وڃين ڀونءِ پيٺي
ڊسمبر مھيني سنڌ جي صحرائن کي پـيار جو پيغام ڏيندڙ قومي راڳي سرمد سنڌي به کسي ورتو. ڊسمبر مھيني ڪروڙين عوام جي دلين ۾ ڌڙڪندڙ مقدس ڀيڻ جي رشتي جي شھزادي، محترمه بينظير ڀٽو به کسي ورتي. ڊسمبر مھيني سنڌ جي عظيم صداڪار ۽ اداڪار يعقوب ذڪريا به کسي ورتو. ڊسمبر مھيني سنڌي ٻوليءَ جي سرموڙ شاعر تاجل بيوس به اسان کان کسي ورتو.
اهڙا کوڙ سارا املهه ماڻڪ ۽ موتيءَ جي داڻن جھڙا خوبصورت ڪردار ۽ شخصيتون آهن. جيڪي ڊسمبر مھيني ٿـڦ هڻي اسان کان، سنڌ کان کسي ورتيون آهن. ڊسمبر مھيني جي رهيل ڪسرهن سال پوري ڪري ڇڏي ۽ هن سال اسان کان مسلسل اهڙا ته ماڻهو کسي ورتا آهن جو انهن جي وڇوڙي دکدائڪ موت تي اکيون پاڻي نه پر رت جاڳوڙها ڳاڙڻ لڳيون آهن. انهن مھان شخصيتن ۽ موتيءَ جي داڻن جھڙن ماڻهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو البيلو شاعر منٺار سولنگي، سنڌي ٻوليءَ جي ڪھاڻيڪار ۽ سھڻي ناول نگار طارق عالم ابڙو، سنڌ جيتري سونھن رکندڙ سھڻي شاعر حسن درس، لالا عبدالحسين ساريو ۽ ٻيا ڪيترائي موتين جا داڻا آهن. اکين مان وهندڙ رت اڃا سڪو ئي نه آهي ته مٿان وري شيرل بيوس باڊاهيءَ جي شھر باڊهه سان تعلق رکندڙ سنڌ ڌرتيءَ کي پنھنجي ماءُ ۽ سن شھر کي پنھنجو سياسي قطبو سمجهندڙ باڊهه شھر جي هر دل عزيز سياسي، سماجي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقه باڊهه جي صدر ۽ اڳوڻو بنا مقابلي چونديل ڪائونسلر غريب ۽ مسڪين ماڻهن جو ڀرجهلو ۽ انهن سان بي پناهه محبت ڪندڙ ڪامريڊ بشير نوناري به ڪلهه منجهند جو کَسي ورتو. هن قومي درد رکندڙ ڪامريڊ جي مُوت جي خبر سڄي شھر، واهڻ توڙي وستيءَ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي. هر ننڍي وڏي ماڻهوءَ جي دل مان اها آهه پئي نڪتي يا حسينء، يا حسين.
ڪامريڊ بشير نوناري سن 1963ع ۾ ممتاز علي نوناريءَ جي گهر ۾ اک کولي. هن پنھنجي سياسي سفر جي شروعات 1980ع ۾ لطيف سنگت کان ڪئي ۽ ٿوري ئي عرصي کانپوءِ جيئي سنڌ تحريڪ ۾ شموليت ڪيائين. سائين جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ جيئي سنڌ تحريڪ، تحريڪ نه رهي پوءِ اها جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ پوءِ اڳتي هلي جيئي سنڌ قومي محاذ به ٻن ڌڙن (گروپن) ۾ ورهائجي وئي، هڪ جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر گروپ ۽ ٻي جيئي سنڌ محاذ بشير قريشي گروپ. هُو جيئي سنڌ قومي محاذ (بشير قريشي) سان رهيو ۽ سندس اهو چوڻ هيو ته ٻين جي ڀيٽ ۾ بشير قريشي سچو آهي۽ اهو ئي سيد ۽ سنڌ جو سچو عاشق ۽ سپاهي آهي. هُو بشير خان قريشيءَ کي اڪثر وڏو چئي مخاطب ٿيندو هو. هن پنھنجي دوستن سليم رضا مـَشوري، عنايت ڦلپوٽو، مٺل ڍڪڻ، امداد ڀاڳت، رجب راچپر ۽ ٻين سان گڏ جيئي سنڌ قومي محاذ بشير گروپ ۾ ڀرپور نموني سان ڪم ڪيو. جيئي سنڌ جي تحريڪ هن ۾ ايڏي ته بھادري ۽ دليريءَ جي باهه ڀڙڪائي جو جيڪو به سنڌ ۽ سنڌين جو مخالف هن جي سامھون ايندو هو، هُو ان باهه ۾ سڙي خاڪ ٿي ويندو هو.
هن ڪيترائي ڀيرا جيل به ڪاٽيو ۽ جيل جون اذيتون به برداشت ڪيون پر پوءِ سنڌ ۽ سيد جي عشق کي سلامت رکيون آيو. جيل جون اذيتون ۽ سچو پترا هن کان سنڌ ۽ سيد جو عشق کسي نه سگهيون. پارٽيءَ جي حڪم مطابق جيل ڀريو تحريڪ ۾ نه رڳو پاڻ جيل ويو پر ٻين ڪيترن ئي نوجوانن کي سنڌ ۽ سيد جي عشق جي اهڙي ته سُتي پياري ڇڏي جو هُو پاڻ مرادو جيل ڀريو تحريڪ لاءِ جيل وڃڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا ۽ انهيءَ سُتي پيئڻ کانپوءِ اُهي نوجوان اهو راڳ آلاپڻ لڳا ته ”سنڌ ۽ سيد سان اهڙي جند اڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا“. هن جي پيار محبت، نياز ۽ نوڙت جي ڪري ننڍا توڙي وڏا کيس ”ڀائو بشير“ ڪري سڏيندا هيا. سچ پچ ته هُو ڄڻ سڀني جو حقيقي ڀائو هو.
ڀائو بشير نوناري جڏهن به جنھن سان فون تي ڳالهائيندو هو يا جنھن سان عادتن ملندو هو ته وڏي روبدار ۽ ڪڙڪيدار آواز ۾ ”اسلام عليڪم“ چوڻ بدران چوندو هو، ”جيئي سنڌ“، جيئي سنڌ جو نعرو سدائين لبن تي هوندو هيس. گهڻن دوستن ته ڀائو بشير جو نالو ئي ”جيئي سنڌ“ رکي ڇڏيو. هُو جڏهن پري کان ايندو هو ته اسان دوست هن کي ڏسي هڪ ٻئي کي چوندا هئاسين ته اچي ويو ”جيئي سنڌ“. جڏهن دوست کيس ايئن چوندا هيا ته،”او جيئي سنڌ! ڪھڙا حال اٿئي؟ انهيءَ لفظ ٻڌڻ تي سندس جسم جو انگ انگ برف جيان ٺري پوندو هيس. خوشيءَ ۾ ڪنول جي گلن جيان ٽِڙي پوندو هو.
ڀائو بشير نوناري هڪ سياسي، قومي ڪارڪن سان گڏوگڏ هڪ سماج سڌارڪ به هو. هُو هر سنڌي ماڻهوءَ جي مسئلي کي پنھنجو ذاتي مسئلو سمجهي، ان جي حل لاءِ پيو جاکوڙيندو هو ۽ جيستائين ڪوبه مسئلو حل نه ڪندو هو، تيستائين هن جي دل کي سڪون نه ايندو هو. بشير قريشيءَ سان ڪن ڳالهين تي اختلاف رکندي جيئي سنڌ قومي محاذ تان استعفى ڏئي سال 2009ع ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. سندس چوڻ هو ته مون کي سائين جلال محمود شاهه ۽ سائين زين شاهه جي اکين ۾ سائينءَ جي ايم سيد جو عڪس ٿو نظر اچي. سائين جلال محمود شاهه مون لاءِ جي ايم سيد جو نئون جنم آهي.
هُو جوانيءَ جا ڏينھن گذاري پوڙهائپ ڏانھن وڌي رهيو هو. پر پوءِ به زندگيءَ جي ان حصي ۾ سنڌ ۽ سن جي سيدن جي محبت هن جي دل ۾ اڃا جوان هئي. هُو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقه باڊهه جو ٻه ڀيرا صدر ٿي رهيو. هن جي اچڻ کانپوءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي وڌڻ لڳي هئي. هن باڊهه شھر ۾ هڪ هزار کان مٿي پارٽي ميمبر ٺاهيا. هن جي اچڻ کانپوءِ پارٽيءَ کان باڊهه جي اندر ڄڻ چار چنڊ لڳي ويا. هُو عمر جي جنھن حصي ۾ داخل ٿي چڪو هو، جنھن عمر جي حصي ۾ اڪثر ماڻهو آرام ڪرڻ لاءِ هنڌ ۽ کٽ جو سھارو وڃي وٺندا آهن. پر هن يار ايئن نه ڪيو. هن مرڻ گهڙيءَ تائين سنڌ ۽ سن جي سيد جي ڳالهه ڪئي عمر جي پوئين حصي ۾ ڪيترن ئي بيمارين هن تي گهيرو ڪيو ۽ دل جي تڪليف به هوندي هيس. ان جي باوجود به جلسن ۽ جلوسن ۾ وڏي واڪ شينھن جيان گجندي چوندو هو ته،”نعره نعره سنڌ، جيئي جيئي، جيئي سنڌ“، ”تنھنجو ساهه- منھنجو ساهه، جلال شاهه“. دل جي تڪليف گهڻي وڌي وڃڻ جي ڪري ڊاڪٽرن کيس آرام ڪرڻ لاءِ چيو، پر سنڌ ۽ جلال شاهه جي عشق هن کي آرام ڪرڻ نه ڏنو ۽ ائين ئي چوندو رهيو ته حياتي جيتري هوندي، اوتري ئي ملندي. آرام ڪرڻ سان منھنجي زندگي ڪا وڌي ڪونه ويندي. ڊاڪٽرن مون کي آرام لاءِ چئي مون سان سنڌ دشمنيءَ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. پنھنجو آرام سنڌ ڌرتيءَ جي هنج ۾ ئي ٿي سگهي ٿو. هي سر سنڌ ۽ سائين جلال شاهه تان قربان آهي.
هن پنھنجي سڄي ڄمار قومي جدوجھد ۽ سماجي ڪم ڪندي گذاري. هُو نه ويڪائو هو، نه چندي باز هو ۽ نه ئي وري چاپلوسي ڪندڙ هو. هُو هيو ته بھادر هيو، سچو هيو، ۽ خوددار هو. حميده کھڙو پنھنجي حڪومتي دؤر ۾ کيس سنڌي ماستري ڏني پر هن اها نوڪري قبول نه ڪئي. اِهو چئي ته ”مائي تون سيد خاندان ۽ سنڌ جي نعري کان پري هٽي وئي آهين. جيڪو ماڻهو سن جي سيد کان ۽ سنڌ جي نعري کان پري هجي اهڙي ماڻهوءَ کان مون کي نوڪري نه کپي.“
ڀائو بشير نوناري انتھائي سادو ماڻهو هو، مان جڏهن سندس ڪنھن به ڳالهه جي مخالفت ڪندي چوندو هيس ته ڀائو هيئن نه بلڪه هيئن ٿيڻ گهرجي. ان تي وڏو جذباتي ٿي ويندو هو ۽ مون سان ڳالهه ڳالهه تي چڙي پوندو هو ته توهان ڪلهوڪا وات ڳاڙها ڇوڪرا آهيو، توهان کي سياست جي ڪھڙي خبر...؟ جذباتي ٿيڻ سان گڏوگڏ حساس طبيعت به هو. جڏهن سندس جذبات ختم ٿي ويندي هئي ته پوءِ پرچائي ڀاڪر پائيندي چوندو هو،”اڙي يار تون منھنجي ننڍپڻ جي سنگتي رجب جو ڀاءُ آهين، ان ڪري توسان ايڏي حجت به ڪندو آهيان ۽ ڪاوڙ به ڪندو آهيان، دل ۾ نه ڪندو ڪر.“ انهن لفظن ۾ ايترو ته پيار ڀريندو و جو مان ان جو اهڙو پيار ڏسي پيرن تي ڪري پوندو هيس.
ڀائو بشير نوناريءَ جي اچانڪ موت واري خبر ٻڌڻ تي هر اک آلي هئي ۽ ڪيترين اکين رَتُ به رُنو. هن هر ننڍي وڏي ماڻهوءَ سان دل جي اٿاهه گھراين سان محبت ڪئي. سندس چواڻي ته،”اُها محبت مون کي سن جي گاديءَ وٽان ملي آهي.“ محبت ڏيڻ ته ڪوئي هن کان سکي. محبت ڏيڻ ۾ تونگر هو. چوندو هو ته محبت ئي اهڙو هٿيار آهي،جنھن سان هزارين دليون فتح ڪري سگهجن ٿيون،محبت ڏيڻ سان محبت کٽندي نه آهي، بلڪه اڃا به وڌندي آهي.
مولا عليءَ جو فرمان آهي ته،”ماڻهو پنھنجي زندگيءَ ۾ ائين رهي جيڪڏهن هُو جيئرو هجي ته ماڻهو هن جي ملڻ لاءِ بيتاب ۽ بيقرار هجن ۽ جيڪڏهن مري وڃي ته ماڻهو ان لاءِ هَنجون هارين.“ سو ڀائو بشير به پنھنجي حياتي مولا عليءَ جي ان فرمان جيان گذاري. هُو جڏهن جيئرو هو ته ماڻهو ان جي ملڻ لاءِ بيتاب ۽ بيقرار هئا ۽ جڏهن هو هيءُ جھان ڇڏي ويو ته ماڻهو هن لاءِ زارو زار رُنا ۽ ڪيترائي ته بيھوش ٿي پَٽَ تي ڪِري پيا. سندس جنازي جي نماز ۾ سوَن جي تعداد ۾ نه پر هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ هئا. هن جي وڇوڙي جي خبر پوڻ شرط سمورو باڊهه شھر اک ڇنڀ ۾ ايئن بند ٿي ويو ڄڻ ته شھر ۾ ڪو راڪاس گهمي ويو هجي. باڊهه جي تاريخ ۾ هيءُ پھريون اهڙو قومي درد رکندڙ ڪارڪن ۽ سن جي سيد جو سپاهي هو، جنھن جي آخري رسمن ۾ شھر توڙي آس پاس جي ڳوٺن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل هيا. انهن ۾ هاري، مزدور، پورهيت، آفيسر، ڪامورا، شاگرد، اديب، سگهڙ، شاعر، صحافي شامل هئا ۽ هرهڪ ماڻهوءَ جي اکين ۾ لڙڪ هيا. آنھون دانھون ۽ سڏڪا هئا. سندس ويجها دوست سليم رضا مشوري، سجاد حيدر گوپانگ، عنايت ڦلپوٽو، اسد گوپانگ، جميل اشرف چانڊيو، محمد علي خشڪ ۽ ٻيا ڪيترائي دوست مون سميت اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳا. سندس لحد ۾ لاهڻ وقت جن دوستن ڀيٽا ڏيڻ لاءِ قومي ترانو پيش ڪيو اُهي دوست روئندا، سڏڪندا به رهيا ۽ قومي ترانو به پڙهندا رهيا.
ڀائو بشير نوناريءَ کي ظاهر موت ته اسان کان جدا ڪري ويو پر روحاني طرح اڄ به اسان سان گڏ آهي جيڪو پنھنجي ڪڙڪيدار آواز ۾ چئي رهيو آهي، ”جيئي جيئي، جيئي سنڌ“.