ڦليلي ۽ گنجو گام
ڦليلي ۽ گنجو گام
حيدرآباد شهر جي جاگرفيائي حدن ۾ ڦليلي ۽ گنجو گام ٻہ نهايت اهم مقامات آهن. اهي ٻئي ماضي ۾ حيدرآباد سنڌ جي سڃاڻپ رهيا آهن، بلڪ اهو سمجھون تہ هڪ جان ٻہ دليون. حيدرآباد شهر جي سير و تفريح تي نڪرنداسين تہ توهان کي هر هر چاڙهين تي چڙهڻو ۽ اتان لهڻو پوندو. اهو ان ڪري جو سڄو شهر پهاڙي سلسلن تي قائم آهي، جنهن کي گنجو ٽڪر چيو وڃي ٿو. ماهر موسميات ۽ ماهر ارضيات جو چوڻ آهي تہ حيدرآباد شهر جي آبهوا خاص جاگرافيائي ماحول ڪري معتدل آهي، جنهن ۾ شهر جي چودگرد مضافاتي شيون خصوصي طور شامل آهن. خاص طور تي حيدرآباد جو راتيون تہ قابل ذڪر آهن، جيڪي شهر جي رستن ۽ فضا کي مدهوش ڪرڻ واري ٿڌي هوا جي جھونڪن سان مست ۽ بي خود ڪري ڇڏينديون آهن. بلڪل ايئن جيئن يڪا يڪ جنت جي دري کلي وئي هجي. حيدرآباد جون راتيون پنهنجي ٿڌ ۽ راحت پهچائڻ جي خصوصيت جي ڪري پوري دنيا ۾ مشهور آهن. اهو سڀ ڪجھہ سمنڊ جي قربت ۽ سنڌو درياهہ جي حيدرآباد شهر جي ويجھو کان گذرڻ ڪري آهي. پر آبهوا خشڪ ۽ معتدل بنائڻ ۾ گنجي ٽڪر جي اهميت دخل انداز آهي. ڦليلي واهہ سالن کان حيدرآباد شهر جي راهڪن لاءِ آب حيات وارو واهہ آهي. هيءُ هڪ اهڙو واهہ آهي، جيڪو شهر جي دل آهي ۽ شهر جي ڀر پاسي مان لنگھندي هڪ طرف تہ زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو، تہ ٻي طرف حسن و تازگيءَ جي علامت سمجھيو وڃي ٿو. هيءُ هڪ بهترين تفريحي مقام جي حيثيت سان حيدرآباد جي شهرين جي ذوق وجمال جي تسڪين ڪندي تفريح جو سامان مهيا ڪري ٿو.
گنجو ٽڪر ۽ ڦليلي واهہ اڄ بہ جاڙين ڀيڻين وانگر پاڻ کي ڀاڪر ۾ ڀري شهر کي ويڙهيو ويٺا آهن. پر پهرين وارو آب و تاب نہ رهيو آهي. زماني جي انقلابن کانئن حسن و جوڀن ڦري ڇڏيو آهي. ڦليلي ٻن ميلن کان بہ وڌيڪ ڊگھو واهہ آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنارن کي ملائڻ لاءِ پليون ٺهيل آهن، جيڪي شهر جي ٻنهي ڪنارن کي پاڻ ۾ ملائين ٿيون ۽ هڪجهڙائي پيدا ڪن ٿيون. پُل جو هڪ حصو ٽنڊو ٺوڙو، پريت آباد، ڀٽي ڳوٺ، ٽنڊو فضل ۽ ٽنڊو مري جي گنجان آباديءَ کي شهر سان ملائي ٿو. شهر سان ملحق اهي علائقا اڇي موري جي نالي سان مشهور آهن. ٻي طرف مارڪيٽ، هيرآباد، عامل ڪالوني جي اختتام تي ڦليلي وٽ جيڪا پل ٺهيل آهي، ان کي ”ڪاري موري“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
حيدرآباد شهر ۾ ڦليلي جي ٻنهي ڪنارن سان گڏ ڪاري موري کان وٺي اڇي موري تائين خوبصورت باغات هئا. واهہ جي بلڪل ويجھو ڪناري سان منسوب هو. هيءُ باغ ڪاري موريءَ کان شروع ٿي ”اڇي موري“ جي پل تي ختم ٿيندو هو. هيءُ پارڪ شهري تفريح جو هڪ مرڪز هوندو هو. خصوصاً عامل ڪالوني ۽ هيرآباد جا ماڻهو شام وقت هتي تفريح لاءِ ڇڪجي ايندا هئا. ماڻهو هتي ٻيڙيون بہ هلائيندا هئا ۽ واهہ جي موجن کان لطف اندوز پڻ ٿيندا هئا.
پاڪستان کان پوءِ هيءُ واهہ جيئن جو تيئن قائم تہ آهي، پر ان جو اهو جوڀن باقي نہ رهيو آهي. هڪ اجڙيل صورتحال جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، نہ اهي گل ٻوٽا رهيا نه اها ٻيڙين تي سواري نہ اهي حسين منظر، نہ باغات، شايد مادي ضرورتن جي ڀڄ ڊڪ ۾ ماڻهن جو اهو ذوق جمال بہ ويندو رهيو. شامداس پارڪ جي لاءِ اسان کي اها ڳالهہ بہ سامهون رکڻ گھرجي تہ هندستان جي ممبئي شهر ۾ ”شامداس پارڪ“ ٽرسٽ، قائم آهي. جنهن ڀلي انسان، ماڻهن جي تفريح لاءِ اهو پارڪ جوڙايو هو، جڏهن هُو هن فاني دنيا مان هليو ويو تہ وصيت بہ ڇڏي ويو تہ منهنجي دولت مان هڪ ٽرسٽ قائم ڪئي وڃي، جنهن مان ڪجھہ رقم هر سال ”شامداس پارڪ“ جي منتظمين کي رواني ڪئي وڃي. جيئن ان رقم مان پارڪ جي سار سنڀال ٿيندي رهي ۽ ان جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿيندو رهي ٻڌو تہ اهو ئي آهي تہ سالن جا سال اها رقم بلديہ حيدرآباد جي عملدارن کي باقاعده ملندي رهي. ٿي سگھي ٿو اهو سلسلو اڄ بہ جاري هجي پر اها رقم ڪهڙيءَ طرح خرچ ٿي، ان جو پتو لڳائڻ نہ پنهنجي وس جي ڳالهہ آهي ۽ نہ ئي اهو ڪم اسان جي فرائض ۾ شامل آهي. اوهان چوندا تہ اهو وڏو سانحو آهي تہ شهر منجھان ايڏي وڏي تفريح منڍ مان ئي غائب ٿي وئي آهي تہ سائين ايترا بيشمار سانحا تہ هن شهر سان ٿي گذريا آهن. هڪ پراڻي داستان ۾ ڪنهن درويش جي صدا پڙهي هئي جيڪا هتي ياد اچي رهي آهي. هو بار بار اهو چئي رهيو هو تہ ”اهو نہ پڇو تہ دشمنَ مون کي ڪيترو ماريو آهي، ڇو تہ آئون دوستن جي روين جو ماريل آهيان“.
گورنمينٽ ڪاليج شهر جو هڪ وڏو ڊگري ڪاليج آهي، ان جو شمار سنڌ جي انهن چند درسگاهن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي انگريز دور جا ياد گار آهن، ان جي وسيع و عريض ڪيمپس تي نظر وجھڻ سان يونيورسٽيءَ جو گمان ٿئي ٿو، هُونئن اڄ تائين ان عظيم اداري جي علمي عظمت ۾ ڪا بہ ڪمي نہ آئي آهي. پر اهو سچ آهي تہ اهو قيام پاڪستان بعد بينام ٿي چڪو آهي. ورهاست کان اڳ اهو ادارو سنڌ نيشنل ڪاليج جي نالي سان مشهور هو. بعد ۾ ڪجھہ مخير حضرات خصوصاً هندن ڪاليج جي عمارت جي تعميرات ۾ حصو ورتو تہ ان جو نالو بدلائي اين اِي ڊِي نيشنل ڪاليج رکيو ويو. پر آزديءَ بعد جيئن ئي نالن جي ورهاست شروع ٿي تہ اهو ڪُڻو بہ هڪ خوشنصيب مسلمان جي جھوليءَ ۾ اچي ڪريو. يعني جڏهن مرحوم پير الاهي بخش سنڌ جو وزير اعليٰ بڻيو تہ ڪن ڏينهن لاءِ اهو ڪاليج صاحب موصوف جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. پر جيئن ئي هيءُ صاحب وزارت تان لٿو تہ هيءُ ادارو صرف گورنمينٽ ڪاليج رهجي ويو ۽ اهو نالو اڃا سوڌو قائم آهي. هاڻي جيئن تہ گورنمينٽ ڪاليج تہ سنڌ جا سمورا ئي سرڪاري ڪاليج آهن، لحاذا ڪو بہ مخصوص نالو نہ هئڻ سبب ڪڏهن ڪڏهن ڪو نہ ڪو استاد يا پوءِ شاگرد مُنجھہ ۾ پئجي ويندو آهي. خصوصاً اهڙي موقعي تي جڏهن ڪو بہ صاحب انهن کان اهو پڇندو آهي تہ اوهان ڪهڙي ڪاليج ۾ پڙهو ٿا؟ تہ جواب ملندو آهي تہ صاحب آئون گورنمينٽ ڪاليج سان منسلڪ آهيان. اها ڳالهہ انهن جي سمجھہ ۾ ناهي ايندي، حيرانيءَ مان ٻيو ڀيرو پڇندا تہ ڀائو ڪهڙي گورنمينٽ ڪاليج سان جڙيل آهيو. هاڻي جي تشريح ڪندي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿي پوندو آهي تہ منهنجو تعلق گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي سان آهي. حيدرآباد جي ان اداري کي شروع کان ئي ڦليلي ڪاليج جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. پراڻي نيشنل ڪاليج جا شاگرد يا وري هر دور جا پڙهيل شاگرد اڃا تائين پنهنجو پاڻ کي (ڦليلين Phulelian) چوائيندي فخر محسوس ڪندا آهن.
هڪڙي ڳالهہ ٻي ٻڌائيندو هلان تہ حيدرآباد شهر ۾ سنڌ جي هيءَ عظيم درسگاهہ 1917 ع ۾ تعمير ٿي. اداري جي منتظمين وڏي ڇنڊ ڇاڻ بعد ان کي لب ڦليلي تي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جڏهن ڪاليج تعمير ٿي ويو تہ طالب علم ۽ استادن کي سڪون قلب حاصل ٿيو، ڇو تہ علمي تحصيل ۽ ذوق مطالعي لاءِ ان کان وڌيڪ موضون جڳهہ ٻي ڪا بہ نہ ٿي ٿي سگھي. شاگردن کي حصول علم لاءِ هڪ اهڙو گوشو ملي ويو، جتي فطرت قربت بہ ملي پئي تہ شهري گوڙ گھمسان کان نجات بہ ملي پئي. پوءِ هتي قدرتي حسن ۽ نکار سان ڀرپور باغات بہ هئا تہ پاڻيءَ جي رواني جي وسعتن ۾ مهوٿي ويندا هئا. ايئن ڦليلي لفظ جي معنيٰ جيڪا مون کي سمجھہ ۾ آئي آهي، اهو پاڻي ءَ جو چشمو يا اها جاءِ جتي ڦهارو ڦٽي نڪري جتان پاڻيءَ جو سلسلو روان دوان هجي. جنهن مقام تي باغاب هجن ۽ گل ٻوٽا ڦٽندا هجن. جن ڏينهن ۾ گورنمينٽ ڪاليج لطيف آباد ۾ بحيثيت سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر هئس انهن ڏينهن ۾ گورنمينٽ ڪاليج لطيفآباد جي ميگزين جي اشاعت جو مرحلو زور شور سان جاري هو. جڏهن ان جو نالو رکڻ تي غور شروع ٿيو تہ تمام گھڻا نالا تجويز ڪيا ويا. آئون بہ ميگزين جي اشاعتي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شريڪ هئس. مون چيو تہ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد، ڦليلي واهہ سال لڳو لڳ آهي، ان ڪري ان جي ميگزين جو نالو ڦليلي رکيو ويو آهي. اهڙي طرح گورنمينٽ ڪاليج لطيفآباد بہ جنهن ٽڪريءَ جي دامن ۾ قائم ڪيو ويو آهي، اهو گنجو ٽڪر جي نالي سان منسوب آهي تہ ڇو نہ هن جي ميگزين جو نالو ”گنجو ٽڪر“ رکيو وڃي. خود شاهہ عبدالطيف پنهنجي ڪلام ۾ بہ گنجو گام جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان واديءَ کي سٺن لفظن سان تاريخ جو حصو بنايو آهي. ان ٽڪريءَ جي سلسلي جو اصل نالو گنجو گام آهي، جيڪو گھڻن لاءِ اجنبي آهي. گورنمينٽ ڪاليج لطيفآباد جي ميگزين جو نالو ”گنجو ٽڪر“ رکي اسين هڪ وڃايل نالي کي وري بازياب ڪرائي سگھون ٿا. ان ڳالهہ تي اتفاق تہ ڪيو ويو، پر عمل ڪو نہ ڪيو ويو. وڌيڪ تحقيقات مان معلوم ٿئي ٿو تہ ان علائقي کي ڏسڻ لاءِ ۽ سير سپاٽو ڪرڻ واسطي پري کان ڪافي ماڻهو ايندا هئا. سنڌ جي شاعرن، قصا نويسن ۽ تاريخدانن هتي جي ڪيترن روحاني ۽ تاريخي واقعن کي پنهنجي تحقيقات ۾ بيان ڪيو آهي. ان کان علاوه جوڳين، سامين، صوفين، گادي نشينن انهن ٽڪرين تي چلا ڪٽيا آهن، ۽ روحانيت جي سمنڊ ۾ سمائجي عرفان جي موتين کي حاصل ڪيو آهي. انهن سٽن کي لکڻ جو مقصد پنهنجي شهر جي تهذيب کي ڄاڻڻ ۽ ان علائقي جي قديم ۽ اصل نالن کي ياد رکڻ ۽ سڃاڻڻ جو احساس ڏيارڻ هو.