ڪالم / مضمون

دل جي ڳـالـهـہ

هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي عاشق، محقق، اديب ۽ ليکڪ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي لکيل مضمونن، ڊرامن ۽ مختصر ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
جيتوڻيڪ ليکڪ جي راءِ آهي تہ ادب هوندو ئي دل جي ڳالهہ آهي، پر هن ڪتاب ۾ شامل مضمون سچ پچ بہ سندس قلب جو آواز ۽ سنڌ جي ٻولي، ادب، ماڳن مڪانن، ادارن، ڪردارن، توڙي هنرن سان سندس بيپناهہ محبت جو خوبصورت اظهار آهن. ليکڪ جي گھڻ رخي قابليت وانگي هيءُ ڪتاب پڻ ڪيترن ئي متفرق اسمن تي ٻڌل آهي، ۽ ان ۾ هر ذوق جي پڙهندڙ لاءِ ڪجھہ نہ ڪجھہ ضرور موجود آهي.
Title Cover of book دل جي ڳـالـهـہ

ڌرم، پيار، ۽ وطن

انسپيڪٽر رپورٽ پڙهي ڏٺي. ان ۾ لکيل هو تہ عورت پُڇا ڳاڇا مهل پنهنجو نالو ”سيتا“ ٻڌايو هو. هوءَ ٽن ڏينهن کان ناري شالا ۾ ٽڪيل هئي. کيس مندر ۾ باقاعدي پوڄا ڪندي بہ ڏٺو ويو. هن کي مڙس وٽ هلڻ لاءِ گھڻو زور ڀريو ويو. کانئس حقيقت بيان ڪرائڻ لاءِ ڪيترا ئي سوال پُڇيا ويا. مگر نالو ٻڌائڻ سوا ڪجھہ بہ ٻڌائي نہ سگھي. هن جي چهري تي مڪمل خاموشي طاري ٿيل هئي. رڳو هٻڪندي وات مان اهو ڀڻڪو نڪتس. هوءَ تارا ڦاڙي حيرت مان ڏسندي رهي ۽ اهڙو ڪُڇيائين جهڙي ڀِتِ. ان ڏينهن کان پوءِ سيتا يڪايڪ گم ٿي وئي. ڪيترن هندن جي گھرن ۾ ڇاپا هنيا ويا، پر ٻانهن هٿ نہ آئي. تنهن زماني ۾ احمد خان حيدرآباد سنڌ ۾ سِي آءِ ڊِي ۾ انسپيڪٽر جي عهدي تي فائز هو. سياسي هلچلون هلي رهيون هيون. جنهنڪري سڄي سنڌ ۾ هندو مسلمان ڇڪتاڻ چوٽ چڙهي چڪي هئي. ان ڳالهہ کي تہ هيڪاري مذهبي رنگ اچي ويو. معاملو اهڙو متو جو حڪومت جي ايوانن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. وڏي وزير پنهنجي ساک ۽ عزت لاءِ ضروري ڀانيو تہ ويل ٻانهن کي ڪيئن بہ ڪري ورائجي. احمد خان بالا آفيسر جي سڏ تي ڪراچي پهتو. ڪيس جي جاچَ لاءِ کيس مقرر ڪيو ويو ۽ هدايت مليس تہ ڪيئن بہ ڪري سيتا جو سڳ لهي. سيتا سڀني لاءِ ڳجھارت بڻجي چڪي هئي. هن ٽي سال اڳ ۾ هڪ مسلمان نوجوان عاشق سان شادي رچائي هئي. هن جو نئون نالو خديجہ رکيو ويو. ٻہ ٻار بہ ڄڻيائين ۽ ان کان پوءِ گھر ٻار ۽ مڙس سهسائي واپس پنهنجي ڌرم تي موٽي آئي!! ڀلا ايئن بہ ڪو ٿي ٿو سگھي؟ ڳالهہ هئي اهڙي منجھيل جو اصل سمجھہ کان ٻاهر.
احمد خان ويس مٽائي شڪارپور پهچي ويو. مسلمان مان ٻانڀڻ جو روپ ڌاريائين ۽ گھٽين ڳلين جي خاڪ ڇاڻيندو رهيو. اهڙو ڪو بہ آشرم يا ٺڪاڻو نہ بچيو هو جيڪو هن نہ ڀيٽيو هجي. پوڄا پاٺ بہ ڪندو هو ۽ ڪنهن کي لکا ئي ڪا نہ ڏنائين تہ هُو ٻانڀڻ جي ويس ۾ ٻيو ڪو آهي. ڪو هيلو نہ ڇڏيائين. عزت آبروءَ وارن ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ رکيائين. دڪاندارن ۽ گھورڙن سان بہ گهرو پيو ۽ نيٺ هن کي سيتا جو پڪو سڳ ملي ويو. خبر پيس تہ سيتا کي سنڌ کان ٻاهر نيو ويو آهي. هن کي بنارس شهر پريان هڪ ڏورانهين مندر ۾ موڪليو ويو هو. اهو ان لاءِ ڪيو ويو هو، جيئن هن جي دل دماغ تان پنهنجي مسلمان وَرَ ۽ ٻارن جي ياد ميسارجي وڃي. هن تان مسلمانڪي ڇاپَ لهي وڃي ۽ هُوءَ وري سچي پچي هندو ناري بنجي حياتي گذاري. احمد خان لِڪَ ۾ سِڌو ڪراچي پهچي ويو. ڪيل جاچ جي رپورٽ بالا عملدارن کي ڏنائين. سنڌ سرڪار مرڪزي حڪومت ڏانهن ليٽر لکيو ۽ هن کي پروانا ڏئي يُو پِي موڪليو ويو، جيئن هُو هتي جي سرڪار جي مدد وٺي سيتا کي موٽائي وٺي اچي. احمد خان بنارس ۾ سيتا وٽ پهچي ويو.
مندر جي اڀرندي ڪُنڊَ کان ڀِت جي آڌار تي زرد مائل چهري سان هڪ عورت ويٺي هئي. ڏرا ڏئي ويل اکيون سندس خوف ۽ پريشانيءَ تي شاهد هيون. انسپيڪٽر غور سان سيتا کي چِتائي ڏسڻ لڳو. جيتوڻيڪ رنگ رُوپ سارو مرجھائجي ويو هئس، تہ بہ چهري جا حسين خدوخال ڍڪجي نہ سگھيا هئا. هوءَ نگاهُون هيٺ ڪريو يڪ ٽِڪَ زمين ۾ نهاري رهي هئي، ڄڻ تہ سندس اکيون پٿر بنجي ويون هيون. انسپيڪٽر جھاتي پائي من جي تهہ تائين رسڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پيش آيل حادثن جا اثر چهري جي ڀاونائُن ۾ ڳولڻ لڳو!
آدجڳاد کان هن خاڪي آدم ٽِن شين سان اُنس رهندو اچي ٿو؛ هڪ تہ ڌرم ڪرم ۽ رسم و رواج، ۽ ٻيو پاڻ جهڙي ڪنهن انسان سان پريت جو ناتو، ۽ ٽيون پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار. اهي ٽي ئي محبتون حقيقت جو روپ ڌارينديون رهنديون هيون. ڪو انسان ڪنهن سونهن جي ديويءَ جي محبت تان سڀڪجھہ نڇاور ڪري ڇڏيندو آهي، ڪنهن جي لاءِ فقط ڌرم هن جڳ جي سڀ کان وڏي حقيقت هوندو آهي، ۽ ڪو دلاوَر وري پنهنجي جند جان کي بہ هيچ ڄاڻي وطن تان گھوري ڦٽو ڪندو آهي. سيتا هر ڀيري پنهنجي جيوت ۾ منزل کي پهچي وري ان کي وڃايو هو. زندگيءَ جي هر دور ۾ ڪجھہ عرصي بعد هُوءَ پاڻ کي ساڳي ناري ۽ ساڳي سيتا ڀانئيندي هئي. ايئن سمجھندي هئي تہ کانئس ڪجھہ گُم ٿي ويو هجي. ڄڻ تہ سندس رُوح ايامن لاڪر اڃايل هجي ۽ هُوءَ يڪايڪ اندر ۾ گھٽ ۽ ٻُوسٽ محسوس ڪندي هئي. من پکيئڙي کي بند پڃري مان ڪڍي آزاد فضا ۾ اڏائڻ چاهيندي هئي. سانتيڪي درياءَ ۾ ايئن رکي رکي پٿر اڇلجي ڪِرندو هو ۽ اٿندڙ ڇولين سان هُوءَ بيتاب ٿي ويندي هئي. من جي پيڙا ۽ اُڻتُڻ کي نہ سمجھندي هُوءَ خاموش ٿي ويندي هئي. ڄڻ تہ ماٺ جي مُهُر لڳي ويندي هئس. ڪو زمانو ٿيو جو هُوءَ پنهنجي شهر ۾ ماءُ سان گڏ کِلَ خوشيءَ ۾ گُذاريندي هئي، شهر جي فضا صاف هوندي هئي، هُوءَ آزاد هوا ۾ ساهہ کڻندي هئي، چهري تي گُلَ وانگر تازگي رهندي هئس، ۽ پکيءَ وانگر آزاد گھاريندي هئي. شڪارپُور هن جي جنم ڀُومي هو؛ مٺي ٻوليءَ جو شهر، سنڌي تهذيب جو شگفتہ مرڪز، چهچٽن ۽ باغن جو ديس، جِت کُوهن جو پَوِتر ۽ اوجل پاڻي هوندو هو. شهر اندر وڏن ۽ ڪشادن باغن مان ميون جا انبار لهندا هئا. وڏين سڙڪُن تي گھوڙي گاڏين جي اچ وڃ رهندي هئي، جتي هندو سيٺيون شان و شوڪت سان سوار ٿيندا هئا. شهر کي چوڌاري ڳوٺ ڦِرِي ايندا هئا، جن جي ساوڪ ڀرين ٻنين ۾ سونُ اُپبو هو. جڏهن ڳوٺن مان ريشمي وڳا پهري سهڻن سنجن سان مسلمان سوار ايندا هئا تڏهن شهر جي حسن چمڪ دمڪ اچي ويندي هئي. سانجھيءَ مهل ٻار ٻچا، ننڍا وڏا باغن ۾ وڃي گڏ ٿيندا هئا، جتي مهڪندڙ گُلن سان گڏ انسانن جا چهرا ٽِڙندا ۽ ٻهڪندا ڏسبا هئا. هتي حُسن ۽ جوانيءَ جي شوق جا ڪيئي داستان اُسريا، جن مان هڪ ڪهاڻيءَ جو هُوءَ بہ هڪڙو زنده ڪِردار هئي.
هُوءَ ڪردار هئي مگر نامڪمل. هن برهمڻڪي گھر ۾ جنم ورتو هو. سارو ننڍپڻ ڌرمي ماحول ۾ گذريس. گھر ۾ ماءُ سان گڏ اڪيلي رهندي هئي. هنن جو گھر گھٽيءَ ۾ سڀني کان ڇيڙي تي دنگ وٽ هوندو هو ۽ پاڙي کان بنان الڳ ٿلڳ لڳندو هو. گھر سان لڳ کليل ميدان هو. وچ شهر وڃڻ لاءِ باغ کان ڦري ويندڙ سڙڪَ تي پهچبو هو تہ سڀ کان پهرين مندر تي اک پوندي هئي، جتي دڪيءَ اڳيان ٻاوا پلٽيون ماري ويٺا هوندا هئا. سيتا کي ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پاليو ويو هو. هن جي ماتا ڌرمي خيالن جي هئي. ٺاڪرن سان ڏاڍي چِل لڳل هئس. هر وقت ديويءَ ک نمسڪار ڪندي ڪنڌ جھُوليندي هئي، چپن تي ڀڄن جھُونگاريندي هئي. هنن جو نيم هو تہ صبح مهل ٻئي ماءُ ڌيئون مندر هليون وينديون هيون. چائنٺ تي قدم رکڻ سان گھنڊڙين جو مڌر آواز کين مست ڪري ڇڏيندو هو. ديويءَ اڳيان ڀيٽا رکي هٿ جوڙي جوٽون جوٽي ويهي رهنديون هيون. ماءُ پوڄا ۾ بي سُڌ ٿي ويندي هئي. جڏهن پوڄاري وڏي سُرتار ۾ ڀڄن ڳائيندو هو، تڏهن ننڍڙي سيتا وجد مان خودبخود اٿي پوندي هئي. ٻانهون کُلي پونديون هئس، ۽ پوءِ ڪرايون ورائي هٿ گھمائي آهستي آهستي ناز مان ڦيريون پائيندي هئي. هُن جو انداز سڀني ويٺلن کي موج ۾ آڻي ڇڏيندو هو ۽ پوڄاري سرمستيءَ ۾ ڳائڻ لڳندا هئا! پوڄا پاٺ ختم ٿيڻ کان پوءِ مندر کان ٻاهر نڪري سڌو بازار ڏي سودو سلف وٺڻ لاءِ وينديون هيون. رستي تي اچڻ سان سڀني جون نظرون سيتا تي کُپي وينديون. هڪ جيڏيون هن جي چنچلتا ۽ سوڀيا تي رشڪ ڪنديون هيون ۽ وڏڙا مرد عورتون وري هن جي سچي لگن تي موهت هوندا هئا ۽ کيس ڏسي دل ئي دل ۾ آسيس ڏيندا هئا. بس انهن جو ٻاهر نڪرڻ اهو ٿيندو هو! يا تہ صبح جو مندر يا تہ وري شام مهل باغ مان گھمتاري! سڀني پاڙيسرين کي سندن باري ۾ اهو ئي خيال ويٺل هو تہ هن گھر جا ڀاتي چُپ چاپ الڳ ٿلڳ آهن ۽ ڪنهن سان بہ گهرا نہ ٿيندا آهن. نہ هُو ڪٿي گھڻو ايندا ويندا هئا، ۽ نہ وري هنن وٽ ڪو ملڻ جلڻ ايندو هو، سواءِ پوڙهي ماسيءَ جي جيڪا هڪ يا ٻي ڏينهن تي ضرور ڀيرو ڪري ويندي هئي. گھر ۾ ماڻس جو ڌيان صفائيءَ ۾ لڳل هوندو هو، پر ماسي سدائين هن سان اڀاريون لهواريون ڪندي هئي، جنهن جو جواب هُون هان ۾ ملندو رهندو هئس يا تہ وري ڪا مختصر وراڻي پلئہ پوندي هئس. پر ماسي ڳالهہ ڪندي وچ وچ ۾ سيتا کي بہ عجب ڀريا ڪوڏاڻا ڏيندي هئي! ڪڏهن چوندي هئي تہ:
ڌيئڙي ڌوپ ڀري
گھر وئي تہ سسڻس ٻري
ڏيرس گھَلَن گھايو
سهرس مُور نہ آيو
هيءَ گھر ورَ ڌيئڙيءَ آيو!
اهڙا ٻول ٻڌڻ سان ماڻس ڪڙو آواز ڪڍندي هئي! ”ماسي منهنجي ڪِڪيءَ لاءِ مهر ڀريا ٻول ٿي ٻولين يا پاراتا ٿي ڏين؟“
”نہ امڙ اها منهنجي آسيس اٿس، ڀڳوان ڪندو تہ ڳاڙهو گھوٽ ملندس! اهڙي تہ گھر سکياڻي ٿيندي جو اولو پاڇو بہ نہ پوندس“. ماسيءَ جي جواب ۾ ماڻس ٿڌو شُوڪارو ڀري چوندي هئي، ”ها! ساري ڄمار تہ ستي جتي ٿي ڪا نہ گھاريندي. منهنجي سيتا ضرور ڪنوار ٿيندي“. جيئن ماءُ جو ڌيان مايا رُوپي سنسار کان وڌيڪ ڀڳتيءَ ۾ لڳل هو، تيئن ڌيءَ جي من تي ننڍي هوندي کان ئي ڌرم جي ڇايا پيل هئي. ايئن سيتا من کي اُجاريندي زندگيءَ جون پندرهن بهارُون گذاري ڇڏيون!! ۽ هُوءَ ڌرم کي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سچ سمجھڻ لڳي هئي.
هاڻي هُوءَ ننڍڙي چنچل نينگريءَ جي بدران هڪ سر و قد نازنين بنجي پئي. هُوءَ لاڏ پيار سان پلجي جوان ٿي هئي ۽ جيتوڻيڪ سندس پرورش تي خاص ڌيان ڏنو ويو هو، تہ بہ حُسن ۽ جوانيءَ تي تقدس جا پردا ڪي چڙهي سگھندا؟ هُوءَ سهڻي هئي، بيحد سهڻي. هن جي رنگت ۾ جبلن جي برفاني چوٽين جي اڇاڻ هئي. چنڊ جهڙي پيشانيءَ مٿان ڪارن وارن جو جھُڙالو، جنهن جي وچان وچ نڪتل سِينڌ سنڌوءَ جي پاڻيءَ وانگر جھرڪندي نظر ايندي هئي. هن جي کِلَ ۾ جھرڻن جو ترنُم هو، ڳالهائيندي هئي تہ موتي جھِرندا هئا. هن جي خوبصورت بيضوي چهري جي نوڪدار ۽ نازڪ کاڏي، سندس منهن تي بردباري، پاڪيزگي ۽ معصوميت پيدا ڪري ڇڏي هئي. تقدس ۽ معصوميت ڄڻ ديويءَ جو حُسن هئا. جيئن هُوءَ مندر ۽ بازار ڏي ويندي هئي تہ پري پري کان نوجوان اچي کيس تڪيندا هئا ۽ ڪيترا ڀنورا گلابي مُکڙي ۽ ڦُلاريل جوانيءَ جي مٿان ڦيرا پائيندا ۽ ڀُونڀٽ ڪرڻ لڳندا هئا. پر نگاهن جي هوشناڪيءَ کان هُوءَ ڊڄي اکيون هيٺ ڪري ڇڏيندي هئي! هن جا قدم مقرر واٽ تان ڪڏهن بہ ٿِڙي نہ سگھيا!!
پر اوچتو سندس قدم لڏي ويا. هڪڙي ڏينهن سج لٿي مهل، اڪيلو ئي اڪيلو واٽ تان هلندي، آهستي آهستي قدم کڻندي باغ ڏانهن وڃي رهي هئي. هن کي پريان ڪو گھوڙي سوار نظر آيو. سوار پيچرو لتاڙيندو، گھوڙو اڏائيندو ڏانهنس وڌي رهيو هو. هوءَ ٿورو ڇِرڪ کائي دهلجي بيهي رهي. اهو سوار هڪ مسلمان نوجوان هو، جيڪو هن وٽ پهچي گھوڙي تان لهي پيو. سيتا هن جي جلالي سُونهن کي ڏسندي اتي جو اتي ڄمي وئي. ڳاڙهسِرو ۽ ڪڻڪائون مليل اڇو رنگ، ڪاريون ۽ خوبصورت وڏيون اکيون، جن ۾ بهادريءَ جي چمڪ هئي، مضبوط ٻانهون ۽ جسم، جنهن تي شاندار لباس اوڍيل هو. هن فخر ۽ شان مان چپ کوليا، ”سيتا! مان ڪيڏن ڏينهن کان تو کي ڏسندو رهيو آهيان، پر تنهنجي ڪڏهن بہ مون تي اک نہ پئي!“.
ڌارين شخص واتان نالو ٻڌي، حيران ٿيندڙ نظرون نوجوان جي حُسن تي کُپندي ئي کُپندي رهجي ويون!! سيتا کان ڪجھہ بہ نہ اُڪليو. هن جا لفظ وات ۾ گھُٽجِي ويا ۽ هُوءَ پُڇڻ ڪُڇڻ سواءِ رستو وٺي ويندي رهي.
سيتا ڏٺو تہ نوجوان جو نگاهون ايندي ويندي مهل سندس تعاقب ڪنديون رهنديون هيون. ڪڏهن هُو گھوڙي تي سوار رستي تي بيٺل هوندو هو، تہ ڪڏهن وري واٽهڙو ٿي سندس ڀرسان لنگھي ويندو هو. پر سيتا محسوس ڪيو تہ هن جي اکين ۾ الائجي ڪهڙو طلسم آهي، جنهن سندس من ۾ طوفان اٿاري ڇڏيو آهي. هن طوفان کي ٿمائڻ جي ازخود ڪوشش ڪئي، ۽ هاڻي هُوءَ گھڻو وقت گھر ۾ پُوڄا ڪندي گذارڻ لڳي. هڪ ڏينهن سيتا اکيون بند ڪري، هٿ ۾ گھنڊڙي جھلي مورتيءَ آڏو پوڄا ڪري رهي هئي. ٿوري دير ۾ ئي هن جا چپ هلڪي انداز ۾ چُرڻ لڳا. مِٺِڙو ۽ سُريل آواز ڪمري ۾ ٻُرڻ لڳو. پُوڄا ختم ٿي ۽ هڪ لحظي لاءِ هُوءَ دريءَ وٽ آئي. سوجھري ۾ هن جي سونهن جي تِکَ اڃا بہ وڌي وئي. هوءَ دريءَ جي طاقن کي ڀيڙي هلي وئي، پر هن سهي ڪري ورتو تہ اڳهرو نڪتل سيرَ مان، ڪنهن جون مقناطيسي اکيون اندر ضرور گھُوري ڏسنديون رهيون هيون.
ان کان پوءِ خبر نہ آهي تہ ارادي سان يا بنان ڪنهن ارادي جي، دريءَ جا طاق اڪثر کليل رهجي ويندا هئا ۽ جڏهن نوجوان جي اکين سان اکيون چار ٿي وينديون هئس، تہ حيا کان نظرون يڪدم جھُڪائي ڇڏيندي هئي ۽ طاق بند ڪري هلي ويندي هئي. سيتا کي ايئن محسوس ٿيندو هو، ڄڻ تہ ٻاهران ڏسندڙ کي ڪنهن ديويءَ جو درشن مليو هجي، ۽ سندس دل ۾ خوشيءَ جا گُلَ ٽِڙي پيا هجن. نوجوان جي اٿندڙ پيار جي لهر هن جي دل ۾ بہ هلچل مچائي ڏني هئي. نوجوان بہ سيتا جي چپن تان مسڪراهٽ ۽ اکين جي نرميءَ کي پرُوڙي ورتو هو. جيتوڻيڪ ظاهريءَ طرح هُوءَ کيس غصي مان نهاريندي هئي.
هڪ ڏينهن سندس ماءُ ٻاهر وئي هئي. نوجوان وڃي هن جو در کُڙڪايو هو يا تہ وري سيتا هن کي اندران جھاتي پائي ڏٺو هو ۽ بي اختيار ٿي وڃي در کوليو هوائين. هن کي ڏسندي سيتا جي وات مان صرف ”توهان!“ نڪتو ۽ پوءِ اکيون کڻي هيٺ ڪيائين. هُو اندر گھِڙيو ۽ ٻئي ڪافي دير تائين بُت بنجي بيٺا هئا. ڪجھہ دير کان پوءِ نوجوان پُڇيو، ”تو کي منهنجو هتي اچڻ ضرور ڏکيو لڳو هوندو“. سيتا ڪجھہ بہ جواب نہ ڏنو. ايئن ئي هُوءَ گم سُم ٿيو بيٺي هئي. نوجوان همت ٻَڌندي وري ڳالهايو، ”منهنجي دل ملڻ لاءِ ايترو تہ ڦٿڪي رهيو هئي، جو مان پاڻ روڪي نہ سگھيس“.
هوءَ گھٻرائجي، ڊگھا ڊگھا ساهہ کڻي رهي هئي. ٿوري ساعت کان پوءِ هن ڀريل آواز ۾ چيو، ”پر ههڙي ميلاپ مان آخر ڇا حاصل ٿيندو؟. توهان مون سان نہ ملو تہ سٺو آهي“.
”جيڪڏهن تون ايئن ئي چاهين ٿي تہ مان تو کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندس، پر ڇو!“
”خبر نہ اٿَوَ تہ مان هندو ناري آهيان ۽ توهان مسلمان. پوءِ ٻنهي جو سنٻنڌ ڪيئن جُڙندو؟“، سيتا جھيڻي آواز ۾ وراڻيو.
نوجوان ڏاڍي اعتماد سان جواب ڏنو، ”سيتا پيار جي سودي ۾ رڳو دلين جو ميلاپ گھُرجي، ۽ بس! باقي مان ڇا ۽ تُون ڪير. سڀئي ڌرتيءَ جا ڄاوا انسان آهيون. جيڪڏهن منهنجي ڪنوار ٿيندينءَ تہ رڳو تون، نہ تہ ساري ڄمار وهانءُ نہ ڪندس!“
سيتا هٻڪندي هٻڪندي چيو، ”پر.... پر سچو پيار تہ رڳو پرماتما سان ٿيندو آهي....!“
خاموش ٿيندي ڏسي، نوجوان وري ڳالهايو، ”چري! پيار رڳو من جو موهہ ناهي، پر انسان ۾ تن جي توئنس بہ اوس ٿيندي آهي، عورت ۽ مرد جي ناتي سان ئي پيار امر بنجي ٿو“. ايئن چوندي نوجوان هليو ويو.
سيتا تي نوجوان جا ٻول گھر ڪري ويا. هن جي نگاهہ سامهون ڪٻٽ تي پئي، جنهن جي شيشي تي دل‌آويز پينٽڱ ٿيل هئي. ڪرشن ماهراج گوپيءَ سان گڏ پينگھہ ۾ جھولي رهيو هو. ٻنهي جا ڪنڌ هڪ ٻي ڏي لاڙيل آهن ۽ آسمان مان گُلن جي ورکا ٿي رهي آهي. ڄڻ تہ ساري ڪائنات مستيءَ ۾ جھومي رهي هجي. سيتا جي پُوريل من جو دروازو کُلي پيو. هن ڀانيو تہ سندس اندر هيل تائين ٻُوساٽيل هو، ۽ هُوءَ پهريون ڀيرو کُليل فضا ۾ ساهہ کڻي رهي هئي. هُوءَ پيار کي سچي روشني سمجھڻ لڳي. هن ڄاتو تہ پيار ۾ ڪو بہ پاپ نہ آهي، بلڪہ پيار ئي سچو ڌرم آهي. جيڪڏهن ايئن نہ هجي ها تہ پرماتما انسان ۾ تڙپ ڇو رکي هئا. هاڻي هوءَ زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سچ صرف پيار کي ئي سمجھڻ لڳي هئي!!
نيٺ ان جو انجام اهو ٿيو جو سيتا هڪ ڏينهن مسلمان نوجوان سان هلي وئي ۽ شادي رچائي ڇڏيائين. شهر ۾ چوڌاري ٻائيتال مچي ويو. جنهن ٿئي ٻُڌو، تنهن کي ڏندين آڱريون اچي ٿئي ويون، تہ سيتا جهڙي ستياوان جو مسلمان سان ٻنڌڻ ڪيئن ٿيو؟ ڪِن ڏينهن تائين تہ ڪنهن کي ويساهہ ئي نہ ٿئي آيو، پر ڄاتل سڃاتل جايُن تان هن جو غائب رهڻ ان ڳالهہ کي يقين ۾ بدلائي ڇڏيو. ماڻهو ان حادثي کي ذهن تان وساري تہ ڪو نہ ڇڏيو هو، پر هاڻي ان جي پچار ڇڏي ڏني هئي. پر.... پر سيتا منزل پائي وري وڃائي ڇڏي. سيارو ويو، بهار آيو. رُت ڦِرِي تہ چاليهي جي باهہ کي سانوڻ جي وسڪاري ٿڌو ڪيو. مند تي مند ورندي ٽي سال گذري ويا، پر ايئن محسوس ٿيو ڄڻ تہ سيتا هڪ وار پنهنجو پاڻ ۾ گُم ٿي وئي هجي. هُوءَ وساڻل وساڻل رهڻ لڳي. مڙس ۽ ٻارن سان چاهت هوندي بہ گھر تان هن جو ارواح کڄي ويو. رکي رکي يادُن جا گُل هن جي اندر ۾ ٽِڙندا هئا، ۽ پهرن تائين سندس من ماضيءَ جي ديار ۾ وسندو هو. هن ڀيري هوليءَ جي رنگارنگي آئي، تہ سندس دل تي چِٽيل گُلَ هڪ وار وري تازا ٿي ٽِڙي پيا. هوءَ ماٺ ميٺ ۾ گھران نِڪري ماءُ سان مِلڻ لاءِ هلي وئي!! ۽ ان ڏينهن کان پوءِ وري سندس وجود هڪ راز بڻجي ويو.
هن کي پنهنجي وجود جي ڪا بہ سار نہ هئي. هڪ ڏينهن هن پاڻ کي ڌاري ماحول ۾ وڪوڙيل ڏٺو. نون نون انسان مهانڊن، ٻولين، لباس، جايُن ۽ مڪانن مان هن کي عجب جهڙي ڌاريائپ محسوس ٿيڻ لڳي. اڻ مانوس وادي ۽ فضا کان کيس اڄاتو خوف ٿيڻ لڳو. هن لاءِ زمين ۽ آسمان ڌاريا بنجي پيا ۽ ڪنهن بہ شَي ۾ پنهنجائپ جو سواد نہ رهيو. دُوري سندس اندر ۾ جھيرون وِجھي ڇڏيون. ڌاريائپ کان کيس ڪراهت اچڻ لڳي، جنهن سندس چهري تي بہ ماٺ جي مُهر هڻي ڇڏي. هر ڏسندڙ کي هوءَ بيزبان بُت محسوس ٿيندي هئي.
پوءِ سيتا جي من کي سُڪُون ۽ راهت پهچائڻ لاءِ ڪنهن ايڪانت واري جاءِ ڏانهن آندو ويو. هن جڏهن ٿوروڙو اکيون پٽڻ جي ڪوشش ڪئي تہ کيس اونداهہ انڌوڪار ڇانيل نظر آئي؛ تمام اونهي ماٺ مٺوڙي. ايئن پئي محسوس ٿيس، ڄڻ تہ ڪنهن خوفائتي ويراني ۾ اڪيلي ڇڏيل هجي.... هي .... هي ڇا ٿيو آهي؟ هن جو بدن وساڻل ڇو آهي؟ پنهنجي سامهون کيس اردگرد ڪجھہ بہ نظر نہ ٿئي آيو، ۽ پوءِ ..... آهستي آهستي اکين تان تِروِرا هٽندا ويس. هن سمجھيو ٿئي تہ پڪ ئي پڪ کيس زوريءَ کڻي هتي اڪيلو ڇڏيو اٿن. آسپاس جھنگ هو، جتان رکي رکي ڪُتن جون اونايون کيس ٻُڌڻ ۾ پئي آيون. هراس ۾ چوڌاري نهارڻ شروع ڪيائين تہ اکين جا ڇپر کڄي ڀِرُن ۾ وراڪا پئجي ويس. ڀتين ۾ قطار در قطار ننڍڙا جارا ٺهيل هئا، جن ۾ هڪ ڏيئو اڃا بہ ٽِم ٽِم ٻري رهيو هو. جھَڪِي روشنائيءَ ۾ اکين جا تارا ڦِرندا مڪان جي هيٺاهين مٿاهين کي جانچيندا رهيا. هوءَ سمجھي وئي تہ ڪنهن مندر ۾ آندي وئي آهي. پر هيئن اڪيلو ڇو رکيو ويو؟ هتي هن کي ڇو آندو اٿن؟؟ سامهون آسڻ ۾ ديوتا جي قدآور مورتي ڏسڻ ۾ آيس! هن سوچيو تہ هيڏي مورتي تہ هن پنهنجي شهر ۾ ڪنهن بہ مندر ۾ ڪا نہ ڏٺي هئي. ٺاڪُرن کي پرنام ڪندي هئي، مگر اهي تہ رڳو ننڍڙيون ننڍڙيون مٽيءَ ۽ ڪنجھيءَ جون مورتيون هيون!
اوچتو هن جي ذهن کي جھٽڪو لڳو ۽ وات مان ڪِيڪَ نِڪري ويس. هن کي ايئن لڳو ڄڻ تہ مندر جون مورتيون ڀُوتن وانگر ناچ ڪري رهيون هُجن. هوا جو سُوساٽ ٿيو ۽ زوردار جھٽڪي سان طاق کُلي پيو. برفاني سرد هوا جي لهر در و ديوار سان ٽڪرائڻ لڳي، ڏيئي جي رهيل ٽِمٽائيندڙ لاٽ بہ اجھامي وئي ۽ چوڌاري ٺُپ انڌيرو ڇانئجي ويو. گھاٽن ڪڪرن سان آسمان ڀريل هو ۽ وِڄَ جي چِمڪاٽَ ۽ گجگوڙ ڪاريءَ رات کي هيڪارِي ڀَوائتو ڪري ڇڏيو. اهڙي سمي ۾ هُوءَ هراسجي پئجي رهي ۽ مٿي کان پيرن تائين ڪنبڻ لڳي.
مندر جو رکوالو، پوليس جي لباس ۾ آيل آفيسر جي منهن ۾ تجسس سان نهاري رهيو هو. احمد خان سيتا جي مردگي ڇانيل چهري تان سڀڪجھہ پڙهي ورتو هو.
”سيتا جي اهڙي حالت ڇو بڻي آهي، ماهراج؟“
”هن پنهنجي مُکَ مان ڪڏهن هڪڙو ٻول بہ نہ ٻوليو آهي، جو ڪجھہ سمجھي سگھجي. تپسيا لاءِ کيس هتي آندو ويو، پر سندس آتما وڌيڪ بيچين بنجي پئي“، ماهراج وراڻيو.
”پوءِ بہ هن جي من کي ڪهڙي لوچ پوچ آهي؟“، احمد خان وري پُڇيو.
”جڏهن کان آئي آهي، تڏهن کان مٿس سڪتو طاري ٿيل آهي“، ماهراج ٻُڌايو.
احمد خان سيتا جي منهن ۾ نهاري ڏٺو. هُوءَ خاموش هئي ۽ نظرون هيٺ جھُڪيل هئس.
”سيتا! تون پنهنجي ڳوٺ هلندينءَ؟ مان تو کي شڪارپور وٺي هلندس، پنهنجي ديس ۾ پنهنجي گھر ۾ تنهنجو مڙس تو سِوا ڏاڍو اُتاولو ٿي پيو آهي، ۽ ننڍڙا تو کي هر وقت سارِين ٿا“.
سيتا جي بي سُت جسم ۾ ڄڻ تہ ڪنهن روح ڦُوڪي ڇڏيو! هوءَ هيٺ لڙڪيل ڪنڌ مٿي کڻي نهارڻ لڳي. ايئن محسوس ٿيو ڄڻ تہ هن جي اکين ۾ ڪيئي سوال اُڀري آيا هئا. تہ بہ هُوءَ خاموش رهي. رکوالي جون حيرت مان اکيون ڦاٽي ويون!
”تعجب آهي سائين، مون سندس من کي راضي ڪرڻ لاءِ ڏاڍا وَسَ ڪيا. پر هن ڪنڌ مٿي کڻي ڪڏهن بہ نہ نهاريو. توهان جي گُفتن مٿس جادُوءَ جهڙو اثر ڪيو آهي. شايد هُوءَ توهان جي ٻولي سمجھڻ لڳي آهي“.
انسپيڪٽر مقرر وقت تي سيتا کي وٺي ريل ۾ سوار ٿيو. هُو پوليس جي مخصوص گاڏي ۾ نويڪلا ويٺا هئا. پٺيُن سِيٽُن تي ٻيا بہ سپاهي ويٺا هئا. هر اسٽيشن اچڻ سان ڪجھہ انهن مان لٿا ٿئي تہ ڪي وري نوان چڙهيا ٿئي. سيتا دريءَ واري پاسي کان ويٺل هئي. ڊگھو سفر هو. سڄي مسافريءَ ۾ ٻہ ٽي ڀيرا ٽرينون بدلائڻيون پيون. وقت گذرڻ سان هر لمحي گاڏي پنهنجي منزل کي ويجھو ٿيندي پئي وئي. انسپيڪٽر سيتا کان ڳالهارائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. رکي رکي هن کائنس گھر ۽ ٻارن بابت پُڇائون پئي ڪيون. پر هُوءَ بدستور خاموش رهندي آئي. رڳو تارا ڦاڙي تڪديندي رهي. دريءَ کان ٻاهر طرحين طرحين نظارا مَٽجي رهيا هئا. وڻ تيزيءَ سان ڊُڪِي ڄڻ پاڻ ۾ ڊوڙ پُڄائي رهيا هئا. ساري ڌرتي ڦِرموٽيءَ وانگر ڦِري رهي هئي. جھنگ جھر، نيون، ڍورا، ٻنيون ٻارا، پليُون، رستا جھٽ پٽ ۾ اکين کان غائب ٿيندا رهيا. ريل پنهنجي مستيءَ ۾ لڏندي لمندي رفتار سان هلي رهي هئي. هاڻي ريل گاڏي سنڌ جي سرحد ۾ داخل ٿي هئي. ڏسندي ڏسندي ٻاهرين نظارن تي سيتا جون اکيون کُپي ويون. اهي نظارا کيس ساهہ سيباڻا لڳي رهيا هئا. ڏٺل وائٺل، ۽ ساهہ پساهہ ۾ هُرندڙ! ڄاتل سڃاتل فضا! ڪرڙ ڪنڊا، ٻٻريون ۽ ليون لاڻا!! هن جي وات مان اوچتو واڪو نِڪِري ويو! ”سنڌ اچي وئي!“
ڄڻ تہ سيتا جو وجود موٽي آيو. هوءَ سوچڻ لڳي تہ پيار هڪ حقير شَي آهي، صرف ٻن ڌڙڪندڙ دلين جو ميلاپ. اهو پيار ئي انسان کي عرفان جي بلنديءَ تائين وٺي وڃي ٿو، تہ وري ابليس جي پستيءَ تائين ڪيرائي بہ سگھي ٿو. پر وطن سان پيار زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سچ آهي. اهو جذبو فطري ۽ سگھارو آهي. هونءَ تہ شايد انسان جو ڪنهن بہ ٻي سان پيار نہ هوندو آهي، بلڪہ پنهنجو پاڻ سان هوندو آهي. تہ بہ هر ڪنهن پيار جو ماحول سان گھاٽو سنٻنڌ هوندو آهي. سيتا جي اکين جي چوگِرد ڪارا نِير ڄمي ويا هئا. جنهن جو ڏُک ڪنهن زخمي ۽ ڦٿڪندڙ هَرَڻ جو مثل هو. تہ بہ وطن جا وڻ ڏسي سندس منهن تي سدا بهار مرڪَ موٽي آئي.