پرينءَ جي سارَ جهڙو فياض چنڊ ڪليري
مون جڏهن ادب لکڻ نه، بلڪه ادب پڙهڻ شروع ڪيو هو ته مون مختلف رسالن ۽ مختلف اخبارن ۾ هِنَ سان هن جي لکڻين ذريعي ملي چڪو هيس ۽ هن جي لکڻين مون کي پاڻ ڏانھن ايئن ڇڪيو جيئن ان جا داڻا بکايل پکيءَ کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندا آهن. هن جي لکڻين مون کي هن سان ملڻ لاءِ بي چين ڪري ڇڏيو. نه رڳو بيچين ڪري ڇڏيو هو پر هن سان روح جا رشتا به جوڙي ڇڏيا هئا. منھنجي اها بيچيني سنڌي ادبي سنگت سنڌ (مرڪز) پاران ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو ڏهاڙو“ ملهائڻ دوران نوشھرو فيروز ۾ هن سان ملڻ تي پوري ٿي. ان وقت مون سان گڏ منھنجو پيارو دوست ڀٽائيءَ جو پارکو سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري جو سيڪريٽري احمد جتوئي جيڪو هاڻي جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ آهي، گڏ هيو. مون کيس هٿ وڌائيندي چيو فياض! مان وفا صالح راڄپر، ته هن جو چھرو گلابن جي گلن جيان ٽڙي پيو، مون کي پيار، پاٻوهه ۽ پنھنجائپ مان پاڻ ڏانھن ڇڪي ڀاڪر ۾ ڀريندي ڳل ۽ ڳٽي تي ڊگهي چمي ڏيندي چيائين، ”وفا! تون تمام سٺو ۽ سگهارو پيو لکين ۽ تمام تيزيءَ سان پيو لکين. مان توکي گهڻو پڙهندو پيو اچان. چڱو ٿيو جاني! جو اڄ پنھنجي ملاقات ٿي وئي ۽ هي اَڄوڪو ڏينھن اسان ٻنهي لاءِ دوستيءَ جوجنم ڏينھن آهي. هونءَ ته پنھنجي لکڻين ذريعي پاڻ هڪٻئي سان روز ڪڏهن ڪھڙي رسالي ۾ته ڪڏهن ڪھڙي اخبار ۾ ملندا ته آهيون پر اڄوڪي ڏينھن جي ملڻ جو مزو ئي پنھنجو آهي. اسان جي گفتگو دوران احمد جتوئي وچ ۾ ڳالهائيندي چيو ته، ”بيهي ڪچھري ڪرڻ کان بهتر آهي ته ڪنھن سُٺي هوٽل تي ويھي چانهه جي چسڪين جو مزو وٺون ۽ پنڌ جي ٿڪاوٽ کي به دور ڪيون.“ احمد جي چانهه واري صلاح تي فياض ٽھڪ ڏيندي چيو ته،”چانهه ۽ چميءَ جي انڪاري تي مان لعنت وجهندو آهيان.“
چانهه پيئڻ سان احمد جتوئي جي پنڌ واري ٿڪاوٽ دُور ٿي الائي نه؟ پر فياض ملڻ ۽ هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائڻ کانپوءِ ڏوڪري کان نوشھرو فيروز تائين موٽر سائيڪل تي ويهڻ وارو ٿڪ کن پل ۾ ميسارجي ويو. ها بلڪل ايئن جيئن ڪڪڙ جي ميل ۾ پھرين پاڻي وڙهڻ کانپوءِ ٻئي پاڻي وڙهڻ لاءِ انهيءَ کي خفتي ڦونھارا، سيڪا ۽ زور ڏئي تازو توانو ۽ ڦڙت ڪندا آهن. مان به ائين فياض سان ملڻ کانپوءِ تازو توانو ۽ ڦڙت ٿي ويس. اسان جي ڪچھري پيار، محبت، دوستي، ادب، قومپرستي، سياست، مذهب، سيڪس، فلسفي ۽ ڀٽائيءَ تائين هئي. اسان جي ڪچھري جو سلسلو تڏهن ٽٽي پيو جڏهن پياري يوسف سنڌي ۽ ڊاڪٽر مشتاق ڦل فونون ڪري پڇيو ته وفا! ڪٿي آهين؟ جلدي اچو ته پروگرام شروع ڪيون.
فياض ٻين سڀني موضوعن تي سٺو ڳالهايو ۽ ڀرپور ڳالهايو پر هن ڀٽائيءَ تي جيڪو ڳالهايو اهو واهه جو ڳالهايو. اسان ٻنهي جا نٽ بلٽ ڍرا ٿي ويا ۽ حوصلا خطا ٿي ويا. هن ڄڻ ته اسان ٻنهي کي ڀٽائيءَ جي فڪر۽ ڀٽائيءَ جي فلسفي جون سُتيون پياري ڇڏيون. مون پنھنجي حياتيءَ ۾ ڀٽائي صرف ٽن ماڻهن کان ٻُڌو ۽ سمجهيو آهي، هڪ ڀٽائيءَ جي عاشق ۽ خوبصورت شاعر انور پيرزادي کان، ٻيو ڀٽائيءَ جي پانڌيئڙي ۽ مريد پنھنجي وڏي ڀاءُ رجب راڄپر کان، ٽيون ڀٽائيءَ جي فڪر جون سِٽون دوا جيان وات ڦاڙائي پيٽ ۾ وجهندڙ فياض چنڊ ڪليريءَ کان.
ان ڪچھري کانپوءِ تڪڙيون ٻه چار ملاقاتون مختلف ادبي پروگرامن ۾ فياض سان ٿيون. پر هن جي پھرين ملاقات جو اثر ٻيون ملاقاتيون ڦري نه سگهيون ۽ نه ئي وري ڪڏهن مون کان هن جي پھرين ملاقات جو اثر منھنجي ذهن جي ڦرهيءَ تان مٽجي سگهيو آهي. ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو جيئن اڪثـر چيو ويندو آهي ته پھريون پيار، پھرين ملاقات ۽ پھرين چميءَ جي اثر جو تاثير ماڻهو ڪڏهن به وساري نٿو سگهي. فياض سان پھرين ملاقات مون لاءِ پھرين پيار ۽ پھرين چميءَ جھڙي آهي، جيڪا شايد ڪڏهن به وسري نه سگهي.
استاد بخاريءَ جي هِنن سِٽن جيان ته:
قبر ۾ مون کان فرشتن،
پڇيو ته:”ڇا ياد اٿئي؟“
چيم: ”پيار جي،
پھرين چمي نٿي وسري.“
اسان ٻئي پھرين ملاقات ۾ دوستيءَ جي ڌاڳن ۾ ايئن ٻڌجي وياسين جيئن ننڍو ٻار ٻڌجڻ ۾ ٻڌجي ويندو آهي ۽ پوءِ هفتي به هفتي هڪ ٻئي سان فون تي ڪچھري به ٿيندي رهندي هئي. فياض جڏهن فون تي مون سان ڳالهائيندو آهي ته هن جي ڳالهائڻ جي پياري انداز خاص ڪري هُو جملي جملي جي ادائگيءَ تي تارن جي سٽاءَ جھڙي مُرڪ، مرڪڻ جي ادا، اکين ۽ دل کي گهٽا جھڙي ڇانوَ آڇيندو رهندو آهي. هن جي لھجي جو پيار ڀريو ميٺاج جهمپير جي کجين جي تاڙيءَ (شراب) جيان ٽيپو ٽيپو ٿي فون منجهان ٽپڪي پوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته مان جيڪڏهن ادبي دنيا سان لاڳاپيل نه هجان هان ته مون کي فياض جھڙو بھترين ۽ گهڻ پاسائين شخصيت منھنجي دوستيءَ جي دامن ۾ نه هجي ها.
نوابشاهه جي ڌرتيءَ تي ڀل ٻيا به ليکڪ، اديب ۽ شاعر رهندا هجن، اُهي ڀل پنجن ڇهن ڪتابن جا خالق به کڻي ڇونه هجن اُن هوندي به فياض جي سڃاڻپ ٻين نوابشاهي ليکڪن کان تمام گهڻي مٿي آهي. هن جي پنھنجي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي ۽ نه ئي وري هن جي ڪنھن سان ڳٺجوڙ آهي. هيءُ نوابشاهه ۾ اڪيلو پنھنجي ڌن ۾ مگن هوندو آهي. انگلينڊ جي عظيم ڏاهي ونسٽن چرچل چواڻي ته، ”اڪيلا وڻ جڏهن به اُسرندا آهن ته انهن جون پاڙون زمين ۾ مضبوط کتل هونديون آهن.“ سو هيءُ به اڪيلو آهي ۽ هن جون پاڙون ادبي حوالي سان مضبوط کتل آهن. هن کي سڄي سنڌ ۾ جيڪا ڀرپور موٽ ملي آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ جيڪا هن جي سڃاڻپ آهي، اها سڃاڻپ هن کي بھترين معياري ۽ سگهاري لکڻ جي ڪري ملي آهي. نه ڪي ڪنھن وڏي اديب ۽ دانشور جي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي ڪري ملي آهي. هن جي هر لکڻي سرٽيفڪيٽ آهي. اسان جي سنڌي ادب ۾ اياز کانپوءِ فياض ئي آهي جنھن جو نثر به مضبوط ۽ سگهارو آهي ته نظم به. هُو گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ آهي. هو هڪ بھترين شاعر به آهي ته بھترين ۽ برجستو ڪھاڻيڪار به آهي. هُو بھترين ڪالم نگار به آهي ته بھترين نقاد ۽ صحافي به آهي. هُو بھترين تاريخدان به آهي ته بھترين مقرر به آهي. هُو بھترين دوست به آهي ته بھترين انسان به آهي. هُو ڀٽائيءَ جو عاشق ۽ پارکو به آهي.
اسان جڏهن هن جي شاعري پڙهون ٿا ته هو اسان کي هڪ سٺو شاعر نظر ٿو اچي،اسان جڏهن هن جون ڪھاڻيون پڙهون ٿا ته هُو اسان کي برجستو ڪھاڻيڪار نظر ٿو اچي. اسان جڏهن اخبارن ۾ هن جا ڪالم ٿا پڙهون ته هو اسان کي هڪ سٺو ڪالم نگار نظر ٿو اچي. اسان جڏهن تاريخ تي هن جا مضمون پڙهون ٿا ته هُو اسان کي تاريخدان نظر ٿو اچي. اسان جڏهن ڀٽائيءَ تي هن جا ليڪچر ٻُڌون ٿا ته هُو اسان کي ڀٽائيءَ جو پارکو نظر ٿو اچي. اسان جڏهن مطالعي جي ڳالهه ٿا ڪريون ته هُو ڏيهي پرڏيهي ادب جا حوالا اسان جي جهول ۾ اڇليندي نظر ٿو اچي. جيترو مطالعو هن وٽ آهي ايترو مطالعو سندس ٽهيءَ جي ٻين دوستن ۾ مون کي گهٽ نظر ٿو اچي. هن جون لکڻيون ۽ هن جي گفتگو ٻڌائن ٿيون ته هن وٽ مطالعي جا ڀنڊار آهن. حساس وري ايترو جو ڪنھن جي به ٿوري کھري لھجي تي اندر ئي اندر ۾ سڄو رتوڇاڻ ٿي پوندو آهي ۽ ڀترن جيان ڀُري ڀورا ڀورا ٿي پوندو آهي. هن کي ڏسي مون کي حيرت به ٿيندي آهي ۽ ساڳي وقت ريس به ٿيندي آهي. ته هي سنهڙو سيپڪڙو ماڻهو هيترا سارا گدرا مُٺ ۾ ڪيئن کنيون بيٺو آهي ۽ ڪوبه گدرو هن جي مُٺ مان ڪريو به ناهي. وڏي ڳالهه جيڪا مون هن ۾ ڏٺي اها آهي مسلسل لکڻ. هن جي ڏانءَ جو ڏيئو مون سدائين ٻرندي ڏٺو آهي، هن جي هٿن مان قلم نه ترڪيو آهي ۽ نه ئي وري هن جي قلم مان مس سُڪي آهي.
مان چوندو آهيان ته لکڻ صفا سؤلو ڪم آهي ۽ اهو سؤلو ڪم الائي جي ڪيترا ٻيا به ليکڪ ڪن پيا. پر سٺو ۽ معياري لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اصل پاڻيءَ مان مکڻ ڪڍڻ جي برابر آهي جيڪو نوابشاهه مان ويھي ڪري فياض ڪري رهيو آهي. جتي مون کي ٻين ڳالهين جي ڪري فياض سان پيار آهي، اُتي مون کي سٺي ۽ معياري لکڻ جي ڪري فياض سان پياربه آهي. طارق عالم ابڙو جي چواڻي ته،”سنڌي ادب هڪ ٽرين مثل آهي، جنھن ۾ ٻن قسمن جا اديب سفر ڪن ٿا، هڪڙا اُهي اديب جيڪي فرسٽ ڪلاس گاڏي ۾ ويهي ٿرڊ ڪلاس جو ادب تخليق ڪن ٿا ۽ ٻيا اُهي اديب جيڪي ٿرڊ ڪلاس گاڏي ۾ ويهي فرسٽ ڪلاس جو ادب تخليق ڪن ٿا ۽ مون کي انهن اديبن سان تمام گهڻو پيار آهي جيڪي ٿرڊ ڪلاس گاڏي ۾ ويهي فرسٽ ڪلاس جو ادب لکن ٿا ۽ هر پڙهندڙ جي دل ۾ انهن جو گهر ٺهيل هوندو آهي“.
هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ مون به فياض لاءِ هڪ گهر ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ گهر ۾ فياض جون ڏنل محبتون ۽ ان جون خوبصورت لکڻيون سانڍي رکيون آهن.
فياض چنڊ ٻه ڏينھن اڳ به فون ڪري ٻڌايو ته وفا جاني! 29-اپريل تي منھنجو جنم ڏڻ آهي منھنجي دلي خواهش آهي ته تو جھڙو پيار ڪندڙ دوست جنم ڏينھن جي حوالي سان مون تي ٻه اکر لکي. موٽ ۾ کيس چيم ”پيارا! ڪھڙو ڪافر هوندو جيڪو تو جھڙي پياري ماڻهوءَ کان انڪار ڪندو. ٻيا تنھنجا دوست ڀل ڪافر ٿين پر گهٽ ۾ گهٽ اهڙو گناهه مان ته نٿو ڪري سگهان، جنھن جي مون وٽ ڪفاري ڪرڻ جي ڪا واٽ به نه هجي.“ توڙي جو مون سان اها هڪ وڏي ٽريجڊي ٿيندي رهي آهي جو مان پاڻ کان سينئر ۽ پنھنجي پيار ڪندڙ دوستن تي لکي ناهيان سگهندو. مون کي پنھنجي پيارن تي لکڻ ايئن ڏکيو لڳندو آهي جيئن ڪنھن عاشق کي پنھنجي معشوق جو وڇوڙو ڏکيو لڳندو آهي. دل ته گهڻو چاهيندي آهي ته پنھنجن پيارن تي لکجي پر الائي ڇو پنھنجي پيارن تي لکڻ وقت ڏات ۽ ڏانءَ جون سڀ درَ دريون بند ٿي وينديون آهن. لفظ جيڪي من ۽ ذهن جي اندر ڀنڊارن جي صورت ۾ موجود هوندا آهن اُهي بيوفا معشوق جيان کن پل ۾ ساٿ ڇڏي ويندا آهن. کوڙ سارن ايلازن ۽ منٿن جي باوجود به منھنجي ويجهو ناهِن ايندا. مون ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي ته پنھنجي پياري اخلاق انصاريءَ جي ناول ”اڏوهي“ تي ڪجهه لکان پر اڄ ڏينھن تائين لکي نه سگهيو آهيان. پنھنجي پياري فياض تي لکڻ وقت به ڏاڍي ڏکيائي ٿي رهي آهي. هٿ ڏڪڻ لڳا آهن، لفظ جيڪي منھنجي هڪڙي اشاري جا منتظر هوندا آهن، اڄ اُهي منھنجي ويجهو اچڻ لاءِ تيار نه آهن. لفظن کي پرچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪريان ٿو پر هُو ڪنھن ضدي ٻار جيان ضد ڪري بيٺا آهن، هُو ضد جي ست ماڙ تي چڙهي بيٺا آهن ۽ انهيءَ ست ماڙ تان لاهڻ ناممڪن آهي. هي جي بي ترتيب ڪجهه سِٽون لکي رهيو آهيان اُهي فياض جھڙي محبتي دوست کي انڪار نه ڪرڻ جي صورت ۽ پاڻ کي ڪافر نه چوائڻ جي صورت ۾ لکي رهيو آهيان. اڃا به ايئن کڻي چوان ته يوسف جي خريدارن واري لسٽ ۾ نالو لکائڻ جي هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي. نه ته فياض جھڙي گَهڻَ رُخي شخصيت تي مون جھڙو ننڍڙو ماڻهو به ڀلا ڇا لکي سگهندو....؟
فياض سھڻي سنڌ جو سھڻو ۽ سيبتو شاعر آهي، جنھن وٽ سھڻا خيال به آهن ته سھڻي منظرنگاري، ڪردار نگاري ۽ سھڻيون تشبيھون به آهن ته موضوعن جي نواڻ ۽ فن جي پختگي به آهي. هُو ڪھاڻي ۽ شاعريءَ جي رمزن کي به ڄاڻي ٿو، جنھن شاعر وٽ فن يا فڪر ٻنهي مان ڪابه هڪ شيءِ موجود نه هوندي آهي ته مان ان کي به شاعر تسليم نه ڪندو آهيان. شاعري ڪا ڊکاڻڪي ناهي جو ويهي رنڊا روڙجن. شاعري اظھار جو نانءُ آهي ۽ اظھارڻ جو ڏانءُ ته ڪوئي فياض وٽان سکي. هُو پنھنجي شاعريءَ ۾ بي جان لفظن ۾ ساهه وجهڻ ڄاڻي ٿو. فني حوالي سان پاڻ کي وڏو شاعر چورائيندڙ به فني حوالي سان گسي پوندا آهن پر فياض جي لکڻين ۾ فن به مضبوط هوندو آهي ته فڪر به سگهارو هوندو آهي. سندس لکڻين ۾ توهان کي جدت نظر ايندي سابه منفرد انداز ۾ ٻيو ته هن کي ٿورن لفظن ۾ وڏي ۽ گهڻي ڳالهه ڪرڻ جو ڏانءُ آهي اهو ڏانءُ ڀٽائيءَ کانپوءِ مون اياز ۾ ڏٺو ۽ اياز کانپوءِ مُون فياض ۾ ڏٺو آهي.
ذاتي ڪچھري يا سنڌي ادبي سنگت جي ڪلاسن ۾ جڏهن نوابشاهه جو ذڪر نڪرندو آهي ته مون کي اديب دوست چوندا آهن ته ادب، تاريخ ۽ سياست ۾ اسان لاڙڪاڻي وارا گهڻو اڳتي ۽ مٿي آهيون. پر نوابشاهه به گهٽ ڪونهي هُو نوابشاهه جي ادبي حوالي سان ڪڏهن منور سراج جو نانءُ کڻندا آهن ته ڪڏهن وسيم سومرو جو ته ڪڏهن وري ڪھڙي دوست جو. مان کين چوندو آهيان ته توهان ڪڏهن فياض چنڊ ڪليريءَ کي پڙهيو آهي؟ جواب ۾ چوندا آهن ته نالو ته ٺيڪ ٺاڪ ٻڌو آهي پر پڙهيو گهٽ آهي. کين چيم پڙهي پوءِ راءِ ڏجو. چيائون تو وٽ فياض جو ڪو ڪتاب آهي ته ڏي.چيم ته تازو سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو ’نه اڀريو ڪو چنڊ دل تي‘ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي پڙهي ڏسو. پڙهڻ کانپوءِ نوابشاهه جا ٻيا نالا توهان کان دل تان لهي ويندا ۽ فياض جو نالو دل ۾ هميشه ويهي ويندو.
پنھنجي ٽھيءَ جي حوالي سان سنڌ جي سمورن رسالن ۽ اخبارن ۾ سڀ کان گهڻو ڇپجڻ جو اعزاز به فياض ڏانھن وڃي ٿو، جنھن رسالي ۾ فياض جي لکڻي نه هجي ته اهو رسالو پنھنجي خوبصورتي ۽ پنھنجو اصل معيار وڃائي ويھندو آهي. هن جي لکڻي نثر توڙي نظم ۾ سنڌ جي رسالن کي سونھن بخشيندي آهي.
ڪنھن دوست چيو ته،”نوابشاهه جي ٻين شاعرن تي سنڌ جي تمام وڏن نالن جيڪي رايا ڏنا آهن تو اُهي پڙهيا آهن؟“ مون کين چيو،”ها پڙهيا آهن، اهڙن راين جي فياض کي ڪابه ضرورت ڪانهي. هن جي شاعري اهڙن راين کان تمام گهڻو مٿي آهي. توهان ڪنھن ليکڪ جي لکڻيءَ کي ڏسندؤ يا وڏن نالن جي ڏنل راين کي. ڳالهه اصل معيار جي هوندي آهي.“ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته،’قبر ۾ لڀي ڪجهه به نه زور ختمن تي‘. مون جڏهن پنھنجي نثري نظمن جو ڪتاب پئي ڇپرايو ته ان ڪتاب جو مسودو سنڌ جي تمام وڏن نالن کي مھاڳ لکرائڻ لاءِ ڏنو. ان منھنجي نظمن تي راءِ ڏيندي لکيو ته،”نثري نظم فرانس جي صنف آهي جنھن جو باني بودليئر آهي ۽ پوءِ اها صنف سنڌ ۾ مشھور ٿي وئي ۽ سنڌ جي تمام وڏن شاعرن به نثري نظم لکيا.“ نئين ٽھيءَ ۾ جيڪي شاعر نظم لکن ٿا انهن جي ڀيٽ ۾ وفاجا نظم فڪري حوالي سان معياري ۽ اعلى معيار جا آهن ۽ وفا نئين ٽھيءَ جي حوالي سان نظم جو سگهارو شاعر آهي ته پوءِ مان به ليڪو ڪڍي بيھي رهان ته نئين ٽھيءَ ۾ مون کان وڌيڪ نظم جو ٻيو سٺو ڪوبه شاعر ڪونهي. ”موئن جو دڙو“ جھڙو سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ کي انتھائي خوبصورت ناول ڏيندڙ ناميارو ڪھاڻيڪار علي بابا جڏهن مھتاب محبوب جي ناول جو مھاڳ ٿو لکي ته تعريف ۾ واهڙ وهائي ٿو ڇڏي ۽ ان کي زمين تان کڻي آسمان تي پھچائي ٿو ڇڏي. جڏهن ته ناول ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه توهان کي نظر نه ايندي.
فياض چنڊ ڪليريءَ پنھنجي ڪتاب جو مھاڳ ڪنھن به وڏي ليکڪ کان ڪونه لکرايو آهي. هونئن به سٺي ۽ سھڻي شيءِ کي ڪن به سونن زيورن جي ضرورت نه هوندي آهي. فياض جي هر لکڻي پاڻ سون آهي ۽ سون کي توهان ڪٿي ۽ ڪھڙي به جاءِ تي رکو پوءِ به اهو سون ئي سڏبو ۽ سون ئي رهندو.
هي اڄوڪو ڏينھن 29-اپريل نوابشاهه ڌرتي، نوابشاهه جي ماڻهن لاءِ هڪ تاريخي ڏينھن آهي، جنھن ڏينھن تي فياض نوابشاهه جي زمين تي اک کولي. منھنجي کيس دعا آهي ته مولا عليء مشڪل ڪشاء کيس وڏي ڄمار ڏي ۽ اڃا به هن جي قلم ۾ وڌيڪ سگهه پيدا ڪري.