تهذيب جي جھلڪ : ڀــنــڀــور
ڀنڀور جي واکاڻ چئن ڳالهين کان آهي. هڪ تہ اهو شهر سنڌي تهذيب ۽ تمدن جو قديم آستانو آهي؛ دريا جو ڇوڙ هن علائقي وٽان سمنڊ ۾ پوي ٿو، انهيءَ ميلاپ باعث هي سر زمين ساڳئي وقت سامونڊي ۽ دريائي تهذيب جو گهوارو بنجي پيئي. گھڻين قومن جي اچ وڃ، رسمن رواجن جي رنگا رنگي، واپار ۽ تجارت جي ريل ڇيل، شين جي گھڻائي سببان خوشحاليءَ جي لهر آئي. جنهن سان قوم جي تهذيب سگھاري بنجي پيئي ۽ ڀنڀور هڪ بين الاقوامي تمدن جو نشان بنجي پيو.
ڀنڀور جي ٻي واکاڻ ان ڪري آهي، جو سنڌ جو پهريون بي مثل عشقيہ داستان هتان اسريو، جنهن ۾ هتي جي تهذيب جي صحيح طور عڪاسي ٿيل آهي. ان جي نفس مضمون ۾ وسيع انساني برادري توڙي پيار ۽ امن جي قدرن جو پرچار ڪيو ويو آهي. اڄ جي ويهين صديءَ جي سائنسي دور ۾ بہ سنڌ جي انسانن کي قبيلن ۽ ذات نيات جهڙن ننگ انسانيت ويڇن ۾ ورهائيندي فخر محسوس ڪيو وڃي ٿو ۽ ذات جي نسبت سان سنسٿائون ٺاهيون وڃن پيون. سسئي پنهون خالص پيار ۽ محبت جو داستان آهي، جيڪو هن ڌرتيءَ جي رومان ڀريل فضا جو شاهد آهي، جتي انسانن جي ميل ميلاپ تي ڪا بہ روڪ ٽوڪ ڪا نہ هئي.
ڀنڀور جي ٽين واکاڻ ان ڪري آهي، جو ان مان سنڌي ٻولي جي قدامت ۽ ان جي وڏائيءَ جو چٽو پٽو ثبوت مليو آهي، ڇو تہ ان جي آثار مان اسان جي لسانيات جي عالمن پختيون شاهديون ڳولي هٿ ڪيون آهن، جن مان خبر پوي ٿي تہ ان دور ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندي هر انسان کي فخر محسوس ٿيندو هو. عام واهپي توڙي علمي لاڳاپن ۾ سنڌي ٻولي کي وڏو اعزاز حاصل هو. جيڪڏهن اڃا کوٽايون ٿيون تہ يقينن اسان کي ان دور جي سنڌي لٽريچر جي صحيح صورت ملي سگھندي.
ڀنڀور جي چوٿين واکاڻ ان ڪري آهي، جو هتي هندو پاڪ ۾ سڀ کان پهرين مسجد تعمير ٿي، جڏهن تہ اڃا محراب و منبر جو رواج پيل نہ هو. نسلي، لساني توڙي سياسي حد بندين جي لحاظ کان سنڌ جو خطو، ڏکڻ ايشيا سان گھڻو واسطيدار رهيو آهي.
هن ديس جا رهاڪو اوائلي دور ۾ ئي قبيلن جا قبيلا اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيندا رهيا، ٻيو تہ ٺهيو پر اسلامي تعليم جو، اهو اثر پيو، جو ٻين مذهبن جا مڃيندڙ بہ هتي تعصب ۽ دوئي جهڙي برائي کان نسبتن آجا رهيا. هو گھڻو تڻو تصوف ۽ وحدانيت ڏانهن ڇڪجي آيا ۽ صوفياءِ ڪرام جا پوئلڳ بنجي ويا.
انهن چئن ئي گڻن کان ڀنڀور واکاڻيل آهي. اسين مهذب دنيا جا فرد ڀلا آثار قديمہ تي ڇو فريفتہ هوندا آهيون؟ جديد تمدن ۾ انساني جلال، حشمت ۽ طاقت گھٽ آهي، جو اسين پٺ ورائي ماضيءَ ڏانهن نهاريندا آهيون؟ بيشڪ انسان جي ڪهاڻي ماضي جي نشانن ۾ دفن ٿيل آهي. ماضيءَ ۾ ليئون پائي ”حال“ جو جائزو وٺندا سون تڏهن مستقبل ۾ ڊوڙ پائي سگھنداسون. علامہ آءِ آءِ قاضي سنڌ جي سڄاڻ قوم کي مهميز ڏيندي چيو هو تہ تاريخ جا نشان الله جا نشان آهن ۽ هن رستن ۽ عمارتن تان اصلي نالن کڻائڻ کان سختي سان تنبيهہ ڪئي هئي. اصل نالا مٽائڻ پنهنجي ساري تهذيب ۽ تاريخ کي صفحہ هستيءَ تان مٽائڻ جي برابر ٿيندو آهي. ۽ جا قوم پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويهندي آهي، تنهن لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو بہ عذاب ٿي نہ ٿو سگھي. انهن آثارن تي غور ڪندا تہ اهي زبان سان پنهنجي زماني جو حال حقيقت بيان ڪرڻ لڳي ويندا. آثار اسان کي پنهنجي سحربيانيءَ سان قوم تي آيل وارداتون بيان ڪري ٻڌائيندا. هو پنهنجي دور ۾ وٺي هلندا ۽ اسين ان تهذيبي دور کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ لڳنداسون ۽ ان وقت جي ڪردارن جي گفتگو دل جي ڪنن سان محسوس ڪرڻ لڳنداسون ۽ سڀئي پراڻيون روايتون ۽ حڪايتون زنده تصوير بنجي، اسان جي سامهون اچي بيهنديون.
اچو تہ ڀنڀور جي تهذيبي دور ۾ جھاتي پائي ڏسون؛ ڀنڀور جي حَسِين نالي مان ئي پروڙ پوي ٿي تہ هي ديس جي سونهن هو. هيءَ وادي حُسن، عشق، پيار ۽ امن جي وادي هئي. سنڌو ندي ڪنوار بنجي پنهنجي گھوٽ سمنڊ سان هتي ئي وڃي گلوگير ٿيندي هئي. شايد ان ميلاپ جو ئي اثر هو، جنهن هتي ذات پات ۽ قبيلي ۽ قوم، نسل ۽ بڻ جا سڀ سنڌ سيڙها مٽائي ڇڏيا. پيار ۽ محبت هتي پلبا هئا. نسورو نينهن ڌرم ۽ رنگ کي ميٽي ڇڏيندو هو! اها پيار جي ريت هتي پروان چڙهي.
ڀنڀور ۾ ان وقت بهاريون ئي بهاريون هيون. اندر گھرن ۾ ڇپر کٽون، پلنگ ۽ هندورا سجايل هوندا هئا تہ ٻاهر ٽلندڙ ۽ پاٻوهيندڙ چهرن سان رستا پر رونق هوندا هئا. باغ ۽ بستان ساوڪ سان اکيون پيا ٺاريندا هئا. واس ۽ ڀوءِ واٽهڙن مٿان پئي ڇڻندي هئي پوپٽن ۽ ڀنڀورين جي رڻ جھڻ جو رس هو، ڄڻ تہ ڪنهن کي پياري جو پيغام ملندو جي بلبلين جا دئارَ پيا اڏامندا هئا، وڻن جون لامون لامن سان عاشق معشوق وانگر ڀاڪر پايو ڇاتيون ڇپر ڪيو بيٺل هيون. واءُ جي جھوٽي لڳڻ سان رنگين ٻور ۽ پنکڙين جو مينهن ڇٽڻ لڳندو هو. فضا ۾ سڳنڌ جو واس ڇٽجي ويندو هو. پوپٽ ۽ ڀنڀوريون اڏامڻ لڳنديون هيون ۽ ساري شهر ۾ اڀ ڀنڀورجي ويندو هو!
ان ڪري شايد ڀنڀورين جي جھڻ مان نالو ئي شهر تي ڀنڀور پئجي ويو. يعني تہ سڳنڌ ۽ سرهاڻ جي زمين!
انهيءَ تهذيبي پس منظر تي سسئي پنهون جو داستان شاهد آهي. ان وقت خوشحاليءَ جو سمو هوندو هو. جو سوداگرن جا قافلا هڪ ٻي جي پٺيان ايندا هئا. هوٽلون، ٽؤنر، هلويون ۽ ڇيريون ڇمڪائيندا ميدان تي لهندا هئا. ان وقت بازار ۾ رنگ برنگي جھرمٽ لڳي ويندي هئي. هو پاڻ سان عطر عنبير، هار سينگار جي شين کانسواءِ ٻيو بہ گھڻو سامان آڻيندا هئا. پنهونءَ جو قافلو جڏهن شهر ۾ داخل ٿيو هو تہ چوڌاري هٻڪار ڦهلجي وئي هئي. نينگرين کي ههڙي حسين شهزادي ڏسڻ جو اجھل شوق پيدا ٿيو. اسان جي سداحيات شاعر لطيف پنهونءَ جي ڀنڀور ۾ اچڻ کي انهيءَ ساڳي پس منظر ۾ عڪاسي ڪئي آهي ۽ نهايت ئي ڪيف آور اسلوب ۾ ان جو بيان ڪيو اٿس.
حسن هوت پنهون جي ڪڪوريون ڪوهيار،
سڃ ڪيئاين سرهي واسيائين وڻڪار،
ڇپر ڇاٽون مڪيون، عطر ٿيو آوار،
ڪوڙير ٿيا ڪيترا، نالي تان نثار
يا
درد نہ لهي دارؤئين، زلف زور ڏنوم،
ڪاڪل ڪال ڏٺوم، رخساري تي روپ سين.
حسن ۽ جواني جتي آزادي سان گڏ ٿيندا هجن تہ پوءِ انهن هنڌن تان اهڙا ئي پيار ۽ محبت جا داستان اڀرندا آهن. اهي حسن ۽ عشق جون لاٽون سنڌ جي ٻين هنڌن تي بہ ٻري رهيون هيون. مون کي ٻڌايو تہ ننڍي کنڊ ۾ سواءِ سنڌ ۾ ٻئي هنڌ بہ ڪٿي ههڙا رنگين رومان ڇو نہ پئي ٿيا؟ سنڌ ۾ روپاماڙيءَ جهڙو شهر بہ هو، جتي ڳاڙهن رتولن لباسن ۾ سون ورنيون سورميون ماڙين ۾ پيون جرڪنديون هيون ۽ ان وقت ڪينجھر ۽ سونهري ڍنڍون جوڀن تي نازان هيون ۽ روپ جا متوالا جوڌا جوان روپا ماڙيءَ جو نظارو ڪيو، ڀنڀور مان واس وٺي وري پيار جي هندوري ۾ لڏڻ لاءِ ڪينجھر جا مهمان ٿيندا هئا.
ڪنهن مضمون ۾ پڙهيو هئم تہ ڀنڀور لفظ جي معنيٰ ڀڙڀانگ ۽ اجڙيل جاءِ آهي. ايئن بہ هجي ممڪن آهي تہ پوئين دور ۾ ڀنڀور جي ڊٺل ۽ ڦٽل دڙن ۽ ڀٽن کي ڏسي منجھانئس اها ئي معنيٰ ورتي وئي هجي. اسان جي زماني ۾ ئي اهڙو وقت آيو، جو ڪينجھر کي ڪلري سڏيو ويو، جيتوڻيڪ معنيٰ جي لحاظ کان ٻئي لفظ هڪ ٻي جو ضد آهن.
هاڻي اسان جي عالمن ۽ محققن جو اهو فرض آهي تہ هو تحقيق ڪري ٻڌائين تہ ههڙي سونهن سوڀياواري ڌرتي ڇو نابود ۽ ڀڙڀانگ ٿي وئي! هن آبادي مٿان ڪهڙا نادري قهر نازل ٿيا! ۽ انسانيت جي مظهر جون هي بستيون ڪهڙن ظالمن جي دلين ۾ کٽڪڻ لڳيون. پيار امن ۽ آشتي ڇو ڪنهن کي راس نہ ٿي آئي؟ ثقافت ۽ تهذيب جي عڪس سان ڪهڙن جون اکيون چنجھيون ٿي ويون، جن ڀنڀور کي نابود ڪيو؟
پر رڳو ڀنڀور ڇو، جيڪڏهن تاريخ جي ورق گرداني ڪندؤ تہ معلوم ٿيندو تہ سنڌ جي جدا جدا دورن ۾ اهڙا ڪيترا تهذيبي مرڪز اجاڙيا ويا، پر ياد رکڻ گھرجي تہ جاندار تهذيبون جبر ۽ ڏاڍ سان ختم ڪو نہ ٿي وينديون آهن. ديبل جي ڪک مان ڀنڀور اسريو ۽ ڀنڀور جي ڪک مان ٺٽو ۽ ڪراچي پيدا ٿيا هجن تہ عجيب نہ آهي! ڀنڀور سان اسان جي پياري ٻولي جي ڪهاڻي ڳنڍيل آهي، جنهن جو علم ادب پنهنجي اوج تي هو. پنڊت ۽ وڏوان، واپاري ۽ تاجر، ويدن ۽ طبيب پنهنجي پوئين ۾ ٻولي جي جواهرن کي قلمبند ڪري قابو رکندا هئا! عرب تاجرن هتان ڪيترن ئي وکرن ۽ انگن جا نالا ٻڌا ۽ اهي وچ اوڀر جي ماڻهن جي چپن تي عام ٿي ويا، جنهن سان ڀلي ڀت ڄاڻ پوي تہ اسان جو تمدن ڪيڏو نہ ڪشادو هو ۽ اسان جي ٻولي ڪيڏي نہ شاهوڪار هئي! مستقبل قريب ۾ شايد ڪا اهڙي لکيت ملي پوي، جنهن سان اسين پنهنجي ماضي جي جھلڪ ڏسي سگھون! ڪم از ڪم ڀنڀور جي آثار سنڌي ٻولي جي قدامت کي ضرور ثابت ڪيو آهي، تہ اها يارهين صديءَ ۾ ترقي يافتہ ٻوليءَ جي صورت ۾ رائج هئي.
اڃا کوٽائي مڪمل ڪا نہ ٿي آهي، پر جيڪي شيون هٿ آيون آهن، تن جي بہ خاطري جهڙي سڃاڻپ نہ ٿي سگھي آهي. آرڪيالاجيءَ جا ماهر دڙن جي تهہ وارين توڙي کرچيل مٽيءَ ۽ پٿرن جي نموني مان اقدامت جو اندازو لڳائي سگھندا آهن. پر ان لاءِ لازمي طرح گھڻي جي ضرورت پيش اچي ٿي. جڏهن تہ ان سلسلي ۾ وڌيڪ کوٽائي ٿيندي ۽ شين جو وڏو مقدار هٿ لڳندو، تڏهن ڀنڀور واري تهذيب ۽ ان جي پوري دور تي روشني پئجي سگھندي. عمارتن جي بيهڪ ۽ انهن جي ونگن وڪڙن کي سمجھڻ لاءِ فني ڪسوَٽيءَ جي ضرورت آهي. سردست جيڪي شيون موجود ٿي سگھيون آهن، تن جا چٽ، گھڙت ۽ قالين جون ڪنڊون ۽ گولايون باريڪ بيني سان اڀياس جي گھر ڪن ٿيون. حقيقت ۾ اهي ئي ڪارسازيون آهن جيڪي ڪنهن قوم جي طور طريقن کي سمجھڻ ۾ مدد ڏينديون آهن. گھرو سماجي استعمال ۾ ايندڙ شين جي اڀياس کان پوءِ ئي اسان ان زماني جو نبيرو ڪري سگھنداسون ۽ خبر پوندي تہ ڪهڙين قومن ۽ قبيلن جي محنت ۽ ڪاوش سان تهذيب جو هيءُ رنگارنگي گلدستو ٺهي راس ٿيو.