هڪڙو هيو مشتاق ....!
مان جيتريقدر هن سان گڏ رهيو آهيان ته هُو پنھنجي دوستن جو ديوانو هيو. هُو پنھنجي دوستن تي گرمي سردي به نه سھندو هيو. جڏهن ڪوبه دوست ڪھڙي به وقت هن وٽ ايندو هيو ته هُو ان دوست کان هروڀرو ڪوڙو بھانو ڪري جان ڇڏائڻ جي ڪوشش به نه ڪندو هيو، بلڪ هُو پنھنجا سمورا ذاتي ڪم ڪار ڇڏي پنھنجو پاڻ دوستن جي حوالي ڪندو هيو. هن جنھن کي پنھنجو دوست سمجهيو ته پوءِ ان دوست سان ونڊ ڪٽ ۽ ضرب جھڙا حساب به نه ڪندو هيو ۽ ان کي ڇڪي پنھنجي ڇاتيءَ سان لائي ڇڏيندو هيو ۽ پنھنجي دل جا دروازا هميشه لاءِ کولي ڇڏيندو ۽ پنھنجا ذرا ذرا ڪري دوستن ۾ ورهائي ڇڏيندو هيو. دوستن لاءِ هميشه پنھنجي دل جا دروازا کوليندڙ ۽ پاڻ کي ڳڀا ڳڀا ڪري دوستن ۾ ورهائي ڇڏيندڙ مشتاق کي انهن دوستن اذيتون به ڏنيون ۽ ڀوڳنائن جي سفر مان به گذاريو ۽ دوستن کيس گھرا گهاوَ به ڏنا جيڪي بقول مشتاق جي ته زندگيءَ ڀر، ڀرجي نه سگهيا. پر پوءِ به هن وڏي ۽ ڪشادي دل جو مظاهرو ڪندي انهن دوستن اڳيان ڪڏهن به شڪايتن جا دفتر ڪونه کوليا ۽ نه ئي وري طعنن جا تير اڇلايا. ويتر اڳ کان وڌيڪ انهن دوستن سان پيار ڪيو. دوستن سان اهڙو پيار ڪرڻ ڪوئي مشتاق کان سکي. اسين سڀ دوست مشتاق جي پيار ۽ محبتن جا قرضي آهيون.
مشتاق 16 سيپٽمبر 1974ع تي جُوهي شهر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ اٺين شاخ ۾ حاجي محمد ڇٽل ڀرڳڙيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن جو نالو والدين طرفان مشتاق علي رکيو ويو ۽ انهيءَ نالي طويل سفر ڪندي مشتاق احمد ڀرڳڙي کان مشتاق احمد ”محروم“ تائين ۽ محروم کان مشتاق ڀرڳڙي تائين پھچي کيس امرتا ۽ وڏي سڃاڻپ بخشي. جنم ڏينھن جي حساب سان سندس ستارو VIRGO آهي ۽ VIRGO وريون سموريون خاصيتون هن يار ۾ موجود هيون. مشتاق جي جنم کانپوءِ تڪڙو ئي سندس والد وارو شھر لڏي آيو ۽ پوءِ اُتي ئي مستقل رهائش اختيار ڪيائين. هُو پنھنجي ڀائرن ۾ چوٿون ۽ آخري نمبر ڀاءُ هيو. هن پنھنجي پرائمري تعليم وزير آباد اسڪول پراڻو بس اسٽاپ دادو مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول دادو مان پاس ڪئي. گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان B. Sc: سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بين الاقوامي تعلقات شعبي ۾ B.A ڪيائين. هن پنھنجي لکڻ جي شروعات روزاني هلال پاڪستان جي ٻاراڻي صفحي کان ڪئي. سندس پھرين لکڻي نظم جي صورت ۾ انهيءَ صفحي ۾ شايع ٿي. پر باقائده هن پنھنجي لکڻ جي شروعات 1990ع کان ڪئي. 1990ع کان وٺي 2007ع جي 17 سالن جي ادبي سفر ۾ هن يار سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ کي پنج بھترين ۽ معياري ڪتاب ڏنا. انهن ۾ سندس پھريون ڪھاڻين جو مجموعو ”پاڇي“ آهي جيڪو 1999ع ۾ شايع ٿيو. ٻيو ڪھاڻين جو مجموعو ”سفر“ جي نالي سان 2004۾ شايع ٿيو. سندس ٽيون ڪتاب ”لفظ نه آهن کيڏوڻا“ سيپٽمبر 2005ع ۾ شايع ٿيو. ان ڪتاب ۾ تنقيدي مضمون، خاڪا، ڪالم ۽ اڀياس شامل آهن. سندس چوٿون ڪتاب گڏيل شاعريءَ جو مجموعو ”موکيءَ مَٽَ اُپٽيا“ جي نالي سان آڪٽوبر 2005ع ۾ شايع ٿيو. سندس پنجون ڪتاب هن جي موت کانپوءِ ”ائين ئي جيئرا رهون ٿا“ جي نالي سان جي نالي سان 2007ع ۾ شايع ٿيو جيڪو نـثـري نظمن تي مشتمل آهي. ان کان علاوه اڃا ٻيا به ڪتاب هُن پنھنجي حياتيءَ ۾ آڻڻ پئي چاهيا، انهن ۾ ”اتفاق“ نالي سان هڪ ناول هيو ۽ ٻيو پنھنجي دوستن ڏانھن سندس لکيل خطن جو مجموعو ”منجهان سڪ سبيل“ هيو. اُهي، خط مون، محمد صديق منگيو، راجن مڱريو ۽ معصوم بخاريءَ سميت مختلف دوستن وٽان گهرائي هن پاڻ وٽ گڏ ڪري ڇڏيا هيا بلڪه خطن کي ڪتابي صورت ڏيڻ لاءِ هن خطن کي ترتيب به ڏئي ڇڏيو هو. هُو خطن کي پنھنجي اندر جو آواز سڏيندو هيو. هن ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل لاءِ مون کي چئي ڇڏيو هيو ته،”وفا هن ڀيري منھنجي ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل جون سِٽون توکي لکڻيون آهن.“ مون کيس جواب ڏئي ڇڏيو ته،”نه بابا، مان ڪونه لکندس، تون پاڻ کان سينئر ۽ ڪنھن سٺي ليکڪ کان اُهي سِٽون لکرائي وٺجان.“ پر پوءِ به ان يار جو اهو ساڳيو ضد ته ”نه بابا تون ئي لکندين ۽ اها منھنجي دلي خواهش به آهي ۽ منھنجي دل جو فيصلو به آهي.توکي ته منھنجي ضد جي خبر آهي ته مان جيڪو ضد ڪندو آهيان ۽ اهو پورو ڪندو آهيان.“ اها حقيقت به آهي ته مشتاق انتھائي ضدي ۽ پنھنجي دل تي هلڻ وارو هيو. هُو ٻين جي ڳالهين تي گهٽ ۽ دل جي ڳالهين تي وڌيڪ هلندو هيو. جيئن هن جي دل چوندي/ چاهيندي هئي ته هُو تيئن ئي ڪندو هيو. چاهي پوءِ ڀل ان ۾ فائدو هجي يا نقصان.
هن جي دل چاهيو ته پنھنجي پھرين ڪتاب ”پاڇي“ جي بيڪ ٽائيٽل جون سِٽون معصوم بخاري لکي، سو دل جي چوڻ تي هن ”پاڇي“ ڪتاب جون سٽون معصوم بخاريءَ کان لکرايون. هن جي دل چاهيو ته ”سفر“ ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل جون سٽون مولا بخش آزاد لکي ته هن ائين ئي ڪيو ۽ اُهي سٽون مولا بخش آزادکان ئي لکرايون. مشتاق ٻين ليکڪن جيان هروڀرو وڏن نالن پويان پنھنجون جُتيون ڪونه گسايون. هن هميشه پنھنجي يارن کي ئي مانُ ڏنو ۽ انهن کي پنھنجي لکڻين جو صحيح پاٺڪ سمجهيو. ڪتاب ”لفظ نه آهن کيڏوڻا“ جون بيڪ ٽائيٽل سِٽون پنھنجي دل جي اصرار تي جوهيءَ جي پورهيت شاعر آس ٻٻر کان لکرايون.پنھنجي دل جي ڳالهه مڃڻ وارو مشتاق کي الائي ڇو هر ڪم ۾ تڪڙ هوندي هئي. هُو اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏيندو هيو. هن جون هزارين خواهشون به هيون جيڪي هُو من اندر سانڍي ويٺو هيو. هن جي وڏي ۾ وڏي خواهش اها به هئي ته پنھنجا ترتيب ڏنل سمورا ڪتاب پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي ڇپرائي وٺي.
هن اهڙو اظھار ڪھاڻين جي ڪتاب ”سفر“ ۾ پنھنجي پاران ۾ هيئن ڪيو آهي ته، ”جيون تي ڪوبه ڀروسو نه اٿم، اجل جو سڏ ڪيڏي مھل به ٿي سگهي ۽ ان سڏ کي نه ورنائڻ ماڻهوءَ جي وس ۾ناهي هوندو. سو اجل جو سڏ ٿيو ته لبيڪ چئي هليو وڃبو. پر چاهيان ٿو ته اجل جي سڏ کان پھريائين خاڪن، مضمون، ڪالمن ۽ اڀياسن تي ڪتاب، نثري نظمن جو مجموعو، دوستن ڏانهن لکيل پنھنجي ادبي خطن تي مبني ڪتاب ۽ هڪ عدد ناول جنھن تي جلد ڪم شروع ڪرڻ وارو آهيان، ادب جي بارگاهه ۾ نذرانه عقيد طور ڏئي وڃان. منھنجي ان شديد خواهش جي پويان هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته منھنجو ادبي پورهيو منھنجي پوئيرن لاءِ بڪواس ۽ اجائي وقت وڃائڻ کانسواءِ ڪابه اهميت نٿو رکي. ان ڪري چاهيان ٿو ته پنھنجو ادبي پورهيو منھنجي زندگيءَ ۾ ئي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ٿي وڃي، نه ته ٻي صورت ۾ سچ ته ضايع ٿي ويندو.“
18-جولاءِ 2007جي ڏهاڙي مشتاق جون سموريون دلي خواهشون اڻپوريون ڪري هن کي هميشه هميشه لاءِ مُوت جي گھري ننڊ سمھاري ڇڏي. هن کي ڄڻ اها پڪ هئي ته منھنجي زندگيءَ جا ڏينھن صفا ٿورڙا آهن، کيس ڪم گهڻا ڪرڻا آهن. ان ڪري ئي هن يار کي هر ڪم ۾ ڏاڍي جلدي هوندي هئي ۽ هِن مرڻ ۾ به جلدي ڪئي. ”جلدي“ جي عنوان هيٺ هن هڪ پاڻ بابت ڪھاڻي لکي هئي، جيڪا ”سفر“ ڪتاب ۾ آّخري صفحي تي شامل آهي. هنجون جتي ٻيون انيڪ خواهشون هيون اُتي ان جي وڏي ۾ وڏي خواهش اها به هئي ته سندس ڪوبه هڪڙو ڪتاب سچائي اشاعت گهر طرفان اچي. ان خواهش جي پٺيان هن جي يوسف سنڌيءَ سان بي پناهه محبت هئي، هُو پيار مان يوسف سنڌي کي (انڪل جوزف) چوندو هيو، پنھنجي ٻين ڪتابن جيان هيءُ ڪتاب به پاڻ ڇپرائي پئي سگهيو، پر هن پنھنجي اها خواهش پوري ڪرڻ لاءِ پنھنجي نثري نظمن جو ڪتاب ”ايئن ئي جيئندا رهون ٿا“ جو مسودو يوسف سنڌيءَ جي حوالي ڪندي کيس اهو تاڪيد به ڪيو ته ڪتاب جيترو ٿي سگهي جلديءَ ۾ اچڻ گهرجي، ڪتاب ۾ دير نه ٿئي.
بقول يوسف سنڌيءَ جي ته،”جڏهن مشتاق ڪتاب جو مسودو منھنجي حوالي ڪيو ته هر ٻي چوٿين ڏينھن فون يا ايس ايم ايس ڪري پڇندو رهندو هيو ته ڪتاب جو ڪم ڪٿي پھتو؟ ڪتاب ڪڏهن ۽ ڪھڙي مھيني ۾ ٿو آڻين؟ عجيب اتفاق ٿو ٿئي ته جنھن ڏينھن تي ڪتاب ڪمپوز ٿي ويو اهو ڏينھن مشتاق جو آخري ڏينھن ثابت ٿيو، جيڪو اسان مشتاق جي يارن لاءِ قيامت جھڙو ڏينھن هيو. منھنجي 36 سالن جي زندگيءَ ۾ اهڙا چار منحوس ڏينھن آيا آهن جيڪي مون لاءِ قيامت جي منظر جھڙا رهيا آهن، هڪ پنھنجي وڏي ڀاءُ الله بخش جي اچانڪ مرتيي وارو ڏينھن، ٻيو امڙ جي وڇوڙي وارو ڏينھن، ٽيون پياري منٺار سولنگيءَ جي مرتيي وارو ڏينھن ۽ چوٿون مشتاق ڀرڳڙيءَ جي مرتيي وارو ڏينھن، اهڙا ڏينھن شل خداڪنھن کي به نه ڏيکاري.. انهن چئن ڏينھن منھنجي عمر گهٽائي ڇڏي، منھنجي بھار جھڙي جيون ۾ خزان جي موسم آڻي ڇڏي ۽ مون کي وقت کان اڳ ۾ پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي.
مشتاق جي وڇوڙي کان وٺي اڄ ڏينھن تائين اکين مان لڙڪن جا جيڪي بند ڀڳا آهن اُهي بند هاڻي مون کان ٻڌجن به نٿا ۽ لڙڪ لارون ڪري وهندا رهيا آهن. هي مضمون لکڻ وقت به ساڳي ڪيفيت / حالت آهي لڙڪ روڪجڻ کان به نٿا رُڪجن. جڏهن پنھنجا پيارا ۽ دل گهريا دوست وڇڙي ويندا آهن ته اکين جا آگم اُٿلي پوندا آهن ۽ انهن کي روڪڻ وس کان ٻاهر هوندو آهي.
مشتاق جيڪو سچ پچ يارن دوستن لاءِ مشتاق هيو.مشتاق جيڪو گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هيو. هُوڪھاڻيڪار، شاعر، نقاد، ڪالم نويس به هيو ته ڊراما نگار، مضمون نگار به هيو ته هو هڪ سٺو ايڊيٽر ۽ پبلشر به هيو. هڪ بھترين ايڊيٽر جي حيثيت ۾ دادو جھڙي ننڍڙي شھرمان ٻه ماهي ”رمجهم“ مئگزين جا سٺا ۽ معياري ست پرچا به ڏنا ۽ هڪ سٺي پبلشر جي حيثيت ۾ اٺ مختلف صنفن تي سينئر توڙي جونيئر ليکڪ دوستن جا ڪتاب به شايع ڪرايا. مان هن کي امر جليل، شيخ اياز ۽ ڀارتي اديب گلزار جيان ادبي دنيا ۾ آل رائونڊر ليکڪ چوندو آهيان. ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين ڪرڪيٽ سان جنون جي حد تائين عشق ۽ لڳاءُ هئن ڪري هن جي تخليقي وجدان ۾ ادب جا سمورا محاذ به هڪ ڪرا رهيا آهن. هن وٽ علي بابا، نسيم کرل، ڪرشن چندر ۽ منٽو جيان ڪردارن جي ورائٽي ملي ٿي. هن جي شاعري، ڪالم، خاڪا ۽ ڪھاڻيون فني ۽ فڪري حوالي سان پائيدار ۽ اعلى معيار جون آهن. ”وڻجاري“، ”هڪ مست جي پراسرار مسڪراهٽ ۽ آءٌ“، ”جستجو“، ”چاهتون پائڻ جي اوسيئڙي ۾ ٽي وجود“، ”سيلزمين جو هڪ ڏينھن“، ”فيصلو“، ”اها منجهند جي جون هئي“، ”الميو“، ”پاڻي“، ”اڻ تڻ“،”سفر“، ”پاڇي“، ”مصنوعي دنيا جو حصو“ سنڌي ادب جون بھترين ۽ اعلى معيار جون ڪھاڻيون آهن.
هنن بھترين ڪھاڻيڪارن جي خالق مشتاق جي هر ورسيءَ تي مشتاق جو رهيل ڪونه ڪو ڪتاب ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آڻجي، ها ته سڀ کان سٺو ۽ بھتر ٿئي ها ۽ ٻيو ته مشتاق جي ورسي سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ملهائي وڃي ها ته اڃا به سٺو ٿئي ها ۽ اهو سنڌي ادبي سنگت مرڪز تي مشتاق جو قرض به هيو ته فرض به هيو. ڇو ته مشتاق ڪو عام ليکڪ ڪونه هيو، هُو ننڍي عمر جو تمام وڏو ۽ سٺو ليکڪ هيو ۽ هن جي سڄي سنڌ ۾ سڃاڻپ آهي. جيڪڏهن مرڪز ڪن سببن ڪري مشتاق جي ورسي نٿو ملهائي سگهي ته پوءِ سنڌي ادبي سنگت دادو جي دوستن تي اهو فرض ٿو بڻجي ته هو مشتاق جي سنگت دادو پاران ورسي ملهائن ها.
مشتاق سنگت دادوءَ جو سرگرم ڪارڪن ۽ ڪيترائي ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو هو. مان چوندو آهيان ته دادو جي ماڻهن جي اُها خوشنصيبي آهي جو انهن کي استاد بخاريءَ جھڙو مھان شاعر ۽ وري ننڍي عمر ۾ مشتاق ڀرڳڙيءَ جھڙو سٺو ڪھاڻيڪار مليو. شاعر ۽ اديب پنھنجي ڌرتي، پنھنجي ٻولي، پنھنجي تاريخ، پنھنجي قوم، پنھنجي تھذيب پنھنجي ثقافت، پنھجي ڪلچر، پنھنجي شھر۽ ڳوٺن جا محافظ، امين ۽ ورثو هوندا آهن. پر افسوس جو دادو واسي پنھنجي اهڙي تاريخي ورثي کي وساري ويٺا آهن. دادو جا ماڻهو ڀل پنھنجي تاريخي ورثي ۽ پنھنجي ڏات ڌڻين کي وساري ڇڏن، انهن تي ڪابه ميار ڪونهي. پر دادو ادبي سنگت کي پنھنجي قومي ورثي ۽ پنھنجي ڏات ڌڻين کي هرگز وسارڻ نه گهرجي! جيڪڏهن اُهي به وساري ٿا ڇڏن ته پوءِ استاد بخاري ۽ مشتاق ڀرڳڙي انهن کي معاف ڪري ڇڏن، پر تاريخ انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. سنڌي ادبي سنگت دادو نه مشتاق جو چاليهو ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪو مشتاق جو ڪُو ڪتاب ڇپرايو ۽نه ئي وري اڄ تائين هن جي سالگره يا ورسي ملهائي آهي. مشتاق جي مرتيي کانپوءِ سنگت دادو هن کي وساري ڇڏيو آهي پر مشتاق ته سنگت دادو کي ڪڏهن ڪونه وساريو هو. هن پنھنجي دؤر ۽ پنھنجي حياتيءَ ۾ سنگت دادو کي سڄي سنڌ ۾ متعارف ڪرايو ۽ سڄي سنڌ ۾ مرڪز جي دادو شاخ سرگرم ليکي ويندي هئي.
سنڌي ادبي سنگت سميت اسان سمورا دوست مشتاق جا ڏوهاري ۽ مياري آهيون جو اسان هر ڪم سنڌي ادبي سنگت تي ڀاڙي ويٺا آهيون. جيڪڏهن سنڌي ادبي سنگت مشتاق لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي ته پوءِ مشتاق جي دوستن مشتاق لاءِ ڇا ڪيو آهي...!؟ ڇا ڪنھن مشتاق جو ڪتاب ڇپرايو آهي!؟ ڇا ڪنھن مشتاق جي سالگره يا ورسي ملهائي آهي؟ ڇا ڪنھن مشتاق جي ڪتاب جي مھورت ڪرائي آهي! هي اُهي ڳالهيون ته پري، پر ڀلجي ڪڏهن هن جي قبر تي ثواب خاطر ٻه قل پڙهڻ ۽ ان جي وصيت مطابق ڏيئو ٻارڻ به ڪونه ويا آهن ....!؟
مون کي اڄ به مشتاق جي سارَ، هن جي محبت ۽ هن جو پيار هر ٽئين چوٿين مھيني دادو ڇڪ ڪندو آهي، ۽ جيستائين هن سِسيءَ ۾ ساهه آهي، تيستائين ويندو رهندس. اڳ جڏهن مان سائين جمال شاهه جتي ستي جي درگاهه تي ويندو هيس ته مشتاق مون سان گڏ هلندو هيو ۽ هاڻ هُو اڳ ۾ ئي اُتي موجود آهي ۽ مان اڪيلو ئي ويندو آهيان. هن يار پنھنجي هڪ نظم ۾ دوستن کي وصيت ڪندي لکيو آهي ته:
منھنجي مرڻ کانپوءِ اي دوست!
منھنجي قبر تي ڏيئو ٻاري،
ماڻهن کي اهو احساس،
ضرور ڏيارجان،
ته مون پنھنجي زندگي،
اونڌاهيءَ سان جنگ جوٽي هئي.
انهيءَ وصيت مطابق مون قبر تي گل ڇٽڻ، اگر بتين سان گڏ جڏهن ڏيئو ٻاري اڌ مُنو ڪلاڪ تصوراتي ڪچھري ڪري جڏهن کانئس مُوڪلائي اُٿيس پئي ته چوڻ لڳو،”وفاڏي خبر يار ملندا ٿئي؟“ کيس چيم ”ڪھڙا يار جن توکي صفا وساري ڇڏيو“، منھنجي انهيءَ جواب تي هلڪي مرڪ مرڪندي چيائين، ”وفا! منھنجن يارن کي صرف ايترو چئجانءِ ته هڪڙو هيو مشتاق....!!؟“