مدن ڀڳت : 1667ع 1744ع
مدن ڀڳت، پنهنجي وقت جي اهم اڀريل شخصيت هو، هُو وديا رکندڙ ودوان بہ هو تہ هڪ بهترين ڀڳتي وجھندڙ ۽ راڳي بہ هوندو هو. ان کان علاوه هُو شاعر ۽ ڪلام گو بہ هو. انهن سڀني خوبين هئڻ باوجود بہ علمي دنيا ۾ سندس شهرت فقط هڪ ڀوڳائي هجڻ باعث ئي آهي. سنڌي ادبي تاريخ جي لکندڙن مدن کي ڪا خاص اهميت نہ ڏني آهي، هُن جو تذڪرو سطحي انداز ۾ لکيل ملي ٿو، ڄڻ تہ هو ڪو مسخرو يا رواجي مقلد يا پينار هو پر ايئن هرگز نہ آهي. دراصل مدن ڀوڳ جي فني روايت سان ڳنڍيل، پنهنجي وقت جو نهايت ڏاهو شخص هو، جنهن جا گفتا ۽ مقالون وتائي فقير جي انداز ۾ بي نظير ڏاهپ جو ڏانءُ ڏين ٿيون. مدن ڀڳت اهلِ دل ۽ اهلِ فن روحاني بزرگن جي صحبت ۾ هميشہ اُٿندو ويهندو هو. هُن جي خوش طبع ظرافت ۽ مزاح ڀريل گفتن ۽ مقالُن ۾ مهميزُون ۽ رمزُون ڀريل هونديون هيون. اهڙيون روايتون موجود آهن تہ وقت جا ٻہ وڏا اهل الله بزرگ ۽ شاعر ميون عنايت شاهہ رضوي ۽ شاهہ عبداللطيف ڀٽائي، جيڪي صاحب رسالہ بہ آهن، تن سان مدن ڀڳت جون رهاڻيون ٿينديون هيون ۽ هُو فقط مدن جي ڀوڳ جي. نڪتن مان محظوظ ٿيڻ خاطر ساڻس سوال جواب ڪندا هئا. عام خلق ۾ هُن جا ڀوڳ وارا ٽوٽڪا ڪافي مقبول هوندا هئا. پر ڪِن ڪتابن ۾ بہ مدن جون قيل مقال واريون ڪجھہ روايتون ملن ٿيون، جيڪي سندس وقت جي سالڪن سان ڪيل نوڪ جھوڪ بابت آهن. سندس گفتا ۽ ٻول ڀوڳ جو بهترين نمونو آهن. هيٺ هڪ مثال پيش ڪجي ٿو.
هڪ ڀيري ڪنهن مريد شاهہ عبداللطيف ڀٽائيءَ کي نيازمنديءَ سان عاجزانہ انداز ۾ دل جو حال ٻڌايو ۽ شڪايت ڪندي چيو تہ مدن ڀلي کڻي پاڻ کي مريد بہ ظاهر ڪندو هجي. اصل ۾ آهي تہ تڇ جهڙو بہ ڪين، پر هن کي خوءِ ڏاڍي آهي. ڪٿي واڻيو تہ ڪٿي سيد! سندس مقالُن مان ايئن ٿو لڳي تہ هن کي مسلمان ۽ هندوءَ جي درجي جي خبر نہ آهي. هُو ڳالهائڻ ۾ ڪو، فرق ۽ آداب نہ ٿو رکي!
شاهہ لطيف نهايت نرمائيءَ مان چيو ”سچ پچ ايئن آهي ڇا؟“
”هن مهل مدن ڪٿي هوندو؟“
”مرشد سڳورا هينئر هينئر ڀڳتي تان واپس پنهنجي جھُڳيءَ ۾ آيو آهي.“
لطيف فرمايو:
”ڀلا توهان ٽي ڄڻا گڏجي وڃو، ڀلي تہ ٻہ ڄڻا شاهد هجن. کانئس هڪڙي سوال جو جواب پڇي اَچو. ڏسو تہ ڪهڙو ٿو مغالطو يا غلط بياني ڪري؟“
مريد پڇيو: ”مرشد سائين ڪهڙو سوال؟“
”اهو سوال وڃي ڪريوس تہ سيد لطيف ڇا آهي؟ ۽ مدن ڇا آهي؟، ”اهو سولو سادو سوال آهي، ڪا بہ قيل مقال ڪري نہ سگھندو. جيڪڏهن اڍنگو جواب ڏنائين تہ وري کيس ڪڏهن بہ ڪچهريءَ ۾ اچڻ نہ ڏبو“. ٽيئي مريد سڌا جھوپڙيءَ جي در وٽ پهتا ۽ مدن مدن ڪري سڏڻ لڳا! جڏهن تمام گھڻا واڪا ڪري چڪا، تڏهن مدن آهستي آهستي ننڊاکڙو وٽن اچي پهتو. اڙي توهين هن ڪمهل ۾ ڇو آيا آهيو؟ خبر نہ اَٿوَ ڀڳت ڪري هاڻي موٽيو آهيان. هيءُ وقت منهنجي ايڪانت جو آهي!
”پر مرشد سڳوري اسان کي تو وٽ هڪڙي سوال جو جواب وٺڻ لاءِ موڪليو آهي، جواب بہ هينئر جو هينئر کپي“.
ٻڌايو ڪهڙو سوال آهي؟ مدن ڇوهہ مان پُڇيو.
”اهو ئي تہ مرشد لطيف سائين ڇا آهي ۽ تون مدن ڇا آهين؟“
بس ڳالهہ بہ ايتري جو ننڊ ڦٽائي اَٿوَ! وڃي مرشد کي چئوس تہ ”تون ڌوڙ ۽ آئون ڇائي آهيان!“
مدن تہ ايترو چئي جھُوپڙيءَ جو در بند ڪري وڃي ويٺو، پر مريد تاءُ ۾ اچي ويا. هُو گھٽ وڌ ڳالهائيندا انهيءَ پير اچي مرشد وٽ پهتا!
شاهہ لطيف کين ڪاوڙيل ڏسي سبب پُڇيو.
”الله اسان کي اهڙي زبان نہ ڏي جو اهڙو بيهودو جواب اوهان کي ٻڌايون، جيڪو مدن چيو آهي“.
آخر لطيف سائين جي اصرار تي هڪڙي مريد ٻڌايو تہ مدن چوي ٿو تہ مرشد لطيف ڌوڙ آهي ۽ آئون ڇائي آهيان.
شاهہ عبداللطيف اهي گفتا ٻڌي مشڪيو ۽ چيائين اوهان ٽيئي ڄڻا ڀليا آهيو، مدن تہ سَو سيڪڙو سچ چيو آهي. آئون جهان مان برقعو مٽائڻ بعد زمين ۾ دفن ٿي ڌوڙ ٿيندس ۽ مدن پرلوڪ وڃڻ بعد باهہ ۾ سڙي ڇائي ٿي ويندو. ان ۾ ڀلا هن ڪهڙي غلط بياني ڪئي آهي؟ مريد اها تشريح ٻڌي اطمينان سان هليا ويا!