ڪالم / مضمون

مون ساريندي سپرين

وفا لفظن جي لڪيرن ذريعي جن به شخصيتن جا اسڪيچ ٺاهيا آهن، اهي هُو بھو اصل تصويرن جھڙا ئي آهن. وفا جي مضمونن ۽ خاڪن ۾ جنھن ڳالهه مون کي گهڻو متاثر ڪيو اُها هن جي دوستن سان بي پناهه محبت آهي. جيڪا هن اکر اکر ۾ پنھنجي دوستن کي ارپي آهي. وفا جا مضمون ان جي پيار جا ساکي آهي، جنھن ۾ هن تمام گهڻي محبت سان دوستن جي لکڻين کي پڙهي، ان تي پاٻوهه مان لکيو آهي، وفا جي هن ڪتاب جي ٻوليءَ جو پنھنجو حسين جمال آهي.
Title Cover of book مون ساريندي  سپرين

يوسف سنڌي گھڻ پاسائين شخصيت

مون جڏهن ادب ۾ اڃا نئون نئون پير پاتو هو، ته مون کي سڀ کان پھريائين دوستن ٻن ليکڪن کي گهڻي کان گهڻو پڙهڻ تي زور ڏنو هو؛ هڪ خليل جبران ۽ ٻيو امر جليل. سڀ کان پھريائين مون خليل جبران جو جيڪو ڪتاب پڙهيو هو، اهو ڪتاب يوسف سنڌيءَ جو ترجمو ٿيل هو ۽ پوءِ ايئن يوسف سنڌيءَ جون لکڻيون پڙهڻ جو مون کي گهڻو اشتياق ٿيو. ڇو ته ترجمن جي پڙهڻ سان ليکڪن ۾ نئون تخيلقي جذبو پيدا ٿيندو آهي ۽ ترجمن ذريعي لکندڙ توڙي پڙهندڙ پنھنجي پنھنجي ننڍڙي دنيا مان نڪري وسيع تر دنيا جي مشاهدن ۽ تجربن کان واقف ٿيندا آهن.
جتي جتي به سُٺي ۽ معياري ترجمي نگار جو ذڪر نڪرندو هو ته مان يوسف سنڌيءَ جو نانءُ سڀ کان اول کڻندو هيس. ها! جي جيڪڏهن ڪوئي ٻيو دوست ٻي ڪنھن ترجمي نگار جو نانءُ کڻي چوندو هو ته ”وفا! فلاڻو ليکڪ تمام سٺا ترجما ڪندو آهي“ ته مان کانئن پڇندو هيم ته ”توهان يوسف سنڌيءَ جا ترجما پڙهيا آهن؟“ جواب ۾ چوندا هئا ته، ”ڪڏهن به نه“ ته پوءِ مان کي چوندو هيم ته، ”اول توهان يوسف سنڌيءَ جا ڪيل ترجما پڙهي ڏسو ۽ پوءِ وري ٻيھر اچي راءِ ڏجو“ ته سٺو ترجما نگار ڪير آهي؟ سچ پچ انهن جڏهن يوسف جا ترجما ڪتابن جي صورت ۾ پڙهيا ته هُو واهه يوسف واهه چوڻ لڳا.
ترجمو ڪرڻ ڪو ايترو آسان ڪونهي جو هر ماڻهو ترجما ڪري سگهي. ترجمي ڪرڻ لاءِ وسيع مطالعي، مشاهدي ۽ وسيع تجربي جو هجڻ لازمي آهي ۽ اُهي سموريون خوبيون يوسف سنڌيءَ ۾ موجود آهن.
يوسف سنڌيءَ کي گهڻو پڙهڻ جي ڪري منھنجي يوسف سان محبت ٿي وئي هئي. مان يوسف جي محبت ۾ ايترو ته گهائجي ويو هُيس جو هُن سان ملڻ جي اُڪير ۽ تانگهه هر پل، هر گهڙي، هر وقت ايئن تڙپائيندي رهندي هئي، جيئن مڇي پاڻيءَ جي بنا تڙپندي رهندي آهي. مُون يوسف سان اڻ ڏٺو عشق ڪيو هو.
يوسف سان منھنجي پھرين ملاقات پياري منٺار سولنگيءَ جي معرفت سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ ٿي هئي. اجلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ مون، منٺار ۽ يوسف گڏجي سکر جي هوٽل ۾ وڃي چانهه به پيتي ۽ دل تي ڪچھري به ڪئي سين. منھنجي ذهن ۾يوسف لاءِ جيڪو خاڪو هو، بلڪل يوسف اهڙو ئي نڪتو. هن سان ملندي ۽ ڪچھري ڪندي مون کي ايئن لڳو ته ڄڻ منھنجي خوابن کي ساڀيان ملي وئي هجي. مون کي ايئن لڳو ڄڻ ته اسين ٻئي جنمن کان هڪٻئي کي سڃاڻندا هجون، هن پھرين ئي ملاقات ۾ جيڪو مون کي پيار ڏنو هو. ان پيار کي وقت ۽ حالات جي دز به ڪڏهن لٽي نه سگهندي.هن جي سادي طبيعت، نرم ۽ پيار ڀري لھجي ويتر مونکي هن جو ديوانو بڻائي ڇڏيو آهي. يوسف سان ڪچھري ۽ ملاقات کانپوءِ منٺار سولنگيءَ کي چيو ته ”يار! يوسف ته فقير طبيعت، پيارو ۽ محبتي ماڻهو آهي. هن مون کي پھرين ئي نھار ۾ پنھنجي سادگي، پنھنجي خلوص ۽ پار سان موهي وڌو آهي.“ اهڙا تمام ٿورڙا ماڻهو ٿيندا آهن جيڪي پھرين ملاقات ۾ ڪنھن تي پنھنجي شخصيت جي اڻ مٽ ڇاپ ڇڏي وڃن ۽ ان کان علاوه هو ڪيترين ڳالهين ۾ مون کي پنھنجي ويجهو لڳو آهي.
ان ملاقات کانپوءِ ستت ئي اسان جي ٻي ملاقات مشتاق ڀرڳڙيءَ جي دڪان تي دادوءَ ۾ ٿي هئي. ان ملاقات کانپوءِ يوسف سنڌي ۽ مان دوستيءَ جي ڌاڳي ۾، دوستيءَ جي ٻنڌڻ ۾ هميشه لاءِ ٻڌجي وياسين ۽ يوسف اڃا تائين ان دوستيءَ جو نڀاءُ ڪندو پيو اچي. يوسف منھنجو پيارو بلڪه انتھائي پيارو دوست آهي ۽ مان اها دعوى ڪري سگهان ٿو ته مون به يوسف سان دوستيءَ ۾ ڀرپور نڀاءُ ڪيوآهي، ڪريان پيو ۽ ڪندو رهندس. هُو جيڪو منھنجي سٺي دوست هجڻ سان گڏوگڏ تمام سٺو ليکڪ به آهي. پر مان اها دعوى نٿو ڪري سگهان ته مان هن جي ادبي قربت ۽ لکڻين سان ڪو نڀاءُ ڪري سگهندس. يوسف تي لکڻ لاءِ وسيع ذهن، وسيع سوچ، وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جي ضرورت آهي، مون جھڙو ننڍڙو ماڻهو يوسف تي لکي به ڇا....!؟
يوسف سنڌي گهڻ پاسائين شخصيت آهي، هُو جيڪڏهن سٺو ترجمي نگار آهي ته ساڳي وقت تمام سٺو ۽ سگهارو ڪھاڻيڪار به آهي. يوسف سنڌيءَ جون لکڻيون جنھن به پڙهندڙ هڪڙو ڀيرو پڙهيون ته اهو پڙهندڙ هميشه لاءِ هن جي لکڻين جو ايئن عادي ٿي ويندو جيئن ڪو موالي نشي جو عادي ٿي ويندو آهي. سندس ڪھاڻين ۾ايترو گھرو اثر هوندو آهي جو پڙهندڙ کي کن پل ۾ پاڻ ڏانھن مائل ڪري ڇڏينديون آهن. منھنجو هڪ ليکڪ دوست زاهد جاني جوڻيجو، يوسف سنڌيءَ جي ڪھاڻي ”مُئل نوڙيون“ پڙهڻ کانپوءِ هر ڀيري مون کان يوسف جي ڪھاڻي پڙهڻ لاءِ گهر ڪندو آهي ته ”وفا! يوسف جي ڪا ڪھاڻي ڪنھن رسالي ۾ ڇپي آهي ته مون کي ڏي“. هن جي ڪھاڻيءَ جا موضوع، ٻولي ۽ منفرد انداز مون کي موهي وڌو آهي، هن ڪھاڻين ۾ جيڪي مسئلا کنيا آهن ۽ انهن جو حال به ڏنو آهي، مون اهڙا تمام گهٽ ڪھاڻيڪار ڏٺا آهن، اصل ۾ اها ئي وڏي ۽ عظيم ڪھاڻي هوندي آهي، جنھن ڪھاڻيءَ ۾ مسئلن جو حل هجي ٿو. هن وٽ ڪھاڻي به آهي ۽ ڪھاڻيءَ سان نڀاءَ جو فن به آهي.
يوسف سنڌي هڪ سٺي ڪھاڻيڪار کان علاوه هڪ بھترين پبلشر پڻ آهي. هن پنھنجي سچائي اشاعت گهر اداري طرفان کوڙ سارا نثر توڙي نظم ۾ معياري ڪتاب پڙهندڙن کي ڏنا آهن. ان کان علاوه ”سنجها“ مخزن جھڙي معياري رسالي جو ايڊيٽر به آهي. ٻاراڻي ادب جي حوالي سان به جيڪو هن جو ڪم آهي اهو به ڪنھن کان لڪل ڪونهي. هن ٻارن لاءِ تمام سٺيون ۽ بھترين ڪھاڻيون ”شھيد جي ماءُ“ جي عنوان سان ڪتاب صورت ۾ ڏنيون آهن. ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان جتي به ذڪر نڪرندو ان ذڪر ۾ يوسف سنڌيءَ جو نانءُ ضرور نڪرندو، ڇاڪاڻ ته سنڌي ادبي سنگت ۾ يوسف جون ڪاوشون، ڪوششون ۽ محنتون شامل آهن. سچ پچ ته يوسف سنڌي هر حوالي سان پيار ڪندڙ شخصيت آهي، ادبي حوالي سان يوسف سنڌي موتيءَ جو داڻو آهي ۽ دوستيءَ جي حوالي سان يوسف جھڙوسچو، پيار ڪندڙ ۽ محبتي ماڻهو ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو!!
سچ ته اهو آهي ته يوسف سنڌي هر حوالي سان منھنجو محبوب رهيو آهي. ادبي حوالي سان به ته دوستيءَ جي حوالي سان به ته ادبي سنگت جي حوالي سان به. ان ڪري ته مان کيس هر خط ۾ محبوب يا معشوق ڪري مخاطب ٿيندو آهيانس. اڪثر معشوق بيوفا ٿيندا آهن پر هي بيوفا محبوب ۽ معشوق ڪونهي. ڪنھن کي اعتراض هجي ته مان کيس هزارين دليل ڏئي ثابت ڪري ڏيکاريان ته يوسف سنڌي بيوفا معشوق ڪونهي. شال يوسف سان ڪيل محبتون هميشه لاءِ برقرار رهن.