شايق لطيفي
[/b]هڪ اڌڙوٽ عمر جو بزرگ ماڻهن ۾ شايق لطيفي جي نالي مشهور آهي. هن جي وضع قطع صوفين جهڙي آهي. منجھيل سنجھيل اڇي ڪاري چاپئين ڏاڙهي منهن تي لٿل آهيس. اڇو ڀورو ڪڻڪائون رنگ اٿس. ٻٽوئان وار ۽ مٿي جون گھنڊيدار وٽيل لڙهيون منهن تي لٽڪي رهيون اٿس. هر وقت ڪاري رنگ جو ڊگھو پهراڻ زيب تن رهيس ٿو. هُو هر سوال جو جواب لطيف جي بيتن ۾ ڏيندو آهي. لطيف جو چاهڪ هئڻ ڪري ماڻهو کيس شايق لطيفي سڏيندا آهن. هُو ننڍڙي پلاٽ تي ڪچي اڏيل اوتاري ۾ تڏي تي ويٺو آهي ۽ پاسي کان يڪتارو بہ رکيو اٿس ۽ پنهنجي منهن ڪجھہ جھُونگاري رهيو آهي.
عاشق زهر پياڪ، وهہ پسي وهسن گھڻو،
ڪڙي ۽ قاتل جا هميشہ هيراڪ،
لڳن لَئون لطيف چئي، فنا ڪيا فراق،
توڙي چڪن چاڪ، تہ بہ آه نہ سلين عام کي.
ٻاهر دروازي تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿئي ٿو ۽ شايق لطيفي جي خدمتگار سان گڏ سندس ٻہ دوست مارُو ۽ ڏوٿي اندر گھڙن ٿا.
شايق لطيفي ٻاهران ايندڙ کي ڏسندي...
اڄ پڻ جڙيم جوڙ دوست پيهي در آيو،
مکن وٺي ڏکن کي محڪم ڏنو موڙ،
جا پر کٽيءَ کوڙ، سا پر سورن سين ٿئي!
ڏوٿي (هٿ ٻڌندي) سائين بهاريون قراريون! اسين تہ هر وقت سائين جن کي سرها ڏسڻ لاءِ تيار آهيون.
شايق لطيفي:
ماڻهو گھَرن مال آئون سڀ ڏينهن گھَران سپرين،
دنيا تنهن دوست تان فدا ڪريان في الحال،
ڪيو نام نهال، مون کي محبوبن جي.
مارُو: شڪر الحمدالله سائين جن جي طبيعت ڪالهہ کان اڄ مڙئي سڌير ڏسجي ٿي.
شايق لطيفي:
ڪهڙي پڇين ٿو ڪالهہ، ڪر نڪا اڄ صباح،
ونئن تنهين سين واڳيو، جيڪي پسن منجھہ پسان،
رم رباني راه، مٿي هال هوشيار ٿي!
خدمتگار: سائين هن جمعرات تي ڀٽ شاهہ هلڻ لاءِ سواريءَ جو بندوبست ڪريون يا نہ؟ اڳي وانگر وري خيال تہ ڪو نہ لاهي ڇڏيندا؟
شايق لطيفي:
ڪڏهن تاڪيون ڏين، ڪڏهن کلن در دوستن جا،
ڪڏهن اچان اچڻ نہ لهان، ڪڏهن ڪوٺيو نين،
ڪڏهن سڪان سڏ کي، ڪڏهن ڳجھاندر ڳرهن،
اهڙائي آهن صاحب منهنجا سپرين!
ٻاهر دروازي تي ٻيو ڀيرو ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿئي ٿو. هن ڀيري ملا مکڻ پنهنجي شاگرد سان اندر داخل ٿئي ٿو.
ملا مکڻ: لطيفي صاحب اوهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟
شايق لطيفي:
نڪو سنڌو سور جو، نڪو سنڌو سِڪَ،
عدد ناهي عشق، پڄاڻي پاڻ لهي!
ملا مکڻ: توهان واعدو ڪيو هو تہ آئنده ساز سرور سان وندر نہ ڪندؤ!
شايق لطيفي:
رڳون ٿيون رباب وڄنم ويل سڀ ڪنهن،
لڇڻ ڪڇڻ نہ ٿيو، جانب ريءَ جباب،
سوئي سنديم سپرين، ڪيس جنهن ڪباب،
سوئي عين عذاب، سوئي راحت روح جي.
ملا مکڻ: خبر نہ ٿي پوي تہ توهان هر وقت مدهوشيءَ ۾ ڇو رهو ٿا؟
شايق لطيفي:
ڪنڌ ڪٽارو منهن وَٽي عادت جنين اِيءَ،
تنين تڪون ڏنيون، جُنبي منجھان جيءَ،
سَرو تَن سَبِي، جن حاصل ڪيو حال کي.
مارُو: سائين عيد جو سڀاڳو ڏينهن بہ ايهين گذاري ڇڏيوَ، ڪا خوشي ڪا نہ ڪيوَ.
شايق لطيفي:
ڏکي ڏمر ناهہ، بُکي کل نہ اُجھي،
اگھاڙي وهانءُ، ويو ويچاريءَ وسري.
ملا مکڻ: اوهان پنهنجي طبيعت ڪنهن حڪيم کي ڇو نہ ٿا ڏيکاريو؟
شايق لطيفي:
ڪٺيس ڪُويڄن، تن طبيب نہ گڏيا،
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکويو.
ڏوٿي: توهان حڪم ڪريو تہ ڪنهن سٺي حڪيم کي وٺي اچان!
شايق لطيفي:
اُٿياري اُٿي ويا، منجھان مون آزار،
حبيب ئي هڻي ويا، پيڙا جي پچار،
طبيبن تنوار، هڏ نہ وڻي هاڻ مون!
ٻاهريون دروازو ڪو ٽيون ڀيرو ٺڪٺڪائي ٿو، لطيفيءَ جو خدمتگار گھَٻرائيندو صوبيدار ۽ ٻن سپاهہ سان گڏ ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو.
صوبيدار: توهان مان شايق لطيفي ڪير آهي؟
شايق لطيفي:
لوڪان لڪي سڀڪو، لڪان لڪي،
اُٿي ويٺي اُون، اُن الٽي ڳالهہ جي.
صوبيدار: تہ تون ئي پاڻ کي شايق لطيفي سڏائين ٿو؟
شايق لطيفي:
لڳيءَ جو لطيف چئي نڪو قال نہ قيل،
لکي لامون کوڙيون، نيڻين وهن نير،
هينئڙا ٿي سڌير، ڪالهہ قريبن لڏيو.
مارو صوبيدار ڏانهن ڏسندي: توهان آيا ڪهڙي نيت سان آهيو؟ (شايق لطيفي ڏانهن نهاريندي): آخر هِن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟
صوبيدار:اهو تہ هُن کان ئي پڇو تہ پرائي پلاٽ تي ڇو قبضو ڪري ويٺو آهي؟
شايق لطيفي:
عاشقِ شهر فقير، دَر دَر هڻن سين،
من عرف الله ڪُل لسانُہ اهڙا ئي امين،
جتي پَسنِ ڪِينَ، تِتي پَسنِ تَڪيا.
ڏوٿي: پر صوبيدار صاحب هِيءُ بنان مالڪاڻي وارو پٽ هو. جيئن ٻيا والاري اچي ويٺا، تيئن شايق لطيفي بہ هن ننڍڙي پلاٽ تي اوتارو اڏي اچي ويٺو.
صوبيدار:نہ نہ هِيءُ پلاٽ سيٺ رمضان کي الاٽ ٿيل آهي. جنهن مٿس زوريءَ قبضي جو فرياد داخل ڪيو آهي. صوبيدار شايق لطيفيءَ کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي هلڻ لاءِ اوتاري کان ٻاهر نڪري ٿو! ۽ شايق لطيفي وڏي آواز ۾ ارداس ڪڍندي بيت چوي ٿو.
شايق لطيفي:
جا ڀون پيرين مون، سا ڀُون مٿي سڄڻين،
ڌڱ لٽيا ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسون،
ڏينهن مڙئي ڏُون، اُٿي لوچ لطيف چوي.
[b]پردو ٻيون:
[/b]صوبيدار شايق لطيفي کي ٿاڻي تي وٺي اچي ٿو. ٿاڻي جي ديوارن تي ڪجھہ چارٽ ۽ ڏوهارين جا نالا نشان لڳل آهن. ٿوري دير ۾ سيٺ رمضان ۽ صوبيدار سامهون پيل ڪرسيءَ تي اچي ويهي ٿو. شايق لطيفي ڏانهن ڏسندي چوي ٿو.
سيٺ رمضان: تہ نيٺ تون پنهنجي ڳالهہ کان نہ مڙين. هيستائين پهچي وئين.
شايق لطيفي:
قسمت قيد قوي، نہ تہ ڪير اچي هِنَ ڪوٽ ۾،
آڻي لکئي لوح جي، هنڌ ڏيکاريم هيءُ،
پرچي ڪين پنهوارن ري، جان جسو ۽ جيءُ،
راجا راضي ٿيءُ، تہ مارن ملي مارئي.
سيٺ رمضان:اڃا بہ وقت اٿئي جي جاءِ جو قبضو خالي ڪري ڏين تہ اجائي جمالت کان بچي ويندين ۽ تو کي ڪجھہ چڱو معاوضو بہ ڏئي ڇڏيندس.
شايق لطيفي:
اِي نہ مارن ريت جيئن سيڻ مٽائين سون تي،
اچي عمر ڪوٽ ۾ ڪنديس ڪا نہ ڪريت،
پکن جي پريت، ماڙين سين نہ مِيٽيان.
صوبيدار: (سپاهين کي حڪم ڏيندي) هن کي لاڪپ ۾ وجھي ڇڏيوس.
شايق لطيفي:
آتڻ اورانگي ويا اڱڻ، مون افسوس،
ديوانيءَ سين دوس، ساٿي آهي سيج ۾!
شايق لطيفيءَ کي لاڪپ ۾ بند ڪري ڇڏين ٿا. ڪجھہ وقت کان پوءِ سندس ٻہ ساٿي ساڻس ملڻ لاءِ اچن ٿا، جن کي ڏسندي چوي ٿو.
شايق لطيفي:
يار سڏائي سڀڪو جاني زباني،
آهي آساني ڪم پوي ئي ڪل پوي.
ڏوٿي: سائين، ڪيس کٽڻ لاءِ اسان شهر جو هڪ سٺو وڪيل ڪيو آهي. توهان جو ان باري ۾ ڪهڙو فيصلو آهي؟
شايق لطيفي:
جان ڪي آڳاهين، تان اتيئي اُڀي آهيان،
پريت پراڪين، هاڻي مران مَ جئان.
مارو: سائين چون ٿا تہ ڪو شاهد هجڻ ضروري آهي. ٻيو تہ پڪو دستاويز نہ تہ ڪجھہ ڪچي لکپڙهہ ئي ثبوت لاءِ پيش ڪرڻي پوندي.
شايق لطيفي:
نڪو اير نہ پير نڪو اوٺي آئيو،
مون وٽ آيو ڪو نہ ڪو، ڀائران ڀري پير،
ڪتابئون ڪير، آڻي ڏيندم اُن جون.
[b]پردو ٽيون
[/b]عدالت جو ڪمرو: جج صاحب هڪ اوچي ڪرسيءَ تي براجمان آهي. ميز تي سامهون ڊائري، ٽيبل ڪئلينڊر ۽ قلمدان وغيره رکيا اٿس. عدالت جي ڪٽهڙي ۾ شايق لطيفي بيٺو آهي. سامهون ڪرسيءَ تي سرڪاري وڪيل مدعي ۽ جوابدار جا وڪيل ويٺا آهن. جج صاحب جي اجازت ملڻ سان سرڪاري وڪيل پنهنجي جاءِ تان اُٿي ڪٽهڙي وٽ اچي بيهي ٿو ۽ جج صاحب ڏانهن منهن ڪري چوي ٿو تہ ڪورٽ سڳوريءَ کي عرض آهي تہ ڪاغذات ڪورٽ آڏو پيش ٿي چڪا آهن، جن سان ثابت آهي تہ ان پلاٽ جو مالڪ سيٺ رمضان آهي. يوئر آنر! ملزم عدالت ۾ موجود آهي. کانئس پڇيو وڃي تہ هُو ڇو ناجائز طور پلاٽ تي قابض آهي.
جج: تون ڪير آهين؟
شايق لطيفي:
پر وَس ٿيس پراڻ، پرين وَس نہ پانهجي،
لڳو ڪيئن لطيف چئي، ڇپر ڇاتيءَ ساڻ،
پرين ڏيکاري پاڻ، خوش ڪري ويا خواب ۾.
شايق لطيفيءَ جو وڪيل عدالت کي مخاطب ٿي چوي ٿو تہ سائين منهنجي مؤڪل جي لطيفي ڪلام سان عشق باعث اها فطرت بڻجي وئي آهي، جو هُو هر سوال جو مطلوب جواب بيت ۾ ٻڌائيندو آهي.
جج: تنهنجي تعليم ڪيتري ورتل آهي؟
شايق لطيفي:
جن کي دؤر درد جو، سبق سور پڙهن،
فڪر فرهي هٿ ۾، ماٺ مطالعو ڪن،
پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پرينءَ کي.
جج: تنهنجي خلاف سيٺ رمضان دعويٰ ڪئي آهي. پنهنجي صفائيءَ ۾ تو کي ڇا چوڻو آهي.
شايق لطيفي:
منهن تہ آ هيريائي اُجرو، قلب ۾ ڪارو،
ٻاهران زيب زبان سين، دل ۾ هَچارو،
اُن پر ويچارو، ويجھو ناهہ وصال سين.
سيٺ رمضان جو وڪيل (اعتراض اٿاريندي چوي ٿو) يؤر آنر هر سوال جو بيت ۾ جواب مبهم ٿئي ٿو. ڪا بہ ڳالهہ سمجھہ ۾ نہ ٿي اچي.
شايق لطيفي:
هي ڪن گاڏاهان وڪڻي، ڪَنَ ڪي ٻيا ڳنهيج،
تنين سان سڻيج، سپريان جي ڳالهڙي.
جج: ملا مکڻ ۽ ٻين شاهدن پڻ تنهنجي خلاف شاهدي ڏني آهي تہ تنهنجي چال چلت نؤجوانن تي خراب اثر وڌو آهي.
شايق لطيفي:
آدمين اخلاص مٽائي ماٺو ڪيو،
هاڻي کائي سڀڪو سندو ماڻهوءَ ماس،
دلبر هِن دنيا ۾ وڃي رهندو واس،
ٻيو سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪدل رهندو هيڪڙو.
جج: تو پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪو شاهد آندو آهي؟
شايق لطيفي:
نڪو ڪيچ ڀنڀور، نڪو مائٽ منڌ جو،
هُور مڙوئي هن کي، هوتن ڪونهي هور،
زاري ڌاران زور، هلي ڪو نہ حبيب سين.
جج: تون مالڪ کي پلاٽ خالي ڪري ڇو نہ نہ ٿو ڏين؟
شايق لطيفي:
چور اُڀو ائن چوءِ، تہ آئون اهو ئي آهيان،
جي اسي اکين هوءِ، تہ لڪي کي ڪو نہ لهي.
مدعي جو وڪيل: يوئر آنر ملزم تمام هوڏي ۽ ارڏو آهي. عدالت جي سوالن جا جواب سڌيءَ طرح نہ ٿو ڏي.
جوابدار جو وڪيل: سائين مدعي جي وڪيل جي اعتراض ۾ مون کي صرف ايترو چوڻو آهي تہ شعر ۾ جواب ڏيڻ عدالت جي توهين نہ آهي. تعزيرات پاڪستان ۾ ڪا بہ اهڙي شق نہ آهي. ٻيو تہ بيتن ۾ جواب ڏيندي انهن جو مطلب صاف صاف سمجھہ ۾ اچي ٿو.
جج: جوابدار جيڪڏهن پنهنجي پٺڀرائيءَ ۾ ڪو ظاهر ظهور ثبوت پيش نہ ڪندو تہ سزا کان بچي ڪو نہ سگھندو.
شايق لطيفي:
چڪي ٻانهي چِت ۾، ٻي جا ڪري الله،
پاڻهي وجھي ڪُن ۾، پاڻ اُڪاري اوڙاهہ،
..............................................
مدعي اٿي بيهي ٿو ۽ جج صاحب کان ڪجھہ چوڻ جي اجازت وٺڻ کان پوءِ چوي ٿو.
مدعي: سائين آئون ان پلاٽ تان هٿ کڻان ٿو ۽ آئون پنهنجي مرضيءَ سان پلاٽ جوابدار جي نالي ڪرايان ٿو. شهر ۾ هن جي جيڪا بدنامي ٿي آهي، سا سزا سندس لاءِ ڪافي آهي.
شايق لطيفي:
ڪُهن ۽ ڪوٺين، اِي پر سندي سڄڻين،
سوريءَ چاڙهيو سپرين، ڏنڀ ڏهاڻي ڏين،
ويٺا وِرِهہ وٽين، آءُ واڍوڙيا وِهاءِ تون.
جج (شايق لطيفي کي) تو کي ڪجھہ چوڻو آهي؟
شايق لطيفي:
اُجھي ٻجھي آئيا، وائي ڪن نہ وات،
سلي سوريءَ چاڙهيا، بيان ڪن نہ بات،
توڻي ڪُسن ڪات، تہ بہ ساڳي سلين ڪين ڪي.
جج: عدالت ملزم کي سڌيءَ طرح جواب نہ ڏيڻ سبب توهين عدالت جو مجرم سمجھي ٿي. ان ڪري عدالت ملزم کي ست ڏينهن پورهيي سان قيد جي سزا ٻڌائي ٿي.
شايق لطيفي:
جيڪي ڏنائون سو سڀ سر ڏئي سَهہ جندڙا،
مَ چئو ڇنانون، اِي پڻ ڳنڍيون سڄڻين.
سرڪاري وڪيل: ڪورٽ سڳوريءَ کي التجا ڪندس تہ ملزم جي حالت تي رحم ڪري. حقيقت ۾ مان ۽ مرتبي جي لحاظ کان جوابدار غير معمولي انسان ڏسجي ٿو. هُو شاهہ لطيف ڀٽائيءَ جو حقيقي پرستار ۽ سنڌي ادب جو عاشق ڏسجي ٿو. ان ڳالهہ کي مدنظر رکندي عدالت کي درخواست ڪجي ٿي تہ ملزم جي سزا معاف ڪئي وڃي. اهو ان ڪري بہ انصاف جي مطابق ٿيندو تہ مدعي پنهنجي دعويٰ تان هٿ کڻي چڪو آهي.
جج: ڪورٽ ملازم جي حالت تي ترس کائيندي کيس سزا معاف ڪري ٿي.
شايق لطيفي بلند آواز ۾ بيت پڙهندو ڪورٽ کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
شايق لطيفي:
ڪِينَ منجھان جو ڪري، سو نہ ساراهين سائين،
وتعزمن تشاءُ وتذل من تشاءُ آهي سڀ اُتائين،
نوازيائين نطف منجھان ڪين ڪيائين،
حرفت حريفن جي ڀيري سڀ ڀڳائين،
حاسد سڀ حزن ۾، مدعي پاڻ مٺائين،
اديون عبداللطيف چئي، آهہ پاڻ وڻندڙ سائين.