ڪالم / مضمون

دل جي ڳـالـهـہ

هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي عاشق، محقق، اديب ۽ ليکڪ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي لکيل مضمونن، ڊرامن ۽ مختصر ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
جيتوڻيڪ ليکڪ جي راءِ آهي تہ ادب هوندو ئي دل جي ڳالهہ آهي، پر هن ڪتاب ۾ شامل مضمون سچ پچ بہ سندس قلب جو آواز ۽ سنڌ جي ٻولي، ادب، ماڳن مڪانن، ادارن، ڪردارن، توڙي هنرن سان سندس بيپناهہ محبت جو خوبصورت اظهار آهن. ليکڪ جي گھڻ رخي قابليت وانگي هيءُ ڪتاب پڻ ڪيترن ئي متفرق اسمن تي ٻڌل آهي، ۽ ان ۾ هر ذوق جي پڙهندڙ لاءِ ڪجھہ نہ ڪجھہ ضرور موجود آهي.
Title Cover of book دل جي ڳـالـهـہ

ثقافتي حقيقت : آزاديءَ جا رنگ ۽ ترنگ

دنيا ۾ ڪل ڪيتريون قومون وسن ٿيون؟ هڪڙي پروفيسر صاحب اهو سوال شاگردن کان پڇي تہ ورتو، پر پاڻ ئي عجب جي تصوير بنجي فرمائڻ لڳو تہ ”ان ڳالهہ جو صحيح علم ڪنهن کي بہ ناهي!“ ايئن ڇو آهي؟ اهو ان ڪري جو ڪالهہ جيڪي ماڻهو ڪنهن مخصوص خطي ۾ رهندي پاڻ کي هڪ قوم تصور ڪندا رهيا، وقت گذرڻ سان جڏهن تضاد اُڀري آيا تہ اُهي ورهائجي ٻہ قومون ٿي ويا. سياسي حالات ۽ تهذيبي ابتريءَ جا اسباب پيدا هئڻ جي باعث افراد ۾ منتشر يا متحد هئڻ جو عمل جاري ٿي وڃي ٿو ۽ انهيءَ طريقي سان نين نين قوميتن جو ظهور ٿيندو رهي ٿو.
ملڪن ۽ خطن ۾ قومن ۽ قوميتن جي ورهائجڻ جو سلسلو تاحال جاري آهي. ديني عالمن جي نزديڪ تہ اهل دين ۽ بي دين ماڻهن ۾ دنيا ورهايل آهي. اهو تصور بہ پنهنجي جڳهہ تي اهميت رکي ٿو، پر ڪنهن ڪميونسٽ مفڪر جي اڳيان دنيا ۾ صرف ٻہ قومون وسن ٿيون؛ هڪ سرمايہ‌دار ۽ ٻي پورهيت ۽ نادار. اها تقسيم بہ ڪنهن حد تائين تہ درست مڃي ويندي. پر ڪنهن حياتياتدان Biologist وٽ تہ قوم جو تصور ئي ڪهڙو؟ هُو تہ حياتيات جي سڀني ورنات يا انواع کي يڪ گھرڙاتي Unicellular صورت مان اسريل سمجھي ٿو! ۽ وڻ کي بہ انسان جو سوٽ تصور ڪري ٿو. حياتيات جي ارتقا جو اهو نقطہ‌نظر سائنسدانن کان علاوه گھڻن سارن فلسفين کي بہ پسند رهيو آهي. سنڌ جو عظيم مفڪر عالمہ آءِ آءِ قاضي جڏهن بہ پنهنجي تقرير يا خطاب ۾ وڻ يا جانور جو نالو وٺندو هو تہ تعظيم وچان ’ادو وڻ‘ Brother tree يا ’ادو جانور‘ Brother animal ڪري پڪاريندو هو. هونئن مون کان ڪنهن دوست معلوم ڪرڻ چاهيو هو تہ ننڍي کنڊ ۾ ڪيتريون قومون وسن ٿيون؟ مون جواب ڏنو هو تہ ڀائو آئون تہ اها ئي ڳالهہ ڄاڻان ٿو تہ ارض و سماوات ۾ صرف ٻہ ئي قومون رهن ٿيون. هڪ مرد جي قوم ۽ ٻي عورت جي قوم. دراصل جاندار ۽ نوع حيات صرف مادي ۽ نَر ۾ ورهايل آهن. جيتوڻيڪ اهي ٻہ مختلف خلقتون آهن، ليڪن هڪ ٻي کان بغير انهن جو وجود بي معنيٰ رهجي وڃي ٿو. نسل انساني جي بقا ۽ حيات جو انحصار بہ صرف انهن ٻنهي جي ميلاپ تي قائم ۽ دائم آهي. عورت ۽ مرد تخليق جي اعتبار کان علحده وجود پائين ٿا، ليڪن هڪ ٻي لاءِ ڪشش ۽ رغبت انهن جي فطرت ۾ سمايل ٿئي ٿي. جڏهن بہ ڪنهن عورت ۽ مرد کي هڪ ٻي جي قريب اچڻ جو موقعو مليو هوندو تہ هُو رنگ ۽ نسل جي فرق سواءِ پائدار محبت ۽ ازدواجي رشتي ۾ جڙجي ويا هوندا.
جڏهن پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو تہ يڪايڪ انتقال آبادي جو بہ سلسلو شروع ٿي ويو. پر ملڪ جي تقسيم عورت ۽ مرد جي محبت ۾ رُخنو وجھي نہ سگھي. اهي هندو ڇوڪريون جيڪي مسلمان جوانن سان پاڙي ۾ رهنديون هيون يا ڪاليج جي تعليم دوران محبت ڪنديون آيون هيون انهن پنهنجي والدين سان گڏ ڀارت وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي شادي چاهيندڙ نوجوانن سان ڪري ڇڏي ۽ ساري زندگي محبت ۽ شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويون.
۽ پوءِ حيدرآباد ۾ 1947ع ۾ جڏهن مسلمانن جا لٽيل ماريل قافلا اچڻ شروع ٿيا تہ هتي جي ماڻهن ۾ ايثار ۽ اخوت جو هڪ مليل جُليل احساس اُٿلي پيو. ڪجھہ پاڙن جي مقامي ماڻهن ۾ غيرت ۽ حيت تہ ايستائين بہ ڀڙڪي پئي جو قديم اسلامي تمدن ۽ رواداريءَ جي روايت هڪوار زنده هئڻ جو يقين ٿيڻ لڳو هو. ان زماني ۾ جوش ايماني جا قابل رشڪ مظاهرا اڪثر بيشتر رونما ٿيڻ لڳا. مقامي ۽ غير مقامي ماڻهن ۾ ڪجھہ ٿورا خاندان تہ اسلامي جذبي ۽ عمل ۾ مصيبتن کي ٽوڙي سڀني کان اڳيان نڪري آيا. هنن انصار ۽ مهاجر جو ڀائيچارو قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي پٽن ۽ ڌيئن جو پاڻ ۾ شادي وهانءُ رچايو ۽ اهڙيءَ طرح اسلامي معاشرت جي روح کي زنده ڪرڻ جو سعيو ڪيو. آهستي آهستي اجنبيت دور ٿيڻ لڳي ۽ سنڌي ۽ مهاجر لوڪ پاڻ ۾ گھلي ملي رهڻ لڳا، ۽ جڏهن ڪڏهن نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي سيني ۾ لڪل پيار جو ڦوهارو اُٿلي پوندو هو تہ سنڌي ۽ مهاجر خاندان رشتيداريءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا هئا ۽ ان ريت تهذيبي ۽ نسلي ميل ميلاپ جو سلسلو هلي پوندو هو، جا هڪ صحتمند روايت هئي.
ليڪن خبر ناهي تہ ڪيئن تعصب جو آتش فشان ڦاٽي پيو ۽ لاوو ايتريقدر تہ وهڻ لڳو جو نفرتن کي ڪڍڻ نهايت مشڪل ٿي پيو. هيءَ اُها ئي حيدرآباد جي فضا آهي جتي هميشہ کان پيار ۽ محبت جون هوائون لڳنديون هيون. ظاهر آهي تہ اها هوا تہ ڪنهن جي بہ ڪو نہ ٿي ٿئي، اُها تہ هر هڪ لاءِ هڪجھڙو ٺار آڻي ٿي. ليڪن خبر ناهي تہ سنڌ جو ماحول ڪيئن ڪڙي سازش جو شڪار ٿي ويو ۽ فضا ايترقدر تہ مڪدر ٿي وئي جو اُهي محلا جتي بغير ڪنهن فرق جي انساني رشتا ناتا جڙندا آيا هئا، اُتي جا رهندڙ بہ تعصب جي باهہ جي لهس کان پنهنجو دامن بچائي نہ سگھيا. جتي محبت پروان چڙهڻ لاءِ آزاد فضا هوندي هئي اُتي هاڻي آدميت ۽ انسانيت سُڏڪيون ڀرڻ لڳي. هيءُ واقعو جو آئون هتي بيان ڪري رهيو آهيان، سو چند مهينا پهرين رونما ٿيو ۽ جو انهيءَ هولناڪ تعصب جو شاخسانو آهي.
اهڙي ئي هڪ محلي ۾ سنڌين جا ڪجھہ گھر بہ شروع کان ئي آباد هئا، جتي سنڌي خاندان جي ڪنهن نؤجوان وڏو امتحان پاس ڪري ڊگري حاصل ڪري ورتي هئي. سندس محبت سامهون واري گھر ۾ رهندڙ هڪڙي ڇوڪريءَ سان ٿي وئي هئي، جو هڪ وچولي مهاجر خاندان جو گھر هو. نوجوان ڇوڪرو ۽ ڇوڪري لڪ ڇپ ۾ ملندا رهندا هئا ۽ پاڻ ۾ شاديءَ جا عهد ۽ پيمان بہ ڪري چڪا هئا. نوجوان کي ڪنهن فرم ۾ هڪ خاصي نوڪري بہ ملي وئي هئي. هن مائٽن تي زور ڀريو تہ هُو شادي ڪندو تہ انهيءَ ڇوڪريءَ سان نہ تہ ڪڏهن بہ نہ ڪندو. ماحول ۾ ڪجھہ اهڙي ڇڪتاڻ هئي جو ڇوڪري وارا خود بہ مهاجر گھر ۾ شاديءَ لاءِ راضي نہ پي ٿيا، پر پوءِ بہ اولاد جي محبت کان مجبور ٿي هُو ڇوڪريءَ وارن جي گھر رشتو گھرڻ لاءِ هليا ويا. پر ٿيو ڇا جو حيلو حجت يا منٿ ميڙ جو تہ ڪو موقعو ئي نہ ٺهيو. بس اڃا هنن ڳالهہ ئي نہ ڪڍي تہ ڇوڪريءَ جو پيءُ برهم ٿي ويو ۽ انتهائي نفرت‌انگيز لهجي ۾ چيائين تہ هُو ڇوڪريءَ کي جيئري دفن ڪري ڇڏيندو يا ڌيءُ کي ڇو نہ کڻي ڪنهن حيوان جي حوالي ڪرڻو پوي، پر ڪنهن سنڌيءَ سان ان جي شادي هرگز برداشت نہ ڪندو!
ان بعد ايئن ٿيو جو ڇوڪريءَ جي والدين جلدي جلدي ۾ پنهنجي ئي برادري جي ڪنهن ڇوڪري سان رشتو طئي ڪري ڇڏيو. ڇوڪريءَ تي بہ هر وقت نظر رکي وڃڻ لڳي، جيئن هوءَ پنهنجي چاهيندڙ سان رابطو نہ رکي سگھي. ان جي باوجود بہ اُها ڇوڪري هڪڙي چٺي موڪلڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ان خط ۾ بہ بدنصيبيءَ جي آهُن ۽ ڏوراپن سواءِ ڪجھہ بہ نہ هو.
شاديءَ جو ڏينهن بہ اچي ويو ليڪن ان رات تي ڪهرام مچي ويو. ٿيو ايئن جو نامراد ۽ مايوس نوجوان ديوار ٽپي ڪنهن طرح سجيل سجايل ڪمري ۾ داخل ٿي ويو، جتي ڪنوار موجود هئي. هڪ ٻي سان ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ڪيائون اها تہ خبر ناهي، پر ٻنهي لاءِ ڀڄي نڪرڻ لاءِ راهون مسرور ٿي چڪيون هيون. پوءِ اوچتو نوجوان پستول ڪڍيو ۽ تمام گھڻي تردُدُ کانپوءِ هُن گولي هلائي جا ڪنوار جي ٽنگ ۾ پيوست ٿي وئي. ان کان پوءِ نوجوان پاڻ کي مارڻ لاءِ پورو پورو نشانو تاڻيو ۽ پستول لوندڙيءَ تي رکي گولي هلايائين ۽ هن ايئن ڪنوار سان ڀاڪر ۾ پئي جان ڏني. اهڙيءَ طرح ٻہ خاندان محض تعصب جي بنا تي المناڪ واقعي سان دوچار ٿيا. نوجوان جي کيسي مان ڇوڪريءَ جو لکيل جيڪو خط نڪتو، تنهن جو حاصل مطلب ڪجھہ ان طرح هو تہ هوءَ (ڇوڪري) ڪنهن ٻي سان شادي ڪرڻ بجاءِ پنهنجي محبوب هٿان مرڻ پسند ڪندي ۽ ايئن هُو ڇو نہ ٻئي ڄڻا خودڪشي ڪري محبت جي داستانن ۾ هڪ مزيد لازوال داستان جو اضافو ڪن!
ڇا دنيا ۾ اهڙو بہ ڪو علائقو يا خطو آهي جتي هڪڙي ئي نسل جي قوم آباد هجي؟ نہ هرگز نہ. خود جن لوڪن کي عرب سڏيو ويو يا اڃا تائين پاڻ کي سڏائيندا پيا اچن سي بہ هڪ نسل جا ماڻهو نہ آهن. انگلينڊ ۾ بہ جيڪا قوم انگريز سڏجڻ ۾ آئي سا بہ اينگل، نارمن، سيڪسن ۽ مختلف نسلن جي قبيلن سان ملي ٺهي آهي ۽ اهو ئي حال ترڪمان ۽ ايران ۾ وسندڙ قومن جو بہ آهي. ساڳي حقيقت بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب ۾ آباد قومن تي بہ صادق اچي ٿي. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ بہ ڪا هڪ نسل جي قوم آباد نہ آهي. آثارن ۽ پارن مان معلوم ٿئي ٿو تہ پنج هزار سالن کان بہ اڳي وقفي وقفي ساڻ مختلف نسل جا لوڪ هتي آباد ٿيڻ شروع ٿيا. سڀ کان قديم قوم جيڪا هتي وسندي هئي، جنهن جو تاريخ ۾ ذڪر ملي ٿو سا ماڇي ۽ ميد قوم آهي، جيڪا سامونڊي ۽ دريائي ڪنارن سان گڏ گڏ رهندي هئي ۽ ڪشتي راني ۽ قذاقي انهن جو پيشو ئي بنجي ويو هو. بعد ۾ انهن ماڻهن زراعت جو پيشو بہ اختيار ڪيو. وچ ايشيا مان ڪثرت تعداد ۾ جيڪي قبيلا هتي آيا تن پاڻ کي سمراٽ يا سماٽ چوائڻ يعني معزز چوائڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح قديم زماني ۾ عرب ۽ سامي نسل جا ماڻهو بہ هتي اچي آباد ٿيا هئا ۽ اسلام جي اُڀرڻ کانپوءِ تہ اهو سلسلو اڃا بہ وسيع ٿيو. افغانستان، ايران ۽ بلوچستان تہ اهڙا ملڪ آهن، جيڪي سنڌ سان بلڪل ملحق آهن. ترڪ وطن ڪرڻ وارا انسان انهن ئي رستن کان سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا. بلوچ شروع کان ئي ڪثرت تعداد ۾ سنڌ ۾ آباد ٿي رهجي ويا. بلوچ لفظ جي معنيٰ آهي، باهمت ۽ طاقتور. تاريخ جي ابتدائي زماني ۾ ڀارت کان راجپوت ۽ ٻين نسلن جا ماڻهو بہ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. اهڙيءَ طرح اها بہ حقيقت آهي تہ ماضيءَ ۾ سنڌ مان ماڻهو نقل مڪاني ڪري آسپاس جي ديسن ۾ ۽ دور دراز ملڪن ۾ وڃي وسندا رهيا، جنهن جو مثال ڪاٺياواڙي برادريءَ جا ماڻهو آهن. 17 صديءَ ۾ اهي لوڪ خاص ڪري هالا، مٽياري ۽ ٺٽي مان هجرت ڪري ڪڇ ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ وڃي وسيا هئا ۽ ورهاڱي بعد انهن ئي لوڪن جو اولاد پنهنجي وطن ۾ واپس اچي ويو آهي. انهيءَ حقيقت کي جھٽلائي نہ ٿو سگھجي تہ گنگ و جمن وادي ۽ سنڌ جي واديءَ ۾ وسندڙ ڪيترا سارا ماڻهو هڪ ئي نسل سان واسطو رکن ٿا. ان کان علاوه هتي اهڙن قبيلن جي ڪثرت بہ پاتي وڃي ٿي، جيڪي پنجاب ۽ بلوچستان ۾ بہ مشترڪہ طور وسن ٿا.
اگر اسين جاگرافيءَ جي نقطہ نظر سان ڏسنداسون تہ سنڌ جو خطو عرب ۽ هند جي ٻہ واٽي تي بيٺل ملندو. سامي، آريا، منگول ۽ گھڻن سارن نسلن جو هيءُ آماجگاهہ هئڻ سبب هتي جي تهذيب ۾ ڪشادگي ۽ لچڪ جو پيدا ٿيڻ هڪ فطري امر هو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي زبان ننڍي کنڊ جي اُها واحد زبان بنجي رهجي وئي آهي، جا ٻين ڀيڻن يعني تہ هند جي آريائي زبانن سان مماثلت رکندي بہ اُها بلڪل ئي هڪ انوکي زبان معلوم ٿيڻ لڳي ٿي. ان جو واحد سبب اهو آهي تہ سنڌي زبان اُها واحد زبان آهي جنهن ۾ آريائي ۽ سامي ٻنهي زبانن جا مادا مشترڪہ طور پاتا وڃن ٿا. سنڌ وطن شروع کان ئي انساني نسلن جي اختلاف جو گهوارو رهيو آهي ۽ مختلف نسلن جي ميل ميلاپ ۽ انهن جي سُٺاين ۽ خوبين مان ملي، جيڪا تهذيب اُسري وڌِي وِيجھي اُها ئي سنڌي تهذيب سڏجڻ ۾ آئي.
تنهنڪري هتي جيڪو بہ اچي آباد ٿيو سو جلدي محبت ۽ رواداري سببان هتي جو ٿي رهجي ويو. سنڌي تهذيب جي جاذبيت هر هڪ کي پنهنجو پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏي ٿي. مختلف نسلن ۽ قبيلن جا ماڻهو هن ڌرتيءَ جي رنگ ۾ ايترو رچي بسي ويا جو انهن جو ڪو بہ وجود باقي نہ رهي سگھيو. هنن جي اجتماعي ۽ قوميتي سڃاڻپ فقط سنڌي بنجي رهجي وئي. البتہ علحده علحده ذاتين ۽ قبيلن جا نالا اڃا تائين زنده هلندا اچن پيا، پر اُهي تہ محض ذاتي سڃاڻ جي هڪ وسيلي تائين محدود رهجي ويا آهن.
دراصل سنڌ جي تهذيب جو لسٻيلي، سبي، بهاولپور، ديره غازي خان، ڪڇ ۽ مڪران تائين پهرين کان ئي هڪ همئگير اثر رهيو آهي. ڇو تہ هتي جي ماڻهن جو فڪر، لباس، زبان، ادب ۽ شاعري ۽ ٻين تمام گھڻن تهذيبي طور طريقن ۾ يگانگيت پاتي ويندي آهي. پر ان حقيقت کان بہ ڪو انڪار نہ ڪري سگھندو تہ سنڌي مسلم تهذيب، پاڪستان جي معرض وجود ۾ اچڻ بعد زياده ڦل ڦول ڪڍيا ۽ حقيقي طور تي پروان چڙهي آهي. مهاجر ڀائرن جي هتي آباد ٿيڻ کانپوءِ سنڌي معاشرت ۾ تمام خوشگوار اثرات ظاهر ٿيڻ لڳا ۽ سنڌي تهذيب پهرين کان زياده مضبوط ۽ مربوط ٿيڻ لڳي. شروع شروع ۾ تہ مقامي ۽ غير مقامي ماڻهن درميان هڪ قسم جي ڌاريائپ ڏٺي ويندي هئي، ڇو تہ ٻنهي جي زبان تهذيبي اطوارن ۽ خاص ڪري لباس ۾ نمايان فرق ڏسڻ ۾ ايندو هو. ليڪن هندستان کان ترڪ وطن ڪري ايندڙ باشندا جلدي سنڌي ماحول ۾ گھلي ملي ۽ رچي بسي ويا. سنڌ جي ڌرتيءَ جي سُرهي سڳنڌي خوشبوءِ ۽ سنڌو دريا جي پاڻيءَ شايد پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو ۽ سنڌي تهذيب جو درخت ڏسندي ئي ڏسندي تناور ٿي اُسريو بيٺو. اگر سنڌي مسلمان مهمانواز ۽ وسعت نظر جا حامل هئا تہ مهاجر ڀائي بہ وڏا هنرمند، فراخدل، خوش خلق ۽ خوش اطوار ثابت ٿيا. ڏسندي ئي ڏسندي ٻن نسلن جي ميلاپ ۽ آزاديءَ جي دولت جا ثمرات ظاهر ٿيڻ لڳا. مهاجرن کي هتي اچي هڪ قسم جو سڪون نصيب ٿيو. کين ايئن ڪجھہ محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ تہ طويل ۽ ڪٺن جدوجھد کانپوءِ هنن کي ڪو پنهنجو گھر ملي ويو هجي. سنڌي معاشرو جيڪو اڳوڻين پراڻين روايتن ۾ وچڙي رهجي ويو هو، تنهن کي ان کان ڇوٽڪارو ملي ويو. هاڻي قبيلائي تعصبات ختم ٿيڻ لڳا. ٻن مختلف ذاتين جي رشتيداريءَ خلاف ڳالهہ نہ رهي، جيئن پهرين ٿيندو هو. نسواني آزاديءَ جي هوا هلڻ لڳي. اردو زبان جي واقفيت ۽ مطالعي مان بہ اهل وطن وڏو فائدو ورتو، جنهن مان سنڌي ادب ۾ هڪ نئون تنقيدي انداز ۽ اسلوب پيدا ٿيو.
لباس تہ انسان تن ڍڪڻ لاءِ ئي ايجاد ڪيو هو. بلاشڪ بري آدميءَ کي ڪهڙو بہ عمدو لباس پهرايو، پر سندس برائيءَ ۾ ڪو بہ فرق نہ ايندو. پر پوءِ بہ فرد جي شخصيت ۾ نکار آڻڻ لاءِ لباس جي جيڪا اهميت آهي ان کي ڪيئن ٿو نظرانداز ڪري سگھجي؟ ملڪن ۽ ديسن ۾ لباس بہ موسم آهر ۽ فيشن جي معيار مطابق بدلجندا رهندا آهن. سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي تہ ”کائجي دل پسند ۽ پهرجي لوڪ پسند“. يعني تہ ماڻهوءَ کي کاڌو اهو ئي کائڻ گھرجي جيڪو سندس دل چاهي، پر پهرڻ جو معاملو ٻيو ڪجھہ آهي. ڇو تہ سوسائٽيءَ ۾ اُٿڻ ويهڻ ۽ ڪم ڪرڻو پوي ٿو. ان ڪري لباس فقط اهو ئي پائڻ مناسب آهي، جنهن جو عوام ۾ رواج هجي. جو ٻين ڏسندڙن کي بہ پسند اچي. ٻي صورت، ٻي روش ۾، مختلف لباس هئڻ سان انسان جي پوري شخصيت کلڻ هاب بنجي رهجي ويندي. پر ڪجھہ لباس تہ اهڙا آهن جيڪي بين الاقوامي طور تي پسند ڪيا وڃن ٿا. انگريزي سوٽ پائي توهان ڪنهن بہ ديس ۾ هليا وڃو، ليڪن توهان اجنبي ڪو نہ لڳندا. ساڳيءَ طرح اڄ سلوار ۽ قميص جو سوٽ (يڪسان جوڙو) پائي توهان پاڪستان جي ڪهڙيءَ بہ ڪنڊ ۾ هليا وڃو، ليڪن انهيءَ ڊريس جي سببان توهان جي شخصيت هر جڳهہ باوقار لڳندي.
پاڪستان کان اڳ ۾ سنڌي مسلمان جو شاهاڻو لباس سلوار ۽ قميص ئي هوندو هو ۽ مٿي تي عموماً اڄ تائين بہ اها ئي زريدار ۽ ستارن واري سنڌي ٽوپي پاتي ويندي هئي. اها سادي کان سادي بہ ملي وڃي ٿي تہ تمام مهانگي اگھہ ۾ بہ دستياب آهي. غريب، وچولو ۽ شاهوڪار طبقو هر هڪ پنهنجي استطاعت جي مطابق ان کي خريد ڪري پائي ٿو. قميص جي مٿان ڪوٽ يا واسڪوٽ پائڻ جو رواج بہ رهيو آهي. ٽوپيءَ کان علاوه سر تي ڦولدار پٽڪو ٻڌڻ جو رواج بہ عام هو. ايتري قدر جو زميندارن کان علاوه بہ عزتدار ماڻهو شوق سان پٽڪو ٻڌندا هئا. عموماً بوسڪي يا سفيد پاپلين ۽ بافتي جي ڪپڙي مان بنايا ويندا هئا ۽ اهڙن اهڙن شاندار نمونن سان ٻڌا ويندا هئا جو مردانہ وجاهت ۽ شان ۾ چار چنڊ لڳي ويندا هئا.
ليڪن اها ڳالهہ ياد رکڻ جي قابل آهي، تہ سنڌي هندو ڪڏهن بہ سلوار نہ پائيندو هو، کڻي هُو مسلمانن جي وچ ۾ ڇو نہ رهندو هجي. ان حد تائين جو مسلمان ۽ هندو جي سنڌ ۾ سڃاڻپ سلوار ۽ پاجامو ٿي رهجي وئي هئي. سنڌي خواجہ ماڻهو جيڪي شهرن ۽ وڏن قصبن ۾ رهندا هئا تن جي گھڻائي بہ پاجامو ئي پائيندي هئي. مون سيلاٽن کي بہ اڪثر پاجامو پائيندي ڏٺو هو. پنجابي مسلمان آفيسر بہ گھريلو لباس ۾ پاجامو زياده استعمال ۾ آڻيندا هئا. بعض پڙهيل لکيل سنڌي مسلمان بہ هندن جي سنگ ۾ پاجامو پائڻ لڳا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهڙو اتفاق بہ ٿيندو هو جو اهڙي شخص کي ڪنهن مجلس ۾ بي اختيار چوڻو پوندو هو تہ ”هُو مسلمان آهي ۽ هندو ناهي!“
آزاديءَ کان پوءِ هندستان جي مختلف رياستن مان مسلمان جوق درجوق سنڌ ۾ اچڻ شروع ٿيا. پهرين پهرين تہ هڪ عجب جهڙو منظر ڏسڻ ۾ ايندو هو. شهرن جي رستن تي عجيب و غريب لباس ۾ ملبوس ماڻهن جا جھرمٽ جمع هوندا هئا ۽ طرح طرح جون ٻوليون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون. هر شخص ٻئي کي اوپري اک سان ڏسندو هو، تاهم سڀني لوڪن ۾ اسلامي شعائر هڪ اهڙي گڏيل شَي هئي، جنهن سان هر فرد ٻئي کي پنهنجو هم مشرب ۽ ڀاءُ سمجھندي مدد ڪرڻ لاءِ ڊوڙي ايندو هو. نون ايندڙن کي حقيقت ۾ جا چيز عجيب و غريب لڳي رهي هئي سا مقامي ماڻهن جي ڊريس سلوار ئي هئي ۽ ڪجھہ عرصي تائين تہ نوان لڏي ايندڙ ماڻهو ان کي پائڻ کان ڪترائيندا هئا. هيءُ اُهو زمانو هو جڏهن اسان جي ڇوڪراڻي عمر هئي. تاهم ان دور جا ڍير سارا جيڪي دلچسپ واقعات اسان جي مشاهدي ۾ آيا اهي اڃا بہ ذهن مان مِٽجي ڪو نہ سگھيا آهن. ترڪ وطن ڪري ايندڙ هڪ نؤجوان جو واقعو مون کان اڃا تائين بہ ڪو نہ وسريو آهي. اسين چار پنج دوست انهيءَ زماني ۾ شام جو هر روز ڪنهن باغ ۾ سير و تفريح لاءِ نڪري ويندا هئاسون. ان ڏينهن اسين پريم پارڪ ۾ ويٺا هئاسون. روزمره مطابق اسين پنهنجي گپ شپ ۽ کل مذاق ۾ مشغول هئاسون. جو اوچتو ٻي طرف هڪ ليٽيل جوان تي نظر پئي. ايئن محسوس ٿيو ڄڻ تہ هُو ايذاءَ کان ڪنجھي رهيو هو. ويجھو پهتاسون تہ ايئن ئي معلوم ٿيو. هُو اصل ۾ وَٽجي سٽجي رهيو هو. اسان سندس تڪليف معلوم ڪرڻ ۽ مدد ڪرڻ چاهي. پهرين تہ هو ڇوڪرا ڏسي اهو سمجھي ويٺو شايد اسين سندس مذاق اڏائڻ لاءِ آيا آهيون. هُو ڪجھہ زياده ئي دکي ٿيڻ لڳو. ليڪن پوءِ هن جي اها غلط فهمي انهيءَ دم دور ٿي وئي. جنهن جي ڪري بنان ڪنهن جھجھڪ جي هن پنهنجي مصيبت بيان ڪري وڌي ۽ اسان کي مدد لاءِ بہ منٿ ڪئي. هُو ڪامرس جو گريجوئيٽ هڪ گجراتي نوجوان هو، جو ايئن ئي پنهنجي شهر کان نڪري پيو هو ۽ هندستان کان هتي حيدرآباد اچي پهتو. پنهنجي ڪنهن بہ عزيز يا تعلقدار کي ڳولڻ ۾ ناڪام ٿي مايوسيءَ کان ليٽيو پيو هو. پيسا ختم ٿي وڃڻ ڪري هُو ٻن ڏينهن کان بکايل بہ هو. هونئن بہ انقلاب جي ابتدائي ڏينهن ۾ ماڻهو مقامي ۽ غير مقامي جي امتياز کانسواءِ هڪ ٻي جي مدد لاءِ ڊوڙي ايندا هئا. اسان بہ اهو ئي ڪجھہ ڪيو. ان نوجوان کي اسان اتان ئي ڪيڪ بسڪوٽ گھُرائي کارايا ۽ چانهہ پيئاري، تازو توانو ڪيو. پوءِ سندس عملي مدد ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ سوچ ويچار ڪري فيصلو بيهاريو. گجراتي نوجوان کي اسان پاڻ سان گڏ محلي ۾ وٺي آياسون. اسان جي پاڙي ۾ شاهہ جي هوٽل هوندي هئي. اسان کيس ان مصيبت ماريل نوجوان جو احوال سڻائيندي ٻڌايو تہ اسين چاهيون ٿا تہ صرف ڪجھہ ڏينهن تائين هن جي رهڻ ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست ٿي وڃي. جيستائين هُو پنهنجي ڪنهن عزيز يا برادريءَ جي ڪنهن فرد کي ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي. شاهہ نيڪدل شخص هو، جنهن بخوشي قبول ڪري ورتو. هاڻي هيءُ گجراتي شخص رات جو ان هوٽل ۾ ئي سمهي پوندو هو. صبح جو ناشتو بہ کيس شاهہ صاحب هوٽل مان ڏئي ڇڏيندو هو. محلي مان ٽيهہ روپين جي رقم گڏ ڪري هن جي هٿ ۾ ٿمائي، جيئن کيس اچڻ وڃڻ ۾ دقت نہ ٿئي. اسان هن لاءِ ٻپهرن ۽ رات جي مانيءَ جو انتظام بہ ڪري رکيو هو. ليڪن هُو صبح جو نيرن ڪري نڪري ويندو هو ۽ پوءِ رات جو ئي موٽندو هو ۽ کاڌو کائي سمهي پوندو هو. اسان جي پڙ ۾ ماڻهن جي عام استعمال لاءِ ميونسپالٽيءَ جو نلڪو بہ لڳل هوندو هو. هُنَ ڏهن پندرهن ڏينهن کانپوءِ پنهنجا ڪپڙا پاجامو ۽ قميص ڌوئڻ لاءِ صابڻ گھريو. ڇو تہ کيس پائڻ لاءِ ٻيو ڪو جوڙو ڪو نہ هو ۽ جيڪو پاجامو هو سو بہ هڪ ٻن هنڌان ڦاٽي پيو هو ۽ اها صورتحال ڪافي اڻ وڻندڙ هئي. تنهنڪري اسان جي هڪ دوست از راه همدردي گھران پنهنجي وڏي ڀاءُ جي قميص ۽ سلوار کڻي آيو ۽ گجراتي نوجوان کي ڏيندي چيو ”ڀائي تنهنجو پاجامو ڦاٽي چڪو آهي، جيستائين تنهنجي نئين ڊريس جو بندوبست ٿي وڃي تون هِي ڪپڙا پائي وٺ“. نوجوان قميص تہ هڪدم پائي ورتي ليڪن اسان جي تمام گھڻي اصرار ڪرڻ جي باوجود بہ هُو سلوار پائڻ تي راضي نہ ٿيو ۽ چوڻ لڳو تہ ”سلوار پائڻ ۾ مون کي شرم ٿو محسوس ٿئي“. پوءِ هن پنهنجي هٿ سان سُئي سڳي سان پاجامو ٽاڪيو ۽ پائي روانو ٿي ويو. اسين واقعي انهيءَ ڳالهہ تي حيران رهجي وياسون تہ ڀلا سلوار پائڻ ۾ شرم ڇو ٿو اچيس؟“ اسان جا سنڌي مسلمان ڀائر تہ اهو خيال ڪندا هئا تہ انگريز جي پتلون ۽ هندوءَ جي پاجامي کان مسلمان جي سلوار زياده بهتر لباس ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ ان سان انسان جي اوگھڙ چڱيءَ طرح ڍڪجي سگھي ٿي. چند ڏينهن کانپوءِ ئي گجراتي نوجوان کي ڪنهن طرح پنهنجي عزيزن جو پتو ملي ويو ۽ هُو ڪراچيءَ ۾ وڃي نوڪريءَ سان لڳي ويو. اسان جي پوءِ ساڻس ڪڏهن بہ ملاقات ٿي نہ سگھي. پر هاڻي هُو ڀائي بہ سلوار پائڻ ۾ يقيناً عار محسوس نہ ڪندو هوندو.
اهڙو هڪڙو واقعو مون ساڻ بہ ٿيو. پاڪستان جي وجود کي بہ اڃا ڪجھہ سال ئي گذريا هئا. شايد 1952ع جو زمانو هو. آئون ڪراچيءَ ۾ پنهنجي سوٽ جي گھر ڪجھہ ڏينهن جي لاءِ وڃي ترسيس. شام جو جڏهن آئون حسب عادت سلوار قميص جو نئون ڌوتل وڳو پائي ٻاهر نڪرڻ لڳس تہ هُو مون کي چوڻ لڳو، ”اڙي ادا اهو ظلم نہ ڪر، هتي سلوار پائي ٻاهر گھمڻ نڪرندين تہ ماڻهو تو کي اکيون ڦاڙي ڦاڙي ڏسندا. پينٽ پائي وٺ ۽ پنهنجو پاڻ کي عجوبو بنجڻ نہ ڏي!“ ليڪن آئون پوءِ بہ سلوار ۾ ئي ٻاهر نڪري ويس. ڪنهن منهنجي متعلق ڇا سوچيو هوندو يا ڇا جي ڪري سوچيو هوندو اهو تہ پتو نہ لڳي سگھيو، پر اها حقيقت هئي تہ نہ ڄاڻ ڇو آئون پنهنجو پاڻ کي ويڳاڻو محسوس ڪري رهيو هئس.
حقيقت اها آهي تہ زبان ۽ لباس جي سببان انسان ساري مخلوقات ۾ اشرف مڃيو ويو آهي. ڪنهن لباس کي بہ ڀلا ڀلو يا برو ڇا جي ڪري چئي سگھجي ٿو؟ چاهي اهو ڪنهن بہ قوم جو ڇو نہ هجي! هر قوم جو لباس هن جي پنهنجي حسن ۽ جمال جي ذوق جو ترجمان ٿيندو آهي. دراصل انسان رسم و رواج يا ماحول جي تابع رهندي ڪنهن مخصوص لباس جو خوگر بنجي وڃي ٿو ۽ پنهنجي ئي لباس کي زياده سهڻو ۽ سٺو سمجھڻ لڳي ٿو نہ تہ ڪنهن بہ قوم جو لباس بہ خوبيءَ کان خالي نہ هوندو آهي. مهاجرن جي حسن نگاهہ ۽ ذوق لطيف کي بہ داد ڏيڻ کپي. ڇاڪاڻ تہ هنن مسلمان ڀائرن پنهنجي نئين وطن ۾ ايندي ئي سلوار ۽ قميص کي پنهنجو لباس ڪري ورتو. چند سالن ۾ ئي ماحول جو رنگ بدليل ڏسڻ ۾ اچڻ لڳو. مون ڏٺو تہ وڏا پوڙها بزرگ، معزز ۽ امير ۽ غريب سڀ لوڪ ايستائين جو عورتن ۽ مردن بنان فرق جي ايتري قدر تہ سنڌي لباس کي پنهنجو ڪري ورتو، جو سندن نئين نسل کي اهو ڄاڻي تعجب ٿئي ٿو تہ هندستان مان ايندڙ اسان جي بزرگن جو ڪو بہ ٻيو پهرڻو هوندو هو!
سنڌ جي باشندن درميان لباس جو فرق تہ بلڪل ئي مِٽجي ويو آهي. ڇا سنڌي هجي ڇا مهاجر، پٺاڻ هجي يا هندو، عيسائي هجي يا وري ايراني، رتبي جي لحاظ کان ننڍو يا وڏو، معاشري جي ڪنهن طبقي سان بہ وابستہ هُجي، هُو سلوار ۽ قميص جو سوٽ زيب تن ڪري فخر محسوس ڪرڻ لڳي ٿو ۽ ڀلا صرف سلوار ۽ قميص جو ئي تذڪرو ڇو ڪجي؟ مون تہ سنڌ جي سڀني شهرن، ٻيو تہ ٺهيو ڪراچيءَ ۾ عورتن کي اجرڪ پائيندي ڏٺو آهي. اجرڪ کي عزت، شان ۽ تقدس جو لباس تصور ڪيو وڃي ٿو. اجرڪ ۾ شوخ رنگ ۽ بيل ٻوٽا هوندا آهن، جنهن ڪري عورتون ان کي شوق سان پائينديون آهن. اجرڪ پائڻ سان هُو پنهنجي حسن کي خود بہ خود نکرندو محسوس ڪرڻ لڳنديون آهن. جيئن ڪنهن وڻ ۾ ڳاڙها گل ٽڙيا هجن ۽ ٽارين مان لڏندڙ پن گلن کي ڍڪڻ جي ڪوشش ۾ مگن هجن. اسان جا مهاجر ڀائر تہ سنڌي لباس کي تمام گھڻو پائين ۽ پسند ڪن ٿا. توهان سنڌ جي ڪنهن بہ شهر مان گذرندا هجو. توهان کي رستن تي گھمندا ڦرندا تمام گھڻا شخص منهن چڙهندا جن جي مٿي تي سنڌي ٽوپي پاتل ملندي. ڇا هي سڀ جا سڀ ماڻهو سنڌي الاصل آهن؟ نہ يار نہ. هي وطني ڀائر تہ ضرور آهن، ليڪن سڀ جا سڀ پراڻا سنڌي هرگز نہ آهن. انهن ۾ مهاجر ڀائرن جو تعداد بہ ڪافي موجود آهي. خود منهنجا ڪيترا مهاجر احباب ۽ هم ڪار رفيق سلوار قميص کان علاوه مٿي تي سنڌي ٽوپي ۽ ڪلهن تي اجرڪ رکندا گھمندا ڦرندا ۽ ڪچهرين ۾ اُٿندا ويهندا آهن. اڃا ڪجھہ ٿورا ڏينهن گذريا آهن جو هڪ اهڙو حسن اتفاق ٿيو، جنهن جو هتي بيان ڪرڻ دلچسپيءَ کان خالي نہ هوندو. چند روز اڳي آئون هڪ اهڙي مجلس ۾ شريڪ ٿيس جتي ٻيا بہ ڪيترا سارا پروفيسر صاحبان شريڪ ڪار هئا. هاڻي اهو هڪ رواج بنجي ويو آهي تہ مهذب قومي ڍنگ اختيار ڪرڻ ۽ شخصي وقار وڌائڻ خاطر هر موقعي ۽ مهل تي قومي لباس يعني سلوار ۽ قميص پائڻ پسند ڪيو وڃي ٿو. مون جو چئن ئي پاسي نظر ڊوڙائي، ان ساڳي مانوس لباس ۾ ماڻهو نظر آيا، پر منهنجي نظر يڪايڪ هڪ اهڙي شخص تي مرڪوز ٿي وئي، جنهن جو خاص سبب سندس پوشاڪ هئي. هُو مڪمل ۽ خوبصورت سنڌي ڊريس پهريل هو. خاص ڪري مٿي تي هڪ نهايت عمدي سنڌي ٽوپي پاتل هئس، جنهن هر ڪنهن جي نگاهہ کي ڪشش پئي ڪيو ۽ ان شخص جي وڳي تي اها ٽوپي تمام ٺهڪي پئي. هيءُ اسان جو مهربان دوست ڪفيل احمد خانزادو هو. هُو صاحب پروفيسرن جي پرائيويٽ ڪيڊر جي يونين جو سرڪردو رهي چڪو آهي ۽ انهيءَ سبب استادن جي حلقي ۾ مقبول بہ رهيو آهي. اسان جا شروع کان ئي پاڻ ۾ دوستانہ تعلقات رهيا آهن. منهنجي احبابن جي حلقي ۾ اهڙا اردودان صاحب بہ آهن، جيڪي سنڌي مادري زبان وانگر روانيءَ سان ڳالهائيندا آهن ۽ ڪفيل بہ انهن مان هڪ آهي جو صاحب سنڌي زبان تمام خوبصورتيءَ سان ادا ڪندو آهي. جڏهن اسين بغلگير ٿي ملياسين تہ مون خوش طبعيءَ خاطر کيس چئي ڏنو تہ ”ڪفيل صاحب اڄ تون مون کي جيئي سنڌ تحريڪ جو قومي ڪارڪن پيو لڳين“. منهنجي ڳالهہ تي ڪنهن ٻي دوست ٺوپڪَ ٻڌي چئي ڏنو ”ڏسجئين متان ڪو لڪل گوريلو نہ هجي“. بهرحال اهو مذاق بہ خوب ٿيو. اسين سڀ دوست خوب کلياسون ۽ کلي کلي کيرا ٿياسون. ڳالهہ ٻڌائڻ جو اهو مقصد هو تہ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ئي سنڌي لباس جو حقيقي شان وڌيو آهي ۽ ان جي عزت ۽ منزل وڌائڻ ۾ سنڌ جي نون باشندن جو خصوصي عمل ۽ ڪردار رهيو آهي، جن ماڻهن بغير ڪنهن اعتراض ۽ تفاوت کانسواءِ وطني لباس کي مقبول عام بنايو. اسان جا مهاجر دوست سنڌ کان هندستان ويندا آهن، تڏهن اُتي بہ انهيءَ لباس ۾ هلندا گھمندا آهن، جو هينئر اهو سندن پنهنجو لباس بنجي ويو آهي. هڪڙي دوست اها ڳالهہ ٻڌائي تہ جڏهن هو اجمير ۽ جيپور ۾ هئا، تہ سنڌي هندن کين سلوار ۽ قميص ۾ ڏسي اهو سمجھندي تہ هُو سنڌ مان آيا آهن، سندن گھڻي آئو ڀڳت ڪئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور حڪومت ۾ اهو ئي لباس ايوان حڪومت، ديوان انتظاميہ ۽ مجالس ۽ مشاورت کان علاوه دولتخانن ۽ غريبخانن جو بيڪ وقت امتيازي شان شوڪت بنجي ويو. ڇا حاڪم هجي ڇا وزير، ڊاڪٽر هجي يا پروفيسر يا وري ڪلارڪ ۽ عام ماڻهو يا وري مزدور، هر هڪ فرد جو اهو ئي لباس زيبائش بنجي ويو.
قبل پاڪستان، سائينءَ جوڙيا سفيد پوش سنڌي عام طرح پڻئي جي سلوار ۽ پاپلين جي قميص پائيندا هئا. پاپلين رنگدار ۽ مختلف ڊزائينين ۾ سوٽي ڪپڙو هوندو هو. خاص ڪري انگلينڊ جي ٽوباءِٽو پاپلين نفاست ۽ جٽاداريءَ ڪري مقبول هوندي هئي. شاهوڪار ۽ زميندار سنڌي مسلمان ڊبل گھوڙا چائنا بوسڪي جي سلوار قميص جو سوٽ پهري پنهنجي اميري شان جو ڏيک ڪندا هئا. ليڪن هاڻي جي ڳالهہ ئي ڪجھہ ٻي آهي. عموماً سلوار ۽ قميص يڪ رنگ ۽ هڪ ئي ڪپڙي مان تيار ڪئي وڃي ٿي ۽ ان تي ميچڱ واسڪوٽ پائڻ جو رواج بہ ٿي ويو آهي. جهڙيءَ طرح انگريزي ڪوٽ ۽ پتلون جو فل سوٽ ٿئي ٿو. ساڳيءَ طرح سلوار ۽ قميص جي سوٽ جي لباس جو رواج بنجي ويو آهي. فيشن جي اندازي سان قميص کي خصوصي طور تي ٺاهيو وڃي ٿو. ڪالر، پليٽ، ۽ جيبن وغيره کي مختلف زاوين کان ڊزائينس بنائي انهن جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪيو وڃي ٿو. لباس جي ماهرن جو چوڻ آهي تہ عربي ۽ عجمي ڊريسن ۾ سلوار ۽ قميص جو جوڙو خوبصورت ترين ڊريس ٿئي ٿو. انگريزي پتلون بعد انساني قدوقامت ۽ شخصي نکار لاءِ اهو ئي هڪ سٺو ۽ سهڻو لباس مڃيو وڃي ٿو. سموري پاڪستان اندر زنانہ ۽ مردانہ ڪپڙن ۾ سلوار ۽ قميص جي ڪپڙن جي تمام گھڻي طلب رهي آهي. متعدد ڪارخانا نت نوا حسين ۽ پرڪشش ڪپڙا ٺاهڻ ۾ مقابلو ڪندا رهن ٿا ۽ ريڊي ميڊ ڪارخانا ۽ ورڪشاپون نئين ڊزائينن مان سلوار قميص بنائڻ ۾ مصروف رهندا اچن ٿا، پر وري بہ سلوار ۽ قميص جي ملبوسات جي گھر آهي جا ساڳئي وقت وڌندي ئي وڃي پئي!
سنڌي مسلمان اجرڪ کي اسلامي شعائر ۽ روايات جو پاسدار سمجھي ٿو، (حالانڪ تاريخي طور اها فقط ديسي روايت ثابت ٿي آهي)، جنهن جي سببان سنڌي معاشري ۾ هميشہ ان کي هڪ تقدس حاصل رهيو آهي. اهو رواج بہ هميشہ کان هلندو اچي پيو تہ جڏهن ڪنهن فرد جي عزت ۽ تعظيم ڪرڻ مقصود هوندو آهي تہ ان جو اظهار اجرڪ پارائي ڪيو ويندو آهي. هاڻي اها اجرڪ بہ ساري پاڪستان ۾ مقبول ٿيندي پئي وڃي. اڃا ڪجھہ ئي ڏينهن گذريا آهن جو ٽي وي تي هڪ اهڙو منظر ڏسڻ ۾ آيو. اسان جي محترم صدر غلام اسحاق خان ۽ اسان جي محترمہ وزيراعظم بي نظير ڀٽو ڪنهن تقريب ۾ تشريف فرما هئا ۽ وڏين وڏين شخصيتن سان مضائقي ڪرڻ ۾ مصروف ڏسڻ ۾ پئي آيا. ليڪن جيڪا قابل‌ديد ڳالهہ هئي سا اها هئي تہ انهن ٻنهي جون شخصيتون اجرڪ جي باعث زياده تاب ڪري رهيون هيون.
جيستائين سنڌي ۽ مهاجر تهذيب ۾ يڪسانيت جو سوال آهي تہ اهو اشتراڪ عمل جو پراسيس جاري ۽ ساري هلندو اچي. سنڌ جي نون ۽ پراڻن باشندن درميان هاڻي کانن جو فرق بہ مِٽجندو وڃي. سنڌي ماڻهو هاڻي حليم، ڪڙاهي ۽ نهاري وغيره جهڙا کاڌا گھڻي شوق سان کائين ٿا. ورنہ هو انهن کاڌن جي لذتن کان ايتري قدر محروم هئا جو چکڻ کان بہ دور ڀڄندا هئا. پاڪستان کي وجود ۾ آئي اڃا چند مهينا ئي ٿيا هئا. اسان جي پاڙي ۾ چند قدم اڳيان هڪ جاءِ ۾ بندو خان اچي رهيو هو. هن جا اسان جي ماما سائينءَ سان تمام گهرا واسطا ٿي ويا هئا. هڪ ڏينهن هن گھر ۾ ڪنهن سادي تقريب جو اهتمام ڪيو هو ۽ پنهنجي عزيزن کان علاوه اسان جي ماما کي بہ مدعو ڪيو هو. ليڪن خبر نہ آهي تہ اسان جو مامو سائين دعوت کائڻ کان ڇو ڪترائي رهيو هو. بهرحال پاڻ اسان ننڍڙن کي، پنهنجي وڏي فرزند ۽ مون کي گھُرائي اها تاڪيد ڪيائين تہ هُو خود تہ ڪنهن ڪم ۾ مصروف آهن، تنهنڪري اسين دعوت ۾ وڃي شريڪ ٿيون. اسان وقت تي اتي پهچي وياسون. دڪان ٻاهران گلم وڌا ويا هئا ۽ مٿان چادرون وڇايل هيون. دعوتي حضرات سليقي سان ويٺا هئا. کائڻ لاءِ پليٽون سامهون رکجڻ شروع ٿيون. پر خبر ناهي تہ اسان کي اهو کاڌو ڇو راس نہ پئي آيو. اسان اهو بہ اندازو لڳائي نہ پئي سگھياسون تہ ڪهڙي شڪل رڌل آهي. شايد حليم هو يا وري دال دليو هو، يا ٿي سگھي ٿو تہ اٽي جي ڪوفتن جو سالن هجي. بهرحال ٻوڙ جو رنگ روغن دل کي نہ پئي وڻيو ۽ اسان جي ڪمبختي اها ٿي جو اسين رزق کي ايهين ئي ڇڏي اُتان اهڙو گم ٿياسون جهڙو گڏهہ جي مٿي تان سڱ! بلڪل اهڙيءَ طرح اسان جي مهاجر ڀائرن جي دل کي سنڌي کاڌا ڪو نہ وڻندا هئا. پر هاڻي هنن کي بہ سنڌي کاڌن جو ذائقو وات تي چڙهي ويو آهي، ۽ هُو ٻين کاڌن کان علاوه خالص سنڌي ڊش جنهن ۾ مڇي پلاهہ ۾ رڌل هوندي آهي، سا بہ وڏي شوق سان کائين ٿا. حقيقت اها آهي تہ سنڌ جي نوَن ۽ پراڻن لوڪن جا کاڌا ’يڪ آميزه‘ بنجندا پيا وڃن. ورنہ سنڌي کاڌا لذيذ تہ هوندا هئا ليڪن چٽپٽا ۽ مصالحيدار گھٽ ٿيندا هئا ۽ هاڻي نوان سنڌي بہ ٻوڙ ۾ ڪڙاڻ پهرين کان گھٽ استعمال ڪرڻ لڳا آهن، ۽ انهن ۾ ادرڪ جو مقدار بہ اڳي کان گھٽ ٿئي ٿو.
دراصل کاڌن جو تہ اڄ ڪلهہ سموري دنيا ۾ هڪ بين‌الاقوامي ڪلچر اڀرندو نظر اچي رهيو آهي. توهان کي مختلف ملڪن جا ماڻهو هڪ جهڙا کاڌا کائيندا ملندا. چائنيز کاڌا، برگر، سينڊوِچ، سُوپ، ۽ ٻيو فاسٽ فوڊ ساري عالم ۾ جت ڪٿ مرغوب کاڄ بنجي ويو آهي. پنهنجي ملڪ اندر بہ هڪ وسيع تر پاڪستاني معاشري جي تعمير ٿيڻ لڳي آهي. جنهن ۾ ماڻهو پشاوري، لاهوري، سنڌي ۽ هندستاني سڀني قسمن جا کاڌا پسند ڪرڻ لڳا آهن. شاهانہ دعوتن ۽ هوٽلن ۾ چپلي ڪباب، ڪڙاهي گوشت ۽ چرغہ مرغي وغيره جهڙا مختلف کاڌا عموماً کاڌا وڃن ٿا، جيڪي اڄڪلهہ مزيدار غذا ۾ شمار ٿين ٿا ۽ دعوتن ۾ شوق سان طلبين ٿا.
قومن جو لباس ۽ کاڌا تہ مخصوص ٿيندا ئي آهن، ليڪن جا چيز ڪنهن قوم جي سڀ کان وڏي شناس ٿيندي آهي، سا ان جي پنهنجي زبان ٿيندي آهي. زبان معاشرت ۽ تهذيب جو هڪ حساس مگر طاقتور آلو ٿئي ٿي، جنهن سان فردن ۽ شخصن جي وچ ۾ رابطن جو دارومدار رهي ٿو. جذبات ۽ خيالات جي ترجمانيءَ جو حق صرف زبان سان ئي ادا ٿي سگھي ٿو. پاڪستان کان اڳ سنڌي زبان سنڌ جي واحد عوامي ۽ سرڪاري زبان هئي، جا سنڌ جي گوشي گوشي ۾ گونجندي هئي. اها پوري صوبي جي تعليمي ۽ ادبي زبان بہ هئي تہ پارليامينٽري، دفتري ۽ عدالتي زبان بہ هوندي هئي. ايستائين جو مرڪزي کاتن جا فارم ۽ هدايتون وغيره بہ اسان جي علائقي لاءِ فقط سنڌي زبان ۾ ڇپجي ايندا هئا. بيروني ملڪن جون ڪمپنيون پنهنجي مال کي مشتهر ڪرڻ لاءِ سنڌي زبان جو سهارو وٺنديون هيون، ۽ فارماسيوٽيڪل ڪمپنيون پنهنجي دوائن جون خصوصيتون سنڌيءَ ۾ لکنديون هيون. المختصر تہ هتي سنڌ ۾ سنڌي زبان جو چلن عام بنجي رهجي ويو هو. ان حد تائين جو ڪو بہ ڪنهن بہ علائقي جو باشندو اگر سنڌ ۾ اچي مقيم ٿيندو هو تہ بي اختيار هُو اها ئي زبان استعمال ڪرڻ لڳندو هو ۽ اها سندس فطرت ثاني بنجي ويندي هئي. اسان جا مهاجر ڀائر بہ هڪ نهايت ئي مهذب، ترقي‌يافتہ ۽ ادبي لحاظ کان هڪ زرخيز زبان پاڻ سان گڏ کڻي آيا. اردو زبان کي هڪ وسيع تر زبان جي حيثيت حاصل هئي ۽ اها هندستان ڀر ۾ مقبول ۽ رابطي جي زبان طور رائج هئي. ورهاڱي جي ابتدائي دور ۾ ڪجھہ عرصي لاءِ نون ۽ پراڻن لوڪن کي پاڻ ۾ اظهار خيال ڪندي دقت پيدا ٿيندي هئي. ايتري قدر جو سنڌي ۽ مهاجر هڪ ٻي جي ڳالهہ سمجھي بہ نہ سگھندا هئا. ليڪن اها ديوار ڊهندي ڪا گھڻي دير ڪا نہ لڳي. جنهن جا ڪي ٺوس سبب آهن. اگرچ سنڌ جو عام آدمي اردو زبان کان اڳ ۾ ڪا بہ آشنائي نہ رکندو هو ۽ ٻي طرف اردو ڳالهائيندڙن لاءِ سنڌي زبان هڪ انوکي زبان جي حيثيت رکندي هئي، تنهن هوندي بہ ٻنهي زبانن ۾ گھڻيون ئي هڪجھڙايون بہ هيون. خاص طور ٻنهي جو سرچشمہ حيات هڪڙو ئي هو. يعني تہ ٻئي ٻوليون فارسي ۽ عربي لفظن مان سيراب ٿينديون هيون، ٻئي زبانون اسلامي تمدن جو پسمنظر رکنديون هيون. ان سببان سنڌي توڙي اردو ٻولين جي الفابيٽ جو ماخذ هڪڙو ئي سرچشمو هو. ٻنهي قومن جي تهذيبي ميلاپ جا جلدي مثبت اثرات نڪرڻ شروع ٿيا. تنهنڪري ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌي ماڻهو روانيءَ سان اردو ڳالهائڻ لڳا. درسگاهن ۾ بہ سنڌي شاگرد شوق سان اردو پڙهڻ لڳا. سنڌي تعليم يافتہ افراد بہ اردو زبان ۽ ادب ڏانهن راغب ٿيڻ لڳا ۽ سنڌيءَ جا عالم اردو لتريچر مان استفادو وٺڻ ۾ منهمڪ ٿي ويا. دراصل اردو زبان جيئن تہ سهل ۽ لچڪدار هئي، جنهن سبب مقامي ماڻهو بہ جلدي ان طرف مائل ٿيڻ لڳا. ان کان علاوه اردوءَ جي پاڪستان گير اهميت جي پيش نظر مقامي اديب ۽ فنڪار اردوءَ جي دلڪشيءَ جا اسير بڻجي ويا. هاڻئ بہ اردو ڊراما لکڻ وارن ۾ سنڌي اديبن جو ڪثير تعداد ان ڳالهہ جو شاهد آهي.

سنڌي ۽ مهاجر ماڻهن جي معاشرتي لاڳاپن جو اهو اثر نڪتو جو ٻئي ٻوليون هڪ ٻي تي اثرانداز ٿي رهيون آهن. ايستائين جو مهاجرن جي لب لهجي ۾ بہ سنڌي زبان جا نمايان اثر موجود آهن ۽ خصوصاً ننڍڙن ٻارن ۾ سنڌي لوڪ گيتن جا ٻول اردو زبان جي گيتن کان وڌيڪ ئي مقبول آهن. اردو ۽ سنڌي ٻنهي زبانن ۾ هڪ ٻي جا الفاظ ۽ اصطلاح گڏجندا مسجندا وڃن. هاڻي تہ هندستان ۾ رهندڙ مسلمان جي اردو زبان ۽ هتي سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ نئين نسل جي اردو زبان ۾ هڪ واضح فرق پيدا ٿي ويو آهي. دراصل سنڌي زبان بہ مهاجر ڀائرن جي اولين نہ تہ ٻي زبان ضرور بنجي چڪي آهي. لاتعداد ماڻهو سنڌي زبان کي مادري زبان جي انداز ۾ نہ صرف ڳالهائيندا آهن بلڪہ ڳالهائيندي مخر محسوس ڪن ٿا.
مطلب تہ سنڌي مهاجرن جي نون نسلن وچ ۾ تهذيب جو اشتراڪ عمل ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، جنهن کي ڪنهن بہ طرح روڪي نہ ٿو سگھجي. ليڪن صرف ظاهري سببن جي لحاظ کان ٻن قوميتن جو ملي هڪ ٿيڻ جو دنيا ۾ ڪٿي بہ مثال نہ ملي سگھيو آهي. اڃا بہ مادي شين، ڪوشا، لباس، ۽ زبان جو ميلاپ وغيره قوميت جا بنيادي جُزا مڃيا وڃن ٿا. حقيقي وجود وٺڻ ۾ تهذيبي ۽ معاشي عوامل ڪارفرما رهيا آهن. اگرچہ سنڌي ۽ مهاجر ٻئي واحد دين اسلام جي فيض ۽ برڪت سان مالامال آهن. اهو ئي سبب آهي جو ٻنهي جي فطر و عمل ۾ هڪ فطري يگانگت پاتي وڃي ٿي. مذهب هڪ اهڙو فطري عنصر آهي، جو نون ۽ پُراڻن ماڻهن کي وڏي عرصي تائين هڪ ٻي کان پري رکي سگھي ٿو. تاهم مهاجر ۽ سنڌي نسلن ۾ جيڪو ذهني تضاد موجود آهي، تنهن کي بنياد کان نہ ٿو مِٽائي سگھجي. انهن کي دُور ڪرڻ ۾ يقيناً وقت کپندو. دراصل ماضيءَ ۾ انهن نسلن جي فطري سکيا ۽ قلب جي تاليف جدا جدا ماحول ۾ پروان چڙهي آهي. جنهن سان ٻنهي جي فڪر ۽ نگاهہ ۾ فرق رهجي ويو آهي ۽ ٻنهي ۾ وطن جو تصور مختلف آهي. انهيءَ ڳالهہ جو اندازو سنڌي ۽ اردو ادب، شعر جي ارتقائي منزلن ۽ ٻنهي قومن جي فڪري ۽ عملي تحريڪن جي مطالعي ۽ تجزيي مان بخوبي لڳائي سگھجي ٿو.
هندي مسلم تهذيب يا اسلاميات هند جو وطن جو تصور هميشہ کان هڪ الميہ سان دوچار رهيو آهي، جنهن جو هڪ بي ساختہ مگر خوبصورت اظهار اردوءَ جي عظيم ناول ”آگ ڪا دريا“ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. محترمہ قرت‌العين حيدر انتهائي فنڪارانہ طرز تي پنهنجي قوم جي مادي ۽ نفسياتي لاهہ چاڙهہ جو نقشو چٽيو آهي تہ هيءَ قوم ڪهڙين نامسامد حالتن ۾ ذهني ۽ روحاني ٽڪرائن سان الجھندي قدم بقدم اڳتي وڌندي رهي آهي. ناول ۾ انهيءَ رفيق احساس جي هڪ تصوير جھلڪندي نظر اچي ٿي. غريب‌الوطن مسلمانن جو قافلو جڏهن جمنا جي ڪناري تي پهريون ڀيرو لٿو تہ هند جي ڌرتي ۽ لوڪ هنن لاءِ بلڪل اجنبي هئا. پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ گڏ مسلمانن جو مقامي باشندن سان خون جو رشتو بہ ٿيندو ويو. هنن هند جي سرزمين جي رهڻي ڪهڻي، بودوباش ۽ نيٺ سندن رسيلي ٻوليءَ کي پنهنجايو، پوءِ بہ خبر نہ آهي تہ ڇو وطن متعلق سندن تصور ماديت کان سراسر ماورا رهجي ويو!
پاڪستان جي قيام بعد آئون اردو زبان ڏانهن بہ راغب ٿيس. مون اردو ادب جو باقاعدي مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو. معلوم ٿيو تہ هيءَ زبان ادب جي معاملي ۾ ڪافي شاهوڪار آهي ۽ ٿوري مشق ۽ ڪجھہ مطالعي کانپوءِ ان ۾ ڪافي قدر آسانيءَ سان اظهار خيال جو رستو کُلي سگھي ٿو. ان جي سحر انگيزيءَ مون کي بہ ڇڪيو ۽ مون جديد اردو ادب سان گڏ گڏ اردو ڪلاسيڪي ادب جو بہ مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو. سچ پُڇو تہ غالب جي شاعري منهنجي روح ۾ بہ لهي وئي. مڃڻو پوي ٿو تہ غالب جي فن ۾ شعريت جو جادو وڌ کان وڌ آهي. انساني وجود کي نفسيات جي روءِ کان هڪ پکڙيل ڪائنات سان تشبيهہ ڏني وئي آهي ۽ غالب پنهنجي تخيل جي زور تي ان جي وسعتن ۾ پهچي وڃي ٿو ۽ نامعلوم گوشن تائين انهن کي ڇهي وٺي ٿو. ايتري قدر جو پڙهندڙ سندس شعر ۾ بلڪل گم ٿي وڃي ٿو. نہ رڳو اهو بلڪہ بعض نڪتن جي تهن ۾ پنهنجي وجود جو عرفان حاصل ڪري هڪ ابدي خوشيءَ جو احساس پائي ٿو. هر عظيم شاعر جي اندر هڪ بي پايان تڙپ موجزن هوندي آهي، ڇاڪاڻ تہ سندس ذهن زندگيءَ کي ڪنهن نہ ڪنهن معنويت ڏيڻ جي تلاش ۾ سرگردان رهندو آهي. غالب بہ زندگيءَ جي محرومين جو ذڪر ضرور ڪري ٿو، ليڪن سندس شاعريءَ مان پيدا ٿيندڙ تاثير ياس انگيز هوندي بہ خوش نوا جانفزا ٿئي ٿو. تاهم مون کي غالب جي شاعريءَ ۾ ڪا نہ ڪا ڪمي محسوس ٿيڻ لڳندي هئي، جا منهنجي ذهن جي ڪنهن خالي گوشي کي پُر نہ ڪري سگھندي هئي. مون کي هميشہ اهڙو احساس ٿيندو هو جيئن غالب ڪنهن منزل تي ترسڻ تہ چاهي ٿو پر هُو ترسي نہ ٿو سگھي. سندس ڪلام مان هڪ عجيب ويڳاڻپ محسوس ٿيندي هئي، جيئن هُو ڪنهن کي پنهنجو سمجھي بہ پنهنجو ڪري نہ سگھي. ان ڳالهہ ۾ لطيف جو انداز نظر بہ غالب جي تصور کان مختلف نہ آهي. سنڌي زبان جي هن عظيم شاعر جو احساس بہ انساني تقدير ۽ ڪائنات جي نسبت سان هڪ غم انگيز تاثير ۾ ٻڏل ملي ٿو. لطيف جو ڪلام بہ ماورايت ۽ روحانيت جو ئي عڪاس آهي. تاهم اعليٰ تفڪر جي باوجود بہ هن جا قدم ڌرتيءَ تي ڄميل محسوس ٿين ٿا ۽ ڪنهن ڄاتل سڃاتل منزل طرف ويندا ڏيکائي ڏين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ان جو ڪائنات‌گير غم ۽ احساس بہ پنهنجي هم وطنن جي بدنصيبين جون ارداسون بنجي رهجي وڃن ٿيون. لطيف جو هر تصور ۽ تخيل وطن جي تهذيب جي اڇوتي تمثال ۾ لهي وجود پائي ٿو. هُو عوام جي زندگاني ۽ ان جي ڏکن ۽ خوشين ۾ ئي پنهنجي ذات ۽ وجوديت جي تسڪين کي ڳولي ٿو. هن جي روح جو آواز يا فڪري اُڏام وطن جي سرزمين ۽ ان جي مڪينن سان وچن‌بنديءَ commitment تي ٻڌل آهي. غالب جو احساس غم انساني وجود جي لايعنيت جو عڪاس آهي، ليڪن لطيف جا شعر پنهنجي هم وطنن جي جذبات جو آواز بنجي گونجن ٿا. مثلاً شاهہ لطيف متعدد شعرن ۾ وطن دوستيءَ جي هن طرح ترجماني ڪري ٿو.

1. ”لوڪو فارسي زبان ۾ تحصيل هرگز حاصل نہ ڪريو ورنہ
توهان جي ذهينت غلامانہ بنجي ويندي“.
ياد رهي تہ ارغون ۽ ترخان فرمانروائن جي زبان فارسي هئي، پر سنڌي زبان بہ ان دور ۾ ترقي‌يافتہ ٻولين جي برابر ۽ مڪتبن ۾ تعليمي ذريعو بنيل هئي. ايستائين جو سنڌي زبان ۾ لغت جي ترڪيب ۽ تدوين جو رواج بہ هلي پيو هو. انهيءَ زماني ۾ ٽن ٻولين واري لغت کي سنڌيءَ ۾ ”ٽوايا“ چيو ويندو هو. هڪڙي شعر ۾ شاهہ لطيف رحہ اهڙن شخصن جي نندا ڪئي آهي، جي پنهنجي ذاتي منافعي کي مد نظر رکندي وطن جِي خدمت کي وساري ڇڏين ٿا. هُو چوي ٿو:
2. ”حيف آهي اهڙن ماڻهن تي جي پنهنجي ديس ۽
ديس واسين کي وساري ڇڏين ٿا“.
آئون پهرين ذڪر ڪري آيو آهيان تہ پراڻن ۽ نوَن سنڌي باشندن جيئن تہ مختلف تهذيبي ماحول ۾ پرورش پاتي آهي، ان ڪري ٻنهي جي فڪر و رجحان ۾ تفاوت نظر اچي ٿو. ماضيءَ ۾ سنڌ ۽ هند جي اڪابرن جيڪي ذهني ۽ فڪري تحريڪون هلايون تن ۾ وطن بابت بنيادي نظرياتي نڪتي جو فرق موجود آهي. سنڌ جي قديم صوفيائي ڪرام جي تحريڪن ۾ مخدوم نوح هوٿياڻي ۽ مخدوم بلاول جو نالو سَرِ فهرست آهي. ليڪن هنن ٻنهي ديني بزرگن جون تحريڪون تصوفانہ هوندي بہ سندن نگاهہ واضح طور تي وطن پرستي بلڪہ سنڌ دوستيءَ جي نڪتي تي ٽڪيل نظر اچي ٿي. شاهہ عنايت شهيد لانگاهہ جي تحريڪ تہ سنڌي عوام جي ذهن تي اڻ مِٽ اثر ڇڏيا، جنهن بزرگ انقلابي ۽ مادي فڪر جي تجديد ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏيڻ کان بہ نہ هٽڪيو. اهڙيءَ طرح شاهہ عنايت رضوي، شاهہ لطيف ۽ خليفي نبي بخش جا ڪلام ۽ اشعار بہ روحانيت ۽ انسانيت پروري تي مبني آهن. تنهن هوندي بہ عوامي جذبات جي عڪاسي ۽ وطن پروريءَ کان مبرا نہ آهن.
سنڌ جي ننڍڙي صوبي تان نظر کڻي اگر اسين هندستان جي وسيع ۽ عريض خطي تي نظر وجھنداسون تہ اُتي بہ عالمن ۽ فاضلن ڪيترين تحريڪن جو بنياد وڌو، جنهن سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي فلاح ۽ بهبود جون ڪيتريون ئي راهون نڪري آيون. شاهہ ولي الله جي روح اسلام جي تجديد ۽ ديوبند جي احياءُ اسلام جهڙين تحريڪن هند جي مسلمانن کي مايوسين جي انڌيرن مان ٻاهر ڪڍندي سندن ذهنن کي روشنيءَ سان منور ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ليڪن سر سيد جي ترقي پسندانہ تعليمي ۽ سياسي جدوجھد مسلمانن لاءِ سڀ کان زياده افتخار جو سرمايو ثابت ٿي. ان تحريڪ جي باعث ئي برصغير جي مسلمانن ڪاميابين جون وڏيون وڏيون منزلون طيءِ ڪري وڌيون. تاهم جنهن خطي مان اهي تحريڪون اُٿيون ۽ جنهن زبان ۾ پروان چڙهيون اُتي جي سرزمين سان پنهنجو رشتو ڪنهن طور تي بہ مضبوطيءَ سان جوڙي نہ سگھيون. دراصل گنگ ۽ جمن جو رسم ۽ رواج ۽ ٻولي مقامي مسلمانن جي تهذيب جو ڪنهن حد تائين تہ حصو ضرور بنجي وئي، جو هڪ فطري عمل بہ هو، ليڪن پوءِ بہ هنن افڪار حيات ۾ مخصوص تهذيب يا لسان جي بنياد تي وطن پرستيءَ جو واضح ترين ڪو بہ تخيل پيدا نہ ٿي سگھيو. چنانچہ مسلمانن جي فڪر ۽ نظر ۾ هندي وطن بجاءِ هڪ نظرياتي وطن جنم ورتو.
پاڪستان ۾ هڪ کان زائد قوميتن جي دعويٰ ڇا جي ڪري ڪئي وڃي ٿي؟ ان جي پٺيان ٺوس حقائق آهن، جنهن کان ڪنهن مورخ واسطي اک چورائڻ مشڪل جهڙي ڳالهہ ٿيندي. جڏهن ننڍي کنڊ ۾ پاڪستان جي آزاد مملڪت وجود ۾ آئي تہ پنج مسلمہ صوبا ۽ مسلم قوميتون ان جي اندر موجود هيون. جيتوڻيڪ اسين سڀ ڪلمي گو مسلمان تہ هئاسون، تنهن هوندي بہ هر علائقو پنهنجي پٺيان هزارن سالن جي علحده تهذيب ۽ شناسائي بہ رکندو هو. بنگالي باشندا لک درجا مسلمان سهي، ليڪن ڇا هنن جي پنهنجي سڃاڻپ ۽ انفراديت بنگال سان ٻڌل نہ هئي؟ تهذيب ۽ اطوارن ۾ بنگاليءَ جو جيڪو الڳ تشخص هو تنهن کي هُو ڪيئن ٿئي ڇڏي سگھيو؟ شخصيت وانگر تهذيب بہ انسان جو پاڇو ٿئي ٿي، جنهن کي اگر آدمي چاهي تہ بہ پنهنجو پاڻ کان الڳ نہ ٿو ڪري سگھي. هاڻي اٺ ڪروڙ ماڻهو جيڪي منفرد زبان ۽ علحده تهذيبي ورثو رکندا هجن انهن کي ڇا جي ڪري ۽ ڪيئن اصرار ڪري سگھجي ٿو تہ توهين هڪدم پنهنجي سُڃاڻ ڇڏي ڏيو؟ مشرقي پاڪستان جا ماڻهو مسلمان ۽ ڪلمي گو هئا تہ بہ پاڻ کي پنهنجي زمين جي تهذيبي رشتي سان مضبوطيءَ ساڻ جڪڙي بيٺا هئا ۽ ”سونار بنگلہ“ سَندن جسم ۽ جان هو. هُو مسلمان تہ هئا ليڪن بنگالي مسلمان!
پنجاب کي دريائن ۽ لهلهائيندڙ کيتن جي سر زمين سان ياد ڪيو ويندو آهي. هتي جو جيالو ۽ بهادر انسان ڪڏهن بہ پنهنجي دل مان پنهنجي منفرد ڪلچر کي وساري نہ سگھيو آهي. اگرچ گذشتہ هڪ صديءَ کان بہ زياده عرصي کان پنجاب جي تعليمي ۽ سرڪاري زبان اردو رهي آهي. ان ڪري پنجابي مسلمانن جا علمي ۽ تهذيبي رابطا ٻين علائقن جي نسبت ۾ هند جي اسلامي مڪتب فڪر وارن مدرسن سان زياده گهرا پيدا ٿيا. پنجابي مسلمانن جي علمي ادبي اظهار بہ اردو جي ذريعي فروغ پاتو. اهو ئي سبب آهي جو پنجاب جي قومي تصور ۽ جدوجھد جو پسمنظر اردو جي مسلم افڪار کان علحده نہ آهي. مٿي ذڪر ڪيل حقيقتن جي باوجود بہ پنجابي عوام ۾ پنجابي زبان لاءِ بيپناهہ انسيت پاتي وڃي ٿي. پنهنجي مادري زبان لاءِ هُو جيڪا قربت ۽ محبت رکن ٿا، تنهن کي ڪنهن بہ طور تي جھٽلائي نہ ٿو سگھجي. انهيءَ ڳالهہ جو ثبوت پنجاب ۾ پنجابي فلمن جي مقبوليت مان بہ بخوبي لڳائي سگھجي ٿو. پنجابي فلم پنجابي تهذيب ۽ زبان جو واحد ميڊيا رهجي ويو آهي. انهيءَ ميڊيا عوام ۾ پنهنجو قوت اثر مڃائي ڇڏيو آهي. 1965ع ۾ منهنجو سوٽ ڊاڪٽر هو. هُو پنجاب جي سرحدي علائقن ۾ خدمات تي مامور هو. انهيءَ زماني ۾ پوري پاڪستاني قوم پنهنجي دفاعي جنگ وڙهي رهي هئي. منهنجو سوٽ فوج ۾ ڪيپٽن جي عهدي تي فائز هو ۽ ڪافي عرصو هُو انهيءَ جڳهہ تي مقرر رهيو. پاڻ هڪ ڀيري مون کي اهو ٻڌايو هئائين تہ سندس طبيعت جڏهن بور ٿي پوندي هئي تہ هُو موقعو ملندي ساٿين سان گڏ ڪنهن سرحدي شهر ۾ فلم ڏسڻ لاءِ هليو ويندو هو. ان کان علاوه تفريح جو ٻيو ڪو بہ ذريعو وجود ئي نہ رکندو هو. ليڪن هر بار ايئن ٿيندو هو تہ مون کي ”پنجابي فلم“ ڏسڻي پوندي هئي ڇو تہ ايئن ڪڏهن بہ ڪو نہ ٿيو تہ سينيما ۾ پنجابي فلم کان علاوه ڪنهن ٻي زبان جي فلم بہ لڳل هجي. هن چيو تہ ”مون کي اهو ٻڌي حيراني ٿي تہ تمام گھڻن شهرن ۾ مهينن تائين رڳو پنجابي فلمون هلنديون آهن. اگر ڪڏهن ڪا اردو فلم لڳندي هئي تہ چند ڏينهن کانپوءِ ئي لهي ويندي هئي! اگرچ پاڪستاني فلمي صنعت اڪثر ڪري پنجابي فلمن جي ٻلبوتي بيٺي آهي، پر ان حقيقت جي باوجود بہ ملڪ جي اشاعتي ۽ فني ادارن انهن کي ڪڏهن بہ جائز مقام نہ ڏنو آهي. آئون ايئن هرگز ڪو نہ ٿو چوان تہ پنجابي فلمون ڪي خامين کان خالي آهن. البت اها ڳالهہ انتهائي مبالغي آميز آهي تہ پنجابي فلمن جي مقبوليت محض فحاشيءَ جي ڪري آهي، ڇاڪاڻ تہ دنيا جي هر زبان جي فلم ۾ اشتعال انگيز مناظرن جي ڀرمار جي شڪايت عام آهي. پنجابي فلمي صنعت جيڪا پاڪستان جي سڀ کان طاقتور فلمي ميڊيا آهي، تنهن جي خوبين کي ڪڏهن بہ سنجيدگيءَ سان بحث هيٺ نہ آندو ويو آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ان جي همت افزائي ڪئي وئي آهي. ان جي برعڪس اسان جا سرڪاري سجھاءُ وسيلا موقعو ملندي ئي پنجابي فلمن تان تمسخر ضرور اُڏائين ٿا ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي پاڪستاني عوام جي اڪثريت جي زبان ۽ پسند جي گويا تحقير ڪندا هجن! ممڪن آهي تہ اهو سڀ ڪجھہ فقط هلڪڙو مذاق، پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪيو ويندو هجي، تاهم ان جي پٺيان لاشعوري طور اهو خوف لڪل آهي تہ پنجابي ميڊيا جي ترقيءَ سان ڪٿي اردو زبان جي ترقيءَ تي زد نہ اچي وڃي. پنجابي زبان جا شاعر ۽ اديب جيئن تہ اڪثريتي عوام جي ثقافت جي نمائندگي ڪن ٿا، ان ڪري ان جي پذيرائي بہ اهڙي ئي انداز سان ٿيڻ کپي. ڪٿي اها ڳالهہ ۽ ڪٿي اهو انداز تہ پنجابي فلمن جو اسري وسري بہ رڳو مٿاڇرو ذڪر بہ خاطر ۾ نہ ٿو آندو وڃي!

دراصل پنجاب جي ڌرتي، اردوءَ جي وڌڻ ويجھڻ ۽ ترقي ڪرڻ ۾ چڱيءَ طرح راس اچي وئي. هتان ئي اردو جا وڏا وڏا اهل قلم، فنڪار، اديب، شاعر ۽ مفڪر پيدا ٿيندا رهيا آهن، جيڪو هن ڌرتيءَ جو وڏو سُڀاڳ شمار ڪري سگھجي ٿو. جديد دور ۾ غالب وانگر اردوءَ ۾ ٻن شاعرن جو تمام گھڻو چرچو رهيو آهي. هي ٻہ عظيم شاعر علامہ اقبال ۽ فيض احمد فيض آهن. جيڪي ٻئي پنجاب جا فرزند هئا. علامہ اقبال جو نالو وطن عزيز پاڪستان جي قومي شاعر هئڻ جي حوالي سان مشهور ۽ معروف رهيو آهي، پر اها ٻي ڳالهہ آهي تہ هندستان جي قومي نغمن ۾ بہ ريڊيو تان اقبال جا گيت وڄندا آهن. جنهن ۾ ”ساري جهان سي اڇا هندوستان همارا“ تہ ڀارت جي اڪثر اسڪولن ۾ ٻار صبح جو اسيمبليءَ ۾ ڳائيندا آهن. اقبال جو هڪ اعليٰ درجي جو شاعر ۽ مفڪر هئڻ ۾ ڪنهن کي بہ ڪو اختلاف نہ آهي. هن جو ڪلام حقيقتاً اسان جي ديس واسين لاءِ هڪ قيمتي اثاثي جي حيثيت رکي ٿو، پر غالب جي اسلوب جي ڪجھہ ٻي ڳالهہ آهي، جنهن جي شعريت جو جادو مسحورڪُن احساس جاڳائي ٿو ۽ ٻُڌندڙ جي رڳ رڳ ۾ هڪ قسم جي حيرت زدگيءَ جي ڪيفيت سمائجيو وڃي. اقبال وٽ هڪ ٺوس ۽ مڪمل فلسفہ‌حيات آهي. فني لوازمن جي چستيءَ باعث هُو هڪ فنڪار تہ ضرور آهي، پر پڙهندڙ کي هُو هڪ ”خطيب شاعر“ زياده لڳي ٿو، جيئن هُو فقط فلسفي جي تشريح ڪندو اڳيان وڌي رهيو هجي. اقبال اسان جي فڪر ۽ شعور کي مهميز تہ ڏي ٿو ۽ ڪنهن خاص خوبي کي گرمائڻ جي ڪوشش بہ ڪري ٿو، ليڪن غالب جو ڪلام فلسفيانہ انداز رکندي بہ احساس جي لمس کان ڪٿي بہ عاري نہ ٿو ٿئي. اقبال وانگر فيض احمد فيض بہ فڪر ۽ فن جي لحاظ کان وڏو قداور شاعر ٿيو آهي. سنڌي ادب قديم هجي يا وري جديد دراصل قوميت جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻيل ٿئي ٿو، جڏهن تہ اردو ادب ۾ وطن پرستيءَ جو روشن خيال ۽ زمين سان وابستگيءَ جو رشتو مبهم لڳي ٿو. اڃا بہ ڪن شاعرن ۾ تہ تهذيبي رنگ جو هلڪو گمان بہ ڪو نہ ٿيندو آهي. جيڪڏهن سنڌيءَ جي نامور شاعر جو موازنو اردوءَ جي ان وڏي شاعر فيض احمد فيض سان ڪيو وڃي تہ اهو ئي فرق ظاهر ٿيندو.
انسان جي اندر ۾ ويڳاڻپ ۽ اڪيلائپ تہ بهرحال موجود ٿئي ٿي، پر فنڪار جو وجود ٻاهر جي ماحول ۽ بي انت ڪائنات سان ٽڪرائجي پنهنجي اندر ۾ هڪ عجيب ڪيفيت محسوس ڪري ٿو، جنهن جو اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ تخليق وجود پائي ٿي. اياز ۽ فيض ٻنهي جي شاعري محض داخلي نہ آهي، بلڪہ ان ۾ تڙپندڙ انسانيت جو آواز شامل آهي.
اياز جو ڪلام هڪ صاف ترين وطني ۽ تهذيبي پس منظر رکي ٿو، ليڪن ان جي برعڪس فيض جي شاعري پنجاب جي شاهڪار تهذيب جي روح کان يڪسر خالي آهي. اهڙيءَ طرح هُو فن ۽ زبان جو ماهر ۽ خالق ۽ موجد تہ چوائي سگھي ٿو ۽ سندس ڪلام مان هڪ بين‌الاقوامي نمائندگي تہ ٿئي ٿي پر پوءِ بہ سندس تخيل ڄاتل سڃاتل پنهنجائپ جي احساس کان عاري لڳي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو شاعر جنهن مظلوم ۽ بيڪس انسان جو ذڪر ڪري ٿو اهو فقط هڪ ”تخيلاتي مهانڊو“ بنجي رهجي وڃي ٿو ۽ ڪنهن بہ حقيقي انسان جو درد ان مان اُڀري نہ ٿو اچي. وقت گذرڻ سان گڏ گڏ فنڪار جي تجربي ۽ مشاهدي ۾ بہ تيزي ايندي رهي ٿي. پر هاڻي اياز جو فن بہ لهندڙ سج وانگر جھَڪو ڏسجي رهيو آهي. ان ۾ اها پهرين واري تخليقي تابش ۽ جوهر نہ رهيا آهن. جيستائين هن جو پنهنجو آسمان ۽ پنهنجي زمين هئي، تيستائين ان جو انداز بہ منفرد هو. ليڪن نہ ڄاڻ هن ڇو شاهہ لطيف جي ڪائنات کي پنهنجي اندر سمائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن بعد هُو ان ۾ بلڪل وڃائجي ويو. هاڻي پاڻ لطيف جي اسٽائيل ۾ ”اياز جو رسالو“ بہ لکي ورتو آهي. ٽي سَو سال گذري ويا، پر پوءِ بہ لطيف کي ڪو بہ نقاد ميسر نہ آيو. اڃا تائين سنڌي زبان ۾ ڪو بہ اهڙو عالم پيدا نہ ٿيو، جنهن لطيف جي معنوي گهرائيءَ تائين ذهني رسائي حاصل ڪندي سندس ڪلام جي مڪمل شرح لکي هجي! هاڻي اسان جي جديد زماني جي پياري ۽ عزيز شاعر شيخ اياز جو ڇا ٿيندو؟ ان ڪري اهو بهتر آهي تہ هُو پنهنجي رسالي جي شرح بہ خود لکي ڇڏي ورنہ اهي ڳٿيون ڪنهن کان صديون ۾ بہ سُلجھي ڪو نہ سگھنديون.
آئون پهرين اهو ذڪر ڪري چڪو آهيان تہ جيئن سنڌين ۽ مهاجرن جا ابا ڏاڏا مختلف تهذيبي ماحول جا پرورده هئا، ان ڪري نئين نسل جي فڪر ۽ رجحان ۾ بہ هڪ نمايان فرق موجود رهيو آهي. پاڪستان جو قيام سنڌي مسلمان لاءِ بہ ايتري اهميت رکي ٿو، جيتري ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ. 14 آگسٽ 1947ع سنڌ جي رهاڪن جي فتح ۽ ڪامرانيءَ جو ڏينهن بہ بنجي ويو. انهيءَ ڏينهن تي سنڌ ديس هندستان جي استعدادي چنگل جي خوف کان هميشہ لاءِ ڇوٽڪارو پائي هڪ اهڙي مملڪت جو حصو بنجي ويو، جتي خصوصاً سنڌي مسلمانن کي پنهنجي لاءِ معاشي ۽ معاشرتي ترقيءَ لاءِ زياده موقعا ۽ روشن امڪان نظر آيا ٿئي. سنڌي مسلمانن کي اهڙو آزاد وطن ملي ويو، جتي کين پنهنجي تهذيبي روايتن مطابق عزت ۽ وقار سان زندگي گذارڻ ۾ باقي ڪا بہ رڪاوٽ نہ رهي. اهو ئي جذبو هو جو سنڌي مسلمان سنڌ ۾ ٿيندڙ هر تبديليءَ کي خنده پيشانيءَ سان برداشت ڪندا رهيا. اهو ئي سبب هو جو انتقال آباديءَ جو سڀني صوبن کان زياده وزن سنڌ تي پيو، پر جيئن تہ نون ۽ پراڻن سنڌين ۾ ديني حميت جذبو تروتازو هو، افهام تفهيم جي راهہ نڪري آئي ۽ تيزيءَ سان اشتراڪ عمل جو سلسلو هلي پيو ۽ جلدي جلدي مثبت اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا.
پاڪستان قائم ٿيڻ سان مرڪزي سرڪار جو رويو سنڌ ۽ ان جي عوام سان استبدادي رهيو. ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪيو ويو، نہ رڳو ايترو بلڪ ڪراچي شهر ۽ ضلعي اندر سنڌي اسڪول بند ڪيا ويا ۽ سنڌيءَ ۾ تعليم وٺڻ کي ممنوع قرار ڏنو ويو. هڪ جابرانہ وار ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ جا ڪراچيءَ مان ٽپڙ کڻايا ويا. سنڌي قوم کان سنڌ تي حاڪميت جو حق تہ کسيو ويو، پر سنڌين جا انساني حقوق بہ پامال ڪيا ويا. مطلب تہ هڪ ٻي پٺيان اهڙا حڪم ڪڍيا ويا جن سان سنڌي عوام جي نہ رڳو تذليل ۽ تحقير ٿيندي رهي بلڪہ انهن جا جذبا بہ مجروح ٿيندا رهيا. پاڪستان حڪومت سنڌ سان اهڙو بهيمانہ رويو قائم رکيو، جنهن جو سنگين مثال تاريخ ۾ حملا آور قومن جو ڪو نہ ملي. اهڙا حڪم نہ چنگيز ۽ نہ هلاڪو ڪڍيا نہ وري نادر شاهہ دهلي تي قبضي بعد ايئن ڪيو هو. دراصل اولين طور اُهي مرڪزي حڪومتون ۽ مارشلائي راڄ هئا، جيڪي سنڌي مهاجر ميل ميلاپ ۾ رخنہ انداز ٿيا هئا. 1956ع ۾ سنڌي شاگرد ميٽرڪ ۾ لازمي اُردو سليس جو پيپر ڏيندا هئا ۽ اهڙيءَ طرح مهاجر رضا خوشيءَ سان سنڌي سليس جو لازمي امتحان ميٽرڪ ۾ ڏيندا هئا. مهاجر شاگردن جي امتحان ۾ سنڌي مهارت بہ قابل داد هوندي هئي. افسوس جو انهيءَ رضاڪارانہ ماحول ۾ ايوبي مارشل لا ۾ ٽڪا خان جيڪو سنڌ جو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر هو، تنهن ڏار وڌا. هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر کي حڪم ڪيو تہ ميٽرڪ مان سنڌي ٻوليءَ جو پيپر ختم ڪيو وڃي. جنهن تان احتجاجاً علامہ آءِ آءِ قاضي استعيفيٰ ڏئي ويو. پاڪستاني حڪومت شروع کان ئي ڪا بہ اهڙي همئگير پاليسي اختيار نہ ڪئي، جيئن نوان ۽ پراڻا باشندا پاڻ ۾ يڪجتيءَ سان رهي سگھن، ويتر حڪومتي پاليسيون هميشہ نفاق پيدا ڪرڻ واريون رهيون.
چند سالن کان دشمنانِ وطن اندران ئي اندران يا وري ظاهر ظهور نفرتن جي ڪاروبار کي چوٽ چاڙهڻ ۾ ڪنهن نہ ڪنهن طرح ڪامياب ٿيندا ڏسڻ ۾ پيا اچن. انهن عناصرن نوَن ۽ پراڻن سنڌين ۾ پيل فطري اختلافن ۽ تضادن کي ايتري قدر ڦهلايو جو ميل ميلاپ جو جيڪو وهڪرو جاري هو، اڌ ۾ يڪايڪ رڪاوٽ پيدا ٿي وئي. گذريل مارشلا جو پورو عرصو بربريت ۽ لاقانونيت جو دور دورو هو. ايتري قدر جو دهشتگرد عناصرن کي کُلِي ڇوٽ ڏني وئي. سنڌيءَ ۾ هڪ پراڻو پهاڪو مقبول آهي تہ ”ناناڻا مري ويا ڪاري ڪتي ڇڏي ويا“. تنهن وانگي اگر ڪا انڌي منڊي جمهوريت بہ قائم ٿئي ٿي تہ مارشلائي دور جا بد اثرات ختم ٿيڻ جو نالو ئي نہ ٿا وٺن. ڪاري ڪُتي اڃان بہ عوام جي پٺيان بنان ڪنهن تفريق جي کائڻ لاءِ ڊوڙي رهي آهي. اسان اڃا تائين بہ گروهي جذبات ۽ متعصبانہ روش تي قابو پائي نہ سگھيا آهيون. اهو تڏهن ممڪن بنجي سگھندو، جڏهن اسان مان هرڪو فريق ٻئي فريق جي حقن جو پاس رکندو. وطن جي سرزمين جي تهذيبي قدرن جي عزت ۽ تڪريم ڪرڻ هر باشندي جو فرض بنجي ٿو. سنڌ جي پراڻن ۽ نون باشندن کي هڪ ٻي جي تهذيبي روايتن جو احترام ڪرڻ گھرجي ۽ منجھن هڪ ٻي جي معاشي ۽ معاشرتي حقن کي تسليم ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيڻ ضروري آهي. جڏهن اسان سڀني جي تقدير سنڌ جي خطي سان ٻڌل آهي ۽ اسان جي آئندي نسلن جي ترقي، خوشحالي، امن ۽ سلامتي جو دارومدار سنڌ جي ڌرتيءَ سان وابستہ ٿي چڪو آهي، تہ پوءِ پاڻ ۾ لڙائي جھڳڙي سان ڪو ٽيون فريق تہ فائدو کڻي سگھي ٿو ليڪن اسان کي تباهيءَ کانسواءِ ڪجھہ بہ هٿ نہ ايندو.
سنڌ ۾ آباد هڪ نسلي طبقو پنهنجي شناخت مهاجر جي نالي سان قائم رکڻ چاهي ٿو. اها بہ هڪ انساني خصلت آهي ۽ انهيءَ فطري امنگ کي ڪنهن طرح بہ دٻائي نہ ٿو سگھجي. البت اهو چٽو تجربو بہ مشاهدي ۾ آيو آهي تہ جڏهن ڪو انساني گروهہ يا طبقو نقل مڪاني ڪري ڪنهن ٻي وطن ۾ وڃي وسي ٿو تہ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ هو خود کي بہ انهيءَ سرزمين جو رهاڪو چوائڻ پسند ڪندو آهي. اسان جي سنڌ ۾ وسندڙ بلوچ قبيلا ۽ ٻين قومن جا نالا محض ذات جي زمري ۾ شامل ٿي رهجي ويا آهن. جنهن علائقي ۾ اسين آباد آهيون ۽ هڪ ٻي سان ساٿ ۾ هلي رهون ٿا، پنهنجو پاڻ کي انهيءَ ڌرتيءَ جو باشندو چوائڻ ۽ انهيءَ وطن سان پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکڻ هڪ قابل فخر ڳالهہ ٿئي ٿي. ان ڪري اگر اسين سنڌ صوبي جي نسبت سان پنهنجو پاڻ کي اول پاڪستاني ۽ پوءِ سنڌي چوايون تہ ڪهڙي خراب ڳالهہ ٿيندي؟ اسان جو رسول مقبول حضرت محمد صلي الله عليه و آلهہ وسلم تحقيق مڪي کان مديني هجرت فرمائي آيو ۽ پاڻ حضرت مڪي ۽ پوءِ مدني بہ چوڻ ۾ آيا. مسلمانن ۾ انصار ۽ مهاجر جي تفريق ڪجھہ عرصي تائين هلي، ليڪن پوءِ بہ حضور صلي الله عليه و آله وسلم ”رسول عربي“ جي اسم مبارڪ سان ئي عام معروفيت رکندا هئا ۽ عموماً سموري دنيا جا مسلمان اڄ بہ ”رسول عربي“ جو نالو صدق دلي ۽ محبت سان وٺن ۽ کين ياد رکن ٿا. علي ڳڙهہ جي تعليمي تحريڪ مسلمانن ۾ سياسي بيداري آندي ۽ هند جي مسلمانن جو موهوم تصور ڏنو. پر اها تحريڪ مسلمانن جي هند جي ڌرتيءَ سان مضبوط وابستگي پيدا ڪري نہ سگھي. مولانا ابوالاعليٰ مودودي جي تحريڪ اسلامي ’مسلم اُمه‘ جي وحداني تخيل کي تہ بلاشڪ تقويت ڏني، تنهن هوندي پوري دنيا ۾ علائقائي قوميتن جي ماسوا ان جو ڪٿي بہ وجود نظر نہ ٿو اچي. هڪڙي ڀيري اسان جي ڪنهن ڪليگ اهو اظهار خيال فرمايو هو تہ ”اسين هتي سنڌي بنجڻ لاءِ ڪو نہ آيا هئاسون“. مون جواب ۾ چيو هو تہ ”حضور اگر توهان کي سنڌي چوائڻ ۾ خفت محسوس ٿئي ٿي تہ بلاشڪ نہ چورايو اهو ئي ٺيڪ رهندو، پر سنڌ جو باشندو هئڻ کان توهان ڪنهن بہ صورت ۾ انڪار ڪري نہ ٿا سگھو“.. ۽ هاڻي انهيءَ ڳالهہ کي بہ گھڻا ورهيہ گذري چڪا آهن. ليڪن اسين اڄ اهو ڏسي رهيا آهيون تہ اسان جا ڀائر خاص ڪري نئين نسل جا نوجوان جيڪي ٻهراڙي سنڌ ۾ پلي وڌيا آهن، پنهنجو پاڻ کي فقط سنڌي سمجھن ٿا ۽ سنڌي هئڻ تي فخر بہ محسوس ڪن ٿا! وقت ۽ تاريخ جي دائره اثر کان ڪو بہ ٻاهر نڪري پنهنجو دامن بچائي نہ ٿو سگھي.
اردو ڳالهائيندڙن لاءِ ايم ڪيو ايم کي ڪا منفي تحريڪ نہ ٿو چئي سگھجي. اها فلاح ۽ بهبود جي هڪ مخلصانہ جدوجھد جي حيثيت رکي ٿي. تاهم مون کي شڪ آهي تہ ڪٿي اها تحريڪ ٻن نسلن جي وچ ۾ جيڪا تهذيبي آميزش روان آهي، تنهن ۾ ڪو رخنو نہ پيدا ڪري وجھي ۽ پوءِ پنهنجي ئي سنڌ وطن جي تصور کان نوَن سنڌي ڀائرن جو ذهن ڪٿي ڀٽڪي نہ وڃي! اسان جي مهاجر ڀائرن کي هڪ صداقت نہ صرف ذهن نشين ڪرڻ کپي بلڪ دل سان ان کي تسليم بہ ڪرڻ گھرجي تہ جڏهن سر زمين سنڌ کي اسان جي مسلمان ڀائرن پنهنجو وطن بنايو هو تہ هتي اڪثريت سنڌي مسلمان هئي، جا پنهنجي ديس جي اختيار ۽ اقتدار جي ’مالڪ ڪُل‘ هئي. اهڙيءَ طرح سنڌي زبان هتي جي شهرن ۽ ديهات جي واحد زبان هئي، جا ذريعہ اظهار هئڻ کان علاوه بلديات ۽ سرڪاري کاتن جي زبان هوندي هئي. ويندي پوري علائقي ۾ سنڌي تعليم، سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان جو بول بالا هو، جنهن ۾ ڪا بہ ٻولي ان جي فريق ۽ شريڪ ڪا نہ هئي. تنهنڪري سنڌي مسلمانن جي پنهنجي زبان ۽ ادب سان محبت ۽ وابستگي ڪنهن بہ طرح سان هڪ منفي جذبو نہ ٿو چئي سگھجي. ليڪن اها ڳالهہ روز روشن وانگر عيان آهي تہ سنڌي مسلمانن اردو زبان کي هميشہ محبت ۽ چاهہ سان اپنايو آهي. بلڪہ بعض فنڪارن ۽ تخليقارن تہ اردو تي پنهنجي مهارت جي مهر ثابت ڪئي آهي. دراصل نون سنڌي مسلمانن کي بہ سنڌي زبان لاءِ ساڳيو ئي جذبو رکڻ کپي. ٻڌو آهي تہ صوبائي اسيمبليءَ جي ڪجھہ ميمبر صاحبن سنڌي زبان ۾ تقريرون ۽ بجيٽ جي سنڌيءَ ۾ تقرير ڪرڻ تي اعتراض ڪيو. منهنجي خيال ۾ انهيءَ طرز عمل کي ڪنهن بہ طور تي حق بجانب قرار نہ ٿو ڏئي سگھجي، ڇاڪاڻ تہ هميشہ کان ئي سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌي زبان ۾ تقريرن ڪرڻ جي روايت موجود آهي. ان کان علاوه سنڌي زبان صوبي جي اڪثريت جي زبان آهي. سنڌي ماڻهو بہ ملڪ جي هر اسٽيج ۽ مقام تي سنڌي زبان کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ پسند ڪن ٿا. ڪم از ڪم صوبي جي حد تائين تہ انهن جو قانوني ۽ انساني حق بنجي ٿو. جيستائين سنڌي زبان جي سمجھڻ ۽ عام فهم هئڻ جو تعلق آهي تہ اها حقيقت آهي تہ ٻهراڙي سنڌ بشمول حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهہ ۾ هزارين بلڪ لکين مهاجر سنڌي زبان ۾ روانيءَ سان اظهار خيال ڪندا آهن ۽ جيڪي نہ ٿا ڳالهائين سي بہ سمجھي ضرور وڃن ٿا. اگر ڪو ٿوري گھڻي بہ پنهنجي وطني ڀائرن ۽ انهن جي زبان سان مانوسيت نہ ٿو رکي تہ اها صرف هن جي پنهنجي ڪوتاهي ليکي ويندي. ان ڪري سنڌي زبان نہ سمجھڻ جو بهانو فقط هڪ اجايو اعتراض چئي سگھجي ٿو. شروع واري زماني ۾ ڪجھہ ماڻهن جو اهو تاثر هو تہ سنڌي ٻولي مشڪل ۽ دق آهي، جيڪا ڳالهہ قطعي طور تي غلط ثابت ٿي. سنڌي زبان جيئن تہ سامي، آريائي، دراوڙي ۽ منگول زبانن جي ترڪيبي عناصرن سان ملي ٺهي آهي. جنهن ڪري سادگي ۽ پُرڪاريءَ ۾ ڪا بہ ٻولي ان جو مقابلو نہ ٿي ڪري سگھي. هيءَ ٻولي پنهنجي وايوڪيات Phonetics ۽ ٻين لساني خاصيتن ۾ يگاني ۽ منفرد حيثيت جي مالڪ آهي ۽ هيءَ دنيا جي ٻين مقبول ترين ٻولين وانگر پنهنجي جوڙجڪ ۾ Analytical منزل ڏانهن روز گامزن آهي. اها تاريخي حقيقت آهي تہ انگريزي، چيني، عربي ۽ فارسي ٻوليون فتوحات جي سببان بہ مختلف علائقن ۾ رائج ٿي ويون. اهڙيءَ طرح دهليءَ جي سلطان شاهيءَ جي ٻين علائقن طرف پيش قدمي بِهار، دَکَن ۽ هندستان تي پوزيشن سبب اتي اردو زبان جو ڦهلاءُ ممڪن ٿي سگھيو. ليڪن سنڌي زبان ڪِن جاگرافيائي ۽ سياسي سببن ڪري وسيع علائقن تائين پنهنجو اثر ڦهلائي نہ سگھي. تاهم اُها قوم جي ٻوليءَ جي حيثيت سان زنده رهندي اچي ۽ سنڌ جي آسپاس جي علائقن تائين رابطي جي زبان بڻيل رهي آهي. سنڌ ۽ ملحقہ علائقن ۾ قديم دور کان سنڌيءَ کي يڪتائي حاصل رهي آهي. سنڌ ۽ سنڌي زبان کي مسلم دنيا ۽ ايشيا ۽ مغرب ۾ پنهنجي شاهوڪار تمدن سببان پنهنجي انفراديت سان سڃاتو ويندو رهيو آهي. ايئن ئي آهي تڏهن تہ حافظ شيرازي عليہ رحمت برملا اظهار ڪيو هو تہ:
هنديان را اصطلاح هند مدح
سندیان را اصطلاح سند مدح
سنڌي زبان کي سنڌ ۾ وسندڙ سڀني لوڪَن کي پنهنجو ورثو سمجھڻ گھرجي. تنهنڪري نون ۽ پراڻن سنڌين تي فرض عائد ٿئي ٿو تہ هُو سنڌيءَ جي مقام ۽ منزلت کي سڃاڻين ۽ ان کي ترقي ڏيارڻ جو ٻيڙو سنڀالين. خاص ڪري آئون اردودان حضرات کي دردمندانہ اپيل ڪريان ٿو تہ هُو بہ پنهنجي زرين خيالات جي گوهر فشانيءَ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ادبي ميدان کي بہ ذريعو بنائين. ان سان ايئن ٿيندو جو ٻن نسلن جي وچ ۾ جو ذهني بعُد پاتو وڃي ٿو، اُهو جلدي ئي ختم ٿي ويندو. سُجھاوَ جي ذريعن ۽ سرڪاري نشر و اشاعت ۾ سنڌي زبان کي پنهنجو پورو حصو تہ ڇا بلڪہ ماڳهين نظر انداز ڪري ڦٽو ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري سنڌي ماڻهن ۾ پيدا ٿيل ناراضگي بہ فطري آهي تہ هنن جي پنهنجي زبان کي پنهنجي ديس ۾ ئي وڌڻ ۽ پکڙڻ کان روڪي ان جون راهون يڪسر محدود بنايون ويون آهن! بهرحال اهو اردو پريس جو بہ فرض بنجي ٿو تہ سنڌي زبان کي جائز مقام ڏيارڻ لاءِ آواز بلند ڪري. اگر اردو جي اشاعتي ادارن ۽ قلمڪارن طرفان سنڌي ٻوليءَ ۾ اشاعت تي توجھہ ڏنو وڃي تہ سنڌ جا نوان ۽ پراڻا باشندا هڪ ٻي جي نقطہ نظر کي جلدي سمجھي سگھندا.
بهر صورت ان ڳالهہ کان انڪار نہ ٿو ڪري سگھجي تہ اسان ۾ اڄ بہ اختلاف ضرور موجود آهن ۽ هڪ ٻي جي خلاف مفادن جو ٽڪراءُ زورن تي قائم آهي. تهذيبي ۽ لساني تفرقن هڪوار وري مٿو کڻڻ شروع ڪيو آهي، جنهن ڪري تعصب ڀڙڪي اُٿيو آهي. اهو سڀ ڪجھہ ٿي رهيو آهي. پوءِ بہ يقين سان چئي سگھجي ٿو تہ وقت جو وهڪرو ڪٺي رهندڙ نسلن کي پنهنجي همراه هڪ ٻي سان گڏ وٺي لڙهندو ۽ نيٺ اسين سنڌ جا ماڻهو هڪ ئي قوميت جو حصو بنجي وينداسون. مستقبل ۾ اهو ئي ٿي رهندو. اسان جي بزرگن، سياستدانن ۽ دانشورن تي صرف هڪڙو ئي فرض عائد ٿئي ٿو تہ هُو انهيءَ وچ واري مدت کي گھٽائڻ جون تدبيرون اختيار ڪن، جنهن ۾ نون ۽ پراڻن سنڌين ۾ تهذيبي اشتراڪ جو عمل تيز کان تيز تر ٿي وڃي.


نوٽ : هيءُ مضمون اردو زبان ۾ لکيو هئم، جيڪو روزانہ جنگ ۾ بہ عنوان ”ثقافت ڪي حقيقت“ جي عنوان سان متعدد قسطن ۾ شايع ٿيو.