ڪالم / مضمون

مون ساريندي سپرين

وفا لفظن جي لڪيرن ذريعي جن به شخصيتن جا اسڪيچ ٺاهيا آهن، اهي هُو بھو اصل تصويرن جھڙا ئي آهن. وفا جي مضمونن ۽ خاڪن ۾ جنھن ڳالهه مون کي گهڻو متاثر ڪيو اُها هن جي دوستن سان بي پناهه محبت آهي. جيڪا هن اکر اکر ۾ پنھنجي دوستن کي ارپي آهي. وفا جا مضمون ان جي پيار جا ساکي آهي، جنھن ۾ هن تمام گهڻي محبت سان دوستن جي لکڻين کي پڙهي، ان تي پاٻوهه مان لکيو آهي، وفا جي هن ڪتاب جي ٻوليءَ جو پنھنجو حسين جمال آهي.
Title Cover of book مون ساريندي  سپرين

ڪيرُ اسان جي سُپرين لهندو سارَ

لکڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم هوندو آهي. ان جو اندازو توهان ڪنھن لکيڪ کان پڇي سگهو ٿا، پر اهو ڏکيو ڪم ان وقت آسان ٿي پوندو آهي، جڏهن ڪنھن جي مٿان دردن، تڪليفن، ڀوڳنائن ۽ اذيتن جا ڳرا پھاڙ ۽ جبل ڪري پوندا آهن، جنھن جي دل شيشي جيان ٽٽي پرزا پرزا ٿي ويندي آهي. ڪنھن جي اندر مان خوشيون ڪنھن پکيءَ جيان اُڏري وينديون آهن. جنھن جو جيون سراپا زهر بڻجي ويندو آهي، جنھن جي مٿي تان پيار ، محبت ۽ شفقت وارو هٿ کڄي ويندو آهي. جنھن جو اندر اڌو اڌ ٿي ڀترن جيان ڀُري پوندو آهي، جنھن جو ساجن ڪنھن کان هميشه لاءِ دور ٿي ويندو آهي. جنھن کان جيئڻ جو سھارو ۽ جيئڻ جي سگهه کجسي ويندي آهي. جنھن جي بھار جھڙي جيون ۾ خزان جي موسم اچي ويندي آهي. انهن سمورن ڪيفيتن ۽ مرحلن مان، آءٌ گذري چڪو آهيان ۽ اڃا به گذران پيو.
پنھنجي وڏي ڀاءُ الله بخش جي اچانڪ وڇڙي وڃڻ کانپوءِ دکن، دردن، تڪليفن ۽ اذيتن ڪا جهوپڙي نه پر اچي محل اڏيو ۽ انهيءَ محل ۾ پَل پَل جي رهيو آهيان ۽ پَل پَل مري رهيو آهيان، پنھنجي هن نظم جيان ته:
مان،
زندگي ۽ موت جي درميان،
ٽياس تي ٽنگيل آهيان.
ان سمي،
نه مون کي،
زندگي ٿي پنھنجو ڪري
۽ نه موت.
اسان جو ڀاءُ جيڪو اسان جو ڀاءُ نه پر اسان جو مسيحا هو. اسان ٻنهي ننڍن ڀائرن رجب ۽ منھنجو سھارو هيو نه رڳو سھارو هيو پر هُو اسان ٻنهي ڀائرن جو حقيقي عاشق هيو ۽ عاشق به اهڙو جنھن لاءِ ڀٽائيءَ چيو آهي ته:
نھائينءَ کان نينھُن، سِکُ منھنجا سپرين،
سَڙي سارو ڏينھن، ٻاھر ٻاڦ نه نڪري.
هيءُ اهڙو سچو عاشق هيو جو هن ڪڏهن به پنھنجي معشوقن کي ڪو ڏکيو وقت، ڪا ڏکي گهڙي، ڪا ڏکي مھل ڪونه ڏيکاري. هن پاڻ کي ڏکيو رکي به پاڻ کي پنھنجي وزن کان مٿي تڪليف ڏئي به پنھنجي معشوقن کي سکيو رکيو ۽ اسين وري ان جا معشوق اَنا پرست، لاغرض ۽ بي پرواهه هوندا هئاسين. اسين پنھنجي عاشق جي صحبت جو قدر ڪڏهن به نه ڪيوسين ۽ ان ۾ اسان جو ڪوبه دوش ڪونهي. اسان معشوق هئاسين ۽ معشوق ذات هونئن به ازل ۽ اصل کان بيوفا رهي آهي. ڪنھن شاعر اسان جھڙن انا پرست، لاغرض ۽ بي پرواهن ۽ بي وفا معشوقن لاءِ هيئن چيو آهي:
الله عاشقن جي ٻيلي خلقي ڪھڙي ذات،
هڪڙا ويهن واٽن تي ٻيا جاڳن ساري رات،
معشوق بي وفا ذات، نينھن لائي ننڊون ڪن.
اسان جي گهر دير سان موٽڻ جي ڪري، يا ڪٿي اسان ڪنھن دوست وٽ بغير گهر ڏي اطلاع ڪرڻ جي رات رهي پوندا هئاسين ته پوءِ اسان جو هيءُ عاشق اسان جي انتظار ۾ واٽن تي ويھندو هيو. جڏهن اسان گهر نه موٽندا هئاسين ته پوءِ اها رات جاڳي گذاريندو هيو. مان چوندو آهيان ته شال خدا ڪنھن معشوق کي اهڙي عاشق کان محروم نه ڪري، جيڪو پنھنجي معشوقن جا سمورا درد کڻي پنھنجي حصي ۾ رکي ۽ پنھنجون سموريون خوشيون پنھنجي معشوقن جي حصي ۾ رکي.
يا خدا! تو سان ٻن معشوقن رجب ۽ مون کي اهڙي عاشق کان محروم رکيو آهي. اسان ٻنهي معشوقن کان بھادر، مخلص ۽ محبتي عاشق کسي ورتو آهي. يا خدا! تو ايئن ڇو ۽ ڇالاءِ ڪيو....!؟ يا خدا! تو ته پنھنجي محبوب مصطفى سان اهو وچن ڪيو هو ته مان تنھنجي اُمت مٿان ڪڏهن به مصيبتن جا پھاڙ ڪونه ڪيرائيندس ۽ نه ئي وري ڪڏهن انهن مٿان ڪا مصيبت آڻيندس. ان جي باوجود به تو اسان جي مٿان مصيبتن ۽ آفتن جا پھاڙ ڇو ڪيرايا آهن؟ ڪاش! توکان به ڪوئي پڇا ڪري ته تو اسان ٻن معشوقن کان پنھنجو عاشق ڇو کسيو آهي...!؟ تو اسان کان بڙ جي گهاٽي ڇانوَ جھڙو ڇانورو ڇو کسيو آهي؟ پر تون ته بي پرواهه آهين. تون ته سڀني جو مالڪ آهين! تو کان ڪير ٿو پڇاڻو ڪري سگهي؟ تو اڳيان ڪنھن کي به همت ۽ طاقت ڪونهي جو توکان پڇاڻو ڪري. يا خدا! اسان جي يتيمي ۽ خزان بڻيل جيون تي من ڪا رحم جي نظر ڪر ۽ تون ئي هاڻ اسان جي مٿان شفقت ۽ پيار ڀريو هٿ رک ۽ اسان کي آٿت ۽ سھارو ڏي.
انهيءَ عاشق جي ٽن سالن جي ننڍڙي صدف پنھنجي پتڪڙن آڱرين سان تسبيح جي داڻن کي سوريندي ۽ پنھنجي پتڪڙن هٿن سان توکان دعا گهري آهي. اها ٽن سالن جي ننڍڙي صدف جڏهن پنھنجي پتڪڙا هٿ کڻي ۽ اکيون آليون ڪري آسمان ڏانھن منھن ڪري دعا گهرندي آهي ته ان وقت سموري گهر جو منظر قيامت جو ڏيک ڏيندو آهي ۽ گهر جا سمورا فرد پنھنجي لڙڪ روڪي نه سگهندا آهن. اسان جي عاشق ڀاءُ پنجن سالن جو پٽ ڪاشف (جنھن کي پيار مان سڀ ڪاشي چوندا آهيون) هر هر اسان کان پنھنجي ٻاتي ٻوليءَ ۾ پڇي رهيو آهي ته،”چاچو! منھنجو ابو ڪاڏي ويو آهي...!؟، چاچو! منھنجو ابو ڪڏهن ايندو....!؟ چاچو ابو کي وٺي اچ ته توکي ۽ مونکي ميلي جي خرچي به ڏي ۽ عيد لاءِ اسان سڀني گهر ڀاتين کي نوان ڪپڙا به وٺي ڏي. وڃ چاچو ابوءَ کي وٺي آڻي ڏي مون کي ابوءَ جي سڪ ۽ تانگهه مون کي ويهڻ نه ٿي ڏي. تون جڏهن گهر کان ڪاوڙجي ويندو آهين ۽ گهر نه ايندو آهين ته توکي ابو پرچائي وٺي ايندو آهي ۽ هاڻي ابو اسان کان ڪاوڙجي ويو آهي، تون وڃ ابوءَ کي وٺي اچ! وڃ چاچو وڃ ابوءَ کي پرچائي وٺي اچ.“ پر هن معصوم ٻار کي ڪير سمجهائي ته تنھنجو ابو هاڻي ڪڏهن به واپس نٿو اچي سگهي.
ڀائو تون ته اسان جو عاشق هئين، تون ته پنھنجي معشوقن تي ترس ۽ رحم کائين ها. تون ته عاشقن کي ايئن اڪيلو نه ڇڏي وڃين ها. تون ته رب ڪريم کي چوين ها، اي پنھنجا ڪريم رب تون رحمت العالمين آهين،تون ته ٻاجهارو آهين، تون ته رحيم ۽ ڪريم آهين، پنھنجي رحمتن جي صديق ڪجهه سال ته مون کي پنھنجن کان جدا نه ڪر. منھنجا معشوق اڃا ٻار آهن، انهن اڃا پنھنجا پيرئي ڪونه کوڙيا آهن، منھنجا معشوق مون کان سواءِ ڪيئن رهندا....!؟ مون کان سواءِ ڪيئن جيئندا....!؟ مون کان پوءِ منھنجي ڀائرن جا انگل ڪير پورا ڪندو...؟ مون کان پوءِ منھنجي هنن معشوقن جو سھارو ڪير بڻبو...!؟ مون کانپوءِ انهن کي آٿت ۽ پيار ڪير ڏيندو....!؟ نه مٽ مائٽ، نه سئوٽ، نه چاچا ۽ نه ئي ماما انهن جو هر رشتو مون سان جڙيل هيو ۽ مان ئي هنن جو سڀ ڪجهه هيس.
ڀائو! سچ پچ توکان پوءِ اسان يتيم ٿي ويا آهيون، اسان اُجڙي ويا آهيون. اسان ڪک پن جيان وکري ويا آهيون. توکان پوءِ جيون ۾ ڪڏهن به بھار جي موسم ڪونه ڏٺي آهي. جيون ۾ رڳو خزان جي موسم ڇانيل ٿي رهي. ننڍي هوندي بابا جي وڇوڙي کانپوءِ يتيميءَ جو احساس ان ڪري نه ٿيو هيو جو تو هڪ ڀاءُ جي فرض نڀائڻ سان گڏ و گڏ پيءُ وارا فرض به ادا ڪيا هئا. اڄ تون ناهين ته يتيميءَ جو احساس ڪاريھر جيان ڪر کڻي ڏنگي، اڏوهيءَ جيان کائي ۽ چاقوءَ جيان ڪپي رهيو آهي.توکانپوءِ ڪير به اسان جو ڪونه رهيو آهي. ڪير به سھارو ڏيڻ وارو ڪونهي. تنھنجي وڇوڙي کانپوءِ احساس ٿيو آهي ته توکان سواءِ هت ٻيو ڪير به اسان جو ڪونهي. ڀائو! حقيقت ۾ نه سھي پر ڪڏهن ڪڏهن خوابن ۾ اچي ڪري منھنجي مٿي تي پيار ۽ محبت جو هٿ ڦيري وڃ ته مون کي آٿت ملي پوندي ۽ جيئڻ جو سھارو ملي ويندو.
گذريل ٻن سالن کان وٺي ڪنھن کي ڀائو ڪري سڏ ڪرڻ لاءِ سڏڪي ۽ سِسڪي رهيو آهيان ته ڀائو ڪنھن کي چوان. هت اهڙو ڪوبه ڪونهي جو تو جيترو پيار ڏئي سگهي. اسان جي پاڙي واري غلام حسين کي جڏهن ڪوئي ڀائو ڪري سڏ ڪندو آهي ته ان وقت اکين جا سمورا بند ڀڄي پوندا آهن، اکين جون ڪٽوريون لڙڪن سان ڀرجي اينديون آهن ۽ مان اوڇنگارون ڏئي ٻارن جيان روئي پوندو آهيان. دل چوندي آهي ته ماڻهن کي چوان ته جڏهن به توهان غلام حسين کي در تان سڏ ڪيو ته سندس نالي سان سڏ ڪيو ۽ ان ۾ ڀائو لفظ جو اضافو نه ڪيو. ڇو ته توهان جي ڀائو لفظ ڪري سڏڻ تي مون کي تڪليف ٿي ٿئي ۽ منھنجي دل سيني مان نڪري پيرن ۾ ڪري ٿي پوي ۽ پوءِ اکيون ڳوڙها نه پر رت ٿيون روئن.
تنھنجي وڇوڙي کي هيءُ ٻيوسال پورو ٿي رهيو آهي. پر مون لاءِ اهو ٻيو سال اڃا اهو ساڳيو ٻه جنوري وارو ڏينھن آهي ۽ اهو ساڳيو وقت ۽ اهو ساڳيو شام جو پھر آهي جنھن ڏينھن اوهان جي مڙهه کي لاڙڪاڻي کان ڳوٺ، ايمبولينس ذريعي آندو ويو هو. انهيءَ ايمبولينس جو هارن جو آواز ۽ گهر جي آڳر تي پيل تنھنجو جسم ٻن سالن جي گذري وڃڻ کانپوءِ به وسريو ناهي ۽ شايد سڄي عمرتائين اهو منظر مان وساري به نه سگهان.
جڏهن تنھنجا دوست اسان سان تنھنجي محبت ۽ تنھنجي پيار جو ذڪر ڪندا آهن ته مون کي پنھنجو پاڻ کان نفرت ۽ وحشت ٿيڻ لڳندي آهي ته مان تنھنجي محبت ۽ تنھنجي پيار کي سمجهي نه سگهيس. مُون ته صرف توهان کي عام ماڻهن جي ڀائرن جيان سمجهيو پر مون کي ڪھڙي خبر ته تو هميشه مون کي پنھنجي دل ۽ اکين ۾ لڪائي رکيو آهي، ڀٽائيءَ جي هن بيت جيان ته:
اکين ۾ ٿي ويهه ته آءٌ واري ڍڪيان،
توکي ڏسي نه ڏيھُه، آءٌ نه پسان ڪي ٻيو.
تنھنجي وڇوڙي کانپوءِ پنھنجي حالت ان ٻيڙيءَ جيان آهي، جنھن جو ڪوبه ملاح ڪونهي. خبر ناهي ته اُها ٻيڙي ترندي رهندي يا ڪٿي ٻڏي ختم ٿي ويندي.ڪيترائي ڀيرا پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم پر اڃا تائين پاڻ سنڀالي نه سگهيو آهيان ۽ شايد سڄي عمر پاڻ کي سنڀالي نه سگهان .....!