درد جو فلسفو شاعريءَ جو معراج آهي
منٺار سولنگيءَ سان منھنجو اهرو ئي پيار، محبت، عشق ۽ تعلق آهي. جنھن ماڻهوءَ سان پيار، محبت ۽ عشق جھڙو تعلق هوندو آهي، اُهي ماڻهو ڏور هوندي به دل جي قريب قريب هوندا آهن. منٺار سولنگي ڏور هوندي به پنھنجي پھرين ۽ آخري محبت ۽ نفرت جيان سدائين منھنجي دل جي ڌڙڪن ۾ رهيو آهي. مڌر ٽريسا چيو ته، ”انسان کي اَنَ جي اڻاٺ نه پر محبتن جي ڏُڪر ماري ٿو.“ اهو بلڪل سچ آهي ته اسان کي انَ جي اڻاٺ کان وڌيڪ محبتن جو ڏڪر ماري رهيو آهي. هر ماڻهوءَ جي دل ۾ ڪنھن نه ڪنھن لاءِ نفرتن جون اماڙيون ٻري رهيون آهن. پر اسان جي هن يار منٺار سولنگيءَ جي دل ۾دوستن لاءِ نفرتن جون اماڙيون نه پرمحبت جو اٿاهه سمنڊ ڇوليون هڻندي نظر ايندو اٿم. هن جي دل ۾ دوستن لاءِ سدائين پيار ئي پيار رهيو آهي. هن ڪڏهن به ڪنھن دوست کي پيار ۽ محبت ڏيڻ ۾ ڪنجوسائپ جو مظاهرو به ناهي ڪيو. هن جنھن به دوست کي پيار ڏنو آهي ته ان کي پيار جهول ڀري ڏنو آهي، ايترو سارو پيار ڏيڻ جي باوجود به موٽ ۾ ڪڏهن به انهن دوستن کان پيار جي گهر به ناهي ڪئي. استاد بخاريءَ جي هنن سٽن جيان ته:
پـيار ڏئي پوءِ پيار گُهرين ٿو، حيف ٿـَئي استاد،
عاشق ناهين شايد آهين، يارَ! وڏو واپاري.
منٺار سولنگي به واپاري هرگز ڪونهي، هُو واپاري نه پر سچو ۽ کرو عاشق هو ۽ اها عاشقي مُون هن جي بادامي جھڙن خوبصورت نيڻن مان پسبي آهي. ٻيا دوست منٺار جي پيار، محبت ۽ چاهتن جو سدائين قرضي رهيو آهيان. جيڪڏهن طور يا ماپ ڪجي ته مون وري پاسي کان وڌيڪ منٺار جي محبتن وارو پاسو وڌيڪ ڀاري ٿي ويندو. سچ پچ مون کي پنھنجي نانءَ جيان سدائين مَنَ ٺار لڳندو آهي. مان جڏهن ڪنھن به ڳالهه تان هن کان ڪاوڙجي ويندو هيس ۽ ڪاوڙ دوران هن جي فون اٽينڊ نه ڪندو هيس، هن کي خطن جا جواب نه ڏيندو هيس ۽ سندس ٿاڪ نئون ديرو ۾ اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏيندو هيم ته هن جي نيڻن مان ننڊ جي ديوي اڏري ويندي هئي ۽ من ۾ بيقراري جو سمنڊ اُٿلي پوندو هيس. هُو تيستائين سک جو ساهه نه کڻندو هيو. جيستائين مون کي پرچائي پنھنجي ڇاتيءَ سان نه لائيندو هيو، پرچائڻ وقت پـيار مان ڏنل چميون جڏهن ياد اينديون آهن ته مون کي ان وقت منٺار لاءِ هي سٽون ياد اينديون آهن:
هي سر هڪڙو پنۡھل کي، آڇيندي لَڄَ مَران،
هُجَنِ سِرَ گَهڻا، ته واري واري وَڍيان.
مان منٺار سان يا منٺار مون سان ايتري محبت ڇو ڪندو آهي؟ ان جي پاڻ ٻنهي کي ڪابه خبر ڪونهي. اسين ٻئي هڪ ئي وقت هڪ ٻئي جا عاشق به آهيون ۽ سڳي وقت معشوق پڻ.
لاشعوري طور تي ميم اکر سان شروع ٿيندڙ نالي وارا دوست منھنجا عاشق به آهن ته معشوق به آهن. منھنجو انهن سان جنون جي حد تائين عشق رهيو آهي، انهن ۾ منٺار سولنگي، مشتاق ڀرڳڙي، محمد صديق منگيو، معشوق ڌاريجو، مانجهي زرداري، مجيد زهراڻي، مئڪش سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي دوست اچي وڃن ٿا.
طبيعتاً شوخ ۽ سخت مزاج، ڪچھري ۽ بحث جو ڪوڏيو موسيقيءَ جو ڄاڻو. ڪچھري ۽ بحث ۾ دليلن جا ۽ مثالن جا انبار وڇائي پنھنجي ڳالهه کي صحيح ثابت ڪندڙ منٺار سولنگيءَ جي سڃاڻپ جا ڪيترائي پاسا ۽ حوالا آهن. ٻين پاسن کان هٽي ڪري مون صرف هن جا ٻه پاسا کنيا آهن. هڪ پاسو پيار جو ۽ ٻيو پاسو شاعريءَ جو.
شاعريءَ جو عوامي هجڻ ۽ ان جي ڦھلاءَ، مقبوليت ۽ پـُراثرائتي هجڻ جو دليل اُهو آهي ته اها ماڻهن جي احساسن کي ڇھي ٿي ۽ اهو تحرڪ شاعري جي نوعيت سان وابسته رهي ٿو ۽ اهڙي شاعراڻي وابستگي شاعر جي پنھنجي داخليت جو اولڙو ۽ عڪس هوندي آهي. شاعراڻي داخليت محروميت سان جڙيل هوندي آهي ۽ ان حسين ڳانڍاپي سان ئي آرٽ جي تخليق ٿيندي آهي. جتان جماليات جو حسين سفر پنھنجون منزلون گهڙيندو آهي. سنڌي شاعري ان تمھيدي مفھوم جو تت آهي ۽ ان شاهوڪار شاعراڻي ورثي نه رڳو ڪتاب ۽ حوالن جي پورائي جو سبب بڻيو آهي پر سماجي اٿل پٿل ۾ محرڪ ۽ اصل قوت ٿي تاريخ جي رڪارڊ تي موجود رهيو آهي ۽ اها موجودگي سنڌ جي اعلى ثقافتي قدرن ۽ تاريخي سياسي قدرن جي تخليق ۽ تحرڪ جو مرڪزي نقطو آهي. تاريخي مرڪزيت جي ان ٽيبل تي پيل ان گلدان ۾ ڪيترائي رنگين گل آهن جنھن جي ذڪر سان اڄ به سنڌ جي ادبي تاريخ ڀري پئي آهي. منٺار سولنگي به ان گلدان جو هڪ بھترين ۽ خوبصورت گل آهي، جنھن جي مھڪ صدين تائين اسان ۽ توهان جي دلين ۾ تازگي ڏيندي رهندي.
منٺار سولنگيءَ شاعريءَ جي کوڙ سارين صنفن تي لکيو آهي. پر غزل هن جي سڃاڻپ ۽ هُو غزل جي سڃاڻپ بڻجي ويو آهي سڃاڻپ به اهڙي جنھن کي وقت ۽ حالات جي دز ڪڏهن به ميساري نٿي سگهي. منٺار جي غزل لاءِ مان پنھنجي راءِ هيئن ڏيندسُ ته جيئن وفا ناٿن شاهي پنھنجي ٽھيءَ جي شاعرن ۾ نه رڳو غزل جو وڏو شاعرهو. پر هُو غزل جو شھنشاهه شاعر هو. تيئن منٺار به پنھنجي ٽھيءَ ۾ غزل جو وڏو ۽ پختو شاعر آهي. هن غزل ۾ ڪافي نوان تجربا ڪيا جڏهن ته غزل بابت چيو ويندو آهي ته غزل نفيس ۽ نازڪ صنف آهي، ان هوندي به منٺار غزل تي جيڪي تجربا ڪيا آهن، انهن ۾هن سڦلتا ماڻي آهي ۽ انهن تجربن منٺار کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني. توهان بغير نانءَ کڻڻ جي ايئن منٺار جو ڪوبه غزل ڪنھن جي واتان ٻڌو ته اهو غزل توهان کي پاڻ ٻڌائيندو ته مان ڪنھن ٻئي جو نه پر منٺار جو آهيان. جنھن مون ۾ سونھن، رنگيني، رڌم ۽ موسيقي به ڀري آهي. جنھن مون ۾ پنھنجي اندر جا احساس ڀريا آهن، اُهي احساس توهان کي پنھنجي اندر جا احساس ڀاسجندا.
منٺار سولنگيءَ جي غزلن ۾ حساسپڻو، نفيسپڻو نمايان نظر اچي ٿو. مان چوندو آهيان ته ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ شاعر وڌيڪ حساس ٿئي ٿو. شاعر پنھنجي نظر جي باريڪبينيءَ سان مشاهدو ۽ مطالعو ڪري ٿو ۽ پوءِ ڪيتريون ئي سھڻيون من کي موهيندڙ تخليقون تيار ڪري ٿو. منٺار وٽ ماڻا، ماپا، ڪردار، موضوع لفظ پلاٽ پنھنجا آهن، ان سان گڏ و گڏ منٺار وٽ ڊڪشن به پنھنجو آهي. هُو پنھنجي شاعريءَ ۾ توهان کي جٿ ڪٿ پاڻ ئي نظر ايندو. هي توهان کي ايئن بلڪل نه لڳندو جيئن اسحاق سميجو جي شاعري پڙهڻ وقت توهان کي امداد حسيني ڪٿي نه ڪٿي نظر ايندو. علي دوست عاجز جي شاعري پڙهڻ وقت توهان کي استاد بخاري نظر ايندو. مارو جماليءَ جي شاعري پڙهڻ وقت توهان کي محسن ڪڪڙائي جو پاڇو نظر ايندو. ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي شاعر آهن، جن جي شاعريءَ تي وڏن ۽ سينئر شاعرن جو پاڇو توهان کي ضرور ڏسڻ ۾ ايندو. پر منٺار وٽ ايئن ڪونهي.
هن وٽ مطالعي جي به کوٽ ڪونهي، وسيع مطالعو مشاهدو هئڻ ڪري هن جي شاعري جاندار ۽ پائدار رهي آهي. هن جي شاعريءَ جو ڦھلاءُ اُڀ جيڏو مٿانهون ۽ ڊگهو آهي. هن جي ڪويتائن ۾ ڳيرن جي گُهوگُهو به آهي ته ڪنواري جي جوڀن جي ارهه جھڙي خوشبوءِ به آهي. هن جي ڪويتائن ۾ انبن جي ٻُور جي سرهي سڳنڌ، برسات جي اُٺي کانپوءِ ڌرتيءَ جي ڀنل هڳاءَ، ٽالهي، نم، پپر ۽ بڙ جي گهاٽي ڇانوري جھڙي خوشبوءِ به آهي ته مارو ماڻهن جي درد جي پڪار به آهي.
منٺار جي شاعريءَ اڳ ۾ اخبارن توڙي رسالن ۾ ڇپجڻ جي باوجود به منھنجي نظرن مان گذرندي رهي آهي. پر جڏهن هن سان پيار ۽ محبتن جو اڻ کٽ سلسلو جڙيوته پوءِ محبت جي انهيءَ هلندڙ سلسلي دوران هن جي شاعريءَ جو هڳاءُ، احساس منھنجي ڪوماڻيل جذبن اندر ڪنھن تکي چاقونءَ جيان لھندي ٿي ويو. مون کي جتي شاعريءَ ۾ شيخ اياز، تاج بلوچ، حليم باغي، ايوب کوسو، احمد سولنگي، حسن درس ۽ سعيد ميمڻ وڻندو آهي، اُتي منٺار سولنگي به وڻندو آهي. هن جي شاعريءَ ۾چٽيل احساس ۽ جذبا مون کي پنھنجي اندر جو آواز ڀاسجندا آهن.
ارسطو پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”لفظن جو اهو چاهه جن کي وزن نه پر موسيقيءَ جي ضرورت آهي ۽ اهو جادو آهي شاعري“. مان وري چوندو آهيان ته شاعريءَ ۾ سھڻيون تشبيھون ۽ ان کان علاوه خيالن جو خوبصورت استعمال پنھنجو الڳ ڊڪشن شاعريءَ کي سُندرتا بخشيندو آهي. ان سان گڏو گڏ لفظن جو سٽاءُ خيالن جي ڳوڙهائپ، رڌم موسيقي يا نغمگي احساس جي شدت ۽ ان سان گڏو گڏ رديف ۽ قافين کي سھڻن خانن ۾ استعمال ڪرڻ ئي ڪمال جي ڪاريگري آهي. اهو ڏانءُ، اُهو فن ۽ اها ڪاريگري ڪوئي منٺار وٽان سکي.
يار جي رخسار ۾ الجهي ويو،
پيار جي واپار ۾ الجهي ويو.
درس دنيا کي ڏئي اڳتي وڌو،
پاڻ هو ايئن يار ۾ الجهي ويو.
پاڻ تي ڪنڊن ڪيو پنھنجو ڪرم،
هو گلن جي هار ۾ الجهي ويو.
پاڻ جو منٺار هو هن لوڪ لئه،
سو ٻئي منٺار ۾ اُلجهي ويو.
منٺار سولنگي وکريل لفظن کي پنھنجي سھڻي ۽ سندر ڪئنواس تي چِٽي ٿو، بلڪل ايئن جيئن ڪوئي چترڪار خوبصورت ۽ من موهيندڙ پورٽريٽ تيار ڪري ان ۾ خوبصورت رنگ ڀريندو آهي. مون هت خوبصورت رنگن جي ڳالهه ڪئي. پنھنجي شاعريءَ ۾ خوبصورت رنگ ڀرڻ ڪو ايڏو سولو ڪم به ڪونهي. ان لاءِ ڪنھن سانوريءَ، ڪنھن سپرينءَ وٽان درد وٺڻو پوي ٿو ۽ پوءِ اهو درد اسان کي ڀوڳنائن جي عذاب مان گذاري ٿو ۽ اها ڀوڳنا اهو عذاب شاعر کان ننڊون کسي رت جا ڳوڙها روئاري ٿو ۽ پوءِ اهڙي ڪيفيت ۾جڏهن شاعر قلم کڻي ٿو ته ڪيئي اُتم ۽ خوبصورت خيال جوڙي ٿو وٺي.
هوءَ جڏهن ٿورو نھاري ٿي وڃي،
مرڪندي سج کي اُڀاري ٿي وڃي.
ناز ۽ انداز سان من جي اندر،
عشق جا آڙاهه ٻاري ٿي وڃي.
ناخدا ڪوئي نه آهي سير ۾،
ناوَ هي ڪنھن جي سھاري ٿي وڃي.
قيس ناهيان ڇا ٿيو عاشق ته هان،
ڊڀ ڦٽن ٿا هوءَ بيھاري ٿي وڃي.
قبر ۾ ”منٺار“ شايد پيار ٿس،
ايترا گل جو پٿاري ٿي وڃي.
ڏک سور، محبتون ۽ درد انساني زندگيءَ سان لاڳو هجڻ جي ڪري، شاعريءَ جو سگهارو موضوع رهيو آهي، جنھن جي نشاندهي تمام وڏي تاريخي وسعت جي گهرجائو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه لطيف جو نالو مٿانهون آهي. شاهه لطيف درد شناسيءَ کان انسان شناسي ۽ ڪائنات شناسيءَ سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. اهو شرط منٺار سولنگيءَ پاڻ سان به لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. هن نه رڳو شاعراڻي مقصديت کي پـر معاشرتي خوشحاليءَ سان به ڳنڍي ڇڏيو آهي. سندس شاعريءَ کي پڙهڻ کانپوءِ منھنجي راءِ آهي ته منٺار سولنگيءَ ڏک کي انساني تخليق ۽ سماجي تخليق جو ڏاڪو تصور ڪندي ان جي حمايت ۾ ڪيترائي دليل ڏنا آهن.
پلصراطون پيار جون اُڪري پڳاسين،
پر زماني جي ڀيڙ ۾ گم ٿي وياسين.
هاڻ ڏس تون ئي سڃاڻين ڪونه ٿي،
اڳ اسان اهڙا مٺي ڪاٿي هئاسين.
تو نھاريو هو جڏهن، ان کان اڳ ئي،
پاڻ پنھنجو پيچرو مٽيا هئاسين.
سڀ اُهي بڪواس هاڻي ٿا لڳن،
چاهتن جا گيت جيڪي ڀي چياسين.
هن پڇيو آوارگيءَ جو هو سبب،
جنھن ڪري ”منٺار“ راهن ۾ رُلياسين.
ڏک ۽ سک جي عام انساني تصور ۽ شاعراڻي ادبي تصور ۾ ڏينھن رات جو فرق ٿئي ٿو. عام انساني زندگيءَ ۾ درد مادي زندگيءَ جي اوسي پاسي ڦري ٿو. پر شاعر ان کي روحاني قدرن سان هم آهنگ ڪري ٿو ڇڏي. جيئن منٺار جي شاعريءَ ۾ عام انساني سُکن جي حاصلات لاءِ وڏي حمايت نظر اچي ٿي ۽ اچڻ به گهرجي پر هو پاڻ لاءِ خاص ڏکن جي چونڊ ڪري ٿو، جيڪوهڪ گھري ماڻهوءَ ۽ شاعراڻي شناخت ۾ شامل آهي.
زندگي غمناڪ آهي،
توکي ڪو ادراڪ آهي.
**
اڄ وري ”منٺار“ جي من ۾ ستل،
بيوفا جي ياد جو طوفان آهي؟
عام ماڻهوءَ جو درد منٺار سولنگيءَ جي شاعريءَ جو موضوع آهي. هو سندس داخليت جي درد ساز فيڪٽريءَ جو ڪچو مال آهي جنھن جي ان کي سخت ضرورت آهي.
هڪ درد هيو دل اندر، هڪ آڳ هئي هن ڇاتيءَ ۾،
افسوس جو هڪڙو لمحو سک ساڻ نه ڪٽيو حياتيءَ ۾.
تو منھنجي بدن کي جهيرَ ڏنا، هن لوڪ چيو تو ظلم ڪيو،
هيءَ دنيا سمجهي ڇا سگهندي، ڪيڏو قرب هو تنھنجي ڪاتيءَ ۾.
شاعريءَ جو علامتي انداز تمام ڏکيو هوندو آهي، منٺار جي شاعري پڙهڻ کانپوءِ خبر پوي ٿي ته هن جي شاعريءَ ۾ سئو سيڪڙو علامتي رنگ آهن. جا ڳالهه شاعراڻي بلوغت جو اهڃاڻ آهي. سياست ۽ سياسي تنقيد کي علامتي اظھار ۾ آڻڻ اهو به جديد حالتن ۾ بلڪل تازه ذهن ۽ غيرجذباتي انداز ۾ پيش ڪرڻ وڏي سالم دماغي ۽ اعلى شاعراڻي خوبيءَ ۾ ڳڻڻ جھڙو قدم آهي.
منٺار سولنگيءَ جي شاعريءَ ۾ اُها شڪتي آهي جيڪا سنڌي ماڻهن جي دلين ۽ دماغن کي گرمائي سگهي ٿي. تپيل ۽ گرميل دليون مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جي ڪنھن سندر خواب جي تعبير هونديون آهن ۽ ان سندر خواب جي چائنٺ تائين پھچندڙ سمورا قدم جيڪڏهن شاعريءَ جي سرگم تي وڄي رهيا آهن ته پوءِ اها سنڌي سماج ۾ سندس حصيداري ۽ شراڪت جي مامرن متعلق فيصله ڪن راءِ ڏيندي ان کي طئي ڪري ڇڏي ٿي.