ڪالم / مضمون

دل جي ڳـالـهـہ

هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي عاشق، محقق، اديب ۽ ليکڪ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي لکيل مضمونن، ڊرامن ۽ مختصر ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
جيتوڻيڪ ليکڪ جي راءِ آهي تہ ادب هوندو ئي دل جي ڳالهہ آهي، پر هن ڪتاب ۾ شامل مضمون سچ پچ بہ سندس قلب جو آواز ۽ سنڌ جي ٻولي، ادب، ماڳن مڪانن، ادارن، ڪردارن، توڙي هنرن سان سندس بيپناهہ محبت جو خوبصورت اظهار آهن. ليکڪ جي گھڻ رخي قابليت وانگي هيءُ ڪتاب پڻ ڪيترن ئي متفرق اسمن تي ٻڌل آهي، ۽ ان ۾ هر ذوق جي پڙهندڙ لاءِ ڪجھہ نہ ڪجھہ ضرور موجود آهي.
Title Cover of book دل جي ڳـالـهـہ

انگريزن جي ابتدائي دؤر ۾ سنڌي نثر جي عبارت ۽ ٻولي

انگريزن جو دور حڪومت، سنڌي ادب جي واڌاري جي لحاظ کان نهايت ڪارآمد ثابت ٿيو آهي. هيءُ ئي دور هو، جنهن ۾ سنڌي ادب جون جديد صنفون وجود ۾ آيون. برٽش سرڪار جي ڪوشش سان، سنڌي الف ب سال 1851ع ۾ ٺهي راس ٿي ۽ اهڙيءَ طرح سان سنڌي نثر لکڻ جو رواج عام ٿيو. يورپي عملدارن جي شخصي چاهہ ۽ خاص بهره وٺڻ ڪري، سنڌي نثر جي ڪتابن جو هڪ چڱو خاصو تعداد تيار ٿي ويو. اوائلي سنڌي نثر جي ليکڪن ۾ ديوان ننديرام، اڌارام، پرڀداس، قاضي غلام علي، سيد ميران محمد شاهہ، آخوند عبددالرحيم، مرزا علي رضا، صاق علي بيگ ۽ ديوان ڪيولرام جا نالا قابل ذڪر آهن. انهن سڀني ۾ ديوان ننديرام، جو نالو اولين حيثيت رکي ٿو، جو ان دور جو مکيہ ليکڪ آهي. اوائلي دور جي نثري ڪتابن جو وڏو حصو سندس تصنيف ڪيل آهي، جي سڀئي درسي ڪتاب هئا ۽ تعليمي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ لکيا ويا هئا. انهن سڀني ليکڪن مان ديوان ڪيولرام اُوڻيهين صديءَ جي بلڪل آخر جو ليکڪ آهي، جنهن جا ڪتاب ”گل شڪر“ ۽ ”گل“ ادب ۾ نهايت ئي اهم مقام والارين ٿا. سندس ٻولي بہ اڳين ليکڪن کان زياده شائستہ، فصيح ۽ موجوده نثر جي نزديڪ آهي.
اوائلي دور جي نثر جي عبارت ۽ ٻوليءَ جون جيڪي مجموعي خصوصيتون آهن، جي سڀني نثر نويسن ۾ پاتيون وڃن ٿيون، تن جو ذڪر سلسليوار هيٺ ڪجي ٿو.
سنڌي نثر جي عام مروج ٿيڻ کان اڳ ۾، اهل سنڌ کي تعليم و تدريس فارسي زبان ۾ ڏني ويندي هئي. ابتدائي دور جا سڀئي نثر نويس، فارسي تعليم سان آراستہ هئا. انهن جنهن وقت سنڌيءَ ۾ ڪتاب تحرير ڪرڻ شروع ڪيا، تنهن وقت سندن سامهون ڪو بہ صحيح سنڌي نثر جو نمونو موجود نہ هو، جنهن کي مثال بنائي لکن. اوائلي نثر نويس مان ”ديوان ننديرام“ پهريون ليکڪ هو، جنهن سنڌيءَ ۾ ڪتاب جوڙيو. ”تاريخ سنڌ“ هڪ ضخيم ڪتاب آهي، جو هن فارسيءَ جي ”تاريخ معصوميءَ“ تان سنڌي ٻوليءَ ۾ آندو. جيئن تہ هن جي سامهون ڪو بہ سنڌي نثر جو ڪتاب ڪو نہ هو، تنهن ڪري هن کي سنڌي نثر لاءِ هڪ واٽ گھَڙڻي پيئي، جا ٻين لاءِ مثال بڻي. سنڌي نثر جو جيڪو نمونو، لهجو، زبان ۽ طرز بيان هن اختيار ڪيو، ان کي پوين اديبن مثال ڪري ورتو آهي. ايئن ضرور آهي تہ هر ڪنهن اديب پنهنجي عقل ۽ وس آهر نثر کي عام فهم ۽ وڻندڙ بنائڻ جي ڏاڍي ڪوشش پئي ڪئي آهي. ديوان ننديرام جي سنڌي تحرير، ابتدائي هجڻ جي لحاظ کان نهايت ئي مزيدار ۽ قابل قدر آهي، مگر ان جي مقابلي ۾ کانئس پوين مصنفن جو نثر زياده دلڪش ۽ وڻندڙ معلوم ٿئي ٿو. پوين اديبن ان ۾ وقت بوقت تبديليون ۽ ترميمون پئي آنديون آهن. سنڌي زبان جي موجوه دور جو نثر، جو ايتريقدر شستہ ۽ فصيح معلوم ٿئي ٿو، سو وقت بہ وقت اهڙين ڪوششن سان هن منزل تي پهتو آهي. هيٺ آئون ديوان ننديرام ۽ ديوان آڌارام جي نثر جا ٽڪرا پيش رکان ٿو، جنهن مان معلوم ٿيندو تہ سنڌي نثر ڪيئن درجي بدرجي ترقي ڪئي آهي.
ديوان ننديرام جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”ايسپ جون آکاڻيون“ سال 1854ع ۾ شايع ٿيو. سندس نثر جو نمونو هڪ آکاڻيءَ مان هيٺ ڏجي ٿو.
”پروڙيو ٿي تہ ڏونگر گھڻو ڪنجھن ٿا ۽ هاڻي ڄڻيندا. ماڻهو چوڌاري چوڏس پراهان آيا.“
ديوان اڌارام پڻ ساڳئي ڪتاب جي نثر کي سڌاري سنواري سال 1891ع ۾ شايع ڪيو. هاڻي ڏسو تہ ساڳئي جملي کي ديوان اڌارام ڪهڙي نموني سان ادا ڪري ٿو.
”هڪڙيءَ ٽڪريءَ کي اچي سور ٿيا، سا جڏهن ڪنجھڻ لڳي، تڏهن ان جون ڏاڍيون ڪيڪون ٻڌي، اوسي پاسي جا اوريان پريان ماڻهو گھڻئي اچي گڏ ٿيا“.
ديوان ننديرام ۽ ديوان اڌارام، ٻنهي جا نثري فقرا پڙهڻ سان معلوم ٿيندو تہ پهريون فقرو ايتري قدر تہ منجھيل آهي، جو ڪوشش ڪري سمجھڻ سان بہ ان جو پورو مطلب ذهن نشين نہ ٿو ٿئي. وري پويون فقرو ايتري قدر تہ آسان، سليس ۽ بامحاوره آهي، جو هڪدم سمجھہ ۾ اچي وڃي ٿو. ازانسواءِ انهيءَ آکاڻيءَ جو ديوان ننديرام جيڪو عنوان قائم ڪيو، سو آهي ”آکاڻي ڄڻيندڙ جبل جي“ جو بہ گرامر جي لحاظ کان غلط آهي. وري ديوان اڌارام ساڳيءَ آکاڻيءَ جو عنوان ”آکاڻي ٽڪريءَ جي، جنهن کي سور ٿيا هئا“ قائم ڪيو آهي، جو زياده صحيح ۽ بامقصد آهي.
ديوان ننديرام جو نثر جيتوڻيڪ ڪچو ڦڪو لڳي ٿو، ان هوندي بہ اها سندس ئي شخصيت هئي، جنهن هاڻوڪي سنڌي نثر جو بنياد وڌو. انهيءَ مثال مان اهو بہ معلوم ٿيو تہ سنڌي نثر درجي بدرجي ترقي ڪري هاڻوڪي صورت اختيار ڪئي آهي.
ابتدائي دور جا سڀئي سنڌي ليکڪ فارسيءَ جا استاد ۽ عالم هوندا هئا. ڪن کي تہ پنهنجا مدرسا بہ هئا، جن ۾ هُو شاگردن کي فارسي زبان ۾ تعليم ڏيندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو سندن سنڌي نثر تي بہ فارسيءَ جو اثر آهي. اهي مدرسا جڏهن پنهنجي مڪتبن ۾ فارسيءَ ۽ عربيءَ جي تعليم ڏيندا هئا، تڏهن شاگردن کي جملي جي هر لفظ جي ڌار ڌار معنيٰ سنڌيءَ ۾ ٻڌائيندا هئا ۽ سڄي جملي جو ترجمو ”تحت‌اللفظ“ ڪري ڏسيندا هئا. اڄ ڪلهہ پڻ پراڻي وضع جي مدرس ۾ فارسي ۽ عربي پڙهائڻ جو اهو ئي دستور هلندو اچي ٿو. مثلاً جڏهن طالبن کي فارسيءَ جي ”ڪريما“ پڙهائي ويندي آهي، تڏهن:
”ڪريما بہ بخشائي برحال مال
که هستم اسير کمن هوا“
انهن ٻن شروعاتي سٽن جي ”تحت‌اللفظ“ معنيٰ هن طرح ٻڌائي ويندي آهي.
”اي ڪريم، بخش ڪر مٿي حال اسان جي،
جو آهيان ورتل منجھہ ڦاهيءَ حرص جي.“
اوائلي سنڌي نثر ۾ اهڙا جملا ڪثرت سان هٿ اچن ٿا، جيڪي جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي لحاظ کان تہ نج سنڌي آهن، ليڪن انهن جي بيهڪ عربي ۽ فارسيءَ جي جملن جهڙي آهي. جيتوڻيڪ ڪنهن بہ ڪتاب جو سڄو نثر آخوند عزيزالله جي نثر وانگر ڪونهي، ان هوندي بہ ڪيترا جملا اهڙا آهن، جي ساڳي انهيءَ بيهڪ جا آهن. ديوان ننديرام جي ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“ ۾ اهڙا جملا ڪثرت سان آيل آهن. ان جو سبب بہ شايد اهو آهي جو اهو ڪتاب بہ اصل فارسيءَ تان ترجمو ٿيل آهي. هتي مختلف ليکڪن جي ڪتابن مان اهڙي نثر جا چند نمونا پيش ڪجن ٿا.
1. ديوان ننديرام جي نثر مان مثال:
”وڏي وڏائي ڌڻيءَ جي، جنهن پنهنجي ڀال ۽ ڀلائيءَ ساڻ انسان کي اپائي پروڙ ڏنانس. لک شڪرانا ۽ ٿورا ڌڻيءَ جا، جنهن پنهنجي ٻاجھہ ساڻ ڪيترن ڏينهن کون واڳ وڏي ڀاڱي ملڪ هندستان جي هٿ حاڪم انگريز بهادر نياءَ واري جي ڏني. ويتر هلائيندڙ حڪومت سنڌ جو حاڪم عادل جناب سر بارٽل فريئر ڪي. ٽي. بي. ڪمشنر صاحب بهادر. ماڻهو هن ڏيهہ جا سڀئي گھڻي سرهائيءَ سان دعا ڪندڙ وڏائيءَ حضور مٿئين جا آهن“.
مٿئين نثر جي ٽڪري کي صحيح سنڌيءَ ۾ هن طرح لکبو.
ڌڻيءَ جي وڏي وڏائي، جنهن پنهنجي ڀال ۽ ڀلائيءَ سان اسان کي اپائي پروڙ ڏني. لک شڪرانا ۽ ٿورا ڌڻيءَ جا، جنهن پنهنجي ٻاجھہ سان هندستان ملڪ جي وڏي ڀاڱي جي واڳ نياءَ واري حام انگريز بهادر جي هٿ ۾ ڏني ۽ ويتر سنڌ جي حڪومت جو هلائيندڙ عادل حاڪم جناب سر بارٽل فريئر. ڪي. ٽي. بي. ڪمشنر صاحب بهادر کي ڪيائين. هن ڏيهہ جا سڀئي ماڻهو، گھڻي سرهائيءَ سان مٿئين حضور جي وڏائيءَ لاءِ دعا گھُرندڙ آهن“.
2. آخوند عبدالرحيم جي نثر مان مثال:
”تنهن کان پوءِ سهنجا سوناري جي مهمان ٿي ڪيو، سا مٿس اڪن ڇڪن ٿي پيئي هئي. اها سبب عشق جي جنهن وقت سار ٿئس ان وقت اٿي گس اٺن جو سڃاڻي هيڏانهن هوڏانهن ڊڪڻ لڳي ۽ واٽ تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيا هئا، تن ۾ ڪپڙا ڦاڙجي چيرجي ٽڪر ٽڪر ٿي ڪِرِي پئس باقي اڳٺ چيلهہ ۾ رهئس“.
انهيءَ نثر جي ٽڪر کي صحيح سنڌيءَ ۾ هن طرح لکبو.
”تنهن کان پوءِ سهنجا سوناري، جنهن کيس پنهنجو مهمان ٿي ڪيو، سا مٿس اڪن ڇڪن ٿي پيئي. عشق جي سببان، جنهن وقت سار ٿيس، ان وقت اٿي، اٺن جو گس سڃاڻي، هيڏانهن هوڏانهن ڊڪڻ لڳي ۽ واٽ تي جي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيا هئا، تن ۾ ڪپڙا ڦاڙجي، چيرجي ٽڪر ٽڪر ٿي ڪِرِي پيس ۽ باقي اڳٺ چيلهہ ۾ وڃي رهيس“.
مٿي ڏنل مثالي نثر جي ٽڪرن مان صاف ظاهر آهي تہ ان جملن جي بيهڪ فارسيءَ ۽ عربيءَ جي جملن جهڙي آهي. اوائلي نثر جي انهيءَ خصوصيت سبب ان کي بافهم ۽ سلوڻو چئي نہ ٿو سگھجي، ڇاڪاڻ جو ان جي عبارت رواجي ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي طرز کان مختلف آهي ۽ صرف و نحو جي لحاظ کان غلط آهي. وقت گذرڻ سان آهستي آهستي سنڌي نثر بلڪل صاف، اصلي ڳالهائڻ ٻولهائڻ واريءَ صورت ۾ لکجڻ لڳو ۽ فارسيءَ جو اثر بلڪل مفقود ٿي ويو.
سنڌي الف بي، جيئن تہ عربي رسم‌الخط مان جوڙي ويئي، تنهنڪري اهي سنڌي خوانده، جن عربيءَ يا فارسيءَ ۾ تعليم پرائي هئي، سي سنڌي نثر جي عبارت چڱيءَ طرح پڙهي سگھندا هئا. پر جيئن تہ سنڌي نثر پهريون دفعو پريس ۾ ڇپجڻ لڳو، تنهنڪري هر لفظ جو صحيح تلفظ ڏيکارڻ لاءِ اعرابون (زبر، زير، پيش، جزم، شد، مد) وغيره ڏنيون وينديون هيون، جيئن عوام ان جو آسانيءَ سان مطالعو ڪري سگھي. اوائلي نثر وارن ڪتابن جي عبارت ۾ ڪيترن هنڌن اعرابن جو غلط استعمال بہ ڪيو ويو آهي. ازانسواءِ بيهڪ جي نشانين جي بہ ان دور ۾ ڄاڻ ڪا نہ هئي. تنهنڪري گرامر جي لحاظ کان بہ اهو نثر هاڻي جي سنڌي خواندن لاءِ سمجھڻ مشڪل آهي. جڏهن سنڌي ماڻهو رفتي رفتي نئين صورتخطيءَ سان مانوس ٿي ويا، تڏهن اهو اعرابون ڏيڻ وارو رواج بہ ترڪ ڪيو ويو ۽ عربي، فارسي ۽ اردوءَ وانگر بغير اعرابن جي عبارت قائم ڪئي ويئي.
اوائلي سنڌي نثر جي عبارت ۾ گھڻائي اهڙا لفظ آهن، جن جي صورتخطي هن وقت ٻيءَ طرح لکي وڃي ٿي، يا ڪيترن لفظن جون صورتون ڌار ڌار ليکڪن ٻيءَ ٻيءَ طرح سان لکيون آهن. مثال طور ”انن“ کي هاڻوڪي دور ۾ ”انهن“ لکيو وڃي ٿو ”ته جه“ کي هن دور ۾ ”تنهن جنهن“ لکيو وڃي ٿو، ”تهڪري“ کي هن دور ۾ ”تنهنڪري“ لکيو وڃي ٿو، ۽ ”جڏه تڏه“ کي ”جڏهن تڏهن“ لکيو وڃي ٿو. اهڙا ڪيترائي الفاظ آهن، جيڪي هن دور ۾ ٻيءَ طرح سان صحيح صورت ۾ لکيا وڃن ٿا. مذڪور ڄاڻايل لفظن ۽ ٻين ڪيترن لفظن جون مستقل صورتون درجي بہ درجي وقت گذرڻ سان انهيءَ صورت کي پهتيون آهن. ڪيترن لفظن جون درست صورتون ورنيڪيولر لٽريچر سوسائٽي (1914ع) ۾ بنايون هيون. تنهن هوندي بہ متعدد لفظ اهڙا آهن، جي اڄ ڏينهن تائين ڪيترن مصنفن طرفان الڳ الڳ صورتخطيءَ ۾ لکيا وڃن ٿا؛ مثلاً ”قاصائي“، ڪاسائي، صبحاڻي، سڀاڻي، ”جهن تهن“، ”جنهن تنهن“ وغيره. منهنجي خيال ۾ ٻيون نمبر صورت درست سمجھڻ گھرجي.
اوائلي سنڌي نثر جيتوڻيڪ عام فهم ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي ۽ نج سنڌي آهي، ان هوندي بہ موجوه دور جي نثر جي مقابلي ۾ غير فصيح آهي. ڪيترا الفاظ متروڪ ٿي چڪا آهن ۽ ڪجھہ الفاظ تہ اهڙا بہ آهن، جيڪي مشڪل سان سمجھہ ۾ اچن ٿا. ان جو سبب اهو آهي جو اوائلي دور جي نثر نويسن جو سڄو زور نج سنڌي لفظن تي هو. هن وقت جيڪي فارسيءَ ۽ عربيءَ جا لفظ سنڌيءَ جا ٿي چڪا آهن، جي اسان نہ رڳو تحرير ۾ ڪم آڻيون ٿا، بلڪہ ڳالهائڻ ۾ بہ بي ڌڙڪ استعمال ڪريون ٿا. مثلاً وقت، شَي وغيره تہ اهڙن آسان ۽ سليس لفظن جا بہ ابتدائي دور وارن ليکڪن نج سنڌي هم معنيٰ لفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مثلاً وقت لاءِ ”ٽاڻو“ ۽ ”شَي“ لاءِ ”وٿ“. اهڙن لفظن جا جيڪي سنڌي ترجما يعني نعم‌البدل قائم ڪيا اٿن، سي بلڪل جُڙتو، بي معنيٰ ۽ دقيق بنجي پيا آهن، جن کي هن دور جي نثر ۾ ڪڏهن بہ استعمال ڪرڻ پسند ڪيو نہ ويندو. هيٺ ڪن ليکڪن جي نثر مان چند اهڙا لفظ مثال طور پيش ڪجن ٿا.

سيد ميران محمد شاهہ
تفاوت کي ”ول“
فيصلو کي ”نبير نڇيڙ“
خرچ کي ”کاپ“
حوصلو کي ”چيت“
دراصل يا خاص طرح کي ”نڪڻي“

پر ڀداس
خود غرض کي ”پاڻ کي گھُرندڙ“
اعتبار نہ ڪرڻ کي ”اڻ دل لڳو“ شخصي يا ذاتيءَ کي ”منڊائتو“

ديوان ننديرام
”بي خيالي“ کي ”اڻپُورو“. نئين سٽ کان جوابدار کي ”کولاندر“

ميان محمد
پسند کي ”پهت“، استعمال کي ”هير“، قسمن کي ”پريون“
هن وقت ”بي خيالي“ جي لاءِ ”اڻ پُور“ يا ”اعتبار نہ اچڻ“ بدران ”اڻ دل لڳو“ وغيره ڪٿي بہ ڳالهائڻ ۾ ڪو نہ ٿو اچي. ابتدائي دور جي نثر نويسن ڌارين زبان جي لفظن جا جيڪي سنڌي نعم‌البدل ڏنا آهن، سي هن وقت تائين مروج ٿي نہ سگھيا آهن. تحرير ۾ تہ ٺهيو، مگر زبان تي بہ چڙهي نہ سگھيا آهن، جو انهن جي غير فصيح ۽ دقيق هجڻ جو ظاهر ظهور ثبوت آهي. ابتدائي دور جي ليکڪن جي اها ڪوشش هئي تہ هر ڳالهہ جو مفهوم نج سنڌي زبان ۾ ادا ڪيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو ان دور جي نثر ۾ ڪو بہ ڏکيو سنسڪرت جو لفظ يا غير مروج عربيءَ ۽ فارسيءَ جو لفظ ڪم آندل نہ آهي. مثال طور:
ٻول ڪجي تہ پاڙجي (ننديرام)
پاڻئون وڏي سان چرچو نہ ڪجي (اڌارام)
اگھو، ويڄ، مورڳ، جوڳو (پرڀداس)
پاڻ ڦُرائي بہ ڪم ڪڍجي (سيد ميران محمد شاهہ)
سيکاريندڙ (ماستر)
اوائلي دور جا نثر نويس، حيدرآباد، وچولي ۽ لاڙ جي پاسي جا هئا، جنهنڪري ان دور جي نثر ۾ انهن ٽنهي طرفن جي لهجن Dialects جي ٻولي ڪم آندل آهي. ان کان اڳ، جيئن تہ سنڌي نثر لکڻ جو رواج عام ڪو نہ هو، تنهنڪري ”ادبي زبان“ لاءِ ڪو بہ هڪ خاص لهجو مقرر ٿيل نہ هو. ابتدائي دور جي نثر نويسن مان غلام حسين قريشي ۽ قاضي غلام عليءَ جي جوڙيل ڪتابن ۾ لاڙي لفظ ڪثرت سان ڪم آندل آهن ۽ زبان جي ادائگي بہ لاڙي لهجي واري آهي. مثال طور انهن مصنفن جي ڪتابن ۾ نمرو، ٻان ڪرن، سونگ، ڀونڀ، اڏپ، منهہ ۽ ٻيا اڪيچار لاڙي لفظ ملن ٿا. سيد ميران محمد شاهہ، پرڀداس، ننديرام، ميان محمد، مرزا غلام رضا، اڌارام، ديوان نولراءِ، ديوان ڪيولرام ۽ ڪيترا مصنف سنڌ جي وچولي ڀاڱي سان تعلق رکندا هئا، جن جي ڪتابن ۾ وچولي جي زبان ڪم آندل آهي. حيدرآباد ۽ وچولي جي زبان اتي جي مصنفن جي گھڻائيءَ سبب، ادبي ۽ تعليمي ڪتابن ۾ عام طرح سان استعمال ٿيڻ لڳي، جنهن ڪري ان کي معياري زبان Standard Language قرار ڏنو ويو ۽ اها زبان ”علم و ادب“ لاءِ مخصوص بنجي ويئي.
اوائلي دور جي نثر نويسن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو، مختلف علمن لاءِ سنڌيءَ ۾ جوڙيل علمي اصطلاحن Technical Terms جو هڪ وڏو ذخيرو آهي، جو سنڌي علم و ادب تي سندن دائماً احسان آهي. انهيءَ ڪم ۾ بہ ديوان ننديرام پيش پيش آهي، ڇاڪاڻ تہ علمي ڪتابن جو وڏو حصو سندس ئي قلم جي زور جو نتيجو آهي. سنڌيءَ ۾ تعليمي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ جڏهن پهريون ڀيرو مختلف علمن جهڙوڪ، تاريخ، جاگرافي، حساب، جاميٽري، آلجبرا وغيره جا ڪتاب جوڙيا ويا، تڏهن سڀ کان دقيق مسئلو انهن نون علمن جا اصطلاح بنائڻ جو هو، ڇاڪاڻ جو سنڌيءَ ۾ ڪڏهن بہ ان قسم جا علمي ڪتاب اڳي لکيا نہ ويا هئا. مثال طور رڳو رياضيءَ جي علم متعلق اصطلاح جهڙوڪ اڻپُور، ڏهائي، مُور، وياج، راس، پاڇي، ونڊ، جوڙ، ڪٽ، وڏو عام پورو وڊيندڙ ۽ ننڍي عام ڀڃ اپت وغيره، انهن عالمن جا مقرر ٿيل اصطلاح پڙهي وري جڏهن ساڳين علمي اصطلاحن لاءِ اردوءَ جي لفظن ڏانهن نظر ڪبي تہ معلوم ٿيندو تہ اهي تمام دقيق ۽ ثقيل آهن، جن جي اچارڻ سان نڙيءَ ۾ اٽڪاءُ ٿئي ٿو. اسڪولي شاگردن جو اهڙن لفظن کي سمجھڻ ۽ ياد ڪرڻ ۾ ڪافي وقت صرف ٿيندو، جهڙوڪ خارج قسمت، عدد اعظم مشترڪ، ذواضعاف اقل مشترڪ، ڪسور اعشاريہ، نسب نما، شمار کننده، وغيره. سنڌيءَ جي عام فهم ۽ آسان علمي اصطلاحن کي ڏسي، ان جي جوڙيندڙن جي ذهانت ۽ دانائيءَ کي داد ڏيڻو ئي پوندو. معلوم ٿئي ٿو تہ ابتدائي نثر نويس سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻ، قوم جي مزاج ۽ علمي واقفيت کان گھڻي قدر بهره ور هئا. اوائلي دور جي نثر ۾ چند علمي اصطلاح اهڙا بہ آهن، جن کي بعد جي ليکڪن بدلائي، ان جاءِ تي زياده سليس، فصيح ۽ آسان لفظ مروج ڪيا، جنهن ۾ بہ اوائلي دور جي نثر نويسن جي تقليد ڪئي ويئي آهي. مثال طور رڳو جاگرافيءَ جا علمي اصطلاح پيش ڪجن ٿا. اوائلي دور جي نثر نويسن ”ورهيہ چال“ ويڪرائي گھيرا، ڌرتيءَ جي مورت، ڌرتيءَ جي ڇانو وغيره اصطلاح استعمال ڪيا، جي پوئين دور جي نثر نويسن، سالياني گردش، رواني گردش، ويڪرائي ڦاڪ، گھيرا، ڌرتيءَ جي شڪل، ڌرتيءَ جو پاڇو وغيره ۾ تبديل ڪري ڇڏيا. اهي الفاظ اڳئين کان زياده سليس، فصيح ۽ وڻندڙ آهن.
انگريزن جي اوائلي دور جو نثر، موجوده دور جي نثر کان ڪهڙين ڳالهين ۾ مختلف آهي. ان جو مختصر بيان ڪيو ويو آهي. ان دور جو نثر هاڻوڪي نثر جو بنياد آهي. جيڪي خاص خصوصيتون ۽ خوبيون نثر جون ان دور ۾ ٺهرايون ويون هيون، سي هاڻي بہ ساڳيون آهن. نثر جي سادگيءَ ۽ سلاست کي هن دور ۾ بہ پسند ڪيو وڃي ٿو. بعض نثر نويسن جو فن صرف انهيءَ خوبيءَ سبب ئي مقبول عام ٿيو. اوائلي سنڌي نثر ۾ جيتوڻيڪ ڪجھہ غلط ۽ دقيق الفاظ آهن، ان هوندي بہ، اهڙا لفظ ۽ فقرا ڪثرت سان ملندا، جي سهڻي، سادي ۽ صاف زبان ۾ بيان ڪيل آهن. حقيقت ڪري دنيا جي سڀني سڌريل ٻولين جو نثر، اوائلي صورت ۾ ايترو شائستہ، فصيح ۽ صاف ڪو نہ هو، پر اديبن ۽ عالمن جي وقت بوقت ڪوششن سان اهو ترقي يافتہ صورت کي پهتو. ساڳي حالت سنڌي نثر سان پڻ لاڳو آهي. اوائلي دور جي نثر نويسن درسي ڪتابن ۾ سليس ۽ مٺي زبان رائج ڪئي. ان زماني کان وٺي هاڻوڪي زماني تائين جيڪي بہ درسي ڪتاب جوڙيا ويا آهن، تن ۾ بہ ڪوشش ڪري زبان جي سادگيءَ ۽ سلاست کي قائم رکيو ويو آهي. هن دور جو جيڪو بہ سنڌي نثر شايع ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ان تي بہ نظر ڪبي تہ معلوم ٿيندو تہ جيتوڻيڪ عربي ۽ فارسي لفظ ڪثرت سان استعمال ۾ آندا وڃن ٿا، اُنَ هوندي بہ نج سنڌي لفظ ڪم آڻڻ کان عار نہ ٿو ڪيو وڃي.