ڪالم / مضمون

دل جي ڳـالـهـہ

هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي عاشق، محقق، اديب ۽ ليکڪ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي لکيل مضمونن، ڊرامن ۽ مختصر ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
جيتوڻيڪ ليکڪ جي راءِ آهي تہ ادب هوندو ئي دل جي ڳالهہ آهي، پر هن ڪتاب ۾ شامل مضمون سچ پچ بہ سندس قلب جو آواز ۽ سنڌ جي ٻولي، ادب، ماڳن مڪانن، ادارن، ڪردارن، توڙي هنرن سان سندس بيپناهہ محبت جو خوبصورت اظهار آهن. ليکڪ جي گھڻ رخي قابليت وانگي هيءُ ڪتاب پڻ ڪيترن ئي متفرق اسمن تي ٻڌل آهي، ۽ ان ۾ هر ذوق جي پڙهندڙ لاءِ ڪجھہ نہ ڪجھہ ضرور موجود آهي.
Title Cover of book دل جي ڳـالـهـہ

ماڊرن گھر جي ثقافت

(انشائيہ)
ماڊرن گھر جي ثقافت

وشال اُڀ هيٺ، روز ازل کان انسان صرف گھر کي ئي پنهنجي ’پناهہ گاهہ‘ تصور ڪندو آيو آهي. ماضيءَ ۾ اُن کي اوٽ ۽ اَجھو بہ سڏيو ويندو هو، تہ وري گھر لاءِ ’ڪکَ‘ جو لفظ بہ عام هوندو هو. سڄو ڏينهن پورهئي ۾ هَڄي سانجھيءَ ڌاري ماڻهو ڪکن ڀيڙو ٿي قرار وٺندو هو. ايئن بہ اڪثر چيو ويندو هو تہ، ”شل پنهنجا ڪک سڀڪنهن کي نصيب ٿين!“. پر پوءِ سائنس جي ترقي انساني معاشري ۾ رنگ ڪري وڌا، ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪَشالن جي جاءِ تي آسانيون پيدا ٿينديون ويون ۽ ڪشافتون لطافتن ۾ بدلجڻ لڳيون! زندگي گذارڻ جا بہ ڪيترا ئي ڍنگ نڪري آيا. رهڻي ڪهڻيءَ ۾ جديد ثقافت ڇلڪڻ لڳي، پر ان جي باوجود ’گھر‘ جي بنيادي تصور ۾ ڪو بہ فرق اچي نہ سگھيو آهي. سچي ڳالهہ تہ اها آهي تہ، پنهنجي ديس ۾ تہ ماڻهو چانئٺ جي اندر ئي سک جو ساهہ محسوس ڪري ٿو. ڇاڪاڻ تہ اسان وٽ غلط ڪارين جا اڻ‌کُٽ سلسلا آهن، جن معاشرتي زندگيءَ کي عذاب بنائي ڇڏيو آهي. پُر رونق بازارن ۾ ڪهڙا ڪهڙا نہ دام پکيڙيا وڃن ٿا؟ هنڌ هنڌ تي ٺڳيءَ وارا ٺاهہ. بنان روڪ ٽوڪ قيمتن جي ڀرمار، جيڪڏهن تارازيءَ ۾ ڪاني ناهي، تہ توراڙي ۾ ضرور کوٽ هوندي. ريزڪيءَ جو دڪان هجي يا هول سيل، يا پيٽرول پمپ، هر جاءِ تي پيمانو ضرور غلط ملندو. رڪشا جو ميٽر غلط، ٽيليفون جو بل غلط، اسٽور تان مليل دوائون مدي خارج، ليبارٽريءَ جي رپورٽ غلط، بلڊ پريشر جو اوزار غلط، ۽ ميڪ اپ ۾ لڪل معشوق جو چهرو بہ غلط آهي. دوستن جا آسرا ۽ دلاسا محض ڏٽا آهن. دفتر ۾ ڪم لاءِ وڃبو، تہ خدمت جي بجاءِ اُٽلندو عزت نفس تار تار ٿي رهندي. بهرحال ٻاهر جيڪي وهي واپري ٿو، سو انسان کي توائي ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
ڏاهن آخرڪار ”دنيا سوڙهي ۽ گھر ڪشادو“ ڇو چيو آهي؟ ڇو تہ راحت لاءِ انسان جو ٺڪاڻو هميشہ کان گھر رهيو آهي.
ڀلي تہ توهان بلند و بالا مقام تي ڪنهن خوشنما منظر ڏسڻ ۾ محو ويٺا هجو، پر ڪي گھڙيون ڪين گذرنديون جو دل اُچاٽجي ويندي، ۽ اوهان يڪايڪ گھر جو رخ ڪندا. آخر ايئن ڇو آهي؟ گھر ڪچي مڪان ۾ هجي يا پڪي اوساري واري جڳهہ اندر هجي، پر مٿي لڪائڻ لاءِ پنهنجي اجھي جو ڪو مَٽ؟
پرائيويسي، آزادانہ ماحول، سڪون، چين، آساني ۽ بي اونائيءَ جهڙيون نعمتون فقط گھر جي ڇت هيٺان ميسر ملن ٿيون. سادي گھر سان انهن ڳالهين ۾ ڪمي ڪا نہ اچي. بعضي تہ ان جي چاهت جادوءَ جهڙو اثر ڏيکاري ٿي ۽ ڪيترا فرد چار ديواريءَ جا اسير بنجيو پون، ۽ اهڙا بيمار خانہ (Home Sick) ٿين، جو گھر کان ٻاهر پير ڪڍڻ تي دل ئي ڪا نہ چوين: ۽ جيڪڏهن مجبوراً ڪٿي ڪي چند ڏينهن گذارين، تہ اها جاءِ اوپري بنجي کائڻ لڳندن، ۽ گھر پهچڻ ۾ دير نہ لڳائيندا! شاهوڪار پنهنجي مڪان کي جنت آشيان بنائڻ ۾ وسان ڪو نہ ٿا گھٽائين. ڪئين شداد، زمين تي بهشت اڏيو ويٺا آهن ۽ ڪيترن مسڪينن کي رڳو ڇپر ڇانوَ نصيب آهي پر تہ بہ مزي جهڙي ڳالهہ چئبي، تہ هر بشر کي پنهنجي ڇت هيٺان لطف اچي. غريب توڙي امير، گھر جي پناهہ لاءِ ساڳيو ئي احساس رکي ٿو.
ڪا غريب عورت، غريب آباد ۾ ننڍڙي ڪچسري جاءِ ۾ رهندي هئي. هُن جي هڪ شاهوڪار مائٽياڻي هئي، جنهن مٿس رحم کائيندي پنهنجي عاليشان عمارت جي ڪوٺڙي، سندس حوالي ڪئي. جيئن اُتي آسائش سان زندگيءَ جا باقي ڏينهڙا گذاري سگھي. پر ٻہ راتيون مس گذريون تہ مائيءَ جو سک آرام ڦٽي پيو. ٿڌا شوڪارا ڀريندي چوندي هئي، ”سبحان الله!، ٻانهي ۽ ٻائي پکي سونهي پنهنجي“. ڌڻيءَ جو شان ڏسو؛ غريب پنهنجي ڇني ۾ خوش ۽ امير پنهنجي محل ۾ خوش! نيٺ هوءَ موڪلائي پنهنجي آستاني تي موٽي وئي.
دنيا اندر گھرن جا ڪَئين نمونا آهن. بانس جي لڪڙن سان ٻڌل بانسرڪو بہ گھر آهي. ٽارين ۽ پنن سان ڍڪيل ڇنو بہ گھر، ٻيڙين ۾ ٺهيل سُکيل بہ گھر، تہ وڻ جي ٿڙ سان ڪپڙ جي پناهہ ڪيل بہ ڪِن جو گھر سڏجي ٿو! پنهنجي شهرن ۾ سرن ڀتين مٿان ٽين ٽپڙن سان اڏيل ڇتين وارا بي شمار گھر نظر ايندا. مٽيءَ جي لنب واري ڪچي جاءِ بہ گھر سڏجي. ٽيئرن ۽ گارڊرن واريون پڪسريون جايون بہ گھر آهن.
انگريزي دور ۾ برٽش ۽ وڪٽورين نموني جون محلاتي ڏيک واريون جايون بہ هنڌ هنڌ جڙي پيون هيون، جن نہ رڳو حيدرآباد جي سونهن کي دوبالا ڪيو، پر شهر کي هڪ خاص انداز بہ بخشيو! اِهي جايون ڏکڻ اتر کان هوا جي رخ ۾ بيهڪ رکن ٿيون. انهن جا ڊگھا ڊگھا منگھہ ملائڪن سان سرگوشيون ڪندا هئا، جيڪي اڃا بہ ڪن جاين ۾ سلامت آهن. منگھہ حيدرآباد شهر جو ڄڻ تہ امتيازي نشان بنيل هئا. وڌاورا، ڪٽهڙا، بالڪنيون ۽ کُڏن تي اڏيل سمر هائوس، انهن جايُن جو شان هوندا هئا. ايئن سمجھہ ۾ ايندو هو، ڄڻ تہ اهي گھر ٿڌڙين مٺڙين هوائن ۽ موسمن جو مزو ماڻڻ لاءِ هئا، پر اها بہ ڄڻ تہ ماضيءَ جي ڳالهہ ٿي وئي. ليڪن سڏبا تہ اهي بہ فقط گھر هئا نہ؟ هينئر اهڙا گھر مشڪل سان ٿو ڪو ٺهرائي.
ها، البت شهر ۾ وسندڙ ڪالونين ۾ بنگلن جو چلامان زور شور تي آهي. اَسي والن تي تعمير ٿيل مختصر جايُن وارا بنگلا بہ آهن تہ وري پنج هزار والن وارا ’شهر نما‘ قسم جا بنگلا بہ ڏسڻ ۾ ايندا.
اگرچہ انسان، قسم قسم جي ڇپر ۽ مڪان ۾ مقيم نظر اچي ٿو، تاهم اڄ جو مقبول عام گھر فقط ’فليٽ‘ آهي. سمجھہ ۾ ايئن ٿو اچي تہ حضرت آدم جي وڌندڙ بي مهار نسل ۽ مستقل رهائشي احساس سببان ئي فليٽ جهڙي عجيب آشياني، عدم مان وجود پاتو آهي. ڀلا آخر اها آهي ڪهڙي بلا؟ ڄڻ تہ اهڙو ڊگھو منارو آهي، جنهن مان ڪيئي ڳڙکيون نڪتل هونديون آهن. جن پڙهندڙن کي ’ڪم خرچ بالا نشين‘ جو پهاڪو دلنشين هوندو، تن لاءِ اها ڳالهہ سمجھڻ ڪا مشڪل ڪا نہ ٿيندي. رڳو ساڳئي وزن تي ”ڪم جاءِ ۽ زياده ڪارج“ ورجائڻو پوندو. هونئن توهان ڪڏهن ’پولٽري فارم‘ ۾ اندر جھاتي پائي ڏٺو آهي؟ ڪيئن نہ جدا جدا خانن ۾ مرغيون ۽ چُوزا ويٺل نظر ايندا آهن؟ بس ايئن سمجھو تہ هر فليٽ ”ڪڪڙ جو ڊربو آهي“، جن ۾ انسان، سامان هڪ ٻي مٿان سٿيا پيا هوندا آهن. اگر وڻ جو تصور ڪندا تہ فليٽون توهان کي ايئن لڳنديون ڄڻ تہ ڪنهن ٺوٺ ٿُڙَ تي ماڪوڙا ڪيُو (Queue) ۾ مٿي چڙهندا ويندا هجن. هڪ اوينيو يا پلازا، جتي هڪ ئي هنڌ گھڻ ماڙ عمارتن جو جھمڳٺو هوندو آهي، سو مون کي هڪ انساني ’Zoo‘ سمان محسوس ٿيندو آهي. هڪ ڳوٺاڻي پيرسن مرد ڪڏهن شهر ڏٺو ئي ڪو نہ هو. تنهن کي پوٽَس زور ڪري شهر گھمائڻ وٺي آيو. هلندي هو هڪ روڊ تان گذريا جتي قطار درقطار فليٽن جا پلازا هئا. ڪيتريُن دريُن مان ٻارڙا، عورتون ۽ مرد، رستي جي چهل پهل جو نظارو ڪري رهيا هئا. پوڙهو مڙس چوڌاري سلاخن مان نهاريندڙ چهرن تي حيرت کائيندي چوڻ لڳو، ”ابا! هي ماڻهو ڀولن وانگي پڃرن ۾ ڇو بند پيا آهن؟!“
اها تہ ٿي عام ماڻهوءَ جي سادي مزاج ۽ عقل جي ڳالهہ، پر فليٽ جي گھرن کي پنهنجي حقيقي سونهن ۽ افاديت آهي. انهن گھرن کي زمين تي پٿارڻ بدران آسمان طرف وڇايو وڃي ٿو. ايئن فليٽ مٿان فليٽ، يعني گھر مٿان گھر آهي. ڪِن شهرن ۾ سَو ماڙ کان بہ مٿي عمارتون بلند آهن، جن جي چوٽيءَ تي مشڪل سان نظر پوي! ڪڪر بہ انهن جي وچان گذرن ۽ پنهنجي آلاڻ، نرمائي ۽ ٿڌاڻ مهاڙيءَ تي ڇٽڪاريندا رهن. ڀلي تہ ڪو مڪين ٻاهر نگاهہ وجھي، قدرت جي رنگينيءَ جو مزو ماڻي، يا دريءَ کان ٻاهر هٿ ڪڍي ڇهاءُ جو لطف وٺي.
ماڻهوءَ کي سَڌَ تہ گھڻي ئي آهي، پر هو اڃا پکيءَ وانگر اڏامي پنهنجي آکيري تائين پهچي نہ ٿو سگھي. ان ڪري بلند قد جاين ۾ اچ وڃ جو ذريعو رڳو لفٽون ٿين، جيڪي فل ٽائيم سروس ۾ هونديون آهن ۽ فليٽ جا رهواسي فقط نمبر دٻائڻ سان بنان دير جي پنهنجي منزل تائين رسيو وڃن! هينئر نيويارڪ هجي يا بيجڱ، هاڱ ڪاڱ هجي يا مدينہ منوره، هر شهر ۾ اهي ئي آسمان سان چوٽيون گسائيندڙ پلازائون نظر اينديون. اڳي ڪي شهر، ڪن خاص طلسماتي ڳالهين ۽ روايتن کان مشهور هئا. پر جڏهن کان فليٽ سسٽم اُڀري نمايان ٿيو آهي، تڏهن کان شهرن جو پنهنجو مخصوص ثقافتي رنگ غائب ٿيندو وڃي. فليٽي گھرن، ملڪن کان سواءِ انسان ۾ يڪسانيت پيدا ڪري، منجھائن طبقاتي فرق مٽائي ڇڏيا آهن. ڏسڻ ۾ ايندو تہ انهن گھرن ۾ غريب کان وٺي شاهوڪار انسان پُرشوق زندگي گذاري رهيا آهن. دراصل جديد ثقافت جي نمائندگي ڪندڙ ’گھر‘ فقط فليٽ کي ئي سڏي سگھجي ٿو.
گھر هميشہ هر ڪو پنهنجي طبع ۽ ذوق آهر پسند ڪندو آهي. حيدرآباد ۾ گھڻ ماڙ فليٽن جي رواج کي گھڻو عرصو ڪو نہ گذريو آهي. ليڪن جيڪي ماڻهو اڱڻن جي وائکاين تي هريل هوندا هئا، تن کي فليٽ جي زندگي اڄ سوڌو آزار لڳي ٿي. شل نہ جديد ثقافت، ڪشافت جو روپ ڌاري! ڪرشن چندر جي ڪنهن افساني جو ڪردار بمبئيءَ جي عام فليٽ جو رهواسي هو. مٿانئس جيڪا فليٽ هئي، تنهن جو باٿ روم سندس بيڊ روم جي مٿان ٺهيل هو ۽ نتيجي طور، هو جڏهن بہ ننڊ لاءِ مٿو ٽيڪيندو هو، تڏهن فلش وهڻ جو آواز ٿيندو هو، ۽ هو ويچارو ايئن محسوس ڪندو هو، ڄڻ تہ هن جي مٿي تي ويهي ڪو حاجت روائيءَ کان فارغ ٿيندو هجي. انهيءَ نئين طرز حيات ۾ ڦاٿل، حيدرآباد جا ڪيترا ئي شهري عاجز ڏسجن ٿا، ڇاڪاڻ تہ هتي جون ڳچ بلند رهائشي رٿائون، ترتيب ۽ تهذيب کان وانجھيون رکيون ويون آهن. اهي صفن صفا ”بليڪ هول“ آهن. ڪارل سيگن جي شهره آفاق ڪتاب ”ڪاسماس“ ۾ ”بليڪ هول“ ڪائنات ۾ اهڙا غرق ٿيل تارا آهن، جن مان روشنيءَ جو گذر نہ ٿو ٿي سگھي. ڪي ماڻهو اجايو فليٽ کي ”گھريتريءَ جو گھر“ سڏي گِلا ڪَن، پر هروڀرو ايئن بہ ڪونهي. ڪيترن علائقن ۾ ڪُشاديون، هوادار ۽ بنگلي جو ڏيک رکندڙ سهڻيون فليٽون بہ ملن ٿيون.
اڄ بہ شهر جا گھڻا رهواسي فليٽي گھرن جا ئي گرويده آهن. شايد حالات جي نزاڪت کان بہ ايئن هُجي، ڇو تہ اڄوڪي دل دهلائيندڙ دور ۾ چوري ۽ ڊاڪزني عام آهي ۽ کليل ميدانن تي اڏيل بنگلا تہ انهن جو خاص شڪار ٿين ٿا. انهيءَ ڪري ماڻهو فليٽ کي هن دور ۾ پيتيءَ وانگر محفوظ جاءِ سمجھن ٿا! قديم يوناني مفڪر سقراط جي نگاهہ ۾ گھر هڪ ننڍڙي سلطنت بنيل هو. جنهن جي واڳ مرد جي هٿ ۾ قابو هئي. مگر واهہ ڙي سلطانيءَ جمهور جا زمانا. هاڻي تہ معاشري جو اوائلي ’جمهوري گهوارو‘ گھر کي ئي تسليم ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ڇا ننڍا ڇا وڏا، سڀئي باشندا هڪ ٻي کان برابريءَ جي تقاضا ڪن ٿا.
هڪڙي ڳالهہ آهي تہ ماڊرن گھر پنهنجي ثقافت ۾ پراڻن گھرن کان بلڪل مختلف آهن. اڳي گھر ۾ ”گڏيل ڪٽنب“ جو تصور شامل هوندو هو، جنهن ۾ پيءُ ماءُ جو اولاد، پٽن ۽ ننهن سميت گڏ رهندو هو، ۽ اُهي گڏيل گھر، جن ۾ ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جو اولاد گڏجي رهندو هو، تنهن کي ويڙهو چيو ويندو هو. پر اهي آڪهن وارا گھر يا ويڙها ميرن جي دور کانپوءِ ختم ٿي ويا. هاڻي ’گھر‘ فقط ان کي سمجھيو وڃي ٿو، جنهن ۾ هڪ فيملي فقط زال مڙس ۽ پنهنجن معصوم ٻارڙن سان رهائش پذير هوندي آهي. مغرب جي ملڪن يا جپان ۾ تہ وري ڪنوارن ۽ پرڻيلن جا بہ جدا جدا گھر ٿيندا آهن. عمر چڙهيل ضعيف بزرگ وري رضا خوشيءَ سان وڃي هاسٽلون وسائيندا آهن. اڄوڪا گھر ڪنوار وانگر حجاب جو پردو رکن ٿا. اڳين گھرن ۾ بيٺڪون ۽ ڪمرا هڪ سمان هوندا هئا، جن ۾ سڀئي فرد گڏجي اُٿندا ويهندا هئا. اونهاري ۾ اڱڻ ۽ سياري ۾ صُفا، سڀني ڀاتين جي سمهڻ لاءِ هوندا هئا. پر هاڻوڪن گھرن ۾ هر مشغوليءَ جا مخصوص ڪمرا ٿين. اڳوڻن گھرن جو ساهہ پساهہ ’اڱڻ‘ هوندا هئا، جن سان آسون اميدون جاڳنديون هيون. ’اهي اڱڻ منهنجي لاڏل جا وسندا!‘ ۽ وڏن پَٽن کي ٻهاريندي ۽ صاف ڪندي گھر ڌڃاڻين جون چيلهيون ئي چٻيون ٿي وينديون هيون. ماڊرن گھرن کي بہ ڌڙڪندڙ دل ٿيندي آهي. دل جو ذڪر ڇڙڻ سان ازخود پڙهندڙن ۾ محبت جو جذبو بيتاب ٿي جاڳيو هوندو. ڇو تہ دل جي معاملي ۾ سال ۽ عمر حائل نہ ٿي سگھندا آهن. ايئن آهي، نہ تہ ”سانگي“ ڀلا وڏپن ۾ ڇو اهڙي دانهن ڪري ها؟
”آرزو ڪهڙي ڪريون، دل آهي ورهين کان وئي، پنهنجي دل لاءِ سدا پاڻ سِڪُون ٿا يارو!“

پر دوست! مون کي تہ هتي رنڌڻي ۽ غسل خاني جو ذڪر ڪرڻ مقصود آهي، جن کي اڄڪلهہ فيشنيبل زبان ۾ ڪِچن ۽ باٿرُوم سڏيو وڃي ٿو. اهي پنهنجين فرحت بخش رعنائين سان رومان انگيز ماحول اُڀارڻ ۽ محبتون پيدا ڪرڻ ۾ نهايت ڪامياب ثابت ٿيا آهن. ڪنهن انگريز ناول نگار، حالي زماني ۾، عشق جي نازڪ، ڪچي ڌاڳي واري ٻنڌڻ جو ذڪر ڪندي چيو هو تہ، اڄوڪيون محبتون بہ ڊائنڱ ٽيبل تي جنم وٺن ٿيون، ۽ بيڊروم ۾ هلي ختم ٿين ٿيون. اڄڪلهہ جي گھرن ۾ بيڊرومس، باٿ رومس، ڊرائڱ روم، ۽ سِٽِڱ روم، سڀئي هڪ ٻئي کان الڳ ٿين، مگر ڊائنڱ روم ۽ ڪچن تہ سهولت سان گھر جي بلڪل مرڪز ۾ هوندو اهي، جنهن ڪري ان کي ’گھر جي دل‘ ڪري سمجھيو ويندو آهي.
ماضيءَ ۾ بادشاهي ۽ راجائي محلن ۾ غسلخانا باقاعده عشرت ڪده هوندا هئا. ٿورو زمانو اڳي، اسان جي شهر جي گھرن اندر فقط هڪڙو غسل خانو ڪافي سمجھيو ويندو هو، جنهن جي ٻي ڪنڊ ۾ هڪ دِڪي بہ ٺهيل هوندي هئي. نل هيٺان بالٽي ڀري رکي ويندي هئي ۽ ان ۾ هڪ لوٽي پيل هوندي هئي. مگر هاڻي باٿ روم جا انداز ۽ اسباب بلڪل مختلف آهن. سرهاڻ ڀري مهڪ، غسلي ۽ آرائشي نرماهٽ، صاف ۽ پاڪيزه ماحول، اهڙو جو گھڙڻ سان ئي انسان تي جادوءَ جو اثر ٿي وڃي. هاڻي وهنجڻ جا اصطلاح بہ جديد ٿيندا وڃن. اڳي همراه غسل لاءِ اندر ويندو هو ۽ تہ ”لوٽي نائي ٿو نڪران!“ پر هاڻي دوستن کي اهو ئي، پر ڪجھہ ٻين لفظن ۾ ٻڌڻو پوي ٿو، ”شاور وٺي اِجھو آيس!“
ڪو زمانو اڳي، رهائشي ڍنگ بلڪل مختلف هوندو هو. اڄوڪا نوجوان جيڪي فليٽن ۽ ماڊرن گھرن ۾ پلجي وڏا ٿيا آهن، تن لاءِ اهڙن گھرن جو تجربو ئي حيرت انگيز ڳالهہ آهي. بعض ماڻهو تہ پنهنجن وڏڙن کان اڳوڻي سامان، وسيلن ۽ کاڌن جا نالا ٻڌي پيا عجب کائيندا ۽ پڇندا تہ اهو ڇا ٿيندو آهي؟ پراڻي گھر ۾ ٻاهرين دروازي کان اندر گھڙبو هو تہ وڃي دهليءَ ۾ پهچبو هو. جنهن کان پوءِ ڏيڍي لتاڙي اڱڻ تائين اچبو هو. هتان رهائشي جاءِ شروع ٿيندي هئي. اڳ ۾ ورانڊو هوندو هو. ان کان پوءِ صفا يا ڪمرا هوندا هئا، جن جي اندر هڪ هڪ ڪوٺي هوندي هئي. ڪنهن جاءِ جي وڏي صفي ۾ ٻہ ڇٽي بہ هوندي هئي. ڪن ۾ وري اڱڻ کان ڏاڪڻ نڪتل هوندي هئي ۽ مٿي ننڍڙو ڪمرو ۽ اڱڻ بہ اڏيل هوندو هو، جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ ’ماڙي‘ سڏيو ويندو هو. اڳوڻو رڌڻو رهائش وارن ڪمرن کان دور رکيو ويندو هو. جيئن گھر جون ٻيون جايون دونهي ۽ گرميءَ کان حفاظت ۾ رهي سگھن ۽ رڌ پچاءِ جو شغل بنان رنڊڪ جي قائم رهي. غسل خانا ۽ ڪاڪوسخانا الڳ الڳ اڱڻ وٽ ڇيڙي سان ٺاهيا ويندا هئا. وڏين جاين ۾ اهي ايترو پري پوندا هئا جو شل نہ ڪو ڪمهلو پيٽ ۾ گھمرو پوي. تتي ڏينهن، سياري جي رات يا وري سانوڻيءَ جي مينهن ۾ تہ اصل نافت ٿي پوندي هئي.
اڳي ڊائنڱ يا ڊرائڱ روم جو الڳ تصور ڪو نہ هوندو هو. البت وڏي بيٺڪ واري ڪمري ۾ ئي ڀتين ۾ جارا ٿيندا هئا، جن ۾ ٽام چيني ۽ ڪاشيءَ جا ٿانوَ سَجائي رکندا هئا. انهن تي ڄارا ۽ لَٽ چڙهي ويندا هئا. جڏهن ورهين ڪرهين ڪو خاص مهمان ايندو هو، تہ گھر جي زال ڏاڪڻ رکي ضرورت جا ٿانوَ لاهيندي بہ هئي ۽ ٻين کي بہ ڇنڊي اُگھي صاف ڪري، وري رکي ڇڏيندي هئي. ٻوڙ مانيءَ کي ڪجھہ ڪلاڪن واسطي محفوظ رکڻ لاءِ کاري هيٺان رکيو ويندو هو. ڪچو گوشت يا پلو وري وڏي صفي ۾ ٽنگيل ڇڪي ۾ رکي ڇڏبو هو ۽ ٻلي ويچاري هميشہ آسائتي، مٿي نهاريندي ڏسبي هئي. ان تان شايد اهو پهاڪو مشهور ٿيل آهي تہ، ”ٻليءَ ڀاڳين ڇڪو ٽٽو“. مون ڪڏهن بہ پنهنجي زندگيءَ ۾ نہ ڇڪي کي ٽٽندو ڏٺو، ۽ نہ ٻليءَ جو ڀاڳ ورندي ڏٺو، ۽ ها، ٻلي مهل ڪمهل کاري جو بہ طواف ڪندي رهندي هئي، ۽ اُتان ڪڏهن ڪڏهن مڙئي جھٽي لڳي ويندي هئس.
چوندا آهن تہ اڳي برڪت ججھي هوندي هئي. سائين مڃيوسون، پر اها تہ منهنجي بہ اکين ڏٺي ڳالهہ آهي تہ، گھر جي هاج، جنسي آزار جان هوندي هئي. بس ايئن کڻي چئون تہ ”ويلل ڪل!“ هاڻ گيس جا چلها آهن، پر اڳي مٽيءَ جي چلهہ ۾ ڪاٺيون ۽ ڇيڻا ٻاري رڌ پچاءُ ڪيو ويندو هو. دکيل ڪاٺيءَ کي وڃڻيءَ سان هوا يا وات سان ڦوڪون ڏئي، مچ ٻاريو ويندو هو. زال ويچاريءَ جون اکيون ڳاڙهيون رهٽ ٿي پونديون هيون. جي آلي لَيءِ جون سنهڙيون ڪاٺيون هونديون هيون تہ پوءِ دونهون بہ دونهين جهڙو ٿيندو هو. مٿان وري چڻنگن جي ٺڪائن جو آزار! موسم گرما ۾ تہ گھڻين ڳالهين جي مار پوندي هئي چلهہ جي تپش، دونهين جي گھٽ ۽ دونهين جي ساڙيندڙ چُڀ چُڀ، وري ٻارن جي ويڙهہ ويڙهان، گهپي ۽ ڪلڪل تہ ”امان پهريون لولو مون کي ڏي!“ ۽ ماءُ، خار وچان اماڙيون ڪڍي، هر هر پئي ٻارن کي اُلاريندي هئي، ۽ پڻهن سميت پٽون پاراتا ڪڍندي هئي. زال مڙس جي کٽ ڦٽ ۽ جھيڙ جھيڙان جي جاءِ بہ اهو ئي رنڌڻو هوندو هو. مڙس ٻاهران تپندو ايندو هو تہ ڪسرون وري بہ اچي رنڌڻي ۾ ڪڍندو هو. پاڙي جي مائي سڀائي اندر گھڙندي هئي، تہ سا بہ رنڌڻي جي در اڳيان پيل منجيءَ تي اچي ويهندي هئي ۽ اوڙي پاڙي جون لاکون لاهيندي هئي. زالن جي پنهنجي نوڪ جھوڪ جي بہ اها ئي جاءِ هئي. ڀلا انهيءَ راڙو راڙ کي بہ ڪو محبتي ماحول چئبو؟ رڌنڻي ۽ رڌ پچاءَ سان بہ ڪيترا ئي اصطلاح لاڳو ٿي ويا. مثلاً ”رنڌڻي ۾ رولو“. جيڪڏهن زال ۽ مڙس جي وچ ۾ ڪو ڦيٽارو ٿي پيو يا زال وڃي پيڪن ۾ ويهي رهي، تہ چلهہ بہ ڪا نہ ٻرندي ۽ ماني بہ ڪا نہ پچندي هئي. مڙس ويچارو رولن ۾ اچي ويندو هو. ان تان ’رنڌڻي ۾ رولڙو‘ جو اصطلاح نڪتو. هاڻي جيڪڏهن ڪي ڪارندا پاڻ ۾ اٽڪن ۽ دفتر يا اداري جو انتظام سڄو ئي درهم برهم ٿي وڃي تہ ان کي عرف عام ۾ ’رنڌڻي ۾ رولي‘ سان ياد ڪن. اهڙيءَ طرح چلهہ دکائڻ لاءِ ڇيڻا بہ ٻاريا ويندا هئا. ”ڇيڻاڀور“ خصوصاً ان شخص کي چيو ويندو آهي، جيڪو فتنہ پرداز“ يا شرارتي هوندو آهي. ڪنهن عورت جي لائي چائي واري عادت تان اهو اصطلاح شروع ٿيو ۽ هلندي هلندي معاشري جي ٻين شعبن ۾ بہ چالو ٿي ويو. جيڪڏهن وقت سر چلهہ دُکيل نہ ملي تہ باهہ ٻارڻ ۾ وري ساڳي درد سري ڪرڻي پوندي. ان ڪري ٽانڊا دُکندا رکڻ لاءِ مٿانئن ڇار ورائي ويندي هئي، نہ تہ چلم جي ٽوپيءَ لاءِ ٽانڊو بہ مشڪل سان هٿ ايندو هو. وتائي غريب تہ ماڻس جي چلم لاءِ دوزخ مان ٽانڊو کڻي اچڻ جو قصد ڪيو هو، پر تہ بہ ناڪام موٽي اچڻو پيس.
هن وقت شهر جي جاين ۾ ڪٿي ڪٿي گھڙا، منجيءَ تي دلا مٽ رکيل نظر اچي ويندا، جن جي گڻن کي سٺن انسانن جي فضيلت سان ڳنڍيو ويندو هو. اسين تہ اهو ئي پهاڪو ٻڌندا هئاسون تہ ”ٿڌو گھڙو پاڻهي پاڻ کي ڇانوَ ۾ ويهاري“. اهو بہ زمانو هو جو ڪنڀرن کان، سياري جي مٽيءَ جا ٿڌا گھڙا ٻولائي وٺبا هئا. گھڙن کي ڪنن مٿان سنهو ڪپڙو چاڙهي ڍڪي، محفوظ جاءِ تي نفاست سان رکيو ويندو هو، جيئن صاف رهي ۽ لٻ لٻاڙ کان بہ بچي رهي. جڏهن اُساٽ ۾ وٽي مان پاڻي نڙيءَ ۾ ڏوگھبو هو، تڏهن اُن جي ڪوري سرهاڻ ڏاڍي لذت ۽ فرحت ڏيندي هئي. پر هاڻ تہ فرجن ۽ واٽرڪولرن جي بلي بلي لڳي پئي آهي. جن گھڙن جو مان ئي وڃائي ڇڏيو آهي! اڳي مايون تہ شربت لاءِ گھرن ۾ ڪرنڦل مان گلن کي چِڪائي گلاب بہ ڪڍنديون هيون. هينئر نازڪ مزاج عورتن کان اهڙيون خجالتون ڪو نہ پُڄن. اول هن وقت اٺ ڪاٺئي ڪم جي جاءِ گھر ۾ اچي ڪٿان؟ جيڪڏهن ڪنهن هاڻوڪي فليٽ اندر اهڙي قمام ڪرڻ جي ڪوشش بہ ڪئي، تہ تماشو لڳي ويندو. اوسي پاسي وارا باهہ جو گمان ڪري فون تي فائر برگيڊ کي اطلاع ڏيندا تہ اسان جي ڀر ۾ فليٽ کي باهہ وڪوڙي وئي آهي ۽ سڄو فلور سڙڻ جو انديشو آهي.

ماڊرن گھر جو ڪچن ۽ ڊائنڱ ڪمرو هڪ فرحت‌بخش ۽ روح‌افزا ڏيک پيش ڪري ٿو. اُتي کاڌي جي ميز جي چوڌاري، هشاش بشاش ۽ کلمک چهرا، انتهائي سُڪون سان طعام کائڻ ۾ رڌل ڏسبا آهن. مثل مشهور آهي تہ ”جِن کاڌا پلن جا پيٽارا، تِن جا هينئڙا ويچارا“. پَلن مَڇيُن جا طعام تہ اڃان بہ رڌجن ۽ شوق سان کاڌا وڃن ٿا. پنهنجن دپمپختن سان تہ ڪو لڳيئي ڪو نہ؛ اڃا بہ جيڪي قدامت پسند ماڻهو آهن، سي پراڻين شين سان ”هَنِي مُون“ ڪيو ويٺا آهن، ورنہ نَون کاڌن جو چشڪو تہ هر ڪنهن جي وات کي لڳي ويو آهي. اووِن ۽ فوڊ ڪرافٽرن ۾ نيم پڪل ۽ اُٻاريل هاضم مغربي ۽ چيني غذائون، جھٽ پٽ تيار ٿيو وڃن. هاڻي گھر واري هينئون هپائڻ سواءِ ئي، چرغہ مرغي ۽ فروٽ ڪيڪ تيار ڪريو وٺي، ۽ هوءَ جيڪڏهن ضرورت وقت ڪم ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏي، تہ پوءِ ”فلائڱ ساسر“ جهڙي نرم گرم ۽ هلڪي ڦلڪي پليٽ اوهان پاڻ بہ آسانيءَ سان تيار ڪري سگھو ٿا. ڀلا پُڊڱ، جيلي ۽ ڪسٽرڊ جهڙيون سويٽ ڊشون ڪنهن کي نہ وڻنديون هونديون؟ بزرگ اڃا بہ اڳوڻيون مهميرون ياد پيا ڪندا آهن؛ کني، لپئي، پنجوري، سائون ڏريو، ڳڙهاڙيون، ڪُٽيون ۽ ڀوڳاڙا وغيره. ننڍڙن کي ٻڌائي پنهنجي ايام جو ڌڌڪو پيا ويهاريندا آهن؛ ورنہ هينئر اهي خوراڪون شهرين کي ڪٿي ٿيون جيورن.
ٻيو ڪجھہ هُجي يا نہ هُجي، پر نَون کاڌن پيتن هڪ نئين عالمگير تهذيب کي جنم ضرور ڏنو آهي. ڇا اولهہ ڇا اوڀر، خوراڪ جي عادات ۾ سڀئي قومون يڪسان طور طريقا اختيار ڪنديون پيون وڃن. انسان هميشہ کان خوب کان خوب تر جي تلاش ۾ رهندو اچي. شايد اها ئي جستجو سندس وجود کي قائم رکي سگھي آهي، جنهن کانسواءِ هن جي زندگي جيڪر بي معنيٰ رهجي وڃي. ”يوٽوپيا“ ماضيءَ وانگر اڃا تائين بہ انسان جو هڪ سهانو خواب رهيو آهي، جنهن جي تعبير جي ڪنهن کي بہ ڪل ناهي. تاهم انسان پنهنجي عافيت جي گوشي لاءِ نت نوان آشيانہ تعمير ڪندو رهي ٿو؛ ۽ ممڪن آهي تہ ايڪيهين صديءَ ۾ ماڳهين گھر جو تصور ئي بدلجي وڃي. هُو ضرور اهڙا گھر ايجاد ڪري وٺندو جيڪي فقط هڪ خول ۾ ئي محفوظ هوندا، ۽ شايد مستقبل جا گھر زمين تي هئڻ بدران فضائن ۾ ئي ترندا رهندا. اهو انسان جو رهائشي مڪان بہ هوندو، تہ ساڳئي وقت وري سندس گھمندڙ سواري بہ هوندو. شاعر جي مطابق تہ:
انسان رهي ٿو گھر ۾ شاد،
گھر سان ٿين ديس آباد،
ديس سارا آهن دنيا جا گھر،
دنيا ساري آ هڪ گھر سمان!
انسان ذات آ پوتل لڙهيءَ جيان،
ايڪي ۽ پيار سان، گر انسان رهن،
گھر ڀاتين جيئن قومون ميل رکن،
گرهہ بہ نيٺ سي پنهنجا گھر،
ڪائنات ۾ کُلندو پنهنجو درُ.