ڪائناتي عڪس : سنڌي لوڪ سنگيت جا ساز
دراصل ڪائنات جي هر شَي سنگيت جي جذبي سان سرشار آهي، هوائن جا زوردار جھُوٽا ۽ انهن مان پيدا ٿيندڙ سرسراهٽ، آسمان ۾ ڪڪرن جون گجندڙ گوڙون پنن جي کڙکڙاهٽ، سمنڊ جي وِيرُن مان اُٿندڙ آواز، دريائي لهرن جا مڌم سُرَ ۽ جانورن جا آواز فضا جي خاموشيءَ کي ٽوڙي ان ۾ موسيقي جا سُر ڀرين ٿا.
انسان جي فطرت جڏهن ڪائنات جي پوشيده آواز کي سڃاتو، تڏهن ان کي غيب جي پردي مان ڪڍي پنهنجي وندر ورونهن ۽ روماني تسڪين لاءِ سنگيت کي جنم ڏنو ۽ انسان خود پنهنجي آواز ۾ ميٺاج ڀرڻ جي ڪوشش ورتي ۽ سنگيت ۾ رَسُ ڀرڻ لاءِ اوزار بنايا. لوڪ سنگيت هڪڙي فطري موسيقيءَ جي رَوَ آهي ۽ اُهو عوامي ذوق ۽ مزاج جو عڪاس آهي. ديس جي فضائن، ماحول ۽ عام انسانن جي جذبن مان سنگيت وجود ورتو.
جيئن جيئن انسان تهذيب جي فضا ۾ ساهہ کڻڻ شروع ڪيو، تيئن تيئن سندس ذوق ۽ رغبتن جي تربيت ٿيڻ لڳي. اوائلي دور ۾ انسان جا ويچار لفظن جو روپ ڌارڻ لڳا، تہ انهن ۾ ترتيب ۽ لاڳاپو بلڪل نالي ماتر هوندو هو. ليڪن آهستي آهستي ٻوليءَ ۾ ربط پيدا ٿيو ۽ لفظ ضمير جي اظهار جو وسيلو بنجي پيا. پهرين جذبن کي آواز مليو ۽ پوءِ آوازن کي لفظ. انسان اول نڙيءَ جي مشق سان آوازن ۾ سليقو ۽ ميٺاڄ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ورتي، پر پوءِ وقت گذرڻ سان اوزارن جي مدد ذريعي بہ سُرن جو جادو جاڳائڻ ۾ ڪامياب ويو، جنهن سان سنگيت جي شروعات ٿي.
دنيا جي مڙني قومن ۾ لوڪ سنگيت جي اوسر ۾ شروعات کان ئي لوڪ رس ڇا عوامي فن مدد گار رهيا آهن، سنڌي لوڪ سنگيت جي چمن کي بہ ساڳئي وقت لوڪ ناچن ۽ لوڪ گيتن جي شاخن چهڪائي دلڪش بنايون تاريخي نقطہ نظر کان لوڪ ناچ سڀني ۾ پراڻو آهي، جنهن ۾ بدن جي لوڏ کان سواءِ ساز ۽ تال بہ شامل هوندو آهي، جن جي لرزش مان بي اختيار انساني جذبات جو اظهار ٿئي ٿو. سنڌ ۾ ٽن قسمن جي رقصن جا نمونا ملن ٿا. هڪڙو گول دائري ۾ بيهي نچڻ، ٻيو آمهون سامهون ٿي نچڻ ۽ ٽيون اڪليو نچڻ. ڪن ناچن ۾ ڪجھہ ٻول دهرائبا آهن تہ ڪي ناچ وري بغير ٻولن جي ٿيندا آهن. ٻولن کانسواءِ ناچ شروعات ۾ تاڙين جي تال تي نچيا وڃن ٿا. پر پوءِ انهن ۾ دهل جو تال ۽ شهنائيءَ جي ڌن بہ شامل ڪئي ويندي آهي، ڇيڄ ۽ جھمر ناچن ۾ ٻول ڪو نہ اچاريا ويندا آهن. هو جمالو ۽ ڏانڊيو رقص مقبول ناچن ۾ شمار ٿين ٿا. جن ٻنهي ۾ ٻول اچاربا آهن، هو جمالو تہ سنڌي ثقافت جو نهايت ئي مقبول رقص آهي. لوڪ ناچن جي رنگار رنگي اهڙي پسجي ٿي، ڄڻ تہ رقص مالها هن ڌرتيءَ تي ڪنهن هنڌ ٽٽي هئي، جنهن جا موتي هن سرزمين تي وکري ويا هجن. منجھن اها صداقت آهي جو انهن جي انگ ۽ چال کي ڏسي صدين جي تاريخ مرتب ڪري سگھجي ٿي. هتي جو هر رقص خاموش زبان آهي، جنهن ۾ ماضيءَ جو ڪو نہ ڪو داستان معنمر آهي، عوامي انداز جا سڀئي رقص ڄڻ تہ سنڌي تهذيب ۽ تمدن جي نمائندگي ڪندڙ آهن.
قدرت سنڌ جي ڌرتيءَ ۾ اهي رنگ روپ رچايا آهن، جن جي ارزاني لوڪ سنگيت جي شاهوڪاريءَ جو سبب بني آهي. ڌرتيءَ جو هيءُ ڀاڱو سمنڊ، ريگستان، جبل ۽ سرسبز ميدان سان مالامال ڏسجي ٿو. انڪري زندگيءَ جو ڪو بہ اهڙو پهلو نہ آهي جيڪو لوڪ گيتن جو موضوع نہ بنيو هجي. رزم هجي يا بزم هجي، لوڪ گيتن جي گونجار ضرور ٻڌڻ ۾ ايندي. سنڌ جي سچار ماڻهن وانگر هتي جا گيت بہ سنوان سڌا ۽ سچلا آهن. لوڪ گيتن جي سچائيءَ جو اهو حال آهي جو ٻڌڻ سان اهو محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ تہ سنڌي ماڻهن جو مزاج ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جا طور طريقا، سندن رسم رواج، سڀئي انهن گيتن ۾ سميٽجي آيا هجن. لوڪ گيتن جي رنگ برنگي مالها ۾ ڪيترا ئي موتي ۽ لعل جڙيل آهن. انهن ۾ سهرا، ڳاهون، ڏوهيڙا، وايون ۽ ڪافيون اچي وڃن ٿيون.
سنڌ ۾ لوڪ سنگيت ۽ لوڪ شاعريءَ جي ترقي ۽ اوسر گڏوگڏ ٿي آهي. جڏهن بہ ڪو موسيقيءَ جو نئون انداز اڀريو آهي، تہ ان شاعريءَ جي بہ ڪا نہ ڪا مخصوص صنف پاڻ سان گڏ آندي آهي. اسان وٽ ڳيچن کان وٺي ڪافيءَ تائين سڀ، شاعريءَ جو مجموعو بہ آهن تہ سنگيت جون صنفون بہ آهن. سنڌ جو لوڪ سنگيت نهايت وجد آڻيندڙ ۽ روح ڦوڪيندڙ آهي، جنهن ۾ جذبات ڀڙڪائڻ ۽ اشتعال ۾ آڻڻ واري ڪا بہ ڳالهہ نہ آهي. بلڪ ان ۾ سمنڊ جي ماٺائيءَ واري موج ۽ مستي آهي، جنهن ۾ اجايو شور يا طوفان ناهي، بلڪ ان ۾ جھيڻو، وڻندڙ جيءَ کي جيئاريندڙ ۽ سڪون بخشيندڙ آواز پيل آهي، ڇا گھڙي تي وڄت هجي، ڇا الغوزي تي لهرو هجي يا وري دهل جو تال هجي يا مرليءَ جو ساز ۽ سرندي جو آواز هجي، سنگيت جو آواز ڪن تي پوڻ سان ئي لونءِ لونءِ ڪانڊارجيو وڃي. انسان جو روح بيدار ٿيو وڃي، ۽ ٻڌندڙ ۾ شعور جي آگاهي آڻي منجھس پاڪيزه جذبا اُڀاريو ڇڏي. قديم زماني کان سنڌ ۾ ڪيترائي ساز رواج ۾ آهن، جيڪي پنهنجي مخصوص وڄت سان سنگيت جو سمائيندڙ سمون پيدا ڪن ٿا ۽ ناچ ۽ گيتن ۾ آواز جي لهر ۽ اُڀار آڻين ٿا.
سنڌي لوڪ گيتن ۾ جيتري ناچ ۽ گيتن جي رنگا رنگي آهي، اوتري سازن جي دنيا بہ حسين ۽ دلڪش آهي. هتي تال جي سازن کان وٺي آواز جي سنگيت جا ساز مڪمل صورت ۾ پاتا وڃن ٿا. مختلف قسمن جي سازن جي واقفيت ڏيڻ لاءِ هر هڪ ۾ الڳ طور تي روشني وجھڻ ضروري آهي. سڀ کان پهرين ڦوڪ سان وڄندڙ ساز آهن، جن ۾ بوڙينڊو، شرنائي نڙ، بانسري مرلي ۽ پاوا يا الغوزو اچي وڃن ٿا. انهن سڀني مان پهريون يعني تہ بوڙينڊو قديم آهي، جيڪو موهن جي دڙي جي آثارن مان بہ مليو آهي. بوڙينڊي کي ڳائڻ جي سنگت ۾ وڄائي نہ سگھبو آهي، بلڪ اهو ساز رڳو هڪ قسم جو هلڪو آلاپ ڏيندو آهي، اڪثر ڪري ڌنار ۽ ڌراڙ جھنگ ۾ مال پهرائيندي ان سان دل وندرائيندا آهي. هيءُ ساز بناوت ۾ تمام سادو سودو آهي، جيڪو چيڪي مٽيءَ جي گول کينهوڙي وانگر ٿيندو آهي. ان کي مٿان هڪ گول سوراخ ٿيندو آهي، جنهن کي چپ تي رکي بانسريءَ وانگر وڄائيندا آهن. نڙ بہ سنڌ جو قديم ساز آهي. نڙ ڊگھي نڙانڊيءَ مان ٺهيل هوندو آهي. ان جي هيٺين اڌ ۾ چار سوراخ ٿيندا آهن ۽ منهن واري ٽونگ کان بانسريءَ وانگر آڏي ڦُوڪ سان وڄائيندا آهن. سُر سان بيت ڏيڻ کي لوڙائو“ چئبو آهي. نڙ جي ايجاد کان پوءِ ڪچهرين ۾ نڙ تي بيت ڏيڻ کي لوڙ جو رواج پيو. ناڙي يعني تہ نڙ وڄائڻ وارا نڙ مان رڳو بہ لهر ڪڍندا آهن. هڪڙو سادي لئي وارو ٻيو ٻٽي لئي وارو لهرو. سادو لهرو اُٺ جي قدم قدم هلڻ جي لئي تي ٻڌل آهي ۽ ٻٽو لهرو اُٺ جي تکي رفتار واري ليءَ سان ٺهڪيل آهي. موسيقيءَ جو ساڳيو ئي انداز ”نڙبيت“ ۾ بہ ملي ٿو.
بانسري ۽ مرلي ڦُوڪ سان وڄندا آهن، انهن کي هندو مذهب ۾ تقدس حاصل آهي. ڏکڻ ايشيا جي پراڻن سازن ۾ انهن جو شمار ٿئي ٿو. بانسريءَ جي سُرن جو جادو ڪنهن کان ڳجھو آهي؟ ان جو مڌر آواز نهايت لڀائيندڙ ٿئي ٿو ۽ ماڻهن کي پنهنجي ڪشش ۾ جلدي ڇڪيو وٺي. پاون يا الغوزن جو رواج بہ سنڌ ۾ گھڻي زماني کان وٺي هلندو اچي. هيءُ ساز ايتري قدر مقبول آهي، جو ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌي ثقافت جي سڃاڻپ لاءِ الغوزا نوازن کي خصوصي طور موڪليو ويندو آهي، جتي هُو پنهنجي موهيندڙ سُرن سان موسيقيءَ جي محفل تي ڇانئجي ويندا آهن. سُر راڻو الغوزي مان نڪري ساري ماحول تي وجد طاري ڪري ڇڏيندو آهي.
ڦُوڪَ جي سازن کانپوءِ تال وارن سازن جو وارو اچي ٿو، جن ۾ گھڙو، گھڙي، دهل، دهلڙي، مگرمان، نغارا وغيره عام طرح سان استعمال ۾ اچن ٿا. ڪي ڪافي ڪلام ڳائيندڙ ”کڙتال“ کي تال جي آواز لاءِ استعمال ۾ آڻيندا آهن. هر تال جي ساز جا جدا ٽيڪا ٿيندا آهن، جن جي بندش تي ڳائيندڙ يا نچندڙ کي قائم رهڻو پوندو آهي. هُو ساز جي آواز جي چُرُپُر جو ساٿ ڏيندا رهندا آهن.
انهن کانسواءِ لرزش وارا ساز بہ سنڌي لوڪ سنگيت ۾ شامل آهن، جهڙوڪ يڪتارو، دنبورو، سرندو، ڪماچ ۽ چنگ وغيره. اهي ساز جنبش جي مدد سان وڄندا آهن. هٿ جي آڱر سان تارن ۾ لرزش آڻي آواز پيدا ڪيا ويندا آهن. ڦُوڪ تال ۽ لرزش وارن سازن سان گڏجي سنڌي موسيقيءَ جي عمارت تعمير ٿي آهي. سنڌ ۾ موسيقيءَ جي قديم روايتن ۽ فني ڪمالن کي ڏسي ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ تہ سنگيت هن ڌرتيءَ تي پهرين جنم ورتو آهي ۽ پوءِ سُرن جي دنيا ٻين ملڪن ۾ جنم ورتو آهي. سنڌ جو ماڻهو تہ سنگيت جو اصل کان وٺي پروانو رهيو آهي. هتي ابتدائي زماني کان سنگيت جا وڏا وڏا فنڪار ۽ ڄاڻو ٿي گذريا آهن. موسيقي ۽ راڳ بابت ڪيترا محاورا ۽ اصطلاح قديم زماني کان سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ رائج آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو تہ اسان جي معاشري ۾ راڳ کي وڏي اهميت حاصل هئي. ننڍي کنڊ ۾ ٽي هزار سال اڳ موسيقي باقاعدي رواج ۾ هئي. ڀارت جي آڳاٽن ڪتابن ۾ موسيقيءَ جي هڪ ڀاڱي کي سنڌي سنگيت جي نالي سان درج ڪيو ويو آهي، ۽ موسيقيءَ جي نظام ۾ ان کي سنڌي پرڪاش جي نالي سان سڏيو ويو آهي. سنڌي ماڻهن جو سنگيت سان شوق ۽ شغف والهانہ رهيو آهي. اهل الله بزرگ پنهنجي تزڪيہ نفس ۽ روحاني تسڪين ۽ لطف لاءِ راڳداريءَ جون مجلسون ڪندا هئا، جن ۾ ”سماع“ کي بنيادي اهميت حاصل آهي. مولوي صاحبان ۽ شرعي عالمن وٽ سنگيت مولود خوانيءَ جي حيثيت ۾ رائج رهي آهي، جنهن ۾ هُو خوشالحاني ۽ مٺي آواز سان مولد پڙهندا ۽ حاضرين مجلس تي محويت طاري ڪري ڇڏيندا آهن.