لوڪ ادب جو شهزادو: لقمان کوکر
اچين جي هيڪار، مون ساريندي سپرين،
پيرين ڌريان پنبڻيون، هنڌ وڇايان وار،
ساجن سڀ ڄمار، مان گولي ٿي گذاريان.
سچ پڇ ان کان وڌيڪ مون لاءِ خوشي ۽ اعزاز ڪھڙو هوندو!؟ جو لقمان جھڙو اعلى پايي جو سگهڙ، لوڪ ادب جو شھزادو مُون جھڙي ننڍڙي ماڻهوءَ کي ايئن چوي ته،”مان تنھنجي راهن ۾ پنھنجا نيڻ وڇائي ڇڏيندسُ ۽ دل کي آجيان لاءِ درَ تي بيھاري ڇڏيندسُ.“ مان هر ڀيري کيس چوندو هيس ته پيارا ضرور ايندس ۽ اکيون پير ڪري ايندسُ. هونءَ به مون کي تنھنجي ڳوٺ جي مِٽيءَ ۽ تنھنجي ڳوٺ کي ادب ۽ احترام وچان جُهڪي سلام به پيش ڪرڻو آهي. جنھن ڳوٺ ۾ تو جھڙي سھڻي سگهڙ ۽ پياري ماڻهوءَ جو جنم ٿيو آهي. اهو ڳوٺ ٻين ماڻهن لاءِ ڀل عام ڳوٺ هجي پر منھنجي لاءِ خاصؤن خاص آهي. تنھنجي ڳوٺ جي خوشبوءِ کي پنھنجي اندر ۾ اوتي ان کي هميشه لاءِ پنھنجي دل ۾ محفوظ به ڪرڻو آهي. تنھنجي ڳوٺ جي خوشبوءِ عام خوشين جيان ناپائدار نه پر پائدار هوندي ۽ ان خوشبوءَ جو رنگ دنيا جي ٻين رنگن کان نرالو هوندو. ان خوشبوءِ جو رنگ دنيا جي ٻين رنگن کان نرالو هوندو. ان خوشبوءِ جو پنھنجو رنگ ۽ پنھنجو انداز هوندو. ان کي ڪنھن به ٻي رنگ سان ڀيٽي نٿو سگهجي.
پنھنجي سست طبيعت جي ڪري مان ڪڏهن لقمان جي ڳوٺ وڃي نه سگهيو هيس. پر ان ڏينھن باڊهه پريس ڪلب جي صدر ۽ صحافي دوست نظام ڪولاچيءَ فون ڪري ٻڌايو ته،”وفا! لقمان کوکر بيمار آهي تڪڙو ڳوٺان تيار ٿي اچ ته گڏجي سندس ڳوٺ عيادت ڪرڻ هلون.“ نظام جي واتان لقمان جي بيماريءَ جي خبر ٻڌندي ئي جان مان ساهه ڇڏائجي ويو. دل سيني مان نڪري پيرن ۾ ڪري پيئي. سيارو هوندي چپ ۽ ڳلو خشڪ ٿي ويا، زبان مان لفظ به نه پئي نڪتا جو نظام کي چوان ته ويهه مان اڌ ڪلاڪ ۾ پھچان ٿو.
مان ۽ نظام سواري پڪڙي لقمان جي ڳوٺ مصطفى آباد پھتاسين. دوستن يارن جي گهڻي اچ وڃ جي ڪري هُو گهران نڪري پنھنجي اوطاق جي هڪ ڪمري ۾ کٽ تي چادر وجهي سُتو پيو هو. پر پوءِ به ننڊ توڙي جاڳ ۾ سندس نيڻ دوستن جي آجيان لاءِ منتظر هيا. اُهي نيڻ جن نيڻن ۾ هن پنھنجي لاءِ ڪي خواب نه پر دوستن لاءِ پيار پوکيو هو. اسان کي ڏسندي ئي کٽ تان اُٿي پيو سندس بيمار ۽ ڪمزور جان ۾ ڄڻ جان اچي ويس. بيماريءَ ۾ زرد ٿي ويل چھرو خوشيءَ وچان گلابن جيان ٽِڙي پيس. مون کي پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڪي پل ڀريندي نرڙ تي چُميون ڏيندي روئڻھارڪي آواز ۾ چوڻ لڳو،”وفا! منھنجي بيماريءَ جي خبر نيٺ توکي منھنجي ڳوٺ ڏانھن ڇڪي آئي نه!؟“ کيس چيم، ”بيماريءَ سان گڏوگڏ تنھنجو پيار، تنھنجون اٿاهه محبتون، قربتون ۽ تنھنجي تانگهه مون کي ڇڪي اچي تنھنجي قدمن ۾ ڦٽو ڪيو. تنھنجون محبتون، قربتون ۽ تنھنجو اٿاهه پيار ئي ته آهي جيڪو دل اندر مسجدون ۽ مندر جوڙي ويٺو آهي. اهڙو ڪھڙو منڪر هوندو جيڪو تنھنجي ڏنل پيار ۽ محبتن جو انڪاري هوندو.“
منھنجي اهڙن لفظن تي هن جي اکين جون ڪٽوريون لڙڪن سان ڀرجي آيون. لڙڪ لارون ڪري ڪرندڙ ڳوڙهن کي اُگهندي کٽ جي پيرانديءَ کان ويٺل پنھنجي پٽن کي چيو اڙي ڇُوڪرا وڃو گهران ٻه کٽان ۽ رليون کڻائي اچو. ڇوڪرن دير ئي نه ڪئي کن پل ۾ ٻه کٽان ۽ رليون کـڻي پھتا. کٽن جي مٿان سنڌ جي ثقافت ٽُڪَ جون ڀليون رليون وڇائجي ويون کٽ جي مٿن کان ڀرٿ ڀريل سھڻا وهاڻا به رکيا ويا ۽ پوءِ اسان ٻنهي کي ٻانهن مان وٺي انتھائي پيار ۽ پنھنجائپ سان کٽ تي ويهڻ لاءِ چيو.
سنڌ جي ڳوٺن ۽ ٻھراڙين ۾ اچ به اُها ئي ساڳي مھمان نوازي موجود آهي. پر جيڪڏهن ميزبان وري لوڪ ادب سان لاڳاپيل سگهڙ هجي ته پوءِ ان مھمان نوازيءَ کي چار چنڊ لڳي ٿا وڃن.
سگهڙن جي امام ملوڪ عباسيءَ جي شاگردن مٺل جهتيال ۽ لقمان کوکر جون پنھنجي لاءِ پيار، محبتون ۽ بي پناهه قربتون ڏسي مان اڄ ڏينھن تائين اهو فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته ڪنھن جي پيار کي گهٽ ۽ ڪنھن جي پيار کي وڌيڪ چوان. هن جي پيار جي تارازي وارا ٻئي پُڙَ مون لاءِ هڪجيترا ۽ هڪجھڙا آهن. ٻنهي جي پيار ۾ ڪوبه تِرَ جيترو فرق ڪونهي. اُهي ٻئي منھنجا وڏا ڀائر آهن ۽ منھنجي لاءِ سر جو تاج به آهن. توڙي جو لقمان جي ڀاڻج اقبال ۽ سندس پٽ بلاول سان منھنجو دوستيءَ جو پاند به اٽڪيل آهي. پر مان جيڪو فخر لقمان جي دوستيءَ تي ڪندو آهيان ايترو فخر هِنن جي دوستن تي به ڪندو آهيان. لقمان يارن جو يار آهي. هُو ياري رکڻ به ڄاڻي ته ياري نڀائڻ به ڄاڻي. هن جي ياري دوستيءَ جا مثال سنڌي پھاڪن ۽ چوڻين جيان مشھور آهن.
لقمان کوکر ضلع قنبر شھدادڪوٽ جي تعلقي نصيرآباد جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مصطفى آباد ۾ پورهيت محرم علي کوکر جي گهر ۾ سن 1949ع ۾ اک کولي. هن پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول باڊهه مان پاس ڪئي. هن پنھنجي لکڻ جي شروعات 1965ع کان ڪئي. سندس استاد سگهڙن جو امام ملوڪ عباسي آهي. ڊگهو قد، چاپـَھين ڏاڙهي، مٿي تي سنڌي ٽوپي، سياري توڙي اونھاري ۾ سنڌي ثقافت اجرڪ سدائين ڪُلهن تي اوڍيل. بادامي نيڻ، ڀروون جاڙيون ۽ گهاٽيون، مُنھن جي ٻاري سنڌ جي نقشي جھڙي خوبصورت ۽ هر دل کي پاڻ ڏانھن ايئن ڇڪي جيئن ٿڌو پاڻي پياسي کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندو آهي. شينھن گجگوڙ جھڙو روبدار ۽ ڪڙڪيدار آواز، لٽي ڪپڙي ۾ ڇنڊيل ڦوڪيل ۽ ٺھيل اهڙو ڄڻ ته ڪو تر جو وڏو زميندار ۽ رئيس هجي. انهن وصفن ۾ اهڙو ته سھڻو لڳندو آهي، جو هن کي ڏسندي، مون کي استاد بخاريءَ جون هي سٽون ذهن تي تري اينديون آهن:
ننھن کان چوٽيءَ تائين منھنجا يار!
او! سڀني وصفين سھڻو آهين.
جيڪڏهن توهان اڃا تائين لقمان کوکر کي نه ڏٺو آهي ته پوءِ توهان ان جي پٽ بلاول کي ڏسي اِهو اندازو لڳائي سگهو ٿا ته لقمان پاڻ به ڪيترو نه سھڻو آهي.
هُو نه رڳو پاڻ سھڻو آهي پر هُو لوڪ ادب جو به سھڻو شھزادو آهي. لقمان کوکر لوڪ ادب جو اهو شھزادو آهي جنھن کي لوڪ ادب جي جملي صنفن تي عبور حاصل آهي. هُو ڏٺ، پرولي، ڏهس، هُنر، ست سُري، ڏور، گُرچيلو ۽ سينگار کان وٺي مولود، مداحون، مناظرا، ٽيھه اکريون وغيره لکي لوڪ ادب جي وسيع ميدان ۾ جيڪو خوبصورت اضافو ڪيو آهي، ان کي ڪوبه طوفان ڪيري ۽ لٽي نٿو سگهي.
هن جي لوڪ شاعريءَ ۾ جيڪا فڪر جي گھرائي ۽ خيالن جي اڏام آهي، اها لوڪ ادب جي ٻين سگهڙن کان گهڻو مٿي بيٺل آهي. ان بلندين تي پھچڻ لاءِ ٻئي ڪنھن جي وس جي ڳالهه به ناهي. هن جي شاعريءَ جي خاص خوبي جيڪا مون کي ڏسڻ ۾ آئي، اها هيءَ ته هُو پنھنجي شاعريءَ ۾ عام ۽ سادا لفظ استعمال ڪري ٻوليءَ جي حُسن کي ايئن محفوظ ڪيو آهي جيئن خوشبوءِ گل ۾. هن جي ٻولي سولي ۽ سادي هوندي به پڙهندڙن کي پنھنجي ميٺاج ۽ رس سان پنھنجي ويجهو ڪري ٿي ڇڏي. اصل ۾ لقمان کوکر جي شاعري سنڌي لغت جو هڪ وڏو ذخيرو آهي، جنھن مان نج سنڌي لفظ پسي سگهجن ٿا.
سگهڙ، قومن جا دماغ ۽ تاريخ جي زبان هوندا آهن. سگهڙ ٻوليَ، تھذيب ۽ ثقافت جا امين به هوندا آهن. لقمان کوکر پنھنجي قلم، ڏات ۽ ڏانءَ ذريعي لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، ان کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.هن لوڪ ادب تي ڏهن کان مٿي ڪتاب لکي لوڪ جي تاريخ ۾ جيڪو مڃتا جو معراج ماڻيو آهي.اهڙو معراج ٻيو ڪير ٿو ماڻي سگهي!؟ لوڪ ادب جي تاريخ تي جڏهن ڳالهايو ويندو، يا لوڪ ادب جي تاريخ جوجڏهن به ذڪر نڪرندو ته لقمان کوکر جي ذڪر کانسواءِ لوڪ ادب جي تاريخ ٻُسي ۽ اڻپوري هوندي. هڪڙي ڳالهه مان واضح ڪندو هلان ته جلال کَٽي لوڪ ادب جو پايوهو ۽ ان پايي کي برقرار رکيو ملوڪ عباسيءَ، ملوڪ عباسيءَ کانپوءِ ان پايي جيو جيڪو سگهڙ آهي اهو آهي لقمان کوکر. هن نه رڳو سنڌ م ٿيندڙ ڪچھرين ۾ پاڻ مڃايو آهي پر لوڪ ادب جي خدمتن عيوض جيڪي ايوارڊ ماڻيا آهن، اُهي ايوارڊ ڏسي مان دنگ رهجي ويس، ڇو ته جيترا ايوارڊ هن ماڻيا آهن ايترا هن جي گهر ۾ ٿانوَ به ڪونه آهن. سڀ کان وڏو ايوارڊ ”شاهه لطيف ايوارڊ“ آهي، هِن اِهوبه ماڻي ورتو. اهو ايوارڊ ثقافت کاتي سنڌ طرفان سال 2013ع ۾ هن کي مليو. منھنجي خيال ۾ هي پھريون سگهڙ آهي جنھن سرڪاري حيثيت سان، اڪيڊمي ادبيات اسلام آباد طرفان ثقافتي وفد ذريعي چين مُلڪ جو دؤرو پڻ ڪيو آهي.
لقمان کوکر لوڪ ادب جو، اهو شھزادو آهي جنھن لوڪ ادب جي هر هڪ صنف تي معياري ۽ جامع انداز ۾ لکيو آهي. لوڪ ادب جي اهڙي ڪابه صنف ڪونهي جنھن تي هن يار نه لکيو هجي ۽ هُو هر صنف ۾ ڪامياب ويو آهي. هن پنھنجي شاعريءَ ۾ جيڪي ڪجهه چيو ۽ لکيو آهي، اُهي حقيقي مسئلا ۽ ڳالهيون آهن، ان ۾ تر جيترو به شڪ ۽ وڌاءُ ڪونهي. سنڌ اندر تعليم جي جيڪا صورتحال آهي، اها توهانجي سامهون آهن، ان تي هُو رَتُ جا ڳوڙها ڳاڙيندي لکي ٿو:
تعليم ٿي مرندي وڃي،
هيءَ قوم ٿي ڪرندي وڃي.
اي سنڌ جا سياستگرو!
اي مانَ وارا منسٽرو!
اعلى علم جا ماهرو!
اي محققو، دانشورو!
پر! سوچيو ڪجهه تعليم تي،
دل منھنجي جُهرندي وڃي.
تعليم ٿي مرندي وڃي.
عاجز رحمت الله چواڻي ته، ”شاعر ۽ سگهڙ جيڪي ڪجهه چوندا آهن سو ڏسي وائسي، جانچي جونچي ۽ سوچي سمجهي چوندا آهن ۽ ڪڏهن به گٿي يا پاسيري ڳالهه پيش ناهِن ڪندا. هنن وٽ هر ڳالهه جوماڻ ۽ ماپو پنھنجو ٿئي ٿو. سندن وهايل وکر نھايت سڌريل ۽ سنواريل هوندو آهي جيڪو نج سون جيان پيو جلوا ڏيکاري. پاڻ سادا تنھنڪري سندن ٻول به سادا پر مٺا. سندن تشبيهون به ساديون پر پياريون ۽ وڏي ويچار واريون . سندن اک سدائين عملن طرف مائل هوندي آهي. سگهڙ پائي جا ٻول ۽ سياڻپ جا سھڻا سخن جڏهن ڪڍھري ۾ نروار ٿين ٿا، تڌهن ٻڌندڙ دنگ رهجي وڃن ٿا ته ڪيئن نه مسڪينن ۽ محتاجن پر شوق وارن اُهي ٻول ٻڌا آهن. جڏهن وکر جو کنڌيون کوليندا آهن تڏهن ايئن معلوم ٿيندو آهي ته ڄڻ ڪو وڏڦڙو مينھُن وسي ٿو. اُهي صراف آهن جيڪي ويٺا پنھنجي دڪانن کي هيرن ۽ جواهرن سان سينگارين.“
هت جيڪڏهن مان لقمان جي چونڊ شاعري ڏيندو وڃان ته هيءُ خاڪو ڪتابي صورت وٺي ويندو. ان ڪري وڌيڪ ٻيا شعر نٿو ڏيان،ملوڪ عباسيءَ جا سھڻيءَ سنڌ ۾ هزارن جي تعدد ۾ شاگرد هوندا، پر انهن هزار تعداد جي شاگردن مان سڀ کان پھرين شاگرد جو ادبي پورهيو ڪتاب جي صورت ۾ اچڻ جو اعزاز به لقمان ماڻي ورتو آهي. نه رڳو اهو پر جيئن ملوڪ عباسي استاد سگهڙن ۾ شامل هو تيئن ملوڪ کان پوءِ استاد سگهڙن ۾ لقمان جو نالو شامل ۽ نمايان آهي. هن پنھنجي استاد جيان ڪيترائي شاگرد پيدا ڪري لوڪ ادب کي ارپيا آهن ۽ انهن مان هڪ ٻن شاگردن، صاحب ڪتاب هجڻ جي حيثيت به ماڻي ورتي آهي. اڄ سندس استاد ملوڪ عباسي زنده هجي هان ته هن جون لوڪ ادب سان محبتون ۽ محنتون ڏسي سندس پُٺي ٺپي چوي ها،”شاباس منھنجا ٻچا مون کي تو جھڙي شاگرد تي فخر به آهي ته ناز به آهي، تون منھنجو اهو ادبي حلالي پُٽُ آهين، جيڪا لاٽ مون توکي ٻاري ڏني هئي، اها لاٽ تو وٽ اڃا ٻرندي رهي ٿي ۽ ان لاٽ سان تو ٻيا به الائي جي ڪيترا ذهن روشن ڪيا آهن. توکي جَسُ ۽ آفرين هجي.
ڪلچر ڊپارٽمينٽ کاتي لوڪ ادب جي شھزادي سگهڙ جي بيماريءَ جي علاج لاءِ هڪ لک جو چيڪ ڏئي ڪو ٿورو ناهي ڪيو. هيءُ ته هڪ لک نه پر هڪ ڪروڙ جو حقدار آهي. ڪلچر ڊپارٽمينٽ کاتي کي گهرجي ته هن سگهڙ جو ماهوار ايترو وظيفو مقرر ڪري ته جيئن هُو پنھنجو علاج وقت سر ڪرائيندو رهي ۽ پنھنجي ڏات ۽ ڏانءُ قلم ذريعي ٻولي ۽ لوڪ ادب جي خدمت ڪري. منھنجي کيس دعا آهي ته لقمان کوکر وڏي ڄمار ماڻي ۽ جڳ جڳ جيئندو رهي. آمين