ڌرتي توکي منهنجي چُمي اَڌَ ۾ رهجي ويندي!
سال جي آخري مھيني جي پڇاڙي واري ڏينھن ويندي ويندي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کان گهڻو ڪجهه کسي ورتو آهي ۽ ايترو نقصان ڪيو آهي جو ان جو ڪاٿو به نٿو ڪري سگهجي. سال جو آخري مھينو ڊسمبر جڏهن شروع ٿيندو آهي ته دل مان اها ئي صدا نڪرندي آهي ته يا خدا! خير ڪجانءِ!! متان هيءُ مھينو وري اسان کان اسان جو ۽ سنڌ جو ڪو ساهه ۽ ويساهه نه کسي وٺي. جيئن سنڌ جو آواز سرمد سنڌي کسي ورتو. جيئن سنڌ جو ساهه، سنڌ جو عاشق ۽ سنڌ جي سڃاڻپ اياز کسي ورتو ۽ جيئن ملير جي مارئي بينظير کسي ورتي.
اياز جھڙي عظيم، مھان شخصيت ۽ اعلى پائي جي شاعر تي ڀرپور لکڻ لاءِ دل چئي رهي آهي ۽ دل جي ڳالهه مڃيندي قلم ته هٿ ۾ کنيو آهي، پر آءٌ ان سوچ ۾ ٻڏل آهيان ته اياز جي ڪھڙي پاسي، ڪھڙي رُخ ۽ اياز جي شخصيت جي ڪھڙي پھلوءَ تي لکجي؟ ڇو ته اياز گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هيو. ٻين پاسن کي ڇڏي ڪري اسين رڳو اياز کي هڪ شاعر جي حوالي سان ڏسنداسين ته هُو رڳو سنڌ جو نه پر پوري دنيا جو تمام وڏو شاعر آهي. هُو نه رڳو وڏو ۽ عظيم شاعر آهي. پر هڪ وڏو دانشور، فاضل ۽ عالم به آهي. آءٌ اڃا وڌيڪ هيئن چِٽو ڪري لکان ته فڪري مشاهدو مطالعي بعد نتيجي ڪڍڻ جو نانءُ آهي گھرو مطالعو ۽ مشاهدو لفظن جو روپ اختيار ڪري ماڻهن جي ذهنن ۽ سوچن کي تبديل ڪندو آهي، جنھن کي فڪر چئبو آهي. اياز دنيا جو تمام وڏو عالم، تيز مشاهدي حافظي وارو شاعر آهي. اياز ادب جي آسمان جو اهو وهائو تارو آهي جنھن جو آب و تاب ايتري عرصي کان پوءِ به گهٽ نه ٿيو آهي.
ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ اياز جي شاعري ۽ اياز جو فڪر توهان جي ذهنن جي ارتقا ڪندو ۽ توهان جي ذهنن کي سج جيان روشن ڪندو. ڇاڪاڻ ته اياز جي شاعريءَ ۾ نه رڳو پختگي، ڪھنه مشقي، فلسفيانه طرز ۽ طبيعت جي شوخي موجود آهي. پر ان سان گڏوگڏ هُو پنھنجي شاعرانه مزاج کي اهڙي برجستگي، بي ساختگي، بي باڪي ۽ بي تڪلفيءَ سان پيش ڪري ٿو جو پڙهندڙن ۽ ٻُڌندڙن تي پنھنجي اڻ مٽ ڇاپ ڇڏي ٿي وڃي ۽ پڙهندڙ داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي.
مون کي اياز جي سموري شاعري محبوبه جي مرڪ جھڙي پياري ۽ سچي لڳندي آهي. سنڌ جي نامياري اديب سراج، اياز جي ڪتاب ”چنڊ چنبيلي ول“ جي مھاڳ ۾ لکيو آهي ته،”اياز جو شعر اياز جي مرڪ جيان سچو به آهي ته ڇرڪائيندڙ به آهي. ورهيه ٿيا جو اياز جي مرڪ ڏٺي هيم ۽ اياز جس شعر به ٻڌا هيم. پوءِ ٻڌم ته اياز بيمار هو ۽ هُو لکي به نٿي سگهيو. سوچيم ايئن ڪيئن هوندو؟ اياز ٽھڪ ڏيڻ ڪيئن ڇڏيا هوندا؟، اياز شعر چوڻ ڪيئن ترڪ ڪيو هوندو؟ ڪنھن چيو ته اياز ڪمپرومائيز ڪيو آهي. ڪنفارمز جو شڪار آهي. ثبوت ۾ اهو چيائون ته اياز سگريٽ ڇڪڻ ڇڏي ڏنو آهي. پر اڻ دکايل سگريٽ ٻن آڱرن ۾ جهلي ڇڪيندو رهي ٿو. ان کان وڌيڪ ڪمپرومائيز جو ٻيو ڪھڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو. اياز موٽ ۾ ٽھڪ ڏنو ۽ چيائين ته:
جي ڪَوتا تنھنجي ڪاج اچي،
مان ٻيھر ٻيڙيون پائيندسُ،
مان ٻيھر تو لاءِ ڳائيندس.
اياز ڪلهه جيان اڄ به امر آهي ۽ سڀاڻي به امر رهندو. جيستائين هيءَ ڌرتي ۽ خدا جي خلقيل ڪائنات جو وجود رهندو، تيستائين اياز پنھنجي شاعريءَ ذريعي زندھ ۽ امر رهندو. ڀٽائيءَ کانپوءِ پورا اڍائي سَوَ سالن کانپوءِ اياز جھڙو بھترين ۽ عظيم شاعر مليو. پر اياز کانپوءِ اڍائي سَوَ سال ته ڇا پر اڍائي سَوَ سال صديون به لڳن ته به اسان کي اياز جھڙو شاعر نٿو ملي سگهي.
اياز وڏو شاعر هو، اياز وڏو فلسفي هو. اياز وڏو دانشور ۽ مفڪر هو. اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ جيڪو پيغام، جيڪو فڪر ڏنو آهي، انهيءَ فڪر کي وقت ۽ حالات جي دز ڪڏهن به لٽي نٿي سگهي. آءٌ هت مثال طور اياز جي ڪھڙي ڪھڙي شاعري پيش ڪريان. اياز جي سموري شاعري بي مثال آهي. آءٌ ڪو وڏو عالم، دانشور، مفڪر ۽ نقاد ته ڪونه آهيان جو اياز جھڙي عظيم شاعر جي فن ۽ فڪر تي ويھي ڳالهايان. آءٌ ته صرف اياز جي چاهيندڙ مان هڪ ننڍڙو چاهيندڙ آهيان. اياز تي ڳالهائڻ يا لکڻ لاءِ وسيع ذهن، وسيع مطالعي ۽ وسيع سوچ جي ضرورت آهي.
اوهان اياز جي جمالياتي شاعري پڙهو توڙي مزاحمتي شاعري پڙهواها فڪر ۽ فن سان ايئن ٽمٽار هوندي جيئن رات جي وقت آسمان تارن سان. اياز جمالياتي شاعريءَ ۾ جيڪي تشبيھون استعمال ڪيون آهن. اُهي تشبيھون اياز کان اڳ توڙي پوءِ جي شاعرن استعمال نه ڪيون آهن ۽ نه ئي انهن شاعرن جو ايترو ذهن ۽ سوچ آهي. ٻين تشبيھن کي ڇڏي ڪري اسان سج ۽ وَهيءَ کي ڏسون. وَهي جنھن کي ٻين لفظن ۾زندگي، يا حياتي به چئون. ان وَهيءَ کي اياز وِهه يعني زهر سان تشبيھه ڏني آهي. پرينءَ کي چنڊ سان تشبيھه هر شاعر ڏني آهي. پر پرينءَ کي سج سان تشبيھه اياز کان سواءِ ٻي ڪنھن به شاعر ناهي ڏني.
اياز چوي ٿو ته:
مُون نه ڄاتو اي سج جھڙا پرين!
تو ٿي پاتا لِڪي ليئڙا.
اياز جي شاعراڻي سگهه ۽ شاعراڻي عظمت کان جيڪي انڪاري رهيا آهن، حقيقت ۾ اُهي اڃا ذهني طرح بالغ به ڪونه ٿيا آهن. جيڪڏهن اُهي پاڻ کي ذهني طرح بالغ به سمجهن ٿا ته پوءِ انهن وٽ مطالعي ۽ مشاهدي جي کوٽ آهي ۽ اياز جو فڪر انهن کان گهڻو مٿاهون آهي، آءٌ اياز جي شاعراڻي سگهه ۽ شاعراڻي عظمت کان انڪارين کي چئلينج ٿو ڪريان ته توهان اُهي شاعر ۽ نقاد جن کي اوهان اياز کان وڏو شاعر سڏي رهيا آهن اُهي اياز جي شاعريءَ جي هڪ سِٽَ ته لکي ڏيکارين؟ ڀٽائيءَ کانپوءِ اياز جھڙو ڪوبه شاعر ٿي نٿو سگهي. کاٻي ڌر جي ڏاهي ڪامريڊ سوڀي جي چواڻي ته،”ڀٽائيءَ اياز جي روپ۾ ٻيو جنم ورتو ۽ جي ايم سيد جي پيغام ۾ نئون جوش پيدا ڪيو.“
اياز سنڌ جو اهو ليکڪ آهي، جنھن جو نثر ۽ نظم ٻئي اعلى معيار جا ۽ سگهارا آهن. اياز جي نظم جيان نثر به رنگين ۽ دل جي تارن کي ڇُھندڙ آهي. سندس نثر ۾ اهڙي ته رنگيني ۽ خوبصورتي آهي، جو هڪ دفعو جيڪو ان رنگينيءَ جي ڀاڪر ۾ آيوته ٻيھر سندس دل ٻاهر نڪرڻ تي نه چاهيندي. سندس نثر ۾ پھرين پيار ۽ پھرين چُميءَ جھڙو ميٺاج آهي. اياز جي نثر واري رنگينيءَ کي ڪوبه نقاد رٻڙ سان ميساري نٿو سگهي. اياز جي نثر توڙي نظم ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي سموري سونھن سمايل آهي. اهڙي سونھن سنڌ جي مون ڪنھن به شاعر۾ نه ڏٺي آهي.
اياز سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان بي پناهه محبت ڪئي ۽ انهيءَ محبت جو اولڙو اياز جي لکڻين ۾ سمنڊ جيان ڇوليون هڻي رهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي برجستي ڪالم نگار اعجاز منگي پنھنجي هڪ ڪالم ۾ اياز کي باغي شاعر سڏيو آهي. پر مان اياز کي سنڌ پرست شاعر چوندو آهيان. اياز ”سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو، سھندو ڪير ميارَ او يار!“ جھڙا قومي ۽ امر گيت لکي سنڌي ماڻهن کي سنڌ سان محبت ڪرڻ سيکاري، سنڌي ماڻهن کي سنڌ جي حقن ۽ سنڌ جي آجپي لاءِ ويڙهه ڪرڻ سيکاري. اياز سنڌ تي انيڪ گيت، غزل، بيت ۽ وايون لکي سنڌي ماڻهن کي سنڌ سان محبت ڪرڻ جو جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو، جيڪا محبت، جيڪو جذبو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي دل ۾جي.ايم. سيد گهڻي جدوجھد کانپوءِ به پيدا نه ڪري سگهيو هو. اها محبت، اهو پيار، اهو جوش ۽ جذبو اياز جي شاعريءَ سنڌي ماڻهن ۾ هميشه لاءِ پيدا ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ محبت کي ڪوبه جابر گهٽائي نٿو سگهي. اياز جي شاعريءَ جو محور پيار محبت سان گڏوگڏ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو هيا.
اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي گهڻو ڪجهه ڏنو پر افسوس جو سنڌي ماڻهن اياز کي ڪجهه به نه ڏنو. جيڪڏهن ڏنو به ته غدار جو لقب. آءٌ سمجهان ٿو ته اياز کي غدار سڏيندڙ پاڻ غدار آهن ۽ اُهي سنڌ سان سچا ناهن. جيڪو ماڻهو چوي ٿو ته،”سنڌڙيءَ تي سِرُڪير نه ڏيندو سھندو ڪير ميارَ او يار!“ ڇا اُهو سنڌ جو غدار ٿي سگهي ٿو...!؟ نه ڪڏهن به نه. اياز جي سِٽَ سِٽَ ۾سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان پيار سمايل آهي. اياز کي اڃا سنڌجي ضرورت هئي ۽ سنڌ کي وري اڃا اياز جي ضرورت هئي. اياز سنڌ ۽ سنڌ اياز هئي ۽ آهي، تڏهن ته اياز لکيو:
ڌرتي توکي منھنجي چُمي،
اڌ ۾ رهجي ويندي.
ڏور ڏسائن ۾ او ڌرتي!
ڇا تون ويندينءَ وسري؟
مُون سان رهندينءَ،
مُون ۾ ڪھندينءَ،
ڏينھن لٿو آ،
رت کڙو آ.
**
تون ئي تون آهين،
منھنجي ڀونءِ آهين.
اُو آيل او سنڌڙي!
منھنجي ساري ڏات تون،
منھنجي مُون آهين،
اُو آيل او سنڌڙي!
چوٿين دنيا جي مفڪر ۽ قومي دانشور عبدالواحد آريسر پنھنجي ڪالم ۾ لکي ٿو ته، ”مون نقاد جي حيثيت سان اياز کان سوال ڪندي پڇيو ته، ”سائين! فلاڻو ماڻهو چوي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن ننڍيون زبانون به تمام وڏا شاعر پيدا ڪنديون آهن. جيئن بنگاليءَ ۾ٽئگور ۽ سنڌيءَ ۾ اياز. ان تي اياز وراڻيو ته ”ڪير احمق ٿو چوي ته سنڌ زبان ننڍي آهي. زبان جو ننڍي ۽ وڏي هجڻ جو ماپو، جاگرافي ۽ سرحد نه آهي، پر زبان جو ننڍي ۽ وڏي هجڻ جو اصل معيار ان جو دامن آهي، جنھن ۾ شاعر ۽ فنڪار اظھارِ خيال جي ڪيتري سگهه حاصل ڪري سگهي ٿو. ان معنى ۾ سنڌي زبان تمام وڏي آهي ۽ مون کي پنھنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪندي ڪا شرمندگي محسوس ڪانه ٿي. جيئن ڪِن پنجابي شاعرن کي پنجابي شاعري ڪندي شرم محسوس ٿيوهو. جيتوڻيڪ مُون اردوءَ ۾ به شاعري ڪئي پر اها شاعري ننڍي کنڊ ۾ ايتري مقبوليت حاصل نه ڪري سگهي جيڪامقبوليت منھنجي سنڌي زبان ۾ ڪيل شاعريءَ کي حاصل آهي.“ آريسر وڌيڪ لکي ٿو ته، اياز مون کي چيو ته، ”ان نقاد کي وڃي چئجانءِ ته سنڌي زبان تمام وڏي زبان آهي.“
جيڪو اياز سنڌي زبان کي ننڍو چوڻ لاءِ تيار ڪونهي، اهو اياز سنڌ جو عاشق ۽ سنڌ سان بي پناهه محبت ڪندڙ آهي. سنڌ اڄ به اياز کانسواءِ اُٻاڻڪي آهي ۽ اياز جو روح اڄ به سنڌ لاءِ تڙپي رهيو آهي. تڏهن ته اياز پنھنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”اي موهن جي دڙي جي ڌرتي! جي مان ٻيھر ڄمندسُ ته وري تنھنجي واريءَ ڏانھن موٽي ايندسُ ڇو ته مون کي ٻي ڌرتيءَ تي ننڊ نه ايندي.“ منھنجي خيال ۾ جيڪي ماڻهو اياز کي اڄ به غداريءَ واري اک سان ڏسن ٿا انهن لاءِ اياز جا مٿيان لفظ سندن منھن تي هڪ زوردار چماٽ جيان آهن ۽ ٻھراڙيءَ جي ماڻهوءَ جي وات مان نڪتل ڪچي گار جيان به آهن.