ڪالم / مضمون

دل جي ڳـالـهـہ

هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي عاشق، محقق، اديب ۽ ليکڪ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي لکيل مضمونن، ڊرامن ۽ مختصر ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
جيتوڻيڪ ليکڪ جي راءِ آهي تہ ادب هوندو ئي دل جي ڳالهہ آهي، پر هن ڪتاب ۾ شامل مضمون سچ پچ بہ سندس قلب جو آواز ۽ سنڌ جي ٻولي، ادب، ماڳن مڪانن، ادارن، ڪردارن، توڙي هنرن سان سندس بيپناهہ محبت جو خوبصورت اظهار آهن. ليکڪ جي گھڻ رخي قابليت وانگي هيءُ ڪتاب پڻ ڪيترن ئي متفرق اسمن تي ٻڌل آهي، ۽ ان ۾ هر ذوق جي پڙهندڙ لاءِ ڪجھہ نہ ڪجھہ ضرور موجود آهي.
Title Cover of book دل جي ڳـالـهـہ

انسان دوست عظيم شاعر : شاهہ عبداللطيف ڀٽائي

جي نہ سُڃاڻَن سچَ کي ويهہ مَ تَنين وٽ،
املهہ کي اَڌُ ڪري، پاڻان هڻندا پٽ،
مُهرَ تنين وٽ مَٽِ، جي پارکو پارس جا.
ارڙهين صديءَ جي اوائلي عرصي ۾ وطن عزيز ۾، هڪ عظيم شاعر ۽ مفڪر جنم ورتو، جنهن کي شاهہ عبداللطيف ڀٽائيرحہ جي سڳوري نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. هُو حقيقي معنيٰ ۾ سچ جو ڪوڏيو ۽ پارکو آهي، جنهن جي ڪلام نہ رڳو سنڌي ادب ۽ زبان تي اڻ مِٽِ اثر ڇڏيا، بلڪ سندس محبت ڀرئي پيغام معاشري ۾ امن پيار ۽ نيڪيءَ جا هميشہ قائم رهڻ وارا جذبا پيدا ڪيا.
هيءُ اهو زمانو هو، جنهن ۾ سنڌ جي ساري ڌرتيءَ تي افراتفري ۽ ڏهڪاءُ ڇانيل هو. ماڻهو ويچارا جيئن ٻاهرين حملا آورن جي ڏاڍ ۽ ظلمن هيٺ ڦٿڪي رهيا هئا، تيئن وري اندروني ڌاڙيلن جي ڦرلُٽ ۽ آزار کان بہ پريشان حال هئا. ان دور ۾ انسانن کي زبردستي پورهئي ۾ ڳاهڻ جو دستور عام هوندو هو. شهيد عنايت لانگاهہ جڏهن اجتماعي کيتيءَ جو رواج وڌو ۽ ماڻهن کي استحصال ۽ پرماريت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن مغل ۽ ڪلهوڙا گڏجي مٿس حملہ‌آور ٿيا ۽ کيس بي درديءَ سان قتل ڪري ڇڏيائون. ازانسواءِ ساري سماج اندر هٿ ٺوڪيل مذهبي احڪامن جو رواج پيل هو ۽ انهيءَ جي آڙ ۾ ملا شاهيءَ ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪري آزاد فضا ۾ ساهہ کڻڻ مشڪل بنائي ڇڏيو هو.
اهڙي پُر آشوب زماني ۾ شاهہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جهڙي همئگير شخصيت اُسري، جنهن مان پنهنجي دور جو هڪ باڪمال شاعر، وسيع‌المشرب صوفي ۽ انسان دوست فلسفي اُڀريو. هن جھُريل سنڌي تهذيب جي عمارت کي نئين سر اوساريو ۽ سنواريو. حب‌الوطنيءَ جو درس ڏنو، مظلومن ۽ هيڻن جي ترجماني ڪئي، مگر انهيءَ سموري احساس پويان سندس محرڪ جذبو فقط انساني شرافت ۽ اخلاقي قدرن جي پاسداري ڪرڻ هو. هن پنهنجي ڪلام وسيلي لطيف فنن جي آبياري ڪئي. شعرو شاعري ۽ راڳ ۽ موسيقيءَ کي بلنديءَ تي رسايو ۽ انهن جي وسيلي انسانن جي نفس ۾ لطيف حِس جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، منجھن امن ۽ آشتيءَ جي جذبن کي پروان چاڙهيو.
”عشق سارو اسلام، مذهب محبت عين مبارڪ!“
سچ پچ تہ لطيف جي شاعريءَ کي ان صديءَ جو معجزو يا ڪرشمو چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءُ ڪو نہ آهي. انسانن جا مختلف اُڌما، اُمنگُون ۽ احساس چٽڻ ۾ سندس ڪو بہ مَٽ يا ثاني نہ آهي. سُر مارئي، سارنگ، مومل راڻو، سامونڊي، سهڻي وغيره وغيره ۾ قسمين قسمين جذبن جي عڪاسي ٿيل آهي، جن کي پڙهندي هڪ عجيب ڪيف ۽ سرور طاري ٿيو وڃي. هن وٽ ٻاهرين تصوير سان گڏ اندروني جذبن جو هڪ سهڻو ميلاپ آهي، مگر عوام جي طرفداري هر هنڌ نظر ايندي، جو ڳڻ سموري شاعريءَ ۾ قدر مشترڪ طور شامل آهي. هيٺ ڪجھہ بيت مثال طور پيش ڪجن ٿا.
مسڪينن ۽ مصيبتن جي ماريل انسانن جي عڪاسي ڪهڙي ڏُکوئيندڙ ۽ دردانگيز انداز ۾ ڪيل آهي؛ ذرا ٻڌو ۽ ٿوري دير لاءِ ان کي پنهنجي تصور ۾ آڻيو!
ڏُکي ڏَمر ناهِ، بُکي کِلَ نہ اُڄهي،
اُگھاڙي وهانءُ، وئو ويچاريءَ وسري.
وري
جا عمر تو مِلِ عيدَ، سا اسان سوءِ ورتي سومرا،
وئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد،
سڪڻ ڪيا شهيد، مارو جي ملير جا.
يا
ڪُڻڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪيو، جھُڙُ پَسيو جھِڄنِ،
وَر ري وانڍين اڏيا، پَکا سي م پُسن،
اُتر ڊاهي اُن جا، تہ ڪنهن کي ڪارون ڪن؟
وارث وري تَن، اچي شال اولو ڪري!
شاهہ ڀٽائيءَ کان آڳاٽن توڙي سندس زماني جي شاعرن کي پڙهي ڏسو، جتي مغربي شاعرن فقط اعليٰ سوسائٽيءَ جي ترجماني ڪئي آهي، اُتي مشرق جي شاعرن يا تہ پنهنجي نظمن ۾ بادشاهن جا قصيدا ڳايا آهن يا وري غزلن ۾ شخصي داخلي غم ۽ اندوهہ جو بيان پيش ڪيو اٿن. پر اسان جي شاعر جو عوام سان جيڪو تعهد Commitment آهي، تنهن جو مثال ڪٿي بہ موجود نہ آهي.
جڏهن سنڌ ۾ اڪثر عالم ۽ انشاپرداز درٻار سان وابستہ ٿي رهجي ويا هئا. مفتي سرڪاري وظيفہ‌خوار بنجي فتوائون ڪڍڻ ۾ مصروف هئا ۽ باقي استاد بہ طاقت کي جائز ۽ برحق سمجھڻ واري فلسفي جي پوئلڳيءَ ۾ پرچار ڪندا رهيا، اهڙي استبداد واري زماني ۾ رڳو لطيف ئي هو، جنهن عوام جي طرفداريءَ ۾ درباري ٻولڙين جي ضمير تي چوٽ هنئي.
”جو فارسي سکيو، گولو توءِ غلام،
جو ٻَڌو ٻِن ڳالهيئين، سو ڪيئن چائي ڄام!“
لطيف بلاشڪ وطن دوست هو، پر سندس وطن پرستي aggressive نہ آهي. مغربي فلسفين ۽ ايران جي شاعرن وٽ وطن پرستيءَ جو تصور جارحانہ آهي، جنهن ۾ ٻين قومن کي هيچ سمجھڻ ۽ مغلوب ڪرڻ جي خواهشن پنهان آهي. مگر ڀٽائيءَ جي وطن دوستيءَ ۾ ماڻهن جي سک سلامتي ۽ ديسن جي سڪار ۽ آسودگيءَ جو تخيل بيان ڪيل آهي.
سارنگ سارَ لهيج الله لَڳ اُڃَن جي،
پاڻي پوڄ پٽن ۾، ارزان اَنُ ڪريج،
وطن وسائيج تہ، سنگھارن سک ٿِئي.
بلڪہ شاهہ لطيف جو ڏک يا همدردي عالمگير وسعت رکي ٿو، جا سڀني مظلوم انسانن لاءِ هڪجهڙي آهي.
سائينم سدائين ڪرين سنڌ مٿي سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين!
شاهہ ڀٽائي رڳو جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪرڻ تي اڪتفا نہ ٿو ڪري ۽ پر هن ماڻهن کي جهالت مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجي يقين ۾ جا بجا رهبري ڪئي ۽ هڪ باعمل ۽ بامقصد زندگي گذارڻ جو تصور ڏنو. مثال طور:
اَڇو پاڻي لُڙ ٿيو ڪالوريو ڪَنگن،
ايندا رَڄَ مَرنِ تنهن سَرَ مٿي هنجڙا.
لطيف انهيءَ مثال ۾ ٻڌايو آهي تہ جڏهن ڌرتيءَ تان امن ۽ آسودگيءَ جو نالو نشان ميٽجي وڃي ٿو، تہ اهڙيءَ حالت ۾ نيڪ انسانن جو گھارڻ مشڪل بنجي پوي ٿو.
استبدادي حالت ۾ ماڻهن جي اخلاقي حالت ڏاڍي پست ٿي پوندي آهي، جنهن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو تہ:
”آدمين اخلاص مٽائي ماٺو ڪيو،
ٻيو سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪ دل هوندو هيڪڙو.
شاعر پکين جي اُڏامَ جو مثال ڏيندي ماڻهن کي محبت ۽ ٻڌيءَ ۾ رهڻ جو سبق ڏنو، جيڪي نفرتن ۽ رقابتن باعث هر وقت فساد ۾ مُبتلا رهنما ٿي آيا.
وڳر ڪيو وَتن، پِرتِ نہ ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻهان ميٺ گھڻو.
يا وري کين هدايت ڪندي چيائين تہ:
هُو ڇِنَنِ تون مَ ڇِنِ پاءِ اُميري اُنَ سين.
(هن توهم پرستي ۽ طبقاتي فرق خلاف کلم کلا اظهار ڪيو.)
”ڏات نہ آهي ذات تي، جو وَهي سو لَهي!“
فساد ۽ تعصب کي ننديندي صلح اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪيائين.
”نِمي کَمي نِهار تون، ڏَمَرُ وڏو ڏکُ،
صُلح ۾ سڀ سُکُ، جي سنواريا تون سمجھين“.
(ماڻهن کي محنت ۽ پورهئي سان سچو رهڻ جي هدايت ڪيائين، جنهن سان حياتيءَ جو مقصد بہ هٿ اچي ٿو ۽ ان مان حقيقي لطف بہ ماڻي سگھجي ٿو.)
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهہ، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهہ، پير نہ لَهينِ پرينءَ جو.
اهڙيءَ طرح پنهنجي شعرن ۾ انسانن کي خود قرباني ۽ ٻين لاءِ جيئڻ جو لافاني سبق ڏنو اٿس. هڪ مشهور وائي ”دل ڪر درخت جي دستور“ ۾ تہ انهيءَ ويچار جي نهايت ڀرپور ترجماني ملي ٿي. رسالي جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ شاهہ لطيف هڪ روشن ضمير مفڪر جي حيثيت سان انسانن مان بي عملي ۽ جهالت ڪڍڻ جي ويچار کي عام ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ فطرت جي سادن سودن مثالن مان اشارا ۽ ڪنايا حاصل ڪري پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيائين، جنهن سان سندس شاعرانہ اظهار نهايت ئي ڪامياب ۽ اثرائتو بنجي ويو آهي.
شاهہ لطيف جو رسالو پڙهبو تہ هُو هڪ اهڙو انسان دوست شاعر نظر ايندو، جنهن جي ڪلام ۾ سواءِ پيار ۽ اَمن جي، ٻي ڪنهن بہ جذبي کي واکاڻيو نہ ويو آهي. سندس سوچ ۽ فڪر جو سلسلو سنئون سڌو تصوف سان ڳنڍيل آهي، جو انهيءَ دور ۾ انسان دوستيءَ جي هڪ عالمگير تحريڪ جي صورت اختيار ڪري چڪو هو.
شاهہ لطيف جي زندگيءَ جو مقصد صوفين وانگر وحدانيت جي فلسفي کي عام ڪرڻ هو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”هيڪڙائي“ چئجي ٿو. تصوف ۾ دراصل انساني همدردي ۽ خشنوديءَ جو پيغام آهي، جنهن ۾ رنگ نسل، ذات پات ۽ مذهبن جي ڀيد ڀاوَ کان سواءِ سمورا انسان برابر سمجھيا ويندا آهن. ان ڪري اسان جي شاعر بہ نهايت رقت ۽ سوز سان وحدت جي پچار ڪئي آهي. هُو چوي ٿو تہ:
وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلِ،
هو هُلاچو هُل، بالله سندو سڄڻين.
ان جو مطلب آهي تہ جيئن تہ ڪثرت دراصل وحدت آهي، تنهنڪري سموري انسانذات کي وحدت شمار ڪرڻ گھرجي.
اهڙيءَ طرح شاهہ عبدللطيف ڀٽائيرحہ هڪ پاسي عوام جي امنگن جو ترجمان آهي تہ ٻي پاسي وري امن ۽ انسانيت جو پيامبر ۽ صلح ڪُل جو داعي آهي. هُو پنهنجي ڪلام وسيلي اهڙي بصيرت پيدا ڪرڻ گھُري ٿو، جو انسان نفسانفسي ۽ ماده پرستيءَ جي ڪشمڪش کان آجا ٿين ۽ هُو پنهنجي زندگيءَ ۾ مقصد کي حاصل ڪرڻ سان گڏ ذهني سڪون ۽ روحاني لطف سان بہ همڪنار ٿي سگھن.