غمزده سومرو جي شخصيت ۽ شاعري
باڊهه ۾ هنن جي همعصر ٻيا به شاعر موجود هيا پر اُهي مڃتا جو اهڙو معراج ماڻي نه سگهيا، جيڪو مڃتا جو معراج انهن شاعرن ماڻي ورتو. توهان ڪٿي به ۽ ڪھڙي به سنڌ جي خطي ۾ وڃو اُتي جڏهن باڊهه جو ذڪر نڪرندو ته باڊهه جي ذڪر سان گڏ هنن خوبصورت شاعرن جو به ذڪر ضرور نڪرندو. هنن جي ذڪر کانسواءِ باڊهه جي تاريخ ڄڻ ته اڌوري ۽ اڻپوري هوندي. هنن جي ذڪر کانسواءِ باڊهه جي خوبصورتي به ميري نظر ايندي. هنن جي ذڪر کانسواءِ باڊهه لڇندي ۽ تڙپندي. جتي هيءُ شاعر باڊهه جي سڃاڻپ آهن، اُتي باڊهه جي خوبصورتي به رهيا آهن، اهڙي خوبصورتي جنھن ۾ ڪيترائي رنگ رهيا آهن ۽ هر رنگ جي پنھنجي خوشبوءِ آهي ۽ هر رنگ ۾ پنھنجو مزو ۽ پنھنجو انداز آهي. منھنجي اُها دلي خواهش رهي آهي ته باڊهه جا ماڻهو به انهن رنگن ۾ پاڻ کي رنگي باڊهه جي ان خوبصورتي وڃائڻ بدران قائم رکن.
مان هڪ اديب ۽ ليکڪ جي حوالي سان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهميو ڦريو آهيان. پنھنجو تعارف ڪرائڻ سان جڏهن پاڻ کي باڊهه جو سڏائيندو آهيان ته انهن جي اڳيان اُهو سوال ڪر کڻي بيھندو آهي ته اها باڊهه جتي شيرل، شاهن ۽ غمزده جھڙا برجستا شاعر آهن. جيڪڏهن اُهي شاعر باڊهه جا نه هجن هان، انهن شاعرن پنھنجي شاعري ذريعي باڊهه کي پنھنجي اهڙي تاريخي ۽ ادبي سڃاڻپ نه ڏين هان ته اڄ باڊهه کي ايئن سٺن لفظن ۾به ياد نه ڪيو وڃي هان.
غمزده سومرو جو اصل نالو ارباب علي هو، جڏهن ته ”غمزده“ سندس تخلص هو. 1941ع ۾ باڊهه شھر جي اڳوڻي ريواچنڊ ۽ هاڻوڪي درگاهه پاڙي ۾ جنم ورتو ۽ 4-اپريل 1976ع ۾ اکيون بند ڪري هميشه لاءِ تاريخي ۽ ادبي سڃاڻپ ڏئي ويو. هُو اڄ به پنھنجي شاعري ذريعي زندھ آهي ۽ زندھ رهندو ۽ موت اڄ ڏينھن تائين ڪنھن به تخليقڪار کي موت ڏئي نه سگهيو. هُو سدائين پنھنجي تخليقن ذريعي زندھ رهيو آهي. جڳ مشھور مفڪر ڪارل مارڪس کي پنھنجي نوڪرياڻيءَ انتھائي پريشانيءَ واري حالت ۾ اچي ٻڌايو ته ”توهان جو پٽ سڪرات جي حالت ۾ آهي، ان جو ترت علاج نه ٿيو ته هُو مري ويندو.“ مارڪس بنا ڪنھن پريشانيءَ جي کيس چيو ته، ”مرڻ ڏيوس، آءٌ هن وقت اهڙي پٽ کي جنم ڏئي رهيو آهيان جيڪو ڪڏهن به مري نٿو سگهي“. مارڪس جو اشارو پنھنجي تخليق ڏانھن هيو جيڪو هُو ان وقت لکي رهيو هو. مارڪس جو اُهو پٽ مري ويو. پر مارڪس مري وڃڻ جي باوجود به پنھنجي لکڻين ذريعي زندھ آهي ۽ هميشه زندھ رهندو.
غمزده پنھنجي لکڻ جي شروعات ننڍي وهيءَ ۾ عشقيه ڪلام سان ڪئي. پوءِ اڳتي هلي قصيده، مولود، نعت ۽ نوحه وغيره لکڻ شروع ڪيا. هن ته ٻي به ڪافي شاعري ڪئي پرهن جي جيڪا سڃاڻپ رهي اها گهڻي ڀاڱي قصيده گو جي حوالي سان رهي. مون هن کي ڪڏهن ڏٺو ته ڪونه هو پر ان بابت ٻڌو ضرور آهي ته هُو پنھنجي تخلص ”غمزده“ جيان سدائين غمگين ۽ اداس رهندو هو. اها غمگيني ۽ اداسي هن جي چھري تي ڪڏهن به ظاهر نه ٿيندي هئي. ظاهر ۾ هو سدائين خوش ۽ کلمک رهندو هو. پر اندر ۾ غمگينيءَ جا ڪيترائي اڻ ڳڻيا داستان هئا، هونئن به ڏٺو وڃي ته تخلص جو اثر ماڻهوءَ تي ضروري پوندو آهي. امير تخلص وارا مون انتھائي غريب ۽ ڏتڙيل ڏٺا ۽ مون آزاد تخلص وارا مسئلن ۾ جڪڙيل ۽ قيد ڏٺا.
غمزده ايتري شاعري ته ضروري ڪئي هوندي جو سندس شاعري ڪتابي صورت ۾ اڄ اسان جي سامهون هجي هان پر غريب ۽ مسڪين لڏي سان لاڳاپيل هجڻ جي ڪري ڪوبه ڪتاب ڇپائي نه سگهيو. جڏهن ته سندس منشيءَ واري نوڪري به هئي. پر اها نوڪري سندس گهر جي خرچ ۾ ئي پوري ٿي ويندي هئي. اها ناڪي منشي واري نوڪري به هن وٽ گهڻو ٽڪي نه سگهي. الائي ڪھڙي سبب جي ڪري سندس اها نوڪري به ختم ڪئي وئي. نوڪري ختم ٿيڻ کانپوءِ هُو ڏاڍي تنگدستيءَ واري زندگي گذاريندو هو. خوددار ايڏو هوندو هو جو بيماريءَ جي بستري تي جڏهن پيل رهيو ته ڪنھن جي آڏو هٿ ٽنگڻ بجاءِ موت کي اهميت ڏيڻ پسند ڪندو هو.”اهڙا تمام ٿورڙا ماڻهو هوند آهن جن جو ذهن ۽ ضمير مُئل نه هجي ۽ پنھنجي خودداريءَ کي نقصان نه پھچايو هجي.“ هُو غريب ته برابر هو پر ذهن ۽ دل جو امير هو. هن جي سوچ امير هئي تڏهن ته شاعريءَ جي ميراث باڊهه واسين ۽ پنھنجي پونئرن لاءِ ڇڏي ويو. سندس پونئر هاڻي مڇي مانيءَ جي لائق آهن. انهن تي اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته هُو غمزده جي ادبي پورهئي کي زيان ڪرڻ بجاءِ ڪتابي صورت ۾ آڻن.
غمزده فقير جي سڃاڻپ قصيده گو شاعر جي حوالي سان ته آهي پر ڪافي عشقيه شاعري به ڪئي اٿس ۽ ان ۾ گهڻي ڀاڱي گيت ئي آهن جيڪي مختلف فنڪارن پڻ ڳايا آهن. هن جي گيتن ۾ جيڪو عوامي رنگ ۽ جيڪا عوامي ٻولي آهي، ان رنگ ۽ ٻوليءَ غمزده کي عوامي شاعر جي سڃاڻپ بخشي، منھنجي نظر ۾ اهو ئي وڏو ۽ عوامي شاعر آهي.
منھن تي نه تون نقاب ڏي دلبر خدا جي واسطي،
ديدار ڪو ڪراءِ، وري ٻيھر خدا جي واسطي.
**
گهڻي وقت کان دلبر تنھنجو انتظار آ،
خدا جو قسم توسان منھنجو پيار آ.
تون ياد اچين جڏهن روئان ٿو رات مٺا ساري،
تنھنجي محبت ۾ مون پنھنجي جان سڄي ڳاري،
تنھنجي ڏسڻ لئه منھنجي دل بيقرار آ.
**
جهليو چڪور کي ته چنڊ سان نه پيار ڪري،
پتنگ شمع ٿي پيو جان کي نثار ڪري.
مون سندس گيت مان ڪجهه شعر ڏنا آهن، هن جي هر گيت جو داستان سگهارو ۽ دل جي ڌڙڪن جھڙو آهي. سندس گيتن ۾ موسيقي ۽ رڌم به آهي ته پيار محبت، عشق ۽ وڇوڙا به آهن ته پرينءَ ان ملڻ جون ڳالهيون به آهن ته پرين جا نخرا، ناز، ماڻا انگل ۽ آٽا به آهن.
شاعر نه رڳو ٻولين جا محافظ ۽ وارث هوندا آهن پر شاعر ٻوليءَ کي جنم به ڏيندا آهن، غمزده جي شاعري پڙهڻ کانپوءِ پتو پوي ٿو ته هُو ڪيڏو نه سٺو ۽ برجستو شاعر آهي. ڪنھن فيلسوف لکيو هو ته،”جنھن دل ۾ رحم ۽ پيار نه آهي اهو قاتل ۽ ظالم ٿي سگهي ٿو. پر شاعر نٿو ٿي سگهي. غمزده جي دل ۾ رحم به هيو ته پيار به هيو. ان ڪري ئي هو نه رڳو شاعر آهي پر سٺو شاعر آهي ۽ شاعر محبتون ڏيندا ۽ محبتون ورهائيندا آهن.
ويهه ڀرسان پيار ڪري، واهه جو دلڙي منھنجي ٺري،
پنھنجي هٿن سان دلبر جا ذلف ڪيان مان پري.
ڀلي خنجر مون تي وهائي ٻي ڪنھن جي مون کي پرواهه نه آ،
غمزده تي قرب ڪري، ڳڻتين ۾ ٿي جان ڳري.
**
شھر باڊهه ۾ سھڻو صنم ياد اچي ٿو ذري ذري،
هُو پاڻ اچي يا گهرائي، ٻي ڪنھن جي پرواهه نه ڪري.
غمزده کي جتي پنھنجي محبوب سان پيار ۽ عشق آهي، اُتي هن کي پنجتن پاڪ سان به پيار ۽ عشق آهي، هن پنھنجي شاعري ۾ به پنجتن پاڪ کي گهڻو ڳايو آهي.
ڪُل انبياءَ جو رهبر مولا علي آ،
حد مصطفى جو دلبر مُولا علي آ.
حيدر ٽڪيٽ ڏيندو پوءِ پلصراط ٽپبي،
پياريندو جام ڪوثر مولا علي آ.
**
تو آ ڪيو اسلام تي احسان يا حسين،
آل نبي ابن علي سلطان يا حسين.
ڪون و مڪان ۾ ٿي وئي شھرت حسن جي،
مقبول ٿي جھان ۾ شھادت حسين جي،
راهه خدا ٿي وئي قربان يا حسين.
سچ پچ ته غمزده جھڙا شاعر ڌرتي، قوم، ٻولي ۽ لوليءَ جي سڃاڻپ هوندا آهن. مان باڊهه واسين ۽ غمزده جي پوئيرن کي نماڻي گذارش ڪندس ته هُو غمزده جھڙي عوامي ۽ ڀلوڙ شاعر جي ادبي پورهئي کي زيان ڪرڻ بجاءِ ان کي ڪتابي صورت ۾ آڻي پڌرو ڪن ته جيئن سندس ادبي پورهيو تاريخ جي ورقن ۾ هميشه لاءِ محفوظ ٿي وڃي.