ڪالم / مضمون

دل جي ڳـالـهـہ

هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي عاشق، محقق، اديب ۽ ليکڪ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي لکيل مضمونن، ڊرامن ۽ مختصر ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
جيتوڻيڪ ليکڪ جي راءِ آهي تہ ادب هوندو ئي دل جي ڳالهہ آهي، پر هن ڪتاب ۾ شامل مضمون سچ پچ بہ سندس قلب جو آواز ۽ سنڌ جي ٻولي، ادب، ماڳن مڪانن، ادارن، ڪردارن، توڙي هنرن سان سندس بيپناهہ محبت جو خوبصورت اظهار آهن. ليکڪ جي گھڻ رخي قابليت وانگي هيءُ ڪتاب پڻ ڪيترن ئي متفرق اسمن تي ٻڌل آهي، ۽ ان ۾ هر ذوق جي پڙهندڙ لاءِ ڪجھہ نہ ڪجھہ ضرور موجود آهي.
Title Cover of book دل جي ڳـالـهـہ

انسپيڪشن

[b]ڪردار[/b]
هيڊ ماستر
پٽيوالو
عادل خان نالي تعليمي آفيسر، بيٽ عملدار
جاگرافي، رياضي، سائنس، تاريخ جا استاد ۽ ٻيا استاد
عزيز، گُلُو، فريد، اڪبر، الياس ۽ ٻيا شاگرد


هيڊ ماستر پنهنجي اسڪول جي آفيس ۾ ويٺو آهي جو پٽيوالو اچي کيس ٻڌائي ٿو تہ ڪو شخص ساڻس ملڻ چاهي ٿو. هيڊ ماستر ٽنگون ميز مٿان ڊگھيريو ويٺو آهي ۽ ٻِيڙي ڇڪي رهيو آهي. پٽيوالي جي ڳالهہ ٻڌندي، ٽنگون هيٺ لڙڪائيندي ڪڙڪ آواز ۾ چوي ٿو. مان ڇوڪرن جي مائٽن سان رڳو مقرر وقت تي ئي ملندو آهيان، ٻاهر نوٽيس بورڊ تي لکيل آهي. هن ماڻهوءَ کي ٻڌائي ڇڏ.
پٽيوالو: چڱو سائين... پر... پر سائين هُو ڇوڪرن جو مائٽ ڪو نہ ٿو ڏسجي.
هيڊ ماستر: تڏهن شاگرد آهي ڇا؟
پٽيوالو: شاگرد بہ ڪو نہ ٿو لڳي.
هيڊ ماستر (ڪَڪ ٿي): نہ ڪو مائٽ آهي ۽ نہ شاگرد، تہ مار پويس ڪير آهي؟
پٽيوالو: هن پنهنجو هڪ ڊگھو نالو پئي ورتو. مون کي تہ رڳو عادل خان سمجھہ ۾ آيو.
هيڊ ماستر: (رعب مان) اڙي شڪل صورت جو ڪيئن آهي؟ ڄٽ ڄاموٽ ٿو لڳي يا پڙهيل ڪڙهيل؟ شهري آهي يا ڳوٺاڻو؟ سوٽڙِي چڙهيل اٿس يا ڪانچ ڦريل آهيس؟ مصيبت پَوَئي ڪجھہ ٻڌاءِ تہ سهي!
پٽيوالو: سائين اوهان تہ يڪ ساهيءَ گھڻا سوال ڪري ويئو. سوٽڙي پاتل اٿس. ڇوڪراڻي عمر ڪا نہ اٿس، پر وهيءَ چڙهيل بہ ڪونهي. وار ماين وانگي ڊگھا اٿس. انگريزي پائيپ وات ۾ وجھيو دونهان پيو ڪڍي. هٿ ۾ ننڍڙو ٿيلهو اٿس. جي سڏائيندوس نہ تہ گھڙي ايندو. سائين مون کي تہ ڪو آفيسر ٿو لڳي!
هيڊ ماستر:(دم جھلي) چڱو اندر وٺي اچينس.
پٽيوالو: چڱو سائين!
پٽيوالو: وڃي ٿو هليو. ٿوريءَ دير کانپوءِ دروازو کلي ٿو تہ هڪ جينس جي تنگ پتلون ۽ ٽي شرٽ ۾ ملبوس تقريباً 30 32 ورهين جو شخص داخل ٿئي ٿو، هن جي مٿي جي وارن جون نوڪون، تمام هيٺ ڳلن تائين وڌيل آهن، جي سندس ڊگھين مڇن سان ڳنڍجي ويل آهن.
آيل شخص هڪدم اسلام عليڪم چوندي هيڊ ماستر جي سامهون واري ڪرسيءَ تي ويهي ٿو. ”هيڊ ماستر صاحب ڪهڙو حال آهي؟“
هيڊ ماستر: ڌڻيءَ جا لک احسان آهن، مڙئي وقت چڱو پيو گذري. سائين ٻڌايو منهنجي لائق ڪا ڪار خدمت؟
شخص: آئون مير واجہ پڳدار قبيلہ کٽائي عادل خان صاحب، تخلص شورش مريدان فيض گنجور مرشد عاليجناب حضور پير ڏٽائي!...!
هيڊ ماستر:سائين عادل خان بس بس! مون کي اوهان جي خانداني بزرگي ۽ فضيلت تي اعتبار اچي ويو، وڌيڪ اپٽار جي ضرورت نہ آهي.
عادل خان: هيڊ ماستر صاحب، مون کي سڃاتوَ؟
هيڊ ماستر:انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ”نہ“.
عادل خان: ڊگھي عرصي کان پوءِ ملاقات ٿي آهي. ممڪن آهي تہ ان ڪري سڃاڻي نہ سگھندا هجو. ٿي سگھي ٿو تہ بدليل لباس يا منهنجي ڦريل وسيع قطع سببان ايئن هجي.
هيڊ ماستر:جي مون کي اها خبر نہ آهي. پر ايئن لڳي ٿو تہ ڄڻ تہ توهان سان اڳي ڪٿي ملاقات ضرور ٿيل آهي.
عادل خان: جيڪڏهن اسڪول جي پراڻي رڪارڊ کي جاچيندا تہ معلوم ٿيندو تہ منهنجو توهان سان تمام گھاٽو سٻنڌ رهيو آهي.
هيڊ ماستر:اسڪول جي پراڻي رڪارڊ مان! ڇا مطلب؟
عادل خان: پنهنجي پراڻي شاگرد رفيق ... نہ نہ شاگرد رشيد کي نہ ٿا سڃاڻو ڇا؟ جنهن توهان کي لسين ۽ ڏڌن جا ذري گھٽ ماٽا پياريا هئا! روز جيسين ننڍڙي چونري ڏڌ جي نہ آڻيندو هوس، تيسين مون کي ڪلاس ۾ ويهڻ نہ ڏيندا هئا! توهان جو حافظو ايتري قدر تہ ڪمزور ڪو نہ هوندو!
هيڊ ماستر:بس، بس اڙي تون آندل آهين نہ، ڇتي ڪورائيءَ جو پٽ!
عادل خان: (رڙ ڪري) هيڊ ماستر صاحب، توهان قوم جي ٻچن کي پڙهايو ٿا. تعليم جهڙو مقدس پيشو اختيار ڪيل اٿوَ، توهان کي زبان درست ڳالهائڻ نہ ٿي اچي؟ اهو ئي ڄٽن وارو ڪلام، ڪم از ڪم اسان جي پاڪ وطن ۾ اسلامي تهذيب جو پاس رکڻ گھرجي. آئون آندل خان نہ بلڪہ ”عادل خان“ آهيان، اسان کي سڀني ڪرخت سنڌي نالن کي مشرف با اسلام ڪرڻ گھرجي.
هيڊ ماستر:بيشڪ. بيشڪ ڀلا توهان آخر چاهيو ڇا ٿا؟
عادل خان: اوهہ! چئبو تہ توهان کي اها بہ خبر نہ آهي. آئون توهان جو بِيٽ عملدار آهيان! اسڪولن جي اسنپيڪشن تي نڪتو آهيان. خيال ٿيم تہ پهرين پنهنجي سابق اسڪول ۾ وڃان، اتي جي حرف باز استادن کي ڏسان!
هيڊ ماستر:”عادل خان“ آئون توهان کي سڃاڻان ٿو. توهان تمام چئوان ۽ صحابت شاگرد هوندا هئا. برابر ٻڌو هوم تہ عادل خان هن بيٽ جو عملدار ٿيو آهي. پر توهان متعلق تہ مون کي خواب و خيال ۾ بہ ڪو نہ هو.
عادل خان: استاد صاحب، اهو ان ڪري جو توهان اٺ ڪلاس ڌڪي ڪري پاس ڪرائي ڇڏيا. توهان جي هشيءَ تي ٻيا استاد بہ ڀالن ڀولن ڇوڪرن جو ٻيڙو ٻوڙيو ويٺا آهن. هاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ۽ کائڻ جا ٻيا. ٽيوشنون ڪمائڻ لاءِ ڪلاس ۾ پڙهائيءَ کان جواب. ڪڏهن اسڪول کان توهان غائب تہ ڪڏهن استاد غائب. توهان سدائين ذاتي فعخوريءَ کان ڪم ورتو آهي. اهو ڪڏهن بہ سوچيوَ تہ توهان جي مجرمانہ غفلت باعث ڪيترن جو ٻيڙو ٻڏي وڃي ٿو؟ شاگردن جي مصيبت جا ڪارڻ اوهان آهيو.
هيڊ ماستر:توهان سچ پچ تہ آپي کان نڪرندا پيا وڃو. ننڍي هوندي بہ اوهان هونئن ئي جذباتي ۽ چيڙاڪ هوندا هئا. پر خير عادل خان، اهو تہ ٻڌايو تہ اوهان ڪهڙيون ڪهڙيون ڊگريون حاصل ڪيون آهن؟
عادل خان جو منهن هڪدم فخر کان ٽڙي پوي ٿو ۽ کنگھڪار ڪندي نڙي صاف ڪري چوي ٿو.
عادل خان: ماسٽر آف آرٽس تہ آئون آهيان ئي، جو سنڌي، جاگرافي ۽ سياسيات ۾ ايم اي آهيان. تعليمات جو ماهر بہ آهيان، جو ايم ايڊ جي ڊگري اٿم. پر آئون پاڻ کي ماسٽر آف سائنس بہ چوائي سگھان ٿو، ڇاڪاڻ تہ جاگرافي سائنس بہ آهي ۽ آرٽس بہ آهي. مون کي ٻن ٽن ماڊرن پرڏيهي ٻولين جا سرٽيفڪيٽ بہ آهن ۽ مون ريڊيو ٽيڪنالوجي ۾ ڊپلوما بہ حاصل ڪيو آهي ۽...
هيڊ ماستر:بس، بس! توهان جي شخصيت همہ‌گير آهي ۽ توهان سڀني انساني علمن جا ماهر آهيو. توهان جهڙا شخص ملڪ جي لاءِ بيش بها سرمايو آهن. مون فقير پُر تقصير هٿان اهڙو شاگرد پاس ٿي نڪتو آهي، سا ڳالهہ اسڪول لاءِ قابل فخر آهي!
پٽيوالا! صاحب لاءِ اسپيشل چانهہ ۽ سمبوسا کڻائي اچ، ۽ ٻُڌ! صاحب جي ٻنپهرن جي مانيءَ جو بندبست ڪرڻو آهي. ڪڪڙ، چانور ۽ پلو وڃي مارڪيٽ مان خريدي اچ! ۽ هاڻي ڀلا ٻڌايو تہ اوهان جي ٻي ڪهڙي خدمت ڪري سگھان ٿو؟
عادل خان: هيد ماستر صاحب. آئون توهان جي چالبازين ۾ هرگز ڪو نہ ڦاسندُس. آفيس ۽ عملي جي رڪارڊ جي پوءِ چڪاس ڪندس، پر پهرين ڪلاس ۾ هلي شاگردن جي ذهني چڪاس وٺندس!
مطالبو ٻڌي هيڊ ماستر صاحب جا ڪن کڙا ٿي وڃن ٿا ۽ قلمدان مان پين ڪڍي آڱرين ۾ جھليندي چوي ٿو: ”توهان کي هروڀرو ڇوڪرن جي پڙهائيءَ بابت معلوم ڪرڻو آهي. مون کي تہ ان ۾ ڪا سازش ٿي سٽيل نظر اچي. گذريل ڏهاڪو سالن کان ڪڏهن بہ ايئن نہ ٿيو آهي. اسين ساليانن امتحانن جون رزلٽ شيٽون بہ صاحبن کان گھران صحيح ڪرائي ايندا آهيون.
عادل خان: سازش! ڇا جي سازش؟ خدا جي پناهہ! هيڊ ماستر صاحب توهان جي ستم ظريفيءَ جي بہ ڪا حد نہ آهي. خوامخواهہ هڪ سنئين سَوِلي مسئلي کي کڻي منجھايو اٿوَ. آخر سرڪاري فرض جي بجا آوري ڪريان ٿو تہ ان ۾ توهان کي ڪهڙي سازش ٿي نظر اچي؟
هيڊ ماستر: توهان جي انسپيڪشن جو پروگرام سرڪاري طرح طَي ٿيل آهي يا پاڻ مرادو هتي آيا آهيو؟
عادل خان: مون هيڊ آفيس کي بہ اطلاع موڪليو آهي. پنهنجو فيصلو سدائين قطعي هوندو آهي. دراصل ڳالهہ هيئن آهي تہ مون کي پنهنجي ذهانت ۽ هوشياري ڏيکارڻ جو موقعو ڪو نہ مليو آهي. ان ڪري پهريائين پنهنجي درسگاهہ کي ٽارگيٽ بنائڻ بهتر سمجھان ٿو. هتي جيئن تہ سڀئي تر جا ماڻهو منهنجا واقف آهن ۽ جِن استادن شاگردن جو ٻيڙو چڱيءَ ريت ٻوڙيو آهي، تن جي بہ خبر اٿم تہ ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهن. انڪري آسانيءَ سان مان توهان تي پنهنجي علم ۽ قابليت جو رعب ويهاري سگھندس.
هيڊ ماستر:عادل خان ڀلا ٻڌائي سگھندا تہ هيڏا اُٺ ڪتابن جا توهان ڪڏهن پڙهيا؟ خبر ناهي تہ هيڏيون وڏيون ڊگريون ڪيئن مليون اٿوَ؟ اسڪول ۾ تہ چاڙهو خيرڪو هوندو هُئوَ!
عادل خان: اڙي بيوقوف! ايتري بہ خبر ڪا نہ ٿي پويوَ نمسڪار ڪريو ماتر ڀوميءَ جي وڏي ۾ وڏي پاٺشالا کي، جتان وديا جي بکيا جو دان هر ڪنهن کي ملي ٿو. حرفت ۽ چالبازيءَ سان گھڻن جا ٻيڙا پار ٿي ويا. هڪ ڇسو ٻڪر ولايت ياترا ڪري آيو، مڪار گدڙ وانگي پاڻ تي جڙتو عالم جو لبادو اوڙيائين ۽ مٿانس قومي دردمنديءَ جي اوڙڪ ڍڪيائين، پوءِ سياسي حربا، ايجيٽيشن، سوديبازي، چاپلوسي ۽ بليڪ ميلڱ جهڙين حرفتن سان وڏي سند حاصل ڪري مراد ماڻيائين، ان کان پوءِ سندس جِي حضوريءَ کي بہ لوهہ ڊگريون وٺي ڏنائين! پوءِ ڪاريهر وانگي سڄي سنسٿا جو ڪرتا ڌرتا بڻجي ويو. هينئر اسان جهڙا بہ ايرا غيرا نٿُو خيرا گھڻا ئي اميدوار آهن. لال سائينءَ جا گھنڊ گھڙيال سدا وڄندا رهن! مولا عليءَ جو نعرو بلند رهي، اسان بہ انهن بورڊن ۽ سنسٿائن مان وڏيون چالون سکيون آهن. اوهان بہ سندرو همت جو ٻڌندا تہ ٻہ ٽي ڊگريون حاصل ڪري وٺندا.
هيد ماستر:عادل خان تنهنجي دماغ ۾ ڀوسو ڀريل آهي. اسان کي تنهنجي ڪا بہ ڳالهہ سمجھہ ۾ نہ ٿي اچي. خبر نہ آهي تہ ڪهڙيون پيو ازبڪيون بڪين.
عادل خان: هاءِ هيڊ ماستر صاحب! آئون برابر ازبڪيون ٿو بڪان، ڇاڪاڻ جو مخبوث‌الحواس آهيان. سڀني ماڻهن جو اهو رايو آهي مون لاءِ. اوقات گذر واسطي سڀني بورڊن جا دروازا بند آهن، ڪٿي پنهنجي هم رفيقن جي عصبيت جو شڪار ٿيس تہ ڪٿي وري دوستن جي حسد خباثت باعث نقصان سٺم. هاڻ هلو تہ هلي شاگردن جو آزمائشي امتحان وٺون!
هيڊ ماستر:هيءُ ڪهڙو تماشو آهي ڇا واقعي عادل خان توهان امتحان وٺندا؟
عادل خان: يقيناً، ان ڪري تہ هتي حاضر ٿيو آهيان.
هيڊ ماستر (مٿو کنهندي) چڱو ايئن ئي سهي. مگر ٿوري دير لاءِ آفيس ۾ ئي ترسو، تہ آئون ٻين استادن کي ان سلسلي ۾ ڪي هدايتون ڏئي وٺان!

[b]ايڪٽ ٻيون:
[/b]هيڊ ماستر جي چوگرد رياضي، سائنس، سنڌي ۽ جاگرافيءَ جا استاد ميٽڱ روم ۾ ويٺا آهن ۽ پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪري رهيا آهن.
هيڊ ماستر: 15 سال اڳ ۾ هڪ چرياڻ شاگرد هتان اٺون ڪلاس پاس ڪري ويو هو، جيڪو هاڻي پنهنجو بيٽ عملدار ٿيو آهي. هُو اسڪول جي ماحول کان ۽ پنهنجي افعالن کان چڱيءَ طرح واقف آهي. هُو انسپيڪشن وٺڻ کان سواءِ هرگز نہ ويندو.
جاگرافيءَ جو استاد: سائين هُو آهي ڪٿي؟
هيڊ ماستر: سائين اندر ڪوٺيءَ ۾ انتظار پيو ڪري. مون کي رڳو اهو خوف آهي تہ هُو آهي خر مغز، ڪٿي ابتي سبتي رپورٽ نہ لکي موڪلي.
رياضيءَ جو استاد: (ٽهہ ٽهہ ڪندي کلي ٿو) سائين شاگردن جي ٽيسٽ وٺندو، سائين عادل خان؟ انسپيڪشن ڪرڻ ڏيوس. مون کي يقين آهي تہ پاڻ کي ڪو بہ نقصان نہ رسندو. اسان کي رڳو اهو خيال ڪرڻو پوندو تہ شاگردن کان تمام سولا سوال پڇيا وڃن. سندس مهم کي انشاءالله تہ بلڪل ناڪام ڪنداسون.
سائنس ماستر:اهو وري ڪيئن؟
رياضيءَ جو استاد: منهنجو مطلب آهي تہ اسان پنهنجو پاڻ، ڪنهن بہ شاگرد کي ناڪام ٿيڻ نہ ڏينداسون. شاگرد کان سوال ڪنداسون، پوءِ جواب صحيح هجي يا غلط، پر پاڻ ان کي سورهن آنا درست چونداسون.
سڀئي استاد: (يڪ آواز ٿيندي) اسان سڀ رياضيءَ جي استاد سان متفق آهيون.
هيڊ ماستر:(تشويش ۾ پوندي) ڏسجو، انديشو آهي تہ متان اخبارن ۾ نہ اها خبر ڇپجي وڃي ۽ جيڪڏهن ڊائريڪٽر صاحب کي خدا نخواستہ اهو سڀ ڪجھہ معلوم ٿي ويو، تہ غضب ٿي پوندو ۽ اسڪول جي بہ بدنامي ٿيندي تہ منهنجي بہ خواري ٿيندي.
رياضيءَ جو استاد: سائين اوهان ڪا بہ ڳڻتي نہ ڪريو. توهان هن اسڪول جا هيڊ ماستر آهيو ۽ اسين توهان جا نهايت فرمانبردار آهيون. جيڪو اوهان جي هيڊ ماستريءَ کي چيلينج ڪندو، سو ڄڻ تہ سڄي اسٽاف کي چيلينج ڪندو. اسان سڀني سان جھيڙي ۾ ڪير پڄي سگھندو؟ اڪ جي ماکي ٿوري ئي آهي!
ايتري ۾ عادل خان پرگھٽ ٿئي ٿو: اڙي! استادو توهان ڇا سمجھيو آهي؟ ڪهڙي پيا سٽ سٽيو، مون کي امتحان وٺڻ ڏيو ٿا يا نہ؟
هيڊ ماستر: سائين هلو اسين سڀ تيار آهيون.
عادل خان: ها تہ پوءِ هلو! ڪلاس وڌيا آهن يا اڃا بہ سڀئي شاگرد هڪڙي ڪلاس ۾ ٿا پڙهن!
هيڊ ماستر: پنج ڪلاس آهن. ستين اٺين ٻنهي جماعتن جا شاگرد ننڍي روم ۾ آهن، توهان ڀلي مٿين درجن جي آزمائش وٺو، جيڪو آفيس جي سامهون وارو ڪلاس آهي.
عادل خان ويڙهاڪ نموني تمام وڏائيءَ سان، سڀني کان اڳڀرو ٿي هلي ٿو ۽ ڪلاس ۾ بہ پهرين هُو ۽ کانئس پوءِ هيڊ ماستر ۽ تاريخ جو استاد اندر داخل ٿين ٿا. ڪلاس ۾ دستور مطابق هڪڙي ڪرسي ۽ هڪ ميز پيل آهي. شاگرد استادن کي گھڙندي ڏسي، تعظيم خاطر اٿي بيهن ٿا.
عادل خان: اڙي نادانو ويهي رهو.
ليڪن شاگرد استاد کي بيٺل ڏسي بدستور بيٺا رهن ٿا.
عادل خان: ”اڙي دنيا ڀر جا خردماغو ويهي رهو!“
سڀئي استاد تپرس ۾ پئجي وڃن ٿا. آخرڪار هيڊ ماستر ڇوڪرن کي ويهڻ جو اشارو ڪري ٿو ۽ عادل خان سان مخاطب ٿي چوي ٿو:
هيڊ ماستر: توهان جي انڪسار ۽ خوش اخلاقيءَ واري روش مان پروڙ پئجي وئي تہ اوهان جي طبيعت ۾ تمام گھڻي نرمي آهي. البت شاگردن سان مڙئي نفسيات موجب ورتاءُ ٿا ڪريو. شاگرد برابر لچا آهن.
عادل خان: (ڏند ڪڍي مشڪندي) دراصل مون پنهنجي ڄاڻ جو مظاهرو پئي ڪيو. ٻارن کان تہ جن بہ ڀڄي ويندا آهن. جيڪڏهن شروع ۾ ئي هنن تي هيبت نہ ويهاربي تہ پوءِ وَٺُ ئي ڪو نہ ڏيندا.
عادل خان: (يڪايڪ منهن جو رخ ڦيرائيندي) پر توهان استادن کي مون سان ڪا بہ چالاڪي ڪرڻ نہ گھرجي. آئون تمام گھڻو مستعد آهيان ۽ شروع کان ئي ڪيل ڪانٽي سان ليس آهيان.
هيڊ ماستر: بلڪل ٺيڪ آهي، اوهان بلڪل بجا فرمايو. اوهان ڪو بہ شڪ گمان نہ ڪريو اسان استادن جو مزاج ئي اهڙو آهي، جو شاگردن سان هر حال ۾ خوش رهندا اچون.
عادل خان: چڱو تمام سٺو هاڻي امتحان شروع ڪريو منهنجو گھڻو وقت ضايع ٿيو آهي، هتي پٺتي پيل علائقي ۾ اهو وقت وڃائڻ بدران آئون جيڪر شهر جي فيشن ايبل بازارن ۾ گھُمي پنهنجي دل ۽ اکين کي سرور بخشان ها. هاڻي شاگردن کان سوال پڇڻ شروع ڪريو.
هيڊ ماستر:پهرين تاريخ جي آزمائش شروع ٿئي ٿي. سائين توهان ڪرسيءَ تي ويهي رهو تہ بهتر هاڻي پوريون ڪرسيون پيل آهن، اسان سڀ ويهي سگھون ٿا.
عادل خان: هرگز نہ مان بيهي امتحان وٺندس ڪرسيءَ کي هڻ کڏ ۾.
تاريخ جو استاد: سائين بيٽ عملدار صاحب، آئون اوهان جي قوت برداشت کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نہ ٿو سگھان. معلوم ٿئي ٿو تہ اوهان مستقل مزاج آهيو، ڇاڪاڻ تہ لکيت جي بدران زباني آزمائش وٺو ٿا. ٻيو تہ توهان جي جسماني صحت بہ لاجواب آهي. ان ڪري تہ بيهي امتحان وٺڻ پسند ڪريو ٿا. سچ پچ تہ پهرين نظر ۾ مون توهان کي سرڪس جو رِنگ ماسٽر سمجھيو هو.
عادل خان: (ورچندي) بند ڪريو اجائي بڪواس. عجيب چالباز استادن سان پلئو اٽڪيو آهي. خوامخواهہ جي ڪُوڙي تعريف سان منهنجي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو اٿوَ. توهان لاءِ تہ تيل مالش جو ڌنڌو بهتر هو. ايئن چوندي ڪاوڙ مان ڪرسيءَ تي وڃي ويهي ٿو.
تاريخ جو استاد:چڱو، هاڻي مان تاريخ جو سوال شاگردن کان پڇان ٿو، ڇوڪرا سڀئي تيار رهو. (ٿوري دير سوچي) ها، ٻڌايو تہ 1857ع واري آزاديءَ جي جنگ ننڍي کنڊ جي ماڻهن، انگريزن خلاف ڪهڙي سنہ ۾ وڙهي هئي؟
(هڪ شاگرد ڏانهن اشارو ڪندي) چڱو الياس پٽ تون جواب ڏي، تون سڄي ڪلاس ۾ هوشيار شاگرد آهين.
الياس: سائين... سائين مون کي خبر نہ آهي.
استاد: پٽ سوال کي چڱيءَ طرح ڌيان سان ٻُڌ. جواب بہ ان ۾ ئي ٻڌايل آهي. مون کي پڪ آهي تہ تو کي ضرور جواب ايندو.
استاد پٺيان بليڪ بورڊ تي انگ لکي کيس اشارو ڪري ٿو.
عادل خان: واهہ واهہ، واهہ واهہ، هيڊ ماستر صاحب ڇا ايئن امتحان ٿيندو آهي؟ هي ماستر صاحب پٺيان ڪهڙو سگنل پيو ڏي؟
هيڊ ماستر: (ماستر کي) تون شاگردن کي وچ ۾ هروڀرو اشارا نہ ڏي، ڪلاس جا شاگرد هونئن ئي هوشيار آهن. پاڻهي جواب ڏيندا. آئنده اهڙي حرڪت ڪندين تہ سسپينڊ ڪرائي ڇڏيندوسئين.
شاگرد: سائين 1857ع واري جنگ آزادي ڪهڙي سال ۾ ٿي، اهو سوال هو نہ؟
استاد: (خوش ٿيندي) ها، بلڪل اهو ئي سوال هو.
شاگرد: سائين، ٻڌايان؟
استاد: ها! ها! شاباس ٻڌاءِ.
شاگرد: سائين.... ارڙهن گز ۽ ڪجھہ گرانٺون!
ٻنهي استادن جي منهن جو رنگ هيڊو ٿي وڃي ٿو ۽ نڙي خشڪ ٿي وڃي ٿي. ڄڻ تہ گھٽ پئجي وئي هجين. اهڙو ڪُڇن جهڙي ڀِت. ليڪن عادل خان خلاف توقع هڪدم خوشيءَ مان اڀو ٿي وڃي ٿو، هٿن سان تاڙي هڻي، داد ڏيڻ شروع ڪري ٿو.
عادل خان: ارڙهن گز واهہ! واهہ! اصل ڪهڙو نہ برجستو جواب آهي. خدا جو قسم مزو اچي ويو. ههڙو بامعنيٰ جواب اڄ تائين ڪنهن بہ ممتحن جي گوش گذار نہ ٿيو هوندو. پٽ تو تاريخي نڪتي کي جنهن حسن ۽ خوبيءَ سان مختصر طور بيان ڪيو آهي، ان مان واقعي تاريخ جي استاد جي بہ زبردست قابليت ظاهر ٿئي ٿي. ههڙا افلاطوني جواب ڀلا ٻي ڪنهن اسڪول ۾ استادن سيکاريا هوندا ڇا؟
هيڊ ماستر: سائين ڏٺوَ نہ اسان جي شاگرد ڪهڙو نہ اوٽ تي مگر بلڪل سهائيندو جواب ڏنو آهي.
عادل خان: بلاشڪ دراصل اهو جواب آئن اسٽائن جي نظريي اضافيت جي عين مطابق آهي. هن انڪشاف ڪيو آهي تہ هر ڪا شَي بدلجندڙ حالت مطابق جدا جدا ڪيفيتن ۾ ظاهر ٿيندي رهي ٿي. زمان ۽ مڪان جون حدون ۽ فاصلا بہ رڳو اضافي آهن، اسان پنهنجي پسند ۽ سهوليت مطابق انهن کي معنائون ڏيون ٿا. اهڙيءَ طرح پيمائش بہ ڪهڙي نموني ۾ بہ ٿي سگھي ٿي. هاڻي جيڪڏهن هڪ صديءَ کي هڪ گز سان ظاهر ڪريون تہ پوءِ ڇوڪر جو جواب بلڪل درست نڪرندو، ڇاڪاڻ جو 18 گز ارڙهن صدين جي برابر ٿين ٿا. باقي رهيو 57 سالن جو سوال، سو وڃي ڪن گرانٺن تي معاملو بيهي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هيءَ جنگ بہ ڪا هڪڙي هنڌ ۽ مسلسل جاري ڪا نہ رهي، ان ڪري هن شاگرد جو جواب بلڪل درست آهي ۽ مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿئي ٿي تہ، هن اسڪول جا شاگرد تاريخ ۾ طاق آهن. تاريخ جي استاد کي آئون ههڙي شاندار ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ اسين سندس تاريخ دانيءَ جا قائل ٿي وياسون.
استاد ۽ شاگرد پاڻ ۾ گڏجي خوشيءَ ۾ تاڙيون وڄائين ٿا. تاريخ جو استاد هيڊ ماستر سان سُس پُس ڪندي چوي ٿو ”يار پاڻ تہ ڪجھہ ڪو نہ سيکاريو آهي، ڇوڪرو تہ ٿيو اُلو، پاڻ وارو صاحب بہ واهہ جون پيو بنان پَرَ جون اڏائي“.
عادل خان: تاريخ جو آزمائشي امتحان ختم ٿيو. مان رپورٽ ۾ لکان ٿو تہ شاگردن جي تاريخ سان واقفيت نهايت عميق آهي ۽ هاڻي مادري زبان يعني تہ سنڌيءَ جو امتحان شروع ٿيندو. سنڌيءَ جي استاد کي گھُرايو تہ هُو پنهنجا سوال شاگردن کان پُڇي.
سنڌيءَ جو استاد: ٻڌايو تہ سنڌيءَ جو سڀني کان هر دلعزيز شاعر ڪهڙو آهي؟ جنهن جو ڪلام هر ڪنهن ننڍي وڏي کي ياد آهي! عزيز تون ٻڌاءِ! جنهن جو ميلو ڀٽ شاهہ تي لڳندو آهي. ان شاعر جي نالي جي توکي خبر آهي؟
عزيز: سائين اهو سدا حيات شاعر حضرت شاهہ لطيف ڀٽائي آهي، جنهن شاعريءَ ۾ اصل هاڃا ڪري ڇڏيا آهن؟
عادل خان: اڙي بيوقوف هي ڇا پيو بڪين! شاهہ لطيف شاعريءَ ۾ ڪمال ڪيو آهي يا هاڃا ڪيا آهن؟ ڇورا مون کي پيو پڙهائين ڇا؟
عزيز: اسان کي سائينءَ ايئن لکايو آهي. سائينءَ چيو آهي تہ سنڌيءَ جي نئين لغت ۾ هاڃا ڪرڻ، ڀيلون ڪرڻ، سڃ واڪا ڪرڻ ۽ راڱا ڪرڻ مان مراد تمام گھڻي ترقي ۽ ڪمال آهي.
عادل خان: (سنڌيءَ جي استاد کي مخاطب ٿي) اڙي منهنجا بہ ٿا ڪَن ڪپيو ڇا؟ ڇا هيءُ شاگرد سچ چئي رهيو آهي؟
سنڌيءَ جو استاد: اسان ادبي تاريخ ۾ پڙهيو هو تہ برساتي فقير ان ڪري قابل تحسين آهي، جو هن شاعر مارئي ۽ سسئي ۾ هاڃا ڪري ڇڏيا! هاڻي جيڪڏهن ايئن آهي تہ پوءِ چئبو تہ شاهہ لطيف ٽيهن سرن ۾ هاڃا ڪيا آهن! تڏهن تہ وڏو شاعر ڪري ليکبو. سائين! بيٽ عملدار صاحب! ڀانيان ٿو تہ اوهان مادري زبان ٻوليءَ ۾ ايم. اي. بنان ڪتابن پڙهڻ جي پاس ڪئي آهي! نہ تہ حيرت جي بحر مان اُهي تہ غوطا کائي نڪرو ها جو هوش ٺڪاڻي اچي وڃيوَ ها!
عادل خان: ٻڌاءِ تہ تون علم و ادب جي ڪهڙن سرچشمن مان سيراب ٿيو آهين!
سنڌيءَ جو استاد: سائين منهنجي سنڌي دانيءَ تي اجايو شڪ نہ آڻيو. منهنجو استاد بہ استاد هو، جنهن کي سونو ٻلو هروڀرو انعام ۾ ڪو نہ مليو هوس. جي ايئن هجي ها، تہ ڪاٺ جو اُلو جيڪر هٿ ۾ نہ جھلائينس ها!
عادل خان: اسان جا نالي ۾ نهال عالم ڏينهن رات سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾ ڪوشان آهن. هُو سنڌي لفظن کي نيون معنائون ڏئي لغت ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. مون کي خوشي ٿي آهي، جو اسان جا استاد بہ سندن تجربن تي چڱيءَ طرح عمل پيرا آهن. اهو ڏينهن پري ناهي، جو اسان جي ٻولي آسمان جو تارو بنجي ويندي. پوءِ کڻي اها ڌرتيءَ تي قائم نہ رهي تہ ڇا ٿي پوندو؟
آئون پنهنجي رپورٽ ۾ لکان ٿو تہ، هتي جا شاگرد، مادري ٻوليءَ ۾ گھڻي قابليت رکن ٿا. استاد ويچارا ابو بحر ۾ ٽٻيُون هڻي هڻي ساڻا ٿي پيا آهن. اڻ مندائتين ڳالهين کي پاڙهڻ کانسواءِ ڪتاب لکندڙن جي منجھيل سُٽَ کي سلجھائڻ ۾ مغز جو کاپارو ايمانداريءَ سان ڪري رهيا آهن. هاڻي ڀلي جاگرافيءَ جو استاد، پنهنجي مهارت جو مظاهرو اسان جي آڏو پيش ڪري.
جاگرافيءَ جو استاد: ٻارو مور لفظ ۾ جيڪڏهن اکرن جي الٽ ڦير ڪنداسون، تہ دنيا جو ڪهڙو مشهور شهر ٺهندو؟ گلو تون ٻڌاءِ.
گلو: سائين نہ ٿو اچي...
استاد: اڙي نڀاڳا، ڪالهہ ڪو نہ مون ”مور“ لفظ بورڊ تي لکي توهان کي سمجھايو هو، تہ ان کي ابتو ڪرڻ سان، دنيا جو هڪ مشهور ۽ وڏو شهر ٺهي ٿو، جنهن جو نالو پراڻي تهذيب واري زماني کان ساڳيو هلندو اچي؟ هاڻي ٻڌاءِ تہ ري وا رو ميم پيش مُ ڇا ٿيو؟
گلو: سائين روم.
استاد: شاباس ويهي رهہ. فريد هاڻي تون اٿي بيهہ ٻڌاءِ تہ ”آمر“ جي پٺيان”ريڪا“ لفظ ڳنڍينداسون تہ ڪهڙي ملڪ جو نالو ٺهندو؟
فريد: سائين آمريگا نہ نہ ... آمريڪا.
جاگرافيءَ جو استاد: شاباس تون هوشيار شاگرد آهين. هڪدم صحيح جواب ٻڌائي ڇڏيئي. ڪٿان ڀڻڪو تہ ڪَن تي ڪو نہ پيئي؟
فريد: نہ سائين نہ، مون پنهنجي عقل سان جواب ڏنو آهي.
استاد: چئبو تہ عقل دي دوڙ ڪيتي آهي. شاباس! پر ٻيلي وڏي مير وارو عقل نہ هلائجين متان ”خونخوار بگھڙ“ کي ”ويچاري رڍ“ چئي وجھين ۽ منهنجي ڪلاس ۾ ڪارپت وڃائين!
(سڀئي شاگرد کلن ٿا)
عادل خان: واهہ استاد واهہ، توهان تہ اصل جاگرافيءَ جا واهڙ وهائي ڇڏيا آهن. هيءُ سوال تہ سي. ايس. پي. جا توهان شاگردن کان پڇيا هئا...!
جاگرافيءَ جو استاد: سائين، اول تہ انهيءَ ڪواليفڪيشن جو مستحق آئون آهيان، جو ههڙا سي. ايس. پي. جي معيار جا سوال سيکاريان ٿو، پر سرڪار وٽ اسان جهڙن استادن جي بي قدري آهي. ڪنهن فارين ڪنٽري ۾ هجان ها، تہ پوءِ ڏسو ها، منهنجو اسٽيٽس!
عادل خان: بيشڪ. بيشڪ توهان جو چوڻ بجا آهي.
جاگرافيءَ جو استاد: جيڪڏهن اڃا چند سوالن پڇڻ جي اجازت ڏيو تہ هوند خبر پئجي وڃيوَ، تہ منهنجا شاگرد دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڇا پر سڄيءَ ڪائنات جي هيٺائين مٿائين کان بہ باخبر آهن.
عادل خان: بلڪل برحق آهي. آئون پنهنجي رپورٽ ۾ لکان ٿو تہ هتي جي جاگرافيءَ جو استاد، ماهر جاگرافيدان ۽ شاگردن جي پنهنجي ڪم ۾ واقفيت بي مثال آهي. هاڻي سائنس جي استاد کي اجازت ڏجي ٿي تہ هو صاحب پنهنجا نوان تجربا ٻڌائي سڀني جو عقل چرخ ڪري!
سائنس استاد ميز جي اڳيان اچي بيهي ٿو ۽ ٻہ منٽ کن شاگردن تي خاموش نگاهہ وجھي ٿو ۽ پوءِ هڪ شاگرد ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو.
سائنس استاد: پُٽَ اڪبر ڪالهہ تون پڻهين سان گڏ حيدرآباد ويو هئين ڇا؟
اڪبر: ها سائين.
سائنس استاد: پري کان توکي ٽاور جو گھڙيال ضرور ننڍڙو نظر آيو هوندو، پر جيئن جيئن اڳيان وڌيو هوندين، تيئن تيئن گھڙيال بہ وڏو نظر آيو هوندئي؟
اڪبر: سائين مون کي خبر ناهي.
سائنس استاد: ڀلا، هاڻي ٻڌاءِ تہ گھڙيال جيئن جيئن پري ٿيندو وڃجي ٿو، تيئن تيئن اهو ننڍڙوڇو ٿو ٿيندو وڃي؟ ڇا سچ پچ ايئن ٿئي ٿو يا اهو رڳو نظر جو دوکو آهي؟
اڪبر: مون کي گھڙيال پريان پاڻ وڏو نظر آيو ۽ ٽاور وٽ پهتس تہ گھڙيال بلڪل نظر کان غائب هو!
سائنس استاد: اڪبر! سوچي سمجھي جواب ڏي، اجايو اٻهرو نہ ٿي.
اڪبر: سائين بابا چوندو آهي، جهڙي گڏهہ سمجھہ تهڙي منهنجي سمجھہ! جواب ٻڌي سائنس ماستر جو منهن لهي وڃي ٿو پر پوءِ يڪدم مشڪندي چوي ٿو.
سائنس ماستر: جيتوڻيڪ ظاهر ۾ اهو جواب فضول پيو لڳي. پر جيڪڏهن ٿورو ويچار ڪبو تہ جواب تمام محققانہ ۽ درست معلوم ٿيندو.
عادل خان: اهو وري ڪيئن؟
سائنس استاد: اهو اجھو هن طرح گڏهہ سدائين غريب ۽ ڏکويل ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هن کي قدرت سوچڻ ويچارڻ جي قوت ڪا نہ ڏني آهي، ان ڪري هن کي پريان يا اوريان جيڪا شيءِ جيتري نظر اچي ٿي ان کي اوتري سمجھڻ تي هُو مجبور هوندو آهي. دراصل هُو ويچارو نظر جي فريب جو شڪار هوندو آهي. هن شاگرد بہ گڏهہ جو بيان ڪري دراصل نظر جي ڌوڪي جو جواب ڏيڻ چاهيو آهي، جو بلڪل سورهن آنا صحيح آهي.
عادل خان تاڙي وڄائي ٿو ۽ سندس پويان سڄو اسٽاف ۽ شاگرد تاڙيون وڄائڻ لڳن ٿا.
عادل خان: اهو جواب بلڪل درست آهي، ان ڪري آئون پنهنجي رپورٽ ۾ اهو رمارڪ درج ڪريان ٿو تہ هتي جا شاگرد سائنس جي ڄاڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. هونئن سائنس اسان جو ورثو آهي، هي نيون ايجادون اصل ۾ سڀئي اسان جي وڏن جون دريافت ڪيل هيون. پر مار پوي هنن يهودين، نصارن ۽ انگريزن کي جيڪي سڀئي ٽپڙ ڍوئي ويا ۽ هاڻي اسان مسلمانن بدران بي شرمائيءَ سان هر ڪنهن شَي کي پنهنجي ڏاڏي، ناني جي ايجاد ٻڌائي رهيا آهن!
سائنس ماستر: سائين برابر اڄ حق جو ڪلمو پڙهيو اٿوَ. مون سان پاڻ مولوي ڇٽي ڳالهہ ڪئي تہ هيءُ جو چون ٿا تہ بجلي ۽ بلب ايڊيسن نالي هڪ نصاري ٺاهيا هئا، سا ڳالهہ بلڪل غلط آهي. ڇاڪاڻ تہ پاڻ هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو هئائين تہ سوين سال اڳي خيروءَ نالي هڪ صالح ۽ نيڪ شخص بادشاهہ جي محل ۾ اهڙيون بتيون هڻايون، جيڪي پاڻهي ٻرنديون ۽ وسامنديون هيون!
هيڊ ماستر: هاڻي اجازت ڏيو تہ شاگردن کان رياضي جي آزمائش وٺجي؟
عادل خان: آئون حسابن جو امتحان هرگز نہ وٺندس. منهنجو وس پڄي تہ اهو ڪم ئي دنيا جي تختي تان حرف غلط وانگر ميساري ڇڏيان! ڪمبختو وسري ويو اٿوَ ڇا تہ ننڍي هوندي حسابن تان آئون ڪيڏيون نہ مارون کائيندو هوس؟ هن ڳجھہ جهڙي ماستر تہ ٻڪي ۽ ٽڪي جي کوڙن تان منهنجي هٿن جا ڏوڏا ۽ آڱرين جون ٽڻيون ڀڃي ڇڏيون هيون! ايڏا ظلم سهڻ کانپوءِ انهيءَ نانگ جو نالو آئون وات مان بہ ڪو نہ اچاريندس!
هيڊ ماستر: سائين ڀلا انگريزيءَ جي آزمائش!
عادل خان: اڙي مئا ڪلهہ پر پٽجن هيل. اهي انگريز ناڪاره ٿي ويا. پر پنهنجا ارواح ڇڏي ويا. ناناڻا مري ويا ڪاري ڪتي ڇڏي ويا. ٽيسٽ وٺڻ جي ضرورت آئون نہ ٿو سمجھان. اوهان هيترن انگريزدانن جي هوندي شاگرد ٻيو نہ تہ سنڌ جي هڪ سابق گورنر جيتري انگريزي ضرور سکي ويا هوندا! جيڪو غير ملڪي وفدن سان فرفر انگريزي ڳالهائيندي ”آءِ ايم ويري ويري بزي سر، نايئٽ بزي، ڊي بزي، مارنڱ بزي، اينڊ آل ٽائيم بزي، ويري ويري بزي سر“ چوندو رهندو هو! شاگردو اڄوڪو امتحان ختم ٿيو! توهان سڀ هوشيار آهيو. ڌڻيءَ جا شڪرانا بجا آڻيو، جنهن توهان کي ههڙا لائق استاد ڏنا آهن.
(سڀئي شاگرد تاڙيون وڄائين ٿا ۽ استاد ڪلاس کان ٻاهر نڪرن ٿا).
هيڊ ماستر: سائين توهان جي گھڻي نوازش ۽ مهرباني. ههڙو ڄاڻو ۽ قدردان آفيسر اسان پنهنجي نوڪريءَ ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو آهي، جنهن جي پرک استادن جي صلاحيت جو اندازو لڳايو آهي ۽ اسان جي علم ۽ محنت جو کُليءَ طرح اقرار ڪيو آهي. هن قحط‌الرجال جي زماني ۾ تحسين جا ٻہ اکر چوڻ بہ وڏي دل ۽ گردي جو ڪم آهي. شل! اوهان جهڙن حق پرست ۽ گوهر شناس آفيسرن جو سايو اسان تي سدائين قائم رهي، نہ تہ هيءُ دور اهڙو آهي جو ڪيترا مڻيادار ڌڪجن پيا پر گڏهہ گج پايو وڏن وڏن مسندن تي قابض ويٺا آهن ۽ پنهنجي هريڙ جي ڳڙيءَ کي نڪ جي ڏاڍائيءَ سان مشڪ ۽ عنبر پيا چوائين.
عادل خان: منهنجي تعريف ۾ گھڻو ئي قصيدو پڙهيوَ. هاڻي جلدي ۾ ماني کارايو ۽ سڀ استاد ڦوڙي ڪري منهنجي امداد ڪريو. ٻيا ڪي سڻڀي آساميءَ وارا اسڪول ٻڌايو، جتان رسائي بہ ٿئي ۽ مال مليدا بہ کائڻ لاءِ ملن!

[b]وضاحتي نوٽ:
[/b]هن ناٽڪ ۾ سماجي ابترين تي طنز ڪئي وئي آهي. واقعات ۽ ڪردار محض فرضي بيان ٿيل آهن، ڪٿي بہ ڪا مناسبت نظر اچي تہ اتفاقي امر ۾ ڄاڻڻ گھرجي.