ڪالم / مضمون

دل جي ڳـالـهـہ

هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي عاشق، محقق، اديب ۽ ليکڪ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي لکيل مضمونن، ڊرامن ۽ مختصر ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
جيتوڻيڪ ليکڪ جي راءِ آهي تہ ادب هوندو ئي دل جي ڳالهہ آهي، پر هن ڪتاب ۾ شامل مضمون سچ پچ بہ سندس قلب جو آواز ۽ سنڌ جي ٻولي، ادب، ماڳن مڪانن، ادارن، ڪردارن، توڙي هنرن سان سندس بيپناهہ محبت جو خوبصورت اظهار آهن. ليکڪ جي گھڻ رخي قابليت وانگي هيءُ ڪتاب پڻ ڪيترن ئي متفرق اسمن تي ٻڌل آهي، ۽ ان ۾ هر ذوق جي پڙهندڙ لاءِ ڪجھہ نہ ڪجھہ ضرور موجود آهي.
Title Cover of book دل جي ڳـالـهـہ

ايماندار حاڪم

ڀلان ڀليءَ جو ڇيهہ ئي نہ آهي. ملڪ تي ڪيئي حاڪم آيا ۽ پنهنجو وارو وڄائي ويا. ڪنهن جي هاڪ ڪنهن گڻ کان هوندي آهي، تہ ڪنهن جي ڪنهن خصلت باعث هوندي آهي. هونئن تہ حاڪمن جي هر ڪا هلت ماڻهن کي سيبائيندي آهي، پر چون ٿا تہ سچ پچ بہ اسان جي ملڪ جو هڪ اهڙو وزيراعظم ٿيو، جنهن جي شخصيت هر داغ کان پاڪ هئي. هن جي ايمانداريءَ جون ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڳالهيون هُيون. هُو واقعي بہ حليم، رلڻو ملڻو ۽ ٿڏي تي انصاف ڪرڻ لاءِ مشهور هو. ايئن سندس دور ۾ ملڪ اندر ڪجھہ سک سهنج ٿيا. اصل حقيقت ڇا هئي سو تہ رب کي ئي معلوم، پر برڪت علي دل سان سندس چاهڪ ۽ فين هو.
برڪت علي ريڊيو براڊ ڪاسٽڱ ۾ پروڊيوسر هو. هن کي وزيراعظم جي مجلس ڏسڻ جو ڏاڍو اشتياق هوندو هو. چوندا آهن سڪ سچي هوندي آهي، تہ مراد پوري ٿيڻ لاءِ ڪو نہ ڪو سبب بہ گھڙجي ايندو آهي. اوچتو سرڪاري محڪمن ۾ ليٽر پهتو تہ وزيراعظم ضلع هيڊ ڪوارٽر ۾ بہ نہ پر ماڳهين پنهنجي ڳوٺ ڪچهري لڳائيندو، ۽ عوام جون شڪايتون ورنائي انهن سان انصاف ڪندو. ان ڪري هر کاتي مان آفيسرن جي مقرر ٽيم وزيراعظم جي استقباليہ پروٽوڪول ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سندس ڳوٺ پهچي وڃي ۽ ڪچهريءَ جو مشاهدو پنهنجي اکين سان ڪري، جيئن ملڪ ۾ وزيراعظم جي انصاف جي صحيح تصوير پهچي سگھي. آفيسرن کي منزل مقصود تي رسائڻ لاءِ بس جو سرڪاري انتظام ٿيل هو. برڪت مقرر ڏينهن تي گدگد ٿي پنهنجي ٽيم سان وڃي ڪچهريءَ واري هنڌ منزل انداز ٿيو. وزيراعظم جو ڳوٺڙو ننڍو هو، پري اُتي جھنگل ۾ منگل لڳا پيا هئا. چوڌاري شاميانا هئا. جن ۾ مختلف آفيسن مان آيل عملدارن کي رهايو ويو هو ۽ سندن خاطر تواضح لاءِ بہ سٺو انتظام ٿيل هو. ڪچهريءَ لاءِ قناتن سان هڪ وڏي هال نما جاءِ ٺاهرائي وئي هئي، جنهن ۾ اڳيان ڪرسيون رکيل هيون اسٽيج تي وزيراعظم ۽ آسي پاسي کان سندس ڪارندا براجمان هئا. هيٺ ٻن ٽن، قطارن ۾ ڪرسين تي عملدار بہ ويٺل هئا. گلمن تي درخواست گذار ۽ غريب عوام پنهنجي محبوب اڳواڻ جي ديدار ۾ محو هو ۽ واري واري سان پنهنجون شڪايتون وزيراعظم اڳيان عرض معروض جي صورت ۾ بيان ڪندا درخواست جمع ڪرائي رهيا هئا. برڪت بہ سائينءَ سان مقرر جاءِ تي ويٺو ۽ چوڻ لڳو ”يار! اهڙي انسان جو اکين سان ديدار بہ ٿيو. مون کي نيڪيءَ جو پتلو ٿو نظر اچي!
هاڻي وقت اچي ويو جو ڪچهري پنهنجي عملي صورت وارو رخ وٺڻ لڳي. ”سائين حاڪم الله هت آندو اَٿو. اسان جي دعائن هڻي وڃي هنڌ ڪيو. مختيارڪار اسان جا حق ماريو ويٺو آهي“، عرضدار ٻانهون ٻڌندي چيو.
”بابا آئون تو کي سڃاڻان ٿو. تون الله جڙيئي ڪانڌڙي ڳوٺ جو ويٺل آهين. ڪوڙ ڪو نہ ڳالهائيندا آهيو“؛ وزيراعظم جواب ۾ دلاسو ڏنو.
سائين الله بخش بالا ڪَريوَ! اوهان آهيو جو ننگ وڙ رکو ٿا، نہ تہ مسڪينن کي وڏا ماڻهو ڪٿي ٿا سڃاڻن“.
”ڪانڌاڙا ڳالهہ ڪر“.
”سائين توهان کي تہ معلوم آهي، تہ واهہ کي گھارو لڳو. حقيقت تہ اها آهي، جو بندَ ۾ هٿ سان گھارو اهڙي پاسي کان وڌو ويو، جو پاڻي رڳو اسان ننڍن کاتيدارن جون زمينون ٻوڙي ڇڏيون. وڏن زميدارن جي زمينن ۾ پاڻي جي ڇٽ بہ ڪا نہ وئي. سرڪار ٻوڏ سٽيل زمينن تان ڍلون معاف ڪري ڇڏيون، پر مختيارڪار آهي جو اسان کان زوريءَ ڍلون وٺڻ ٿو چاهي. پر وڏا زميندار جي ٽن سالن کان باقيدار هئا، جن جي فصل کي ڪا لهس نہ پهتي، تن تان هڙئي بقايائون ۽ ڍلون معاف ڪري ڇڏيون اٿس“.
”ڇا اهڙو ظلم؟“ وزيراعظم ناراضگيءَ مان چيو.
”اڙي اهو ڪهڙو مختيارڪار آهي؟“
سائين هاڻوڪو مختيارڪار اي ڊي بلوچ آهي. ڀرسان ويٺل پرسنل سيڪريٽريءَ ٻڌايو.
اڙي اهو ”الهڏنو بلوچ“ تہ نہ آهي؟ شهدادپور تعلقي ۾ اسان کان بہ رشوت وٺندو هو. آهي تہ هردلعزيز عملدار، پر چنڊو ڇڏي ڪنهن کي ڪو نہ ٿو!“ وزيراعظم ڄڻ تہ انڪشاف ڪيو. تون فڪر نہ ڪر اسين ماڻهو ان مختيارڪار سان پڄنداسون. هاڻي بابا ٻي فرياديءَ کي سڏ ڪر.
”سائين توهان ملڪ جا وزيراعظم آهيو. اختيار جا ڪُل مالڪ آهيو. مون سان ڪو انصاف ڪريو. اسان وڏڙن کان اوهان جا خدمتگذار رهيا آهيون“.
”بابا پنهنجي شڪايت بيان ڪر“، وزيراعظم جواب ۾ چيو.
”سائين مختيارڪار اسان سان رڻ ٻاري ڏنو آهي. اسان سان انصاف نہ ٿيندو تہ پيڙجي وينداسون. زمينون جن تي ٽن سالن کان پاڻي نہ آيو آهي، غير آباد پيون آهن. هڪ گھنٽي تي بہ پوک ڪا نہ ٿي آهي، پر تپيدار تيڻَ تي ڍل ٻڌيو ويٺو آهي، رشوت ڏيڻ کان انڪار ڪريون ٿا تہ جيلن ۾ بند ڪرائڻ جا دڙڪا ٿو ڏي!
پرسنل سيڪريٽري وچ ۾ ڳالهايو.
”سائين اهو ساڳيو ئي مختيارڪار اي ڊي بلوچ آهي، جنهن جي شڪايت ٿو ڪري“. وزيراعظم خفي ٿي چيو ”اسين پاڻهي ان کي ڏسون ٿا. وري ٻي عرضدار کان اشارو ڪندين پڇيائين ”تنهنجِي ڪهڙي ڪم لاءِ درخواست آهي؟“
”سائين مختيارڪار مون مسڪين جي زمين جو کاتو ٻي جي نالي ۾ ڪرائي ڇڏيو آهي! مون سان انصاف ڪيو وڃي“.
گھڻا ايڪڙ اٿئي؟
”سائين پنج ايڪڙ ٻہ گھنٽا“. تپيدار ڪوڙا کاتا ٺهرايا آهن. مختيارڪار وٽ وس ڪيا اٿم، پر آفيس مان لوڌايو ڪڍيو ڇڏي. وزيراعظم درخواستگذار کي مخاطب ٿيندي چيو: ”عارب ان تپيدار کي بہ ڪو نہ ڇڏينداسون. تنهنجي زمين وري تنهنجي کاتي ۾ ايندي. دل جاءِ ڪر.
”ها تہ تون محرم خان آهين شهدادپور شهر ۾ ويٺو آهين. تو کي ڪنهن کان تڪليف پهتي آهي؟؟ سائين مختيارڪار جي سالي شهر واري منهنجي خالي پلاٽ تي قبضو ڪيو آهي. هاڻي هُو زورآور آفيسر آهي، منهنجي پوليس بہ ڪا نہ ٿي ٻُڌي“.
ڪچهريءَ ۾ ويٺل سڀيئي مختيارڪار جي ظلمن کي ٻڌندا رهيا ۽ خود وزيراعظم بہ هڪڙي ئي سرڪاري ڪارندي بابت شڪايتون ٻڌي خفي ٿي پيو. نيٺ ڪمشنر جيڪو ڀرسان ويٺو هوس، تنهن کي وڏي سِر چيائين ”مسٽر ربنواز، هيءُ تعلقي عملدار تہ عوام لاءِ آزار ثابت ٿيو آهي. هاڻي جو هاڻي هن جي خلاف سسپينشن جو آرڊر ڪڍيو وڃي ۽ سندس بدعنوانين خلاف انڪوائري ويهاري وڃي!“
ڪچهريءَ ۾ آيل مهمانن جي وات مان يڪبار واهہ واهہ نڪري وئي. ملڪ جو حاڪم اهڙو وزيراعظم ٿئي تہ سڀني جا ڏک درد دور ٿي وڃن. ٻين محڪمن مان جيڪي آفيسر آيل هئا، سي بہ تعريف ڪرڻ مان ڍاپيا ئي نہ ٿئي. برڪت عليءَ جو منهن بہ فخر کان ٻهڪي رهيو هو ۽ دوستن کي ٻڌائي رهيو هو تہ وزيراعظم انصاف پسند حاڪم آهي. ڏٺوَ ڪيئن نہ ٿڏي تي حڪم جاري ڪيائين! اوچتو برڪت عليءَ کي ڪنهن ڪَن ۾ سُرٻاٽيو. ”يار هڪڙي ڳالهہ ٻڌايئين. اُوهو جيڪو ساڄي پاسي کان ٽئين نمبر قطار ۾ وچ ۾ جيڪو ٿلهو ماڻهو ويٺو آهي، اهو اٿئي اي. ڊِي. بلوچ مختيارڪار، جنهن کي وزيراعظم سسپينڊ ڪيو آهي!“
برڪت علي ۽ سندس محڪمي جا دوست حيران ٿي ويا. هُو غور سان ان شخص جي چهري ۾ نهارڻ لڳا، جنهن جي منهن ۾ ڪو بہ شڪ نہ هو. پوءِ بہ برڪت عليءَ کي ان شخص تي رحم اچڻ لڳو، جنهن ويچاري جي ملازمت داءُ تي لڳي وئي هئي. دوستن خيال ڪيو تہ اُن سان هلي همدرديءَ جا ٻہ ٻول ڳالهائي اچجن، جيڪو اندر ۾ شايد گھڻو افسرده هجي ۽ پنهنجي ڪَئي تي پڇتائيندو هُجي. ويچاري کي ڪهڙي خبر تہ هُو ايماندار حاڪم جي پڪڙ ۾ اوچتو اچي ويندو.
هو ٽيئي دوست اي. ڊِي. بلوچ جي اردگرد خالي ڪرسين تي ويهي رهيا، وڏي سر ۾ سلام عليڪم ڪيائون ۽ برڪت عليءَ خوش خير عافيت جا ٻول ڪڍيا، پر مختيارڪار نون آيل شخصن تي ڪو خاص ڌيان نہ ڏنو. ڇاڪاڻ جو روز مره ڪيترن هنڌن تي ڪيترا ئي نامعلوم شخص خوشامدي انداز ۾ ساڻس دعا سلام ڪندا رهندا هئا.
برڪت عليءَ ۽ سندس دوستن کي ڏاڍي حيراني ٿي تہ اي. ڊِي. خان ملڻ ۾ ڪا بہ گرمجوشي نہ ڏيکاري ۽ هن جو چهرو ڪنهن تاثر کان بہ يڪسر خالي هو. ڄڻ تہ کيس ڪو بہ صدمو نہ رسيو هُجي. تہ بہ برڪت عليءَ ساڻس همدردي ڪرڻ خاطر ڳالهايو.
”سائين اي ڊِي خان صاحب سلام عليڪم“
”وعليڪم اسلام“
”سائين اسان کي وزيراعظم جا احڪام ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو“. برڪت جي ساٿين يڪ آواز ٿي چيو.
مگر اي ڊي خان مشڪي دريافت ڪرڻ لڳو، ”ادا توهان سان ڪهڙي پريشاني لاحق آهي؟“
برڪت علي ڇِرڪي ويو ۽ عجلت ۾ چوڻ لڳو، ”سائين اسان کي ڇا جي پريشاني آهي، پريشاني تہ توهان کي هوندي جو سسپينشن جو لوڏو آيو اَٿوَ“.
”بابا ڪنهن جي نوڪريءَ کي لوڏو آيو آهي؟ ڪير سسپينڊ ٿيو آهي؟ ڪو مٿو ڦِريو اَٿوَ ڇا؟“
برڪت عليءَ عجب مان چيو ”هيءُ جو وزيراعظم هينئر توهان جي خلاف آرڊر ڪڍيو“!
اي ڊي خان ٽهڪ ڏئي کِلڻ لڳو.

”وزيراعظم مون کي سسپينڊ ڪندو تہ سندس خاطر مدارت تي جيڪو اڍائي لک روپيا خرچ ٿيو آهي، سو بل پاڻ ڀريندو ڇا؟“
”ڇا مطلب؟“
”بابا ڏسو نہ ٿا ڇا؟ صفا ڪي ڀورڙا آهيو. هيڏي ڪچهريءَ ۾ پوري ملڪ مان 100 سَو عهديدار گڏ ٿيا آهن. 5 هزار عوام گڏ ٿيو آهي. آفيسرن لاءِ ڪيمپون، عوام لاءِ ڀت، شاميانا، ڊيڪوريشن، آفيسرن لاءِ کاڌا پيتا بوتلون ۽ ٻيا لوازمات، انهن جو اڍائي لک روپيا خرچ ڪير ڀريندو؟ اهي سڀ پيسا مون کي ئي تہ ڀرڻا آهن. آئون ڪرسيءَ تي نہ هوندس تہ حڪومت ڪٿان ڀريندي؟“
”پر بلوچ صاحب هيءُ جو هينئر آرڊر نڪتو آهي، تنهن جو ڇا ٿيندو؟“
”اهو توهان ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ اخبار ۾ پڙهجَو تہ آرڊر جو ڪهڙو حشر ٿيو“. ڪچهري پوري ٿي وئي سڀ آفيسر پنهنجي پنهنجي ماڳ تي پهتا. برڪت علي پنهنجا فرائض پورا ڪرڻ ۾ لڳي ويو. ٽن ڏينهن بعد اخبار ۾ هڪڙي ننڍڙي خبر ڇپي، جنهن کي پڙهندي هن کان ڇرڪ نڪري ويو! ”ڊويزنل ڪمشنر اي ڊي خان مختيارڪار خلاف ڪيل شڪايتن بابت انڪوائري جي رپورٽ وزيراعظم ڏانهن ڏياري موڪلي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ مختيارڪار خلاف سموريون شڪايتون ڪوڙيون ثابت ٿيون آهن، جيڪي محض مخالفت يا دشمنيءَ جو نتيجو آهن. ان ڪري سسپينشن جي آرڊر تي نظرثاني ڪري عملدار کي ساڳيءَ پوسٽ تي بحال رکڻ جي سفارش ڪجي ٿي“.
برڪت جي وات مان پاڻمرادو هِي گفتا نڪري ويا! ”واهہ ڙي واهہ ايماندار حاڪم!“