ادب آهي دل جِي ڳالهہ
جڏهن اسين ڀلو انداز چئون ٿا تہ ان جو اهو مطلب ٿيو تہ ”دل“ سان گڏ ”دماغ“ جو بہ استعمال ڪريون ٿا ۽ دل جي ڳالهہ کي سوچي ويچاري ٺاهي ٺوڪي ادا ڪريون ٿا. پر بهرحال آهي اها ئي سا دل جي ڳالهہ. ادب هر ڪنهن جي دل جي ڳالهہ ئي سهي، پر هر ڪنهن جي دل جي ڳالهہ چوڻ سڀ ڪنهن جو جنجال نہ آهي.
دل احساسن جي ويڙهہ جو هڪ ميدان آهي. محبت ۽ نفرت، اميد ۽ نراسائي حلم ۽ عنصر، عفو ۽ انتقام، خوشي ۽ غم جي زبردست ڇڪتاڻ اتي ٿيندي رهندي آهي ۽ اها ڇڪتاڻ ئي اديب جو توشو بنجي پوي ٿي. ٻين انسانن وانگر ئي اديب جي دل ۾ امنگن ۽ تمنائن جون موجون اُٿن ٿيون. سندس دل جي ڪشتي بہ ڏک سک جي لَهرن جون ضربون سَهندي آهي ۽ آس نراس جي ڪُن ۾ چڪر ڪاٽيندي رهندي آهي. بلڪ ايئن کڻي چئون تہ هُو پنهنجي اميدن جي باغ جي آبياري پنهنجي ئي رت پت سان ڪندو آهي. کيس فقط هڪڙو ڪو احساس نہ هوندو آهي، بلڪ منجھس هڪ خاص لُڇائيندڙ احساس جاڳندو آهي، جو ئي سندس منزل جو سامان بنجي پوندو آهي، جتان ئي سندس عمل جو دروازو کُلندو آهي ۽ اُتان ئي هن کي تخليق واسطي خاڪا ۽ ڍانچا دستياب ٿيندا آهن ۽ جنهن جي ڪري ئي هو انهن ۾ رنگ ڀريندو ۽ جان وجھندو آهي.
تخليق جو هڪ ٻيو گُڻ بہ ٿيندو آهي، جنهن گڻ سان اديب لازمي طرح سينگاريل هوندو آهي. اُهو اِهو آهي تہ منجھس سهپ جو مادو هوندو آهي ۽ هُو تخليق جي معاملي ۾ قوت ضبط کان ئي ڪم وٺندو آهي. جتي ٻيا پاڻ کي احساس جي مونجھارن ۾ ڦاٿل، حيران ۽ مجبور ڀانئيندا آهن ۽ جذبات ۾ لڙهي ڪٿي جو ڪٿي وڃي پهچندا آهن، اتي اديب پنهنجي احساسن تي قابو پائي وٺندو آهي. بلاشڪ هو بہ جذبات جي پويان پويان هلي ٿو پر اڳيان وڌي انهن جو رستو روڪي ٿو. جيڪڏهن اها هڪڙي صلاحيت منجھس نہ هجي تہ پو اهو تخليقي جوهر کان ئي خالي رهجي وڃي ۽ اديب ئي نہ ٿي سگھي. جيڪڏهن ٻين عام ماڻهن جيان ئي مٿس حالتن جو اثر پئجي وڃي تہ پوءِ هُو حالتُن تي ڪيئن نظر رکي سگھندو؟ جنهن شَي جي تصوير ڪڍڻي هوندي آهي، تنهن کي ويجھڙائيءَ کان تہ جانچبو آهي پر پري کان بيهي بہ ان جو جائزو وٺبو آهي. جيستائين ڪو مصور چار قدم پوئتي هٽي ڪنهن منظر کي نہ ڏسندو وائسندو تيستائين ان جي خد ۽ خال جو صحيح ۽ مڪمل اندازو کيس هرگز نہ ٿي سگھندو. اهو ئي ڪافي ناهي بلڪہ ساڳيو اندازو هڪ قسم جي راحت جو بہ طالبُو آهي. ڇاڪاڻ تہ اوستائين ڪنهن بہ شَي جو نقش دماغ ۾ نہ ويهندو جيستائين تڙپ ۽ جنبش کانپوءِ هڪ سڪون ۽ اطمينان جو گوشو نہ ملي وڃي. دراصل اديب ادب وسيلي پنهنجي بيقراريءَ کي سڪون ۾ بدلائڻ چاهيندو آهي.
اديب جيستائين ڪچي مال جي ڳولا ۾ هوندو آهي، تيستائين سندس حواسن جون دريون کليل هونديون آهن. هُو خوش بہ هوندو ۽ ناخوش بہ هوندو آهي. هُو کلندو بہ آهي ۽ روئندو بہ آهي. هُو محبت بہ ڪري ٿو ۽ نفرت بہ ڪري ٿو. هُو رفيق بہ هوندو آهي تہ حريف بہ هوندو آهي. هُو هر قسم ۽ هر نوع جي تجربن کي سڏيندو رهندو آهي، هر پاسي ۽ ڪنڊ هر طرف کان وارداتن جي ڪرڻن کي پنهنجي اندر ۾ جذب ڪندو رهندو آهي. ليڪن جڏهن سندس تخليقي سگھہ ڪر موڙي اٿندي آهي، تڏهن هُو پنهنجي جھوليءَ ۾ گڏ ٿيل واقعن کي ڇنڊي ڇڏيندو آهي ۽ سڀني مونجھارن کان آزاد ٿي پنهنجي اندر ۾ اڀري آيل ڪنهن تجربي چوڌاري ليڪ ڇڪي ڇڏيندو آهي.
اديبَ جِي دل تجربَن ۽ وارداتُن جو مرڪز آهي، پر سندس شخصيت انهيءَ هڪ نقطي ۾ ماپي ويندي ڇا؟ دراصل هُو ان نقطي جي چوگرد ڇانيل آهي. هُو تجربن ۽ وارداتُن کي هر پاسي ۽ ڪنڊ کان ڏسي ٿو. هُو حالتُن ۽ واقعن جو هڪ فاصلي کان اڀياس ڪري ٿو. هُو واهرو بہ آهي تہ رهبر بہ آهي. هُو زندگيءَ جي مسئلن ۾ مبتلا آهي تہ حالتن تي بہ حاوي آهي. هُو ڪناري تي بيهي خير ۽ شر جي جنگ بہ ڏسي رهيو آهي، طُوفانَ جا لوڏا بہ سهي رهيو آهي، سڪون ۾ بہ آهي تہ اضطراب ۾ بہ آهي. زندگي بلاشڪ آرٽ جو سرچشمو آهي ۽ ادب آرٽ جي سڀني ۾ زياده جمهوري صنف آهي. نقاش، موسيقار ۽ سنگتراش جي ڀيٽَ ۾ اديب تمام گھڻن انسانن کي متاثر ڪري ٿو. تمام گھڻين دلين کي وندرائي ٿو. ڪيترا ئي ماڻهو آهن جن کي کلائي ٿو ۽ روئاڙي ٿو، جن جي ڏک ۽ سک ۾ هُو شريڪ ٿئي ٿو. دلين جو حال ڄاڻي وٺڻ تہ ٺيڪ آهي، ليڪن ان کان بہ وڏي ڳالهہ دلين جو حال چوڻ آهي، ڳالهہ چوڻ جو ڍنگ نہ هجي تہ پوءِ ڳالهہ ئي ڳُڙ ٿيو پوي.
چوندا آهن تہ پهرين ڳالهہ کي توريو تڪيو ۽ پوءِ ڳالهايو. ان امر جي تقاضا اها ئي آهي تہ چوڻو ڇا آهي، اهو تہ ظاهر ئي آهي، پر تورڻ مان هڪڙو ٻيو کنڌو بہ کُلي ٿو تہ چوڻ وارو ڇو چوڻ چاهي ٿو ۽ ڪنهن کي چوڻ چاهي ٿو؟ يعني تہ چوندڙ ڳالهہ چوڻ وقت پنهنجي مقصد ۽ مخاطب جي جذبات جو لحاظ رکي. ڇاڪاڻ تہ اديب جو مقصد دلين جون ڳالهيون چئي دلين کي وندرائڻ ۽ نڀائڻ هوندو آهي. ٻيو تہ ٻُڌندڙ ماڻهوءَ جِي دل وڌائڻ ۽ همت ڏئي کيس اڪارڻ بہ آهي. وٽس دلداري، دلپذيري ۽ دلآويزي هوندي آهي. ٻيو سڀ ڪجھہ هوندو آهي، ۽ نہ هوندو آهي تہ فقط دلآزاري. ادب زندگيءَ جو اسم اعظم آهي. پراڻو هجي يا نئون، ننڍو هجي يا وڏو، پنهنجو هجي يا پرايو، اهو سڀني انسانن جي گڏيل ميراث آهي. ادب ايترو گهرو ۽ پراڻو آهي جيتري انسان جي دل، ايترو وسيع ۽ جامع آهي جيترو انسان جو تخيل. ادب جيڏو وسيع ۽ جيڏو پراڻو هوندو، اوترو ئي ان جي اهميت وڌيڪ ليکي ويندي.
انسان جي دل ڪڏهن کان ڌڙڪي رهي آهي؟ ڪيتري گهري آهي؟ انسان جو تخيل ڪيڏو بلند آهي؟ ۽ ڪيڏو سگھارو آهي؟ انسان انهن سوالن جا جواب ڏئي سگھي تہ پوءِ کيس ادب جي عظمت جو اندازو ٿِي وڃي.