هنر ۽ فن : ڪاٺ تي ٽُڪَ جو ڪَمُ
انساني زندگيءَ جي شروعات کان وٺي لطيف فن ڪنهن نہ ڪنهن شڪل ۾ وجود وٺندا رهيا. دراصل اُهي انسان جي اندر جو آواز ۽ روح جو پرتؤ آهن. اُهي نہ رڳو انسان جي قلب ۽ ذهن جي تصوير پيش ڪن ٿا، پر انهن جي جلا ۽ تازگيءَ جو بہ ذريعو آهن. علم ادب ۽ فن هميشہ کان مذهب جا سچا ساٿي رهيا آهن. اسلام کان اڳ ۾ مصوري، مجسمہسازي ۽ بت تراشيءَ جي قديم روايت بہ هتي موجود ملي ٿي. ٻڌ ڌرم جي سکيا کي جتي ڪٿي، چين، ٿٻيٽ ۽ وچ ايشيا ۾ اِنهن ئي فنن جي صورت ۾ پکيڙيو ويو. ليڪن اسلام جي تعليم جو روح توحيد ۽ هيڪڙائي حق تي ٻڌل ئي رهيو. ان ۾ بتتراشيءَ ۽ مصوريءَ جي ممانعت ڪئي ويئي. اهو ئي سبب آهي، جو مسلمانن هر هنڌ تخليقي جذبي ۽ تسڪين جا ٻيا گوشا تلاش ڪيا ۽ مختلف لطيف فنن کي پنهنجي اظهار جو طريقو بنايو. هو قرآني آيتن جي دلڪش خطاطي ۽ نازڪ گُلڪاريءَ جهڙا ڪمال، مصوري، عمارتسازي ۽ سنگتراشيءَ جهڙن فنن ۾ ڏيکارڻ لڳا.
سنڌ جي مسلمان ڪاريگرن ۽ فنڪارن جو محور عام طرح گُلڪاري ۽ ظروف سازي رهيو آهي، جيڪو نهايت باريڪ نقشن ۽ ڊزائنن سان جڙيل ٿئي ٿو، پوءِ ڇو نہ اُهي ديوارُن تي رنگن سان پينٽ ڪيون ويون هجن يا پٿر تي اُڪر ڪري ٺاهيون ويون هجن يا برتنن ۽ ٽائلس تي رنگ روغن ڄمائي ڪاشيءَ جو ڪم ڪيو هجي يا اجرڪون ۽ چادرون رنگن سان ڇريون ويون هجن يا وري ڪاٺيءَ تي اُها ٽڪُ سان مَنوت ڪاري ڪئي وئي هجي.
اڄ بہ سنڌ جي ڊيگھہ ويڪر ۾ اهڙيون ڪئين پراڻيون مسجدون قائم آهن، جن جي ڀتين تي نقش ونگار ڏسي عقل دنگ رهجيو وڃي. ڀٽ شاهہ ۾ روضي جي لڳ ڀتين تي گلڪاريءَ جو اهڙو تہ ڪم ٿيل آهي، جو ايئن ٿو وسهڻ ۾ اچي، ڄڻ تہ ڪاريگر تازو هاڻي ڪري ويو آهي. ازانسواءِ قديم زماني کان ڪاشِيءَ جي برتنن تي رنگين ظروف ۽ سهڻا گل ٻوٽا ڪڍيا وڃن ٿا، جيڪي پنهنجي فنڪارانہ حسن ۽ ديدهزيب لاءِ مشهور آهن. شوخ، چمڪيلا ۽ حسين رنگ انهن جي خصوصيت آهن. ڪاشيءَ جون ٽائلز اڳين زماني کان تيار ڪيون وڃن ٿيون، جن ۾ بہ مختلف ڊزائنون هونديون آهن. خوبصورت گلن ۽ پنکڙين جي نمونن کي سهڻي رنگ ۾ ڀري، سفيد ۽ آسماني پسمنظر ۾ ظاهر ڪيو ويندو آهي. سنڌ ۾ اُهي هنرمند ۽ ڪاريگر، نقاش، خاطوبند، ڪاشيگر، سنگتراش، جواهري، پاٽولي، کنهباٽي، منوت گر ۽ واڍڪا ماهر سڏيا ويندا هئا.
سنڌالاجيءَ جي نئين عمارت نهايت شاهاڻي سهڻي ڏيک واري آهي، جيڪا ڪراچيءَ ڏانهن ويندي سنڌ يونيورسٽيءَ وٽ سپر هاءِ تي ٻاهران ئي ٻاهران نمايان نظر اچي ٿي. مکيہ عمارت ۾ لنگھندي، ان جي شاهي دروازي تي هر ڪنهن جون نظرون کپيو وڃن، جنهن تي عاليشان ٽُڪَ جو ڪم ٿيل آهي، جنهن جي ڊزائين سنڌ جي قديم تاريخي عمارت جي نموني تان جوڙائي وئي آهي.
سنڌ ۾ هيءُ هڪ پراڻو هنر آهي، جنهن کي نزاڪت، سونهن ۽ باريڪيءَ باعث فنڪاريءَ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. اصل ۾ اهو ڪاٺ تي گھڙتِ جو ڪم آهي. ان ۾ ڪاٺيءَ کي سنهي ڪارائيءَ سان چيري رواتيءَ سان صاف ڪبو آهي ۽ پوءِ رُڪ جي رنبين سان ڪاريگر انهن کي کوٽي گل ظاهر ڪندا آهن، جو سارو ئي ڪم صفائي ۽ وڏي ڪاريگريءَ سان تعلق رکي ٿو.
اسان وٽ آڳاٽي دور ۾ ڪاٺ تي ٽن قسمن جون هنرڪاريون عام هونديون هيون.
1. ٽُڪَ جو ڪَمُ يا مَنوت ڪاري
2. ڀرت جو ڪَمُ يا ڀرت ڪاري
3. گِرهہ جو ڪَمُ يا گِرَهہ ڪاري
اهي ٽيئي نهايت پراڻا هنر آهن، جيڪي لطيف فن جو اعليٰ روپ ۽ انداز رکن ٿا ۽ گھڻو ڪري عمارتسازيءَ سان ئي تعلق رکندا هئا. ميرن ڪلهوڙن توڙي ان کان بہ اڳي ڪاٺ جي جايُن جو گھڻو رواج هو. جن کي تيڪي واريون جايون يا مڪان ڪوٺبو هو. حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ انهن مان اڃا بہ ڪي نشانيءَ طور وڃي بچيون آهن. پراڻيُن جايُن ۾ ڪاٺ جي ٿنڀن توڙي ڇتين جي ڪامن تي بي مثل ٽُڪَ جو ڪم ٿيل هو. ازانسواءِ دُڇٽين جي ٻانهين تي بہ سهڻي منوت ڪاري ٿيل آهي. پراڻين جايُن ۾ سانوڻي ڪاٺ جا ڇتين ۾ تختا رکندا هئا ۽ دروازن جا طاق بہ انهن مان ئي ٺاهيندا هئا. تيڪي جي جاين ۾ بهڻ جو ڪاٺ بہ وجھندا هئا تہ ڪن جاين ۾ وري لوهيڙو ڪامن ۾ ڪم آڻيندا هئا، جيڪو ڪاٺ تمام ڳرو ۽ مضبوط ٿيندو آهي. ليڪن اڪثر جاين ۾ ٽُڪَ جو ڪم فقط ٻٻر جي ڪاٺيءَ تي ٿيل هوندو هو، جو ٻيُون سنڌي ڪاٺيون ان ڪم لاءِ موزون نہ هيون. آڳاٽن درگاهن تي بہ ان هنر جا شاندار نمونا نظر اچن ٿا. شاهہ ڪريم جي روضي جي سڄي چؤڪنڊي منوت تي ٺهيل آهي ۽ شاهہ ڀٽائيءَ جي روضي واري چؤڪنڊي تي بہ ساڳيءَ ريت منوت جو ڪم ٿيل آهي.
وري جڏهن انگريزي دور آيو، تڏهن حيدرآباد، ڪراچي ۽ شڪارپور ۾ تمام عاليشان بلڊڱون تعمير ٿيون، جن ۾ ٻاهران ئي ٻاهران ڪاٺ جا ڇاپرا ڪُنگرين تي جڙيل نظر ايندا ۽ وڏا وڏا ڇڄهرا ۽ ڇڄهريون ٺهيل ٻاهر نڪتل آهن. اُنهن تي مختلف ڊزائينن سان منوت جو ڪم اعليٰ درجي جو ٿيل آهي. اندر گھرن ۾ بہ ڏاڪڻين وٽ ٿنڀن، درن ۽ درين مٿان ٽُڪ جو ڪم جتي ڪٿي نظر ايندو. اُن ۾ پَنَ جي اُٿل، وَٽُ، هيٺ مٿي لهرو ۽ ٻيون باريڪيون ظاهر ٿي بيٺيون آهن. حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ برطانوي دور جي شاهي بلڊڱن جي وڏن درن جي چونڪن ۽ تختن تي اهو ڪم نهايت نفاست سان ڪيل آهي ۾ ٿيل ڪم ان ڪري سونهن ڀريو آهي، جو اُهو اڪثر برماٽيڪ ۽ شيشم جي ڪاٺيءَ تي ٿيل آهي. ساڳي دور جي اڪثر اميراڻن گھرن ۾ فرنيچر بہ اهڙو ئي رکيل هوندو هو. ڪرسيون، ڪوچ، ٽيبلون، آنبوس جي ڪاٺ مان ٺهيل هيون، جنهن تي منوت جو ڪم ٿيل هوندو هو. ڀونر جهڙي ڪاري ڪاٺ تي اهو ڪم تمام سهڻو لڳندو هو.
ٽُڪَ جي ڪَمَ کانسواءِ ڪاٺ تي هِڪ ٻي بہ هنرڪاري ٿيندي آهي، جيڪا ڀرت جو ڪَمُ آهي. ڪن شين تي ٻئي ڪم گڏوگڏ بہ ٿيل نظر ايندا آهن. ڀرت ڪاريءَ جو ڪم ڪاٺ جي پترين مان ڪيو ويندو آهي، پر ڪٿي ڪٿي ان جي بدران سِپُون بہ استعمال ڪيون وينديون آهن. پراڻي دور ۾ جُنگي جي ڪاٺيءَ مان سنهيون سنهيون پَتِريون ٺاهي، تختي ۾ پورُ ڪري سِرس سان چنبڙائي هڻندا هئا. پر هن وقت ان ڪم لاءِ ديال ۽ ٽاليءَ جي ڪاٺي استعمال ڪندا آهن يا وري ماڳهين پلاسٽڪ جون سنهيون تندون عام جام ڪَتب آنديون وڃن ٿيون. ڀرت جو ڪم بہ تمام نازڪ ۽ محنت طلب ٿئي ٿو ۽ ان ۾ ساڳي ڪاريگري درڪار ٿئي ٿي. سنڌ جي شهرن ۾ اڪثر اميراڻن گھرن ۾، ڀتين ۾ کُتل ڪٻٽن، الماريُن ۽ پينگھُن تي ڀرت ڪاري ٿيل هوندي آهي. ڪو زمانو هو جو ڀرت جي سامان کي گھڻو ٺاٺ سان رکبو هو. اهو شاندار ليکبو هو ۽ ان سان گھر جِي سونهن ۽ شانُ مانُ پيدا ٿيندو هو.
انهن هنرن سان گڏ سنڌ ۾ ٽيون هنر گِرهہڪاريءَ جو ٿيندو هو، جيڪو هن وقت ذري گھٽ ختم ٿي ويو آهي. انَ کي فن لطيف جو اعليٰ نمونو چئي سگھون ٿا، جنهن ۾ فنڪاريءَ جا باريڪ نڪتا هوندا آهن. ان جون رڳو دروازن جون ڪمانيون، ڇتيون ۽ درين اڳيان ڄاريون ٺهنديون آهن. دراصل اهو هڪ باريڪ ڄاريءَ جو ڪم ٿيندو آهي. پهرين ڪاٺ جون ننڍڙيون ننڍڙيون ٽڪريون ۽ وِنگڙيون ٺاهيندا ويندا آهن، پوءِ سَلَ چوڙ ڪري حاشي مطابق فِٽ ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح وڏي وڏي ماپ جا هموار تختا ٺاهي ڇت جوڙيندا آهن. حيدرآباد سنڌ ۾ کاهي روڊ نزديڪ واڍن جي پڙ جي مسجد آهي، جنهن جي ڇت اٽڪل 400 چورس فوٽ ٿيندي، جيڪا هڪ ساريڪي ڇت گرهہڪاريءَ جي ڪم جو اعليٰ نمونو آهي. مسجد جي صحن اڳيان درين تي بہ ساڳيو ڪم نظر اچي ٿو. وري حيرت تڏهن وٺندي آهي، جڏهن ڄاريءَ جي اهڙين سنهين ڀتين تي منوت جو ڪَمُ بہ ٿيل هوندو آهي.
ٽُڪَ يا منوتَ جو ڪم ڪاٺ جي سڀني فنڪارانہ ڪاريگرين سان ڳنڍيل آهي، جيڪو دلڪش ۽ دلنواز هنر هئڻ سان گڏ گھڻي عرق ريزي گھري ٿو. اهو سهڻين جڙاوتُن جي هڪ تخليق سان گڏوگڏ ذهانت ۽ محنت جو گڏيل ثمر پڻ آهي. ان ۾ ڦولدار ۽ لهريدار ڊزائينون عمودي ۽ مخروطي نشانن ۾ محيط ٿين ٿيون. ان ۾ خَطن، نشانن، ۽ ٽٻڪن سان سنهڙين سنهڙين ريکائن کي ظاهر ڪرڻو پوي ٿو. مطلب تہ هيءُ هر لحاظ کان هڪ اعليٰ جَڙَتِ ۽ گھڙتِ جو ڪم آهي. انگريزن جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ ديسي هنرن ۾ زوال پوڻ شروع ٿيو. فنڪارن ۽ هنرمندن جو اهو قدر ۽ مانُ نہ رهيو جهڙو کين مسلم معاشري ۾ حاصل هو. ليڪن آزاديءَ کان پوءِ وري نئين لهر آئي آهي ۽ انهن فنن جي نئين سر تجديد ٿي رهي آهي.
اهو يقين سان چئي نہ ٿو سگھجي تہ ٽُڪَ جو ڪَمُ توڙي ڪاٺ جا ٻيا هنرمندانہ فن ڪڏهن کان شروع ٿيا. پٿر تي اُڪَرَ جو فن انساني تاريخ ۾ تمام گھڻي قدامت رکي ٿو. ليڪن ڪاٺيءَ جو فن بہ هزارين ورهيہ آڳاٽو آهي. عيسوي سن کان هڪ هزار سال اڳي، اهو بلڪل ترقييافتہ صورت ۾ مليو آهي. رومي حڪومت جي ديوان ۽ گرجائن، روس جي زار جي محلاتن ۽ چيني شنهنشاهن جي محلاتن ۾ ٽُڪَ جي ڪم جا ڪمالات ڏسي ڏندين آڱريون اچيو وڃن! پراڻن محلاتن جي ڇتيُن، ٿنڀَن، ڪامن تي بينظير ڪم ٿيل آهي. بادشاهن جا پلنگ، مسهريون، سرخ صندل ۽ ٻي فرنيچر تي منوت جو عاليشان ڪم ٿيل آهي، جيڪي شيون تاريخي يادگارن طور اڃا بہ واسطيدار ملڪن جي عجائب خانن ۾ محفوظ ڪيل آهن.
سنڌ ۾ ٽُڪ جو ڪم توڙي ڪاٺيءَ تي جَڙَتِ ۽ گھڙتِ جا سڀئي ڪم نهايت آڳاٽا آهن. حيدرآباد سنڌ توڙي ٻين شهرن ۾ صدين کان ڪاريگر پشتان پشت اهو ئي ڪم ڪندا اچن ٿا. حيدرآباد ۾ انهيءَ فن جا اصلوڪا ۽ قديمي ماهر قريشي، سومرا ۽ ڀٽي واڍا آهن. جڏهن اهو شهر سنڌ جو نئون تختگاهہ بنيو، تڏهن غلام شاهہ ڪلهوڙي خداآباد مان لڏائي انهن کي حيدرآباد سنڌ ۾ آباد ڪيو هو. سومرن جا خاندان ان وقت کان ويٺل آهن. انهن ڪاريگر واڍن جي روايت موجب هنن جي وڏن ٽُڪ جو ڪم شڪارپور جي اُستن کان سکيو. بهرحال هي ڪاٺ جي ڪاريگرين وارا هنر مسلمان بادشاهن جي دور حڪومت ۾ گھڻو وڌيا ويجھيا ۽ بام عروج تي پهتا.