئن محسوس ڪيو آهي، اوهان به ان درد کي ضرور محسوس ڪندؤ؟!
اسان جي شھر تي ڦاسيون لٿيون،
اکين جي تھن ۾ اداسيون لٿيون.
هنن شعرن ۾ ذوالفقار نه رُڳو پنھنجي دؤر جي تاريخ رقم ڪئي آهي، پر پنھنجي دؤر کي به چٽي ڇڏيو آهي.
هي آهي ذوالفقار. اُهو ذوالفقار منھنجو تمام پيارو دوست آهي، مان کيس، مان ڇا سڄي سنگت کيس پيار مان ذلفي ڪوٺيندي آهي ۽ هن پاڻ به پنھنجي شاعريءَ ۾ ”ذلفيءَ“ کي بار بار دهرايو آهي.
”ذلفي“ هڪڙو، يار هزارين ذلفيءَ جا،
هِن جي هُن سار چئي ٿي مون کي ڳاءِ.
اڄ ڪافي عرصي کانپوءِ ذلفيءَ تي هي مضمون لکندي مان ڪيڏي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. ان جو اندازو مون کان سواءِ ٻيو ڪير به نٿو لڳائي سگهي. ذلفيءَ تي لکندي دل ڪنول جي گل جيان ٽڙي پئي آهي. دادو ضلع کي مون هميشه پنھنجي دل جي ويجهو پاتو آهي. اهو منھنجي ويجهن دوستن جو ضلعو آهي ۽ ان سان گڏ منھنجي محبوبه جو جنم اسٿان به آهي. ذلفي دادو ضلعي ۾ منھنجو پھريون دوست ئي ته آهي. نھايت پيارو ۽ سچو آءٌ ٿورين ٿورين ڳالهين تي هن کان ڪاوڙجي پوندو آهيان، پر هن يار ڪڏهن به ڪاوڙ يا بيزاريءَ جو احساس نه ڏياريو. هميشه پرچائڻ ۾ پھل ڪئي هوندائين. هن جي انهيءَ قرب، انهيءَ پيار ئي ته مون کي هن جي تمام ويجهو ڪري ڇڏيو آهي.
ذلفيءَ جي سڃاڻپ جا کوڙ پھلو آهن، هي هڪ سٺي ڪھاڻيڪار، مضمون نگار، ڪالم نويس سان گڏ نقاد ۽ سٺو شاعر آهي. آءٌ اڄ ذلفيءَ جي ٻين پاسن کي ڇڏي اڄ هن جي شاعريءَ تي اوهان سان ويچار ونڊيندس. هڪڙي ڳالهه مان چئي ڇڏيان ته مان ڪو وڏو ليکڪ يا نقاد وغيره ڪونه آهيان. مون ذلفيءَ جي شاعريءَ کي ڪيئن ڏٺو، هڪ قاريءَ جي حيثت سان مان اها اوهان سان شيئر ڪندس. نوان لھجا، نڪور تشبيھون ۽ پنھنجا احساس آهن. اکين ۾ پرينءَ جي گهر جي تشبيھه نج ذلفيءَ جي پنھنجي آهي. اچو ته اکين ۾ پرينءَ جي گهر جو دروازو کوليون.
اکين ۾ پرينءَ جو ته گهر هوندو آ،
پرين جو، پرائي شھر هوندو آ.
جڏهن بي ڪي يادون ڪنديون هن مھڙ،
نظر ۾ ڪو ڌنڌلو نگر هوندو آ.
هُو، دل جي دري کولي چنڊ کي تڪن،
اها گُهورَ، جنھن ۾ اثر هوندو آ.
تو کاڌو ڪڏهن آهي ڏک جو گرهه،
غمن جو به وڻندڙ ثمر هوندو آ.
جڏهن بي ڪي نظرون ٿيون ٽڪرائجن،
هوائن جو جيئن زهر هوندو آ.
ذلفيءَ جو هيءُ سڄو غزل ساهه ۾ سانڍڻ جھڙو آهي. مون ته سوچيو هو، هن غزل جو ڪو هڪ اڌ بند کڻندس پر ايئن نه ٿي پڳو.
ذلفيءَ جا غزل فني توڙي فڪري حوالي سان نه رُڳو خوبصورت آهن پر انتھائي خوبصورت آهن.
ذلفي گهڻ پڙهيو شاعر آهي. گهڻي مطالعي جي ڪري هن وٽ لفظن جو تمام گهڻو ذخيرو ٿي ويو آهي. جنھن جي ڪري هن جي شاعريءَ ۾ به تمام گهڻي وسعت اچي وئي آهي، جتي هن جي شاعريءَ ۾ ڪوئل جي ڪوڪ ۽ مور جي ٽھوڪ اُتي هن جي شاعري ۾ مارو ماڻهن جي ڏکن ۽ دردن جو اولڙو به آهي.
اڻڀا وار ٿيا، وارن چيڙهه پيا.
گهاءَ هر گهورَ ڏنا، هيل چونڊيندس آءٌ نموريون.
پرهن جي شاعريءَ جا رنگ هن جي جماليات ۾ اچي نکري پون ٿا.
شعر جي تاثير ۾گم ٿي وڃان.
پر اثر تحرير ۾ گم ٿي وڃان.
تون اچين اسٽيج تي منھنجا پرين،
مان تنھنجي تقرير ۾ گم ٿي وڃان.
ذلفي جي هن غزل ۾ جماليات سان گڏ سياسي شعور به بکجي ٿو، هڪ محبوبه، پنھنجي انقلابي محبوب جي سحر ۾ گرفتار آهي، هتي اُن جي اندر جي ڀاونا ڳالهائي ٿي. ذلفي جا غزل پڙهندي مان پنھنجي اندر سيني ۾ مٺي ڪٽاري لھندي محسوس ڪندو آهيان. هن غزل جو حسن ڏسو جھڙو لوڪ گيت پيو لڳي.
چانديءَ جي مُنڊي ڇورا!
ڏي وٺي مون کي وٺي ڇورا!
چئه، مون سان سُکي رهندين،
ٿيان، تنھنجي سَکي ڇورا!
چئه ڇا ٿو کپي توکي،
ڪڍ منھن مان گُنڊي ڇورا!
هڪ مان ئي ڏکي گهر ۾!
ٿي تون نه ڏکي ڇورا!
هي منھنجي خواهش آ!
وٺ مون کي لکي ڇورا!
ذلفي جي شاعري سادي ۽ صاف آهي، جنھن کي هڪ دفعو پڙهڻ کانپوءِ دل بار بار پڙهڻ چاهيندي. منھنجي ڳوٺ جي ڪيترن ئي نوجوانن جي مُک تي ذلفيءَ جي شاعري مسڪرائيندي رهندي آهي. خاص ڪري هي غزل ته مون ڪيترن نوجوانن کي هر وقت گنگنائيندي ٻڌو آهي.
هير ڪاٿئون هڳائون کڻي ٿي اچي،
هر پتي مان شجر مان ڇڻي ٿي اچي.
هُوءَ ڇوري هِتان کان لنگهي ٿي جڏهن،
پاڻ ٺاهي سنواري بڻي ٿي اچي.
هُن جي ويندي چُڳي خوشبوئون ٿي گهٽي،
ڇا پتو ڇا الاءِ هڻي ٿي اچي.
سو شڪاري سندس هِن اڳيان ۽ پٺيان،
تير کائي ۽ ڪنھن کي هڻي ٿي اچي.
ذلفي جي شاعري، شيخ اياز، استاد بخاري، حليم باغي ۽ زاهد شيخ جي شاعريءَ جيان موسيقيءَ سان ايئن ڀريل آهي جيئن آسمان ۾ تارا. شاعريءَ جي حوالي سان مان اهو چوندس ته جيڪڏهن ڪنھن جي شاعري، پڙهندڙ کي پنھنجي سحر ۾نه لوڙهي ڇڏي ته پوءِ اها ڪھڙي شاعري ۾ اهو جادو آهي جيڪو پڙهندڙ تي سحر طاري ڪري ڇڏي.
منھنجو دوست گلزار گل گوپانگ چوندو آهي ته ذلفي صرف جماليات جو شاعر آهي، هن جي شاعريءَ ۾ جماليات سرنھَن جي ڦولار جيان نظر ايندي آهي. جمالياتي شاعري ڪو ذلفيءَ کان سکي! خاص ڪري هن جا غزل ڏاڍا جمالياتي آهن.
مان مٿي چئي آيو آهيان ته سٺي شاعر ٿيڻ لاءِ عشق ڪرڻ نهايت ضروري آهي. مان ذلفيءَ جي عشق کان واقف آهيان جنھن بنا ذلفيءَ جي شاعريءَ ۾ اهو نکار پيدا ٿي نه سگهي ها! ڇاڪاڻ ته جيتري تائين جماليات جو تعلق آهي ته جماليات جي حوالي سان جيستائين ڪنھن جو پلئه ڪنھن سان نٿو اٽڪي تيستائين اهو جماليات جي حوالي سان ڪا سٺي سِٽَ نٿو ڏئي سگهي ۽ ذلفي ته چئي ٿو.
مان ڏيئو آهيان حق سچ جو،
مان درس ڏيان ٿو چاهت جو،
مان سڀ کي هڪڙي نظر ڏسان،
آ سڀ سان منھنجي شرڪت جو.