ڪالم / مضمون

مون ساريندي سپرين

وفا لفظن جي لڪيرن ذريعي جن به شخصيتن جا اسڪيچ ٺاهيا آهن، اهي هُو بھو اصل تصويرن جھڙا ئي آهن. وفا جي مضمونن ۽ خاڪن ۾ جنھن ڳالهه مون کي گهڻو متاثر ڪيو اُها هن جي دوستن سان بي پناهه محبت آهي. جيڪا هن اکر اکر ۾ پنھنجي دوستن کي ارپي آهي. وفا جا مضمون ان جي پيار جا ساکي آهي، جنھن ۾ هن تمام گهڻي محبت سان دوستن جي لکڻين کي پڙهي، ان تي پاٻوهه مان لکيو آهي، وفا جي هن ڪتاب جي ٻوليءَ جو پنھنجو حسين جمال آهي.
Title Cover of book مون ساريندي  سپرين

مھاڳ : مون ساريندي سپرين

وفا صالح راڄپر منھنجي دلبر دوستن منجهان هڪ آهي. جنهن سان منهنجي دوستيءَ جو سنگ، تعلق مشتاق ڀرڳڙيءَ جي معرفت سندس پهرين ڪهاڻي ڪتاب ”پاڇي“ جي مھورت دوران جڙيو هو ۽ اهڙو جڙيو هو جيئن استاد بخاريءَ چيو هو ته: ”جو جڙيو سو جيءَ سان جڙي ويو“ يا شاهه سائين جي سٽ جيان ته: ”ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لوهارن لپـيٽيو“ يا شاهه ڪريم چواڻي ته:
پاڻياريءَ سر ٻـَهڙو، جـَرَ تي پکي جيئن،
اسان سَڄَڻُ تيئَن، رهيو آهي روحَ ۾.
وفا صالح راڄپر سنڌ جو اهو سادو ۽ سٻاجهڙو تخليق ڪار آهي جيڪو ڪيترن ئي سالن کان لکڻ ۽ پڙهڻ واريءَ ڪرت سان پاڻ وندرائڻ سان گڏ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ۾ پڻ مصروف آهي. سندس شاعريءَ/ نثري نظمن جي ڪتاب ’دردن ڦولاريا ڦول‘ ۽ ڪهاڻين جي ڪتاب ’ارپڻ کان رهجي ويل محبت‘ جي شاندار ڪاميابيءَ کانپوءِ کان پوءِ سندس مضمونن ۽ خاڪن جو ڪتاب ’مون ساريندي سپرين‘ اکين اڳيان آهي. ’مون ساريندي سپرين‘ سترهن مضمونن ۽خاڪن جو مجموعو آهي.
’ڌرتي توکي منهنجي چمي اڌ ۾ رهجي ويندي‘، شيخ اياز کي ڏنل ڀيٽا آهي، جنهن ۾ وفا لکي ٿو ته: ”اياز پنهنجي شاعريءَ وسيلي جيڪو پيغام، جيڪو فڪر ڏنو آهي انهيءَ فڪر کي وقت ۽ حالات جي دز ڪڏهن به لٽي نه ٿي سگهي. اياز ڪالهه به امر هو ۽ سڀاڻي به امر رهندو“. وفا هن مضمون ۾ اعتراف ڪندي لکي ٿو ته: ”آءٌ ڪو وڏو عالم، دانشور، مفڪر ۽ نقاد ته ڪو نه آهيان. آءٌ ته صرف اياز جو هڪڙو ننڍڙو چاهيندڙ آهيان“. اها وفا جي سادگي، معصوميت ۽ نهٺائي ڏاڍي دل لڀائيندڙ آهي وفا هن مضمون ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته مان شيخ اياز کي سنڌ پرست شاعر چوندو آهيان. ان ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته اياز سنڌ پرست شاعر ئي هو ۽ آهي.
’سنڌي ڪهاڻي کي جيئدان ڏيندڙ محمد صديق منگيو‘ محمد صديق منگيي جي ذات، ڏات، قرب ۽ ڪهاڻين، پيار ۽ پاٻوهه تي لکيل هن مضمون کي وفا ڏاڍي روح سان لکيو آهي. هن مضمون ۾ وفا محمد صديق منگيي جو موچارو خاڪو چـٽي ۽ سندس ٽنهي ڪتابن جو شاندار جائزو پيش ڪيو آهي. وفا سندس ڪهاڻين تي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: ”ڪهاڻين جي ٻولي، منظر نگاري، موضوعن ۽ خوبصورت تشبيهن منهنجي ذهن جي ڪينواس تي جيڪي رنگ برنگي چٽ چٽيا آهن سي سمورا مون کي اڄ به ائين ياد رهيا آهن جيئن ڪنهن وينگس کي پهرين پيار ۽ جوان سان ڀرپور چمي ياد رهجي ويندي آهي“. محمد صديق منگيو دورِ جديد جي ڪهاڻي کيتر جو شاندار حوالو آهي سندس ڪهاڻيون سنڌي ادب جون انمول ڪهاڻيون آهن.
راجن مڱريو جي ڪھاڻي ڪتاب ”روين جو چهرو“ جو تنقيدي جائزو’ تنقيدي ۽ اڀياسي مضمون آهي. جنھن ۾ هِن راجن مڱريي جي ڪهاڻين جي فني توڙي فڪري پهلوءَ تي پنهنجي راءِ ڏني آهي. وفا لکي ٿو ته: راجن جون ڪهاڻيون ”دل جو سفر“، ”حفت جي شام“، ”آسمان جو درد“ ۽ ”ڀرجي ويل موسم کانپوءِ“ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙيون ڪهاڻيون آهن.“ راجن مڱريو جنهن کي وفا ۽ ان جا ٻيا دوست پيار مان راجو چوندا آهن. وفا راجن جي دوستيءَ ۽ دلبريءَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”راجو دراصل اسان سڀني دوستن جو راجا آهي“.
’يوسف سنڌي: گھڻ پاسائين شخصيت‘هيءُ يوسف سنڌيءَ تي لکيل خاڪو آهي. يوسف سنڌي واقعي ئي هڪ گهڻ پاسائين ۽ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. جيڪو هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، مضمون نگار، سفرناما نگار، مترجم، پبلشر وغيره آهي. يوسف سنڌي سنڌي ادبي سنگت جو سابق سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو آهي، ٻاراڻي ادب توڙي ”سنگت پبليڪيشن“ جي حوالي سان پڻ سندس ڪم ساراھ جوڳو آهي، هي متحرڪ ۽ جاکوڙي ڪردار آهي جيڪو سدائين سفر ۾ رهيو آهي.
’خطن ۾ مون کي ڳولجان‘: مشتاق ڀرڳڙي تي لکيل خاڪو آهي. مشتاق سان منهنجي دوستيءَ ۽ يادن جو هڪ طويل سلسلو وابسته آهي. مشتاق ڀرڳڙي، استاد بخاري، بشير سيتائي، الهه نواز رڪڻائي ۽ عادل سخيراڻيءَ وانگر دادوءَ جي دل هو. مشتاق ڀرڳڙي ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، شاعر، خاڪا نويس، نقاد ۽ پبلشر سان گڏ منهنجو دادلو ۽ دلبر دوست هو وفا لکي ٿو ته: ”مشتاق منهنجو سٺو دوست هجڻ سان گڏوگڏ منهنجو عاشق به هيو ته ساڳئي وقت معشوق پڻ“. وفا صالح راڄپر مشتاق جي دادوءَ واري گهر/ جاءِ جي تعمير جو تذڪرو ڪندي لکي ٿو ته: ”مشتاق جو ڪم به سنڀاليم ۽ مزدوري به ڪيم“. هي ڪيڏو نه وڏو اعتراف آهي ته وفا مزدوريءَ کي به مهڻو نه ٿو سمجهي ۽ پنهنجي تحرير ۾ به ان جو ذڪر ڪري ٿو سندس اها سادگي ۽ سچائي ئي آهي جو دوست کيس جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا.
’سنڌي شاعريءَ جو روشن ڏيئو‘: ذوالفقار گاڏهي جي شاعريءَ تي لکيل مضمون آهي ذوالفقار، سنڌي ٻوليءَ جو جاکوڙي اديب ۽ سيبتو لکاري آهي. ذوالفقار گاڏهي شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، ڪالم نويس، مترجم، نقاد ۽ پبلشر پڻ آهي. شاعري سندس ادبي سڃاڻپ جو سگهارو حوالو آهي وفا سندس شاعري تي بيحد پيار ۽ پاٻوهه سان پنهنجي قلم کي ڪاهيو آهي.
’پرينءَ جي پيار جهڙو فياض چنڊ ڪليري‘: هي مضمون فياض جي جنم ڏينهن جي حوالي/ مناسبت سان لکيل مضمون آهي جنهن وٽ سوچڻ لکڻ ۽ بيان ڪرڻ جا نرالا انداز ۽ زاويا آهن سندس تقرير توڙي تحرير ۾ موکيءَ جي مڌ جون لذتون ۽ سرور هوندا آهن وفا هن مضمون کي ڏاڍي پيار ۽ توجهه سان لکيو آهي.
’غمزده سومري جي شاعريءَ جو اڀياس‘: وفا جو هي مضمون باڊهه جي سينيئر شاعر ارباب علي غمزده سومري جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي لکيل آهي جنهن کي پڙهي غمزده جي ذاتي ۽ ادبي زندگي جي ڄاڻ ملي ٿي. وفا هن مضمون کي ڏاڌي تسلسل سان لکيو آهي. ماضيءَ/ ويجهي ماضيءَ جي اهڙن ڪردارن کي ياد ڪرڻ اهم ۽ وقتائتو ڪم/ قدم آهي اهڙي ڪم تي وفا شاباس لهڻي. وفا غمزده جي شاعري/ سندس مواد ڪتابي صورت ۾ محفوظ نه هجڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته ؛ ”غمزده جهڙا شاعر ڌرتي، ٻولي ۽ لوليءَ جي سڃاڻپ هوندا آهن مان باڊهه واسين ۽ غمزده جي پوئيرن کي نماڻي گذارش ڪندس ته هو غمزده جهڙي عوامي ۽ ڀلوڙ شاعر جي ادبي پورهئي کي ذيان ڪرڻ بجاءِ ان کي ڪتابي صورت ۾ آڻي پڌرو ڪن ته جيئن ادبي پورهيو تاريخ جي ورقن ۾ هميشه لاءِ محفوظ ٿي وڃي.“
’ڳجھارت بڻجي ويل شان ڏهر جو قتل‘: هي مضمون باڊهه/ لاڙڪاڻي جي بيباڪ صحافي ۽ شاعر ذاڪر حسين شان ڏهر جي مرتئي تي لکيل تعزيت نامو آهي وفا هن مضمون ۾ شان ڏهر تي لکندي نظم جي البيلي شاعر علي آزاد، پنهنجي صحافي دوست هاشم چانڊيي، پياري دوست اصغر سنڌي ۽ سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر عادل عباسي کي به ياد ڪيو آهي هن مضمون ۾ وفا شان ڏهر جي شان ۽ مان تي ڏاڍي سهڻي انداز ۾ پنهنجي اندر جو اظهار ڪيو آهي.
’ڪير اسان جي سپرين لهندو سار‘: وفا جو هي خاڪو سندس وڏي ڀاءُ الهه بخش جي وڇوڙي/ مرتئي تي لکيل تعزيت نامو آهي، جنهن ۾ وفا وڇوڙي جي درد جي ڪٿا بيان ڪئي آهي وفا هن مضمون ۾ پنهنجي ڀاءُ رجب راڄپر سان گڏ ننڍڙيءَ صدف ۽ ننڍڙي ڪاشف ‘ڪاشيءَ’ کي به ياد ڪيو آهي. هي ڏاڍو احساساتي مضمون آهي جنهن کي پڙهي جسم جا وار/ لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. وفا هن مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”توکان پوءِ جيون ۾ ڪڏهن به بهار جي موسم ڪونه ڏٺي آهي.“
’درد جو فلسفو شاعريءَ جو معراج آهي‘: هي خاڪو منٺار سولنگيءَ جي دوستيءَ ۽ شاعريءَ تي لکيل مضمون آهي جنهن کي وفا ڏاڍيءَ سچائيءَ سان لکيو آهي. وفا لکي ٿو ته: ”منٺار سولنگيءَ جي شاعريءَ ۾ اها شڪتي آهي جيڪا سنڌي ماڻهن جي دلين ۽ روحن کي گرمائي سگهي ٿي.“ منٺار سولنگي، وفا صالح راڄپر جي انتهائي ويجهڙن ۽ ساڻس پيار ڪرڻ وارن دوستن منجهان هڪ رهيو آهي، جنهن جو پيار سندس آخري پساهن تائين وفا تي وڏڦـڙي مينهن جيان وسندو رهيو آهي منٺار کان پوءِ اهڙو ئي پيار وفا کي منٺار جي پٽڙي ڪاشف کان به ملندو رهي ٿو.
’ڳوٺ وڏي وهڻي تاريخ جي آئيني ۾‘: وفا جو هي مضمون سندس اباڻي ڳوٺ وڏي وهڻيءَ جي تاريخ تي لکيل دلچسپ ۽ معلوماتي مضمون آهي 27 ڊسمبر 1997ع تي مون کي به هي خوبصورت ڳوٺ ڏسڻ جو ۽ استاد محمد وارث ۽ استاد نذير راڄپر سان ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو. اسان جا ٻيا لکاري به جيڪڏهن پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن جي تاريخ تي ايئن قلم کڻن ته سنڌ جي سچي تاريخ مرتب ٿي سگهي ٿي.
’سنڌ جي تباهه ٿيل تعليم ڪير بچائيندو!؟‘: وفا جو هي مضمون سندس علم دوستيءَ جو ساکي آهي جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس مسڪين ماڻهن جي ڀلي ۽ ڀلائيءَ جو ڪيڏو نه الڪو ۽ درد آهي.
’هڪڙو هيو مشتاق....!‘ هي مضمون ڪنهن قصي داستان ۽ لوڪ ڪهاڻي جهڙو طلسماتي مضمون آهي جنهن کي پڙهندي وقت ڀانئجي ٿو ته وفا صالح راڄپر ڪو قصاگو آهي جنهن پنهنجي قصي ۾ مشتاق جي ڪردار کي محفوظ ڪري ورتو آهي.
’سدائين ڏات جا ڏيئا ٻرن ٿا‘: هيءَ لکڻي دراصل اقبال کوکر ڏانهن لکيل خط آهي. خط جي صنف کي سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت حاصل رهي آهي سنڌي ادب ۾ شيخ اياز، جي ايم سيد، علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۽ ٻين جي خطن جو پنهنجو مقام ۽ اهميت آهي. شيخ اياز جي خطن جو ڪتاب ’ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ ان حوالي سان نهايتي شاندار ڪتاب آهي.
’لوڪ ادب جو شهزادو لقمان کوکر‘: لقمان کوکر تي لکيل مضمون آهي. لقمان کوکر سنڌي لوڪ ادب جو تمام وڏو نالو آهي. لقمان کوکر سان منهنجي محبتن جي تند منهنجي پياري دوست سگهڙ غلام اصغر لاکي معرفت جڙي هئي لقمان کوکر ڪراچي، حيدرآباد يا لطيف ڪانفرنس ۽ شهباز ڪانفرنس تي ويندي يا موٽندي قاضي احمد ۾ اچي ترسندو هو ساڻس گڏ محمد مٺل جهتيال ۽ ڪڏهن ڪڏهن ممتاز عباسي به هوندو هو. لقمان کوکر تي لکيل وفا جو مضمون ٻوليءَ توڙي اظهار جي حوالي سان سهڻو خاڪو آهي.
’وڃين ڀونءِ پيٺي‘: خاڪو باڊهه جي ڪامريڊ بشير نوناريءَ جي وفات تي لکيل مضمون/ تعزيت نامو آهي جيڪو سندس خاڪو پڻ محسوس ٿئي ٿو. وفا صالح راڄپر بشير نوناريءَ جي جرئتمنديءَ کي بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”هن ڪيترائي ڀيرا جيل به ڪاٽيو ۽ جيل جون اذيتون به برداشت ڪيون پر پوءِ به سنڌ ۽ سيد جي عشق کي سلامت رکيون آيو.“
وفا صالح راڄپر جي اها وڏي خوشنصيبي آهي جو هو پنهنجي شاعري، ڪهاڻين ۽ مضمونن کي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪري چڪو آهي.
وفا صالح راڄپر پنهنجي سڄي ڄمار جهد ۽ جاکوڙ ۾ گذاري آهي. هي يار ماٺ ڪري ورچي ويهڻ وارو نه آهي. حسن درس جي سٽ ”ساري سنڌ پرين جو پاڇو“ جيان سڄي سنڌ کيس پنهنجي تر ۽ گهر جيان لڳندي آهي.
وفا صالح راڄپر جي مضمونن/ لکڻين ۾ ربط، تسلسل، سلاست ۽ سادگي آهي. هي ڳيري واري ڳالهه ڪرڻ بجاءِ مختصر ۽ اثرائتي ڳالهه جوقائل آهي. لکڻ دوران ڪٿي ڪٿي وفا صالح راڄپر جو انداز جذباتي به ٿي وڃي ٿو. سندس ڪجهه ڳالهين/ راين سان اصولي اختلاف به ڪري سگهجي ٿو.
وفا صالح راڄپر مضمونن ۾ ڪٿي ڪٿي ماضي ۽ حال جي صيغي کي گڏ استعمال ڪيو آهي. وفا وٽ ڪٿي ڪٿي ساڳين خيالن ۽ جملن جو ورجاءُ به محسوس ٿئي ٿو.”جيئن مان ڪو وڏو ليکڪ يا نقاد وغيره ڪو نه آهيان.“
وفا لکندي وقت ڪٿي ڪٿي تشبيهاتي انداز به استعمال ڪيو آهي. جنهن سان سندس لکڻي وڌيڪ اثرائتي ۽ موهيندڙ ٿي پئي آهي. وفا لکي ٿو ته: ”مـاءُ جـا نـيـڻ مون لاءِ سدائين امام ضامن وانگر هوندا هيا.“ ”ڪو به رانديڪو ماءُ جي آسيس جو مٽ ٿي نه ٿو سگهي“.
وفا صالح راڄپر جي مضمونن ۽ خاڪن جو ڪتاب ’مون ساريندي سپرين‘ نه رڳو پڙهڻ پر ساهه ۾ سانڍڻ جھڙو ڪتاب پڻ آهي. مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب پڙهڻ وارا پڙهي حض حاصل ڪندا.

معشوق ڌاريجو
الماس نگر، قاضي احمد
آچر 25 مارچ 2018ع
03003093780